Video

سومالي ٻلي Somali cat

سومالي، پالتو ٻلين جي هڪ جنس آهي. شڪل شبيهه ۾ گهڻي ڀاڱي سومالي هوبهو، اباءِ سينين (Abyssinian) جهڙي لڳندي آهي، فرق رڳو ايترو آهي جو ”اباءِ سينين“ Shorthair  يعني ننڍي ٻُر واري ۽ ”سومالي“ Longhair يعني وڏي ٻُر واري آهي. سوماليءَ جي پُڇ تي سندس جسم کان به وڏي ٻُر هوندي آهي. هن ٻليءَ جو شمار انهن ٻلين ۾ ٿئي ٿو، جيڪي ويهين صديءَ جي وچ يعني لڳ ڀڳ 1950ع ڌاري هڪٻئي جي ميلاپ سان ’ٻِسر‘ پيدا ٿيون. قدبت ۾ سومالي ڊگهي ۽ هڏ ڪاٺ واري ٻلي آهي. رنگ جي لحاظ کان سندس ڪيترائي قسم آهن، جن ۾ بوسڪي، ڀورو، هيڊو، واڱڻائي، بادامي، سونهري، ڪارو، اڇو ۽ خاڪي ذڪر جوڳا آهن.سومالي ٻليءَ جي مٿي کان ڌڙ تائين ڊيگهه ڏيڍ فوٽ کان ٻه فوٽ ۽ وزن 4 کان 5 ڪلو گرام ٿيندو آهي.

اباءِ سينين وانگر سوماليءَ ۾ پڻ پنهنجون انفرادي خوبيون هونديون آهن، جيڪي کيس نسلي طور وراثت ۾ مليون آهن. هي دوست مزاج، راند کيڏڻ جي شوقين ۽ نهايت ڦڙت آهي ۽ ٻين ٻلين جي ڀيٽ ۾ دلير آهي، تنهن ڪري گهر ۾ موجود ٻين پالتو جانورن کان کيس ڪو ڊپ ڊاءُ نه ٿيندو آهي،  ۽ ساڻن راند روند ڪندي ڪا هٻڪ محسوس نه ٿيندي آهي. ان ڪري ماڻهو کيس وڏي شوق سان پالين ٿا.

سومالي ٻلي هڪ پيٽ تي 3 کان 5 ٻچا ڄڻي ٿي ۽ سراسري طور 13 سال  جيئي ٿي.