Video

ٿائي ٻلي Siamese cat

ٿائي ٻلي (Siamese) ننڍي ٻُر واري  شارٿيئر گروپ جي ٻلين جي هڪ پالتو جنس آهي، هن ٻليءَ جو اصل وطن ٿائيلينڊ آهي، جتي ٻڌ مندرن ۾ کيس عام جام ڏسي سگهجي ٿو. هن ٻليءَ جو شمار دنيا جي آڳاٽين ٻلين ۾ ٿئي ٿو. سندس منهن مهانڊو ’بِرمن‘  Birman  ٻليءَ جهڙو آهي. هن جا ڪن وڏا ۽ پڇ مٿي وريل ٿئي ٿو.  جڏهن ته پڇ ۽ نڪ جو رنگ ڪارو هوندو آهي. ٿائي ٻليءَ جا ڪيترائي رنگ ٿين ٿا، جن ۾  ڀورو، بوسڪي، هيڊو بادامي، اڇو سليٽي ۽ ڳاڙهو شامل آهن.

ٿائي ٻليءَ جي ڪلهن کان پولهه تائين ڊيگهه هڪ کان ٻه فوٽ ۽ وزن 4 کان 5 ڪلو گرام ٿيندو آهي.

هي ذهين ۽ سماجي وهنوار واري ٻلي آهي، ان ڪري گهڻي پسند ڪئي وڃي ٿي. اڄڪلهه سندس نسل ۾ ڪجهه گهٽتائي اچي وئي آهي، جنهن ڪري سندس نسل راني ڪئي پئي وڃي . پالتو ۽ دوست مزاج هئڻ ڪري ٿائي ٻليءَ کي برطانيا ۽ آمريڪا ۾ شوق سان پاليو وڃي ٿو.

ٿائي هڪ پيٽ تي ٻه کان چار ٻچا ڄڻي ٿي،   اڄڪلهه هي ٻلي ٿائيلينڊ، برما، برطانيا ۽ آمريڪا  کان سواءِ دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڏي ملهه وڪامي ٿي.