تون اجهو آڌار آهين، جڳ سڄي جو اي ڌڻي،
جيس مٽ تنهنجو نه هرگز جوڙ ٻيو ڪو اي ڌڻي.
ساڻ ڪرم احسان تنهنجي رات گذري خير سان،
ڏينهن پڻ سک سان گذارج اسان جو سارو اي ڌڻي.
واٽ نيڪيءَ جي هلائج جنهن مان حاصل جس ٿئي،
ڏوهه پاپن کان اسانکي رک تون آجو اي ڌڻي.
علم ۽ اخلاق جا بهرا تون بخشج ڀال سان،
ڪج پڌر نيڪيءَ سان استادن جو نالو اي ڌڻي.
سا هلائج راهه مٽ مائٽ جي دل راهي رهي،
من مرادن سان ”مسافر“ ڪج قرارو اي ڌڻي.