ڌڻي سڳورو ياد ڪجي،
تنهن کي پنهنجي دل ڏجي.
لهي سڀن جي جو ٿو سار،
پالي جيئن ڪو پنهنجا ٻار!
مِرُون ۽ ماڻهو سوئي سنڀالي،
ساري جڳ کي اهوئي پالي.
سڀني جو سو سائين آهي،
ڏک سڀن جا سو ٿو لاهي.
ساري خلقت انهيءَ اُپائي،
سڀني سان ٿو ڪري ڀلائي.
اهڙو آهه سٻاجهو سائين،
ڪجي تنهن کي ياد سدائين.
سڀئي وڏائي ان جي ڳايون،
دلڙي پنهنجي ان سان لايون.