ڦلو مل ميگهواڙ
هر قوم پنهنجي تاريخي سڃاڻپ ۽ ثقافتي ورثي کي ٻوليءَ ۾ سانڍي رکندي آهي. دؤر بدلجي ويا آهن، ٻوليون پڻ ڪمرشلائيز (Commercialize) ٿي چُڪيون آهن. ڪيتريون ئي ٻوليون وقت جي ور چڙهي ويون ۽ ڪيترين ٻولين جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آهي. ڌاري ٻوليءَ کي سڀ ڪجهه سمجهڻ سان توڙي جو ڪيترائي فائدا هجن ٿا، پر هڪ اهم نقصان اهو ٿيندو آهي ته جيڪي به ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ کان پري ٿين ٿا، اُهي پنهنجي قومي سڃاڻپ وڃائي ويهن ٿا. انهيءَ ڌارا ۾ اُهي ٻوليون به ويچاريون نظر اچن ٿيون، جيڪي پنهنجي تاريخ ۽ ادب به رکن ٿيون، لکين ماڻهو کين ڳالهائين ٿا ۽ پنهنجي خطي ۾ نصابي حيثيت پڻ رکن ٿيون. اُتي انهن ٻولين جو ڇا ٿيندو، جيڪي آهن ته قديم، پر پنهنجو محدود دائرو رکن ٿيون. مقامي سطح تي صرف ڳالهايون وڃن ٿيون ۽ انهن جي رسم الخط به طئي نه ٿيل آھي. اهڙين ئي ٻولين مان ’ڍاٽڪي‘ پڻ هڪ آهي.
ڍاٽڪي، ٻولي آهي يا لهجو؟ يا سنڌي ٻوليءَ جي ٿري لهجي جو ننڍو لهجو؟ انهيءَ ڳالهه کي واضح ڪرڻ لاءِ اسان اهو ڏسنداسين ته اها ڳالهائي ڪٿي پئي وڃي ۽ انهيءَ متعلق ماهرن ڪهڙي تحقيق ڪئي آهي.
رائچند هريجن لکي ٿو ته :
”سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي جا طبعي ڀاڱا ٻه آهن، هڪڙو ’ڍٽ‘ يعني وارياسو ڀٽن وارو ڀاڱو، ٻيو ڏاڍي (سخت) زمين وارو ڀاڱو ،جنهن ۾ نارو ۽ ميرپورخاص وارا ڀاڱا اچي وڃن ٿا. ٿر واري ڀاڱي ۾ به ٿر ۽ پارڪر ٻه جدا قسم جي زمين جا ٽڪرا آهن، جي ٿرپارڪر ضلعي جو هڪ ڀاڱو آهن. هاڻوڪي ٿرپارڪر ضلعي کي اهو نالو انهي مٿين ٻن ٽڪرن تان مليو آهي.“ (تاريخ ريگستان، جلد پهريون ، ص 1)
مٿئين حوالي کي واضح ڪجي ته ٿرپارڪر، ڪو پوري ٿر (وارياسي علائقي) جو نالو ناهي، اهو ضلعي جو نالو آهي، جنهن ۾ پارڪر، مهراڻي ۽ ناري جا ڪجهه حصا شامل آهن. مطلب ته ضلعي انتظام طور ’پارڪر‘ کي ’ٿر‘ سان ملايو ويو ۽ نالو رکيو ويو ’ٿرپارڪر‘، پارڪر هڪ الڳ علائقو آهي، جنهن ۾ گهڻي قدر پٿريلي ۽ ڪاراٺي زمين آهي ۽ تمام ٿورو ٽڪرو وارياسو پڻ شامل آهي (جيڪو پٿريلي ۽ ڪلراٺي جي ڪس ۾ آهي). هريجن صاحب، جنهن ٻيءَ ڳالهه کي منجهايو آهي، سا اِها ته وارياسي ڀٽن واري ڀاڱي کي ’ڍٽ‘ سڏيو آهي، اها غلطي جي.اي گريئرسن کان به ٿي آهي، جيڪو ’ٿريلي‘، ’ٿريچي‘ يا ڍاٽڪيءَ‘ کي هڪ ئي ٻولي قرار ڏيندي، انهي علائقي جي باري ۾ به ٻڌائي ٿو، جتي اُها ڳالهائي وڃي ٿي، لکي ٿو ته :
