هي واگهه انڊونيشيا جي هڪ ٻيٽ سماترا ۾ رهي ٿو، جتي جي هڪ نيشنل پارڪ ۾ سندن تعداد 400 جي لڳ ڀڳ آهي. سماترائي واگهه شڪل شبيهه جي لحاظ کان بالي واگهه سان گهڻو ملندڙ جلندڙ ٿئي ٿو. پر وزن ۾ ان کان ٿورو هلڪو ٿيندو آهي. سماترائي واگهه جي نر جو وزن 100 کان 140 ڪلو گرام ٿئي ٿو، جڏهن ته ماديءَ جو وزن 75 کان 110 ڪلو گرام ٿيندو آهي.
جيئن ته سماترا، خط استوا کي ويجهو آهي، ان ڪري هن علائقي ۾ سڄو سال مينهن پوندا رهندا آهن، جنهنڪري هتي جا ٻيلا هميشه سرسبز ۽ شاداب رهن ٿا، جن ۾ سماترائي شينهن، واگهه ۽ ٻيا ڪيترائي جهنگلي جانور رهن ٿا.