Video

ماءُ پيءُ جو چيو مڃجي

ماءُ ۽ پيءُ جو چيو مڃجي،

سدا ادب ۾ تن جي رهجي.

 

نت استاد کي مان ڏجي،

جيئن هو چوي تيئن ڪجي.

 

ڀاءُ ۽ ڀيڻ سان رکجي پيار،

تن سان نه ڪجي ڪو تڪرار.

 

سوير سمهجي سويل اُٿجي،

اول ڌڻيءَ جو نالو ڳنهجي.

 

ڪوڙ نه چئجي ڏجي نه گار،

شيءِ چورائي ٿجي نه خوار.

 

هن نصيحت تي جو ئي هلندو،

مائٽ مِٽ کي سو ئي وڻندو.