”’ٿريلي‘ ’ٿر‘ يا ’ريگستان‘ ۾ ڳالهائجڻ واري سنڌيءَ جو نالو آهي، جيڪو سنڌ جي اڀرندي واري سرحد تي موجود رڻ پٽ آهي، جيڪو راجپوتانا کان سنڌ کي جدا ڪري ٿو. ان جو هڪ ٻيو به ٿورو مختلف نالو آهي، ’ٿريچي‘. مارواڙ ۾ رڻ پٽ کي ’ڍاٽ‘ چوندا آهن، ان ڪري لهجي کي ’ڍاٽڪي‘ به چوندا آهن. پر نالو ڪهڙو به هجي، اهو سنڌي ۽ مارواڙيءَ جو مڪسچر يا گاڏڙ لهجو آهي ۽ هڪٻئي مٿان اثر جي لحاظ کان مختلف جاين تي ٿورو فرق رکي ٿو.“ گريئرسن صاحب اڳتي لکي ٿو ته ”ٿر جي ڏکڻ اوڀر ۾ ’پارڪر‘ جو علائقو آهي، جيڪو ٿر کان ائين مختلف آهي، جو اُن ۾ واريءَ جي ڀٽن بدران پٿر جون ٽڪريون آهن. پارڪر جي بنهه ڏکڻ اوڀر پاسي گجراتي ٻولي آهي، پر ٻين هنڌن ۽ سموري ٿر ۾ اهو سنڌيءَ جو ’ٿريلي‘ يا ’ٿريچي‘ لهجو ڳالهايو وڃي ٿو، جنهن کي راجپوتانا پاسي وري ’ڍاٽڪي‘ پڻ چوندا آهن. راجپوتانا ۾ لفظ ’ڍاٽ‘ جي معنيٰ آهي ’ريگستان‘، اهو خاص طور ’ٿر‘ ۽ ان سان دنگئي راجپوتانا جي رياست جيسلمير واري ريگستاني خطي لاءِ ڪم اچي ٿو.“ (گريئرسن، صفحو 62 ۽ 227)
رائچند هريجن ’ٿر‘ لفظ تي تفصيل سان لکيو آهي (ڏسو تاريخ ريگستان1، صفحو 1)، ته ’ڍٽ‘ جي پڻ وضاحت ڪئي آهي. هريجن صاحب هڪ پاسي ڍٽ کي ٿر (سنڌ ۾ آيل ٿر) جو وچ وارو ٽڪر ٻڌائي ٿو(نقشو پڻ ڏنل آهي)، لکي ٿو ته :
”هي ’ڍٽ‘ سڄي ٿر جي وچ وارو ٽڪرو آهي، هن ۾ عمرڪوٽ تعلقي جو ٿورو ٽڪر، ڇاڇري تعلقي جو گهڻو ڀاڱو، ۽ مٺي تعلقي جو ڪجهه اتريون ڀاڱو اچي وڃن ٿا“.
جناب هريجن صاحب پنهنجي ڪتاب ”تاريخي ريگستان“ ۾ هڪ طرف چوي ٿو ته (رائچند هريجن، تاريخ ريگستان 1، ص1) ”هتان جي رهاڪن کي ’ڍاٽي‘ چئبو آهي ۽ اُتان جي ٻولي کي ’ڍاٽڪي‘ چئبو آهي. ٻئي پاسي هو ’ڍٽ‘ ۽ ’ٿر‘ کي هڪٻئي ۾ منجھائي ٿو ته
”ٿر کي ’ڍاٽ‘ چوندا آهن، تنهنڪري ٻوليءَ کي ’ڍاٽڪي‘ چون، سڀئي ٿري ماڻهو ڪو ڍاٽڪي ڪو نه ڳالهائيندا آهن، لهاڻن کان سواءِ باقي ٻيون سڀ هندو ذاتيون ڍاٽڪي ڳالهائينديون آهن. مسلمان ۽ لهاڻا، سنڌي ٻولي ڳالهائيندا آهن، ته به ڍاٽڪي ٻولي ڳالهائي ۽ سمجهي سگهندا آهن. ٿر جي سنڌي ٻولي به نج ڪانهي، ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ به ٿر جي جدا جدا ڀاڱن جي رهاڪن جي وچ ۾ لفظن جو ڪجهه نه ڪجهه تفاوت ضرور آهي. پارڪر گجرات کي ويجهو آهي، تنهنڪري پارڪر جي ٻوليءَ کي گجراتي ٻوليءَ جو اثر وڌيڪ آهي. ڍاٽ جا گهڻا رهاڪو اصل مارواڙ کان آيل آهن، تنهنڪري اُتي مارواڙي ٻوليءَ جو اثر آهي. مهراڻو ناري کي ويجهو آهي، تنهنڪري اُتي سنڌي ٻوليءَ جو اثر وڌيڪ آهي.“ (تاريخ ريگستان، II، ص 134)
رائچند صاحب اڳتي لکي ٿو ته.
”ڍاٽڪي، مارواڙي، گجراتي، ڪڇي ۽ سنڌي وغيره ٻولين جي گاڏڙ صورت جي ٺهيل آهي. ملڪ جي جدا جدا ٽڪرن جي ٻوليءَ ۾ ڦيرڦار آهي، ته جدا جدا ذاتين يعني ٻانڀڻن، واڻين، ٺڪرن، ميگهواڙڻ، سوٽهڙن، ڀيلن، جاٽن، نُهڙين ۽ سميجن وغيره جي ٻوليءَ ۾ پڻ تفاوت آهي“(تاريخ ريگستان، II، ص 134)
مٿئين حوالي ۾ جيڪا ڳالهه منجهيل آهي، سا اِها ته رائچند صاحب ’ٿر‘ کي ’ڍاٽ‘ سڏيو آهي، جڏهن ته پورو ٿر ’ڍاٽ‘ ناهي، انهيءَ جي ثابتي خود ئي اڳئين حوالي ۾ ھو ڏئي چڪو آهي. باقي جيڪي اهم ڳالهيون آهن، سي هي آھن ته:
(i)ڍاٽڪي هڪ گاڏڙ ٻوليءَ آهي ۽ انهيءَ جا لهجا پڻ آهن.
(ii)مسلمان ۽ لهاڻا، سنڌي (سنڌيءَ جو ٿري لهجو) ڳالهائيندا آهن.
(iii)ڍاٽڪيءَ تي مختلف پاسن کان مختلف پاڙيسري ٻولين جا اثر آهن.
ڀيرو مل لکيو آهي ته:
”ڍٽ معنيٰ ’ٿر‘ يا ’وارياسو‘ ملڪ، پر حقيقت ڪري اهو به ٿر جي هڪ ڀاڱي جو نالو آهي ۽ اُن جون حدون هن طرح آهن:
اتر ۾ بهاولپور، روهڙي ۽ خيرپور رياست جو وارياسو ڀاڱو؛ ڏکڻ ڏي ڏيپلي ضلعي جي ڳوٺ ٻلهياريءَ تائين رڻ جي ڪس دنگ سان، اڀرندي ڏي جوڌپور رياست جي سرحد ۽ الهندي ڏي نوابشاهه ۽ حيدرآباد ضلعن (هن وقت جي) ڏاڍي زمين وارا هنڌ. ٿورن لفظن ۾ هن طرح چئبو ته، کائر آهي ٿر جي اتر ڏي، پائر آهي ڏکڻ ڏي ۽ انهن ٻنهي ٿرن جي وچ وارو ورياسو ڀاڱو ’ڍٽ‘ سڏجي ٿو (ڀيرو مل: لطيفي سئر)
سڀ کان پهرين جي.اي گريئرسن ’ڍٽ‘ کي مارواڙي ٻوليءَ جو لفظ ٻڌائيندي اهو لکيو آھي ته انهيءَ جي معنيٰ آهي ”ريگستان“ انهيءَ ڳالهه کي رائچند هريجن به ورجائي ٿو ته ٻئي پاسي وري ’ڍٽ‘ کي ’ٿر‘ جو ڀاڱو سڏي ٿو. رائچند هريجن جي ٻي راءِ وڌيڪ صحيح معلوم ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ’ڍٽ‘ راجپوتانا جي مارواڙ واري علائقي ۾ رائج آهي ۽ اتان جي ٻوليءَ جو لفظ آهي ته انهي علائقي تي لاڳو ڇو نه ٿيو ۽ اتان جي ماڻهن کي ’ڍاٽي‘ ڇو نه سڏيو ويو ۽ اُتان جي ٻوليءَ کي ’ڍاٽڪي‘ ڇو نه ٿو چيو وڃي ۽ انهي ٻوليءَ کي ’مارواڙي‘ ڇو ٿو چيو وڃي؟
ڍٽ، اصل ۾ ’ڍاٽڪيءَ‘ جو ئي لفظ آهي ۽ ’ٿر‘ (سنڌ جي ايراضيءَ واري ٿر) جي وچ وارو علائقو آهي، جنهن جي وضاحت مٿي ڪري آيا آهيون. انهيءَ ڳالهه جي گواهي شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سر مومل راڻي ۾ پڻ ڏئي ٿو،
”تُون ڍاٽي، ڍَٽ ڌڻي، ڍولا! تنهنجو ڍَٽُ،
پاڻي تُراڙي توريان، ته مُلڪ نه تنهنجو مَٽ،
لاهي ڪَسَر ڪَٽُ، کوڙِ قناتُون ڪَاڪِ ۾“
(شاهه جو رسالو II، ٻانهو خان شيخ، ص 466)
وارياسي زمين کي ’ٿر‘ چيو وڃي ٿو، (پنجاب واري پاسي کي پنجابيءَ ۾ ’ٿل‘ چيو وڃي ٿو)، جڏهن ته ’ڍٽ‘ انهيءَ جو ڀاڱو آهي. انهي ڳالهه جي وضاحت کان پوءِ انهي ڳالهه جو ذڪر پڻ لازمي آهي ته ٿر سياسي، سماجي، تاريخي، ثقافتي ۽ ٻوليءَ جي اعتبار کان سنڌ کان الڳ ڀاڱو رهيو آهي.
”ٿر ۽ پارڪر تي آڳاٽي وقت کان پرمار سوڍا راجپوتن جي سرداري هئي. اُهي ڪڏهن سنڌ ۽ ڪڏهن دهليءَ جي بادشاهن جا تابعدار ۽ ڪڏهن خودمختيار ٿي پئي رهيا آهن”. (تاريخ ريگستان،I، ص 25)
ڪاڪي ڀيرو مل جي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ جي صفحي نمبر 225 تان حوالو کڻندي، رائچند هريجن لکي ٿو ته
ٿر جي سوڍن وٽ جيڪي دستخط احوال آهن، تن مان معلوم ٿئي ٿو ته وڪرمي نسبت 1054= 996ع ڌاري الور، امرڪوٽ ۽ ننگرپارڪر، مارواڙ جي راجا ڌوڻي براهه جي هٿ ۾ هئا ۽ پٽس جوگراج امرڪوٽ تي راڄ ڪندو هو“. (تاريخ ريگستان I، ص 37).
ضلعي ٿرپارڪر متعلق رائچند هريجن وڌيڪ لکي ٿو ته:
”انهيءَ ڀاڱي ۾ ٻيا به ڇهه تپا (سوا ٽن ديهن جي) جن ۾ ناري ۽ جمڙائو هيٺ آباد ٿيندڙ ٽڪر پڻ اچي وڃي ٿو، داخل ٿيل آهن، مگر زمين جي لحاظ سان اهي خاص سنڌ جو ڀاڱو آهن ۽ اُنھن جو ٿر سان ڪو لاڳاپو ڪونهي. باقي چئن تعلقن مان ڏيپلي، مٺي ۽ ڇاڇري جا سڄا تعلقا. ننگر پارڪر تعلقي جي ڏهن تپن مان ست تپا اصلي ٿر ملڪ آهي. امرڪوٽ ۽ کپري تعلقن جون ٽي ديهون به ٿر جو ڀاڱو آهن“. (تاريخ ريگستان، II، ص 6)
توڙي جو ’ٿر‘ سنڌ جو حصو آهي، پر ’ٿري‘ عام طور اڃا تائين به ٿر ۽ ناري کي ٻه الڳ علائقا سمجهن ۽ سڏين ٿا. انهيءَ ڳالهه جو اندازو ٿرين (ڍاٽين) جي انهي مقولي مان به لڳائي سگهجي ٿو، جيڪو هو ڪنهن کي پِٽ طور هيئن چوندا آهن ته:
”تانها نجاناڙئه جائين“ (يعني- تنهنجا ناري وڃن).
ٿر ۾ ڏڪار ۽ بک بدحاليءَ جي صورت ۾ وقتي طور تي اُهي پنهنجا گهر گهاٽ ۽ پکڙا ڇڏي پنهنجو مال ڪاهي، ناري جي طرف رخ ڪندا آهن، جيڪا انهن لاءِ وڏي ڦٽڪار ۽ بدحاليءَ جي علامت آهي، يعني گهر ڇڏڻ ئي انهن لاءِ تمام خراب ۽ ڏکي ڳالهه آهي ۽ هو جڏهن به گهر ڇڏيندا آهن ته ’نارو‘ ئي انهن جو استقبال ڪندو آهي، سو اُهي ناري وڃڻ کي ڪنهن سٺي سئونئڻ طور نه ٿا ڏسن.
انهيءَ حوالي سان جيڪڏهن ڪو هن پاسي مزدوري لاءِ ايندو ته چوندا آھن! ”سنڌ ڪَمائوُنڻ گيو آهَئه‘ (يعني سنڌ ڪمائڻ ويو آهي).
’ٿر‘ ۽ ’ڍٽ‘ جي ان وضاحت کان پوءِ ڏسنداسين ته ڍاٽڪي ٻوليءَ متعلق ماهرن جي ڇا راءِ آهي. جي. اي گريئرسن ۽ رائچند هريجن جا اشارا مٿي اچي چڪا آهن. انهيءَ ڳالهه جي اپٽار وڌيڪ ڪنداسين. جي.اي گريئرسن، ڍاٽڪيءَ کي مارواڙي ۽ سنڌيءَ جو گاڏڙ لهجو قرار ڏيندي وڌيڪ لکي ٿو ته:
”جُلد نائين ۾ انهن لهجن (ڍاٽڪي ۽ مارواڙي) جي باري ۾ لکڻ مهل مون کي اهو تاثر هو ته اُتي انهن لهجن کان سواءِ سنڌيءَ جو هڪ خاص لهجو، مارواڙي ۽ سنڌيءَ جي گاڏڙ لهجن مان هڪ لهجو آهي“. (گريئرسن، ص 228).
انهيءَ لهجي يعني ڍاٽڪيءَ جو مثال ڏيندي گريئرسن لکي ٿو ته:
”هتي آءٌ ٿر ۽ پارڪر جي ٿريليءَ جو هڪ نمونو ڏيان ٿو ۽ هڪ چيسلمير جو ڍاٽڪيءَ جو مشهور گيت ڏيان ٿو. اهو ڏسڻ ۾ ايندو ته اهي سڀ مثال گاڏڙ ساڏڙ ٻوليءَ جا آهن، جيتوڻيڪ انهن ۾ حيرت جي ڳالهه اِها آهي ته ٿر ۽ پارڪر جي نمونن جي ڀيٽ ۾ جيسلمير وارا نمونا معياري سنڌيءَ کي وڌيڪ ويجها آهن. اهو صاف ظاهر آهي ته ٻولين جو اهو ميلاپ ميڪانڪي آهي. سنڌ جا مخصوص ٻٽوينجن (حرف صحيح) موجود آهن. پر ٿر ۽ پارڪر واري پاسي گهٽ آهن ۽ ٻين پاسن کان بنهه ڪو نه آهن. ان کان سواءِ لفظن جو پڇاڙڪو ڇوٽو سُر به ظاهر ڪونهي. دراصل سنڌيءَ جي مزاج جي خلاف، جنهن ۾ آخري حرف تي ڪا حرڪت ضرور ھوندي آهي، مارواڙيءَ وانگي لفظ ڪنهن نه ڪنهن حرف صحيح تي ختم ٿيندا نظر اچن ٿا“. (گريئرسن، ص 229)
آءٌ هيٺ گريئرسن جي ڏنل نمونن جا ڪجهه ٽڪرا جائزي لاءِ پيش ڪريان ٿو:
پهريون نمونو( (ڊيگهه کان بچندي صرف هڪ شعر ڏجي ٿو):
”آج اويلا ڪِيون آوِئا، ڪهه رو مُج ۾ ڪام؟
ٿارو مَنَهه تو گهر نهين، اِئي سُگڻي- روسام“
(گريئرسن ص 229)
(اڄ اويلا ڇو، آيا آهيو، مون ۾ ڪهڙو ڪم آهي؟
توهان جو منشي ته گهرناهي، هِن سُگڻي جو(منهنجو) ڀتار)
مٿي پيش ڪيل دوهي کان علاوه انهيءَ نموني جي ٻين سڀني دوهن جي ٻولي، ڍاٽڪيءَ کان ڦريل آهي؛ توڙي جو ڪجهه قدر ڍاٽڪيءَ سان ملندڙ آهي، پر اِها مارواڙي ۽ هنديءَ کي تمام گهڻو ويجهي آهي. مثال طور مٿئين مثال جا ڪجهه لفظ جهڙوڪ: آج، اويلا، ڪِيون، آوئا، ڪهه رو، مج، ۾، ڪام، ٿان رو، مَنَهه، نهين وغيره ڍاٽڪيءَ ۾ صفا مختلف آهن يا اُچار ڦريل آهن:
جيئن اَج، اويڙا، ڪيئن/ ڇو، آئيا، ڪيهيڙو، مين (مون)، ڪم، تانهانجو، مُنِڇي(سنڌي مان آيل ٿو لڳي) نيڻ وغيره.
اهڙي قسم جو ٻيو به ڪيتروئ: منظوم شڪل ۾ ادب، ٿر جي ڍاٽين جي سينن ۾ اڄ به دفن آهي، جيڪو سيني به سيني هلندو اچي ٿو، پر اِهو عام ناهي. اِها شاعري، جيڪا لوڪ داستانن تي ٻڌل آهي، مذهبي ۽ اخلاقي قسم جا شعر پڻ ملن ٿا، جيڪي دوهي يا سورٺي جي گهاڙيٽي ۾ آهن، جن کي اتان جا مقامي ماڻهو ’سَوَئِيا‘، ”ڳوڙها‘ ۽ ڏَئوُئو (دُوهي/دوهي جي بگڙيل صورت) چون ٿا، جيڪي نالا گهاڙيٽي جي حوالي سان نه ئي بلڪه مواد، موضوع ۽ فڪر جي حوالي سان پيل آهن. اهي ڪن مخصوص قسم جي ماڻهن کي ياد آهن، جيڪي هندي، گجراتي، مارواڙي، سنسڪرت ۽ ڍاٽڪيءَ جي لفظن جو مجموعو آهن. اهڙي قسم جا شعر عام ماڻهوءَ جي سمجهه کان ٻاهر (معنوي توڙي فڪري حوالي سان) آهن. سمجهائيندڙ همراهه کي گهڻي قدر مذهبي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي ۽ انهيءَ کي ’ڀڳت گياني‘ يا وڏو ڄاڻو‘ سمجهيو ويندو آهي. حقيقتاً اها شاعري اهڙي قسم جي ماڻهن جي ذاتي ٻوليءَ ۾ نه آهي، فقط اُهي ياد ڪندا آهن، پوءِ ڪچهرين ۾ ٻڌائيندا آهن. جنهن کي گهڻي ياد هوندي آهي، انهيءَ کي وڏو ودوان ۽ گياني سمجهيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ جو اُهي (شعر) ڪيترن ئي نسلن کان منتقل ٿيندا آيا آهن. انهن تي مقامي ماڻهن جي ٻوليءَ جو اثر ڪجهه قدر پئجي چڪو آهي. جيڪو ماڻهو ڍاٽڪي نٿو ڄاڻي، اُهو انهن شعرن جي ٻوليءَ کي ڍاٽڪي ٿو لکي. اِئين سمجهڻ صحيح نه ٿيندو اُهي شعر ڪنهن ٻي ٻوليءَ جا يا مختلف ٻولين جو گاڏڙ ساڏڙ نمونو آهن. جاگرافيائي ويجهڙائيءَ سبب ۽ مذهبي پرچار جي اثر هيٺ اِتان جي ماڻهن تائين پهتل ڏسجن ٿا. ڪيترن ئي شعرن ۾ ته هندي، گجراتي ۽ ڪڇي وغيره ٻولين جي شاعرن جا نالا پڻ ڪم آيل آهن. مطلب ته اِها شاعري هندي ۽ گجراتي ادب مان ڦٽل ڌارا آهي، جنهن مارواڙ وچان گذرندي، نه صرف هندي، گجراتي ۽ مارواڙيءَ جو اثر قبوليو آهي، پر راجسٿان جي ڪَوَيَن جي راجسٿاني (خاص طور مارواڙي) ٻوليءَ جي شاعري پڻ هن خطي جي ماڻهن تائين پُڳي ۽ انهن پنهنجن ڪنٺن ۾ سانڍي رهاڻين کي روح بخشڻ سان گڏوگڏ پنهنجن روحن کي پڻ ريجهايو ۽ ريجهائيندا رهن ٿا. جيئن ته اِتان جي ماڻهن (ڍاٽين) جي ٻولي مختلف آهي، اُنهيءَ ڪري انهن اِها ڪَوتا پنهنجي ٻوليءَ جي مزاج مطابق قبولي ۽ سالن جي سفر سبب ڪيترائي ڍاٽڪيءَ جا لفظ گڏوچڙ ٿي پيا ۽ ٿيندا رهن ٿا. ”1045ع کان 1569ع تائين راجسٿاني ادب جيتري قدر تيزيءَ سان لکيو ويو آهي، انهيءَ ۾ جين ڌرم وارن جو گهڻو حصو آهي. اُن وقت گجراتي ۽ راجسٿاني هڪ ئي ٻولي هئي، جنهن کي ’مُرو گجُر‘ پڻ چيو ويو آهي. انهي دؤر جي نظم ۽ نثر جا ڪيترائي ڪتاب بي رحم زماني جي هٿان نابود ٿي ويا آهن. انهيءَ دؤر ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه شاعرن جا نالا تاريخ جي صفحن ۾ ملن ٿا، جن مان ڪجهه نالا هي آهن: ڌن پال، جن ولڀ سُري، واديو سُري، نيم چند، وجي سلين سُري وغيره آهن. اِها ڳالهه طئي شده آهي ته جينين (جين مت وارن) جيترو به نظم ۽ نثر لکيو هو، انهي جو خاص مقصد پنهنجي مذهب جو پرچار ڪرڻ هو،جيڪا انهن جي ضورت هئي. انهيءَ جي باوجود جينين جيتري قدر راجسٿاني ادب کي مالا مال ڪيو، انهيءَ جو اعتراف ڪرڻ کان سواءِ انهيءَ زبان جي ادبي تاريخ اڻپوري هوندي. انهن محبتن جا گيت ڳاتيا ته حُسن ۽ عشق جا نغما پڻ آلاپِيا ۽ رزميه شاعريءَ ذريعي راجپوتن جو رت پڻ گرمايو. راجسٿاني ٻوليءَ جي مشهور شاعر ’شارنگ ڌر‘ جو ذڪر راجسٿان جي قديم شعر ۾ ٿئي ٿو“.(باغ علي شوق، ص 26)
مٿئين سڄي پس منظر ۾ ڏسنداسين ته هڪ ته انهيءَ خطي (راجسٿان ۽ ٿر، خاص ڪري ڍٽ) تي راجپوت سوڍن جي حڪومت آهي ۽ راجپوت سوڍن کي آريا نسل مان سمجهيو ويو آهي. ان ڪري حاڪمن جي ٻولي سنسڪرت هئي ۽ انهن بابت قصيدا چوڻ وارن شاعرن جي ٻولي يا ته هُئي ئي سنسڪرت يا وري سنسڪرت جي اثر هيٺ هئي. ٻيو ته جين مت وارن جي ٻولي گجراتي ۽ ڪجهه قدر هندي ۽ سنسڪرت جو ميلاپ هئي. اهو به صاف ظاهر آهي ته ٿر واري خطي ۾ جين مت جي مڃيندڙن جا اهڃاڻ مليا اهن. اهڙيءَ طرح انهن (جينين) جي ٻولي ٿر تائين پُڄڻ ڪري پنهنجا اثر ڇڏيا ۽ اتان جي مقامي ماڻهن مذهبي اثرن سان گڏ ٻوليءَ جا اثر قبوليا ۽ اها شاعري ڀٽن، ڀانن ۽ جيتين جي ذريعي مارواڙ کان ٿيندي جڏهن هن خطي ۾ پڳي، ته اِتان جا ڪجهه ماڻهو، شاعريءَ جي معنيٰ ۽ فلسفي کان متاثر ٿي انهيءَ کي ياد ڪيو ۽ پوءِ اها پنهنجن ماڻهن کي ٻڌائي، نتيجي طور اِنهن شعرن جي ٻولي ته عام ماڻهن کي گهڻي مختلف ۽ مشڪل لڳي، پر جڏهن وضاحت ۽ سمجهاڻي ڄاتائون ته هو پڻ انهي شاعريءَ جي عظمت کي قبولڻ لڳا ۽ اهڙي طرح اُهي سمجهائڻ واري عمل کي يعني سمجهاڻيءَ کي ’گيان‘ ۽ انهي فلسفي کي به ’گيان‘ سڏڻ لڳا ۽ انهيءَ سمجهائيندڙ کي ’گياني‘. انهيءَ مان اِها ڳالهه واضح ۽ ثابت ٿئي ٿي ته اِهڙي قسم جي شاعري ڍاٽڪي ٻوليءَ جي ناهي، باقي انهيءَ تي ڍاٽڪيءَ جو اثر آهي ۽ لفظن جي ڦيرڦار ضرور آهي، جيڪو هڪ فطري عمل آهي، ان هيٺ ڍاٽين انهن لفظن کي تبديل ڪري پنهنجي ٻوليءَ جا لفظن داخل ڪيا، جيڪي انهن جي زبان تي نه پئي چڙهيا، يا وري شعر هڪ کان ٻئي ماڻهو تائين پهچڻ دوران مختلف ۽ مشڪل لفظ وسري وڃڻ جي صورت ۾ مفهوم ۽ معنيٰ ذهن ۾ رکندي متبادل لفظ پنهنجي ٻوليءَ (ڍاٽڪيءَ جا) گاڏڙ ڪيا. ڍاٽڪي ٻولي سان وڏي ناانصافي اِها ئي آهي ته، انهي ٻوليءَ کي نه سڃاڻڻ جي بنياد تي اهڙي شاعري ڍاٽڪيءَ جي حصي ۾ وجهي، ڍاٽڪيءَ جي اصلي شاعريءَ جي ادب کي سهيڙيو نه ويو آهي.
اهڙن شعرن جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا:
سوائِيا:
- هَنسان نان سر مر گهڻا، پوپ گهڻي ڀمريس،
سگهڙان نان ساجن گهڻا، ديس توڙي پرديس،
(يعني: هنجهه پکين لاءِ سمنڊ گهڻا، ڀؤنرن لاءِ باغ گُل ڦل (باغ) گهڻا، سڄاڻ/ سگهڙن لاءِ ساجن گهڻا، پوءِ اُهي ديس ۾ هجن توڙي پرديس ۾)
- ڪِنِتا رک ڪرڪو، هرڻ ڪيسا گهي کائَه،
اَڪ ٻَٽِيڙَئَه، لُوئان جَهڙَئَه تُرِيان آگڙجائَه
(اي منهنجا ڪانڌا‘ همت ڪر، ڀروسو رک، هرڻ پلا ڪهڙو نج گيهه کائيندو آهي! هو ته اڪ کائيندو آهي ۽ لوُءَ (اونهاري جي گرِم هوا) پيئندو آهي، پر تُرِي گهوڙي کان به اڳ اڳ ۾ پيو ڀڄندو آهي).
ڳوڙها:
(’ڳوُڙهو‘ هڪ ڏکي منظوم صنف آهي، جنهن جي هر هڪ لفظ جو اُونهو پس منظر آهي، ڳوڙهن جو لفظي ترجمو ڪرڻ مشڪل آهي، ڊيگهه کان بچندي، ڳوڙها بنا ترجمي جي، انهيءَ مقصد لاءِ پيش ڪجن ٿا ته اهو ڄاڻي سگهجي ته جيڪڏهن ٻولي ڍاٽڪي ناهي، بلڪه گجراتي، هندي، سنسڪرت، مارواڙي ۽ ڍاٽڪي يعني هندي ٻوليءَ جي خاندان جي سڀني ٻولين جو ميلاپ آهي. جڏهن ته ڪيترن ئي محققن انهيءَ کي ڍاٽڪي يا ٿريءَ ٻولي سڏيو آهي، جن مان پهريون شخص جي.اي گريئرسن آهي).
(1) *ھَڙ ھَڙُوئو ڀان پَڌرِي، هاڙي چَتَرِ سُڃاڻ،
پڙ را باهِيا موتي نِپِجيِن، نِينڻ ڪرين ليڏاڻ.
- گَههَ گُوڙهَو ٻگ اوُجڙو، بَههَ گِينڊان ڪي ساٿ،
ناري نان اُونر ڀَلو، جو ڏينهن نيڻ اُترءَ رات.
- ڳوڙهَئَه رنگ رو گِرامِڻو، تِرِيا مَوٽَو چاسِ،
چڙهئَه سين پَڇئَه اُتَرءَ نين، ڇَٺ نين ٻارَههَ ماس.
- ڏُڍ سُت لي، ڪَر پَر ڌَرِيو، اَپنَئَه سُتڪي ڪاج،
ڪاسَمه سُت پَرگهٽِيو، گهَٽَنت گهَٽي جاءِ.
- مانجهاري وَک وَکڻو، سو وَک ميري پاس،
مير پَربت سين جهُو جهