Video

ڌاتو رنگو يا نيرو واگهه Maltese tiger or Blue Tiger

هي واگهه جي نسل جي هڪ جنس آهي، جيڪا ڏکڻ چين جي هڪ صوبي فُجيئان (Fujian)۽ ڪوريا ۾ رهي ٿي. قدبت ۽ وزن جي لحاظ کان هي واگهه به پنهنجي نسل جي ٻين واگهن جهڙو ئي آهي ۽ رڳو هڪ ڳالهه ۾ هي ٻين واگهن کان نرالو  آهي، جو سندس رنگ، پنهنجي خاص سونهن سبب ٻين واگهن کان کيس الڳ ڪري بيهاري ٿو. ڌاتو رنگي يا نيري واگهه جي ٻُر ڌاتوءَ جي رنگ جهڙي يا هلڪي نيري ۽ سليٽي ٿيندي آهي ۽ جسم تي ڪاري رنگ جا پٽا ٿين ٿا. خونخوار هئڻ باوجود سهڻي ۽ نرالي رنگ جي  سبب دنيا ۾ هن  واگهه جي گهڻي طلب آهي، جنهن ڪري شڪاري سندس ٻچا هٿ ڪري مارڪيٽ ۾ وڪڻي ڇڏين ٿا، اهو ئي سبب آهي جو  اڄڪلهه سندس تعداد ۾ ڏينهو ڏينهن گهٽتائي ٿي رهي آهي.