هن ٻليءَ جو شمار پالتو ٻلين ۾ ٿئي ٿو. سندس اصل وطن ناروي ملڪ جو هڪ علائقو ”اسڪينڊ ينيويا“Scandinavian آهي. قدبت ۾ هي ٻلي عام پالتو ٻليءَ کان لڳ ڀڳ ٻيڻي ٿئي ٿي. سندس جسم تي ٻُر ٿلهي، گهاٽي ۽ وڏي ٿيندي آهي، ان ڪري کيس Longhair (وڏي ٻُر واري) چئجي ٿو. وڏي ٻُر کان سواءِ سندس جسم تي چرٻيءَ جا تهه پڻ ٿيند آهن، جيڪي ٿڌي موسم ۾ کيس سيءَ کان بچائين ٿا. رنگ جي لحاظ کان هن ٻليءَ جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا، جن ۾ ڪارو، اڇو، بادامي، ڀورو ۽ سونهري شامل آهن.
نارويائي جهنگلي ٻلي ڊگهي ۽ وزني ٿئي ٿي. جنهنڪري گهڻي چست نه آهي. البته رويي جي لحاظ کان دوستاڻو سڀاءُ رکي ٿي. هي هوشيار، پيار ڪندڙ آهي ۽ نرم مزاج رکي ٿي. انهن گڻن سبب هي ٻلي گهڻي پسند ڪئي وڃي ٿي.
هن ٻليءَ جي مٿي کان ڌڙ تائين سراسري ڊيگهه 3 فوٽ ۽ وزن 10 کان 11 ڪلو گرام ٿيندو آهي.
هي ٻلي هڪ پيٽ تي ٻه کان چار ٻچا ڄڻي ٿي، ۽ سندس سراسري عمر 15 سال ٿيندي آهي. اڄڪلهه هي ٻلي يورپ ۽ آمريڪا کان سواءِ ڪيترن ئي ٿڌن ملڪن ۾ وڏي شوق سان پالي وڃي ٿي.