واءُ لڳي ٿو جُهڙ ٿئي ٿو،
مينُهن به تڪڙو هاڻ پئي ٿو.
پکي ڀَڄيو گهر پنهنجي وڃن ٿا،
آکيرن ۾ ڪيئن نه لڪن ٿا.
مهر ڀريا مينهن ڌڻي وسائي،
کيتن ۾ ٿو پاڻي رسائي.
اَنُ مهانگو هاڻي ٿيندو،
ٿورا ڌڻيءَ جا سڀڪو مڃيندو.
گاهه نڪرندا گُل ڦُل ٿيندا،
پکي به خوش ٿي ٽپڪيون ڏيندا.
گانئيون مينهون ٿينديون متاريون،
کير گهڻو ڏينديون ڀٽاريون.
ڏُڌُ مکڻ ۽ گيهه گهڻو ئي،
ڀاڄي ميوو اَن سڀوئي.
گڏجي ڌڻيءَ جا ٿورا ڳايو،
مينهن ڀلو جنهن آهه وسايو.