Video

وڏو ڏينهن

ٿئي ٿو وڏو ڏينهن ڪوئي جڏهن،

ٿين بند اسڪول ٿا سڀ تڏهن.

 

اچي جي ڏياري ٿئي عيد ڪا،

ته ڏاڍا اسان لَئه ٿين ٿا مزا.

 

رهون راند ۽ دل کي خوش ٿا ڪريون،

نوان وهنجي ٿا پوءِ ڪپڙا ڍڪيون.

 

خوشين ۾ سڄو ڏينهن رهون ٿا لڳا،

ملهايون وڏو ڏينهن ان ريت ٿا.