Video

ٽِگلن يا ٽگن (Tiglon or Tigon)

ٽگلن پڻ لائيگر وانگر ببر شينهن ۽ واگهه جي ميلاپ مان پيدا ٿيل هڪ هٿرادو جنس آهي، جيڪا ببر شينهن توڙي واگهه ٻنهي کان ننڍي ٿئي ٿي. فرق رڳو اهو آهي ته لائيگر ببر شينهن جي نر ۽ واگهه جي مادي جي ميلاپ سان پيدا ٿئي ٿو ۽ ٽگلن وري ببر شينهن جي مادي ۽ واگهه جي نر مان پيدا ٿيندو آهي. هي جنس 20 هين صديءَ جي شروع ۾ پيدا ڪئي وئي هئي، ۽ اڄ تائين اهو سلسلو جاري آهي. ٽگلن ۾ ماءُ پيءَ واريون گڏيل خاصيتون هونديون آهن، پر قدبت ۾ هي ببر شينهن توڙي واگهه کان گهڻو ننڍو ٿئي ٿو.