وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس

سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ٻاراڻي ادب جي اشاعت جي حوالي سان اشاعتي ڪميٽيءَ جن ڪتابن جي منظوري ڏني، انهن ۾ محترم اسرار شام جو هيءُ ڪتاب ”وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس“ به هڪ آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊرامي يا ناٽڪ لکڻ جي ابتدا اوڻيهين صديءَ ۾ ٿي چڪي هئي ۽ اسين گهڻا سال اڳ سنڌي ناٽڪ جي صدي به ملهائي چڪا آهيون، پر اڄ اسان وٽ ناٽڪ نه هئڻ برابر آهي. نه سرڪاري ۽ نه ئي غيرسرڪاري ادارن پاران يا آرٽس ڪائونسلن پاران اُن کي جوڳي اهميت ڏني وئي آهي. نتيجو اِهو نڪتوآهي ته ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي وڏن شهرن ۾، جتي اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ٿئيٽر جو رواج آهي، خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس (NAPA)، آرٽس ڪائونسل، پي اي. سي. سي (پاڪ امريڪن ڪلچرل سينٽر) يا گوئٽي انسٽيٽيوٽ وارا مختلف ناٽڪ پيش ڪندا رهن ٿا، اتي سنڌي ناٽڪن لاءِ ڪابه ڪوشش ڪانه ٿي نظر اچي. اليڪٽرانڪ ميڊيا تي البت ريڊيائي ڊراما ۽ ٽيليويزن ڊراما پيش ٿين ٿا. ڪتابي صورت ۾ ڊرامن لکڻ/ڇاپڻ جو رواج ختم ٿي چڪو آهي، پر اٿارٽيءَ طرفان هيءُ ڪتاب ان مقصد سان ڇپائي رهيا آهيون ته هڪڙو ته ان روايت کي جياريون ۽ ٻيو ته سي. ڊيءَ جي صورت ۾ ان کي پيش ڪري سگهون. اهڙين سي ڊين جي ٻارن جي تعليم تربيت ۽ تفريح لاءِ گهڻي ضرورت آهي. پهرئين مرحلي تي هيءُ ڪتاب ڇاپڻ کان پوءِ هن ۾ ڇپيل ناٽڪن کي اسٽيج تي پيش ڪيو ويندو ۽ پوءِ ان پيشڪش جي رڪارڊنگ کي سي.ڊيءَ ذريعي پڌرو ڪيو ويندو. اسان کي اميد آهي ته لئنگئيج اٿارٽيءَ جو اهو تجربو ڪامياب به ٿيندو ته پسند به ڪيو ويندو. - ڊاڪٽر فھميده حسين چيئرپرسن سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد

  • پي ڊي ايف ڊائونلوڊ: 15
  • اي-پب ڊائونلوڊ: 2.2Kg
قيمت

100 روپيا

ڊائونلوڊ ڪريو

ھارڊ ڪاپِي ۾ خريد ڪرڻ چاھيو ٿا؟ رابطو ڪريو

ٻاراڻو ادب زمري جا ٻيا ڪتاب

New Arrival
New Arrival
New Arrival
برف شهزادي
50 روپيا
New Arrival
New Arrival
New Arrival
New Arrival
هڙ ۾ آئيندو
60 روپيا
New Arrival