هي لانگهيئر(Longhair) گروپ جي ٻِسر ٻلي آهي، جيڪا ايراني ۽ ٿائي ٻلين جي ٻن مختلف نسلن جو خار آهي، جنهن ڪري منجهس ٻنهي نسلن جي ٻلين جون خوبيون ۽ خاميون موجود آهن. کيس ”ڪلر پوائنٽ پيشن“ (Colourpoint passion) پڻ چيو ويندو آهي، هماليائي ٻليءَ جا ڪيترائي رنگ ٿين ٿا، جن مان نيرو، بادامي ۽ ڳاڙهو وڌيڪ مشهور آهن. هماليائي ٻليءَ جي سراسري ڊيگهه ڏيڍ فوٽ کان ٻه فوٽ ۽ وزن 4 کان 5 ڪلوگرام ٿيندو آهي.
هي ڏاڍي پياري ٻلي آهي ۽ خود به مالڪ جي پيار لاءِ واجهائيندي رهندي آهي. جيتوڻيڪ هي ٻلي دوست مزاج ۽ راند ڪندڙ آهي، پر گهڻي چست نه آهي، ان ڪري وڏا ٽپ نه ٿي ڏي. هن جي ٻُر يا وار ڊگها ٿين ٿا، جن کي مالڪ هميشه ڦڻي ڪندا رهندا آهن.
هماليائي ٻلي هڪ پيٽ تي 2 کان 4 ٻچا ڄڻي ٿي ۽ سندس سراسري عمر 14 سال ٿيندي آهي. سٺين عادتن ۽ خوبصورتيءَ سبب هن ٻليءَ کي سڄي دنيا ۾ شوق سان پاليو وڃي ٿو.