Video

فيرل ڪيٽ Feral cat

هن ٻليءَ جو اصل وطن آسٽريليا آهي. جتان واپاري غورابن ذريعي ڌارڌار ملڪن ۾ پهتي آهي. اهو ئي سبب  آهي جو فيرل ٻلي اڄ  دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ موجود آهي. هن جو شمار انهن ٻلين ۾ ٿئي ٿو، جيڪي نيم پالتو يا نيم جهنگلي آهن. ’فيرل ڪيٽ‘ گهڻو ڪري جهنگ کان پري شهرن ۽ ڳوٺن ٻاهران ڪنهن ڦٽل شهر، گهر يا وڻن جي جهگٽن ۾ رهي ٿي، جتي نه جهنگلي جانورن جو خوف هجي ۽ نه انسانن جو راڄ. ٻين لفظن ۾ هي رولو ٻلي آهي، جنهنڪري ڪڏهن وسندين ۾ نظر ايندي آهي ته ڪڏهن جهنگ منهن ڪري ويندي آهي. فيرل ٻليون گهڻو ڪري ٽولن جي صورت ۾ رهنديون آهن ۽ هڪ ٽولي ۾ 02 کان 18 ٻليون  ٿي سگهن ٿيون. اهڙي ٽولي جتي رهندي آهي، ان کي ’فيرل ڪالوني‘ (Feral colony) سڏيو ويندو آهي.

فيرل ٻليون وڻن جي پور، جابلو چُر يا زمين ۾ ڏر کوٽي رهنديون آهن. هنن  ٻلين جي ماڻهوءَ سان اصل  ڪو نه پئي، ان ڪري ڳوٺن ۽ شهرن جي اهڙين ويران جاين ۾ رهنديون آهن، جتي ماڻهوءَ جو نالو نشان به نه هجي، اهڙي ويران جاءِ کي هُو پنهنجو گهر ڪري ويهنديون آهن ۽ اتي ئي ٻچا ڄڻين ٿيون. ٻچا ٻن سالن تائين ماءُ سان گڏ رهندا آهن ۽ ان کان پوءِ پنهنجي نئين دنيا اڏيندا آهن. فيرل ٻلي جي سراسري عمر 14 سال ٿئي ٿي ۽ وڌ کان وڌ 18 سالن جي ڄمار ماڻي ٿي.