Video

تندرستي

آهي تندرستي نعمت هڪ عجيب،

جهڙي شاهوڪار لئه تهڙي ڪاڻ غريب.

 

مال خزانا ڪيترا ڪنهن وٽ لک هجن،

هيرا موتي اَڻ ميا وَٽس پيا رُلن.

 

پر جي هوندو ڪينڪي سگهو تنهن جو تن،

ته وڻندو ڪينَ تنهن کي اهو سارو ڌن.

 

آهي تندرستي دولت سڄي سا،

جيءُ خوش جهان خوش، ائين چون ٿا.

 

اهڙي املهه شيءِ جي ڳڻتي جڳائي،

ڇڏڻ گهرجي ڪينڪي تنهن کي ڦٽائي.

 

گندين عادتن کان پاسو نِتُ ڪجي،

صفائيءَ تي هر طرح سدا ڌيان ڏجي.