Video

بالي واگهه (Bali Tiger)

انڊونيشيا جي اولهه ۾ ’بالي‘  (Bali) نالي هڪ ٻيٽ   آهي، جيڪو جاوا(java)   ۽ لومباڪ(lombak) ٻيٽن جي وچ ۾ آهي، هن ٻيٽ تي موجود ٻيلن ۾ رهندڙ واگهه کي ’بالي واگهه‘ سڏيو ويندو هو. اندازو آهي ته واگهه جي هيءَ جنس ويجهڙائي وارن ڏهاڪن ۾ ختم ٿي چڪي آهي، پر سندس پراڻيون تصويرون اڄ به موجود آهن. پر اهو به ممڪن آهي ته بالي ٻيٽ جي ٻيلن ۾ هن نسل جي جانور جا ڪي جوڙا اڃا به موجود هجن، پر ان جي باقاعده ڳولا نه ڪئي وئي آهي.

بالي واگهه دنيا جو ننڍي ۾ ننڍو واگهه آهي جنهن جي هڪ نر جو وزن 90 کان 100 ڪلوگرام آهي، جڏهن ته ماديءَ جو وزن 65 کان 80 ڪلو گرام ٿئي  ٿو. تصوير ۾ ڏيکاريل هي بالي واگهه 27 سيپٽمبر 1937ع تي ماريو ويو هو.