Video

ايراني واگهه Persian Tiger

واگهه جو هي قسم، ايراني واگهه جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن واگهه جو اصل وطن ايران هو. جنهن ڪري ئي کيس ايراني واگهه سڏيو ويندو هو، پر هن وقت هن واگهه جو دنيا ۾ ڪٿي به ڪو نالو نشان نه ٿو ملي ۽ هڪ اندازو آهي ته گهڻي شڪار سبب سندس وجود ڌرتيءَ جي گولي تان 50 واري ڏهاڪي ڌاري ختم ٿي چڪو آهي.

ايراني واگهه ايران کان سواءِ عراق، افغانستان، ترڪي، منگوليا ۽ وچ ايشيا جي رياستن ڪازڪستان، تاجڪستان، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان ۾ رهندو هو.