Video

ڪارو پينٿر Black Panther

ڪارو پينٿر ٻليءَ جي نسل جي ڪا ڌار جنس نه آهي، بلڪ اصل ۾ اهو جيگئار ۽ تيندئي جو هڪ قسم آهي، جنهن جون خاصيتون ۽ ٻيون عادتون اهي ساڳيون آهن، جيڪي، جيگئار ۽ تيندئي ۾ هونديون آهن، رڳو رنگ جي ڪري کيس ڌار جنس ڄاڻايو ويو آهي،. هن جنس ۾ ڪي جانور ته نِڀُور ڪارا ٿين، پر ڪجهه وري سليٽي ڪارا ٿيندا آهن ۽ سندن جسم تي گهرا ڪارا چٽا ٿين ٿا.

ڪارو پينٿر پالتو جانور نه آهي. هي مڪمل جهنگلي شينهن آهي. ان ڪري جهنگلن ۾ ئي رهڻ پسند ڪري ٿو. ڪاري پينٿر واري مادي عام طور ٻه کان ٽي ٻچا ڏئي ٿي، پر ڪڏهن ڪڏهن مادي 6 ٻچا به ڏيندي آهي. ڄمڻ وقت سندس ٻچن جو رنگ سليٽي، اکيون بند ۽ وزن 450 کان 500 گرام هوندو آهي. پيدائش کان پوءِ ماءُ ڪجهه وقت ٻچن سان گڏ غار ۾ رهندي آهي. ٻن کان ٽن هفتن تائين ٻچا رڳو غار جي ويجهو پيا ڦرندا آهن. ٻن کان ٽن مهينن جي عمر ۾ اهي گوشت کائڻ شروع ڪندا آهن. شروع ۾ ماءُ کين ڪوئا ماري کارائيندي آهي، پوءِ هو پاڻ شڪار ڪرڻ جا عادي ٿي ويندا آهن.

هن وقت ڪارو تيندئو آسٽريليا ۾ ۽ ڪارو جيگئار آمريڪا جي ايريزونا ، نيو ميڪسيڪو، فلوريڊا ۽ ڏکڻ اولهه ٽيڪساس ۾ رهي ٿو. هنن ٻنهيءَ کي گڏائي ڪارو پينٿر سڏيو  وڃي ٿو.

تيندئي ۽ جيگئار جو هڪڙو رنگ اڇو به ٿيندو آهي، جنهن کي اڇو پينٿر چئجي ٿو، پر هن وقت اڇو پينٿر دنيا ۾ ڪٿي به نظر نه ٿو اچي.