Video

علم سڌارو آهه

دل سندو ۽ عقل جو سهڻو سڌارو علم آهه،

سچ پڇو هن ساري عالم جو اُجارو علم آهه.

 

علم ڌاران ڪيئن سڃاڻي آدمي پنهنجو ڌڻي،

جڳ جي سڀني نعمتن ۾ بس ڀلارو علم آهه.

 

آهه سڀ ڪنهن ديس توڙي قوم جو سينگار علم،

ساهه جيئن هر سمجهه واري کي پيارو علم آهه.

 

علم بخشڻ جي نوازش ڪر اسان تي اي ڌڻي،

اي سٻاجها حال سڀ جو توکي سارو علم آهه.

 

ديس ۾ پرديس ۾ اڻ هُوند توڙي هُوند ۾،

ڪيو ”مسافر“ چوطرف نوري نظارو علم آهه.