Video

ريگڊال ٻلي Rag doll cat

 هي ٻلي ريگ ڊال (Rag doll) جي نالي سان مشهور آهي. ٻلين  جي هي ڪا ڌار جنس نه آهي ، پر نسل راني ذريعي پيدا ڪيل هڪ هٿرادو جنس آهي. ريگڊال ٻلي برمي، برمن، جاوائي، ٿائي ۽ ايراني ٻلين جو خار آهي. هي پالتو ٻلي آهي ۽ عام طرح اڇي رنگ جي ٿئي ٿي، جنهن تي ٿائي ٻليءَ وانگر بادامي رنگ جا چٽا ٿين ٿا. ان کان سواءِ پيلو بادامي، ڀورو، سونهري ۽ هيڊو واڱڻائي پڻ هن ٻليءَ جا رنگ ٿين ٿا.

هن ٻليءَ جون اکيون عام طرح نيري رنگ جون، پر ڪن ريگڊال ٻلين جون اکيون ڳاڙهيون، پيليون يا سايون پڻ ٿينديون آهن. هي وچولي ٻُر (Medium hair) واري گروپ جي هڪ وڏي ٻلي آهي. سندس سراسري ڊيگهه 4 فوٽ ۽ وزن 14 کان 17 ڪلو گرام ٿيندو آهي.

ريگ ڊال بيحد ذهين قسم جي ٻلي آهي ۽ پنهنجي ذهانت، خاموشي، پُرسڪون ۽ دوست مزاجيءَ جي ڪري گهڻي مشهور  آهي. ٻين ٻلين جي ڀيٽ ۾ هي ٻلي ٻارن جي وڌيڪ دوست ثابت ٿي آهي.

ريگڊال جي مادي هڪ پيٽ تي 3 کان 4 ٻچا ڄڻي ٿي ۽ سراسري طور 14 سال جيئي ٿي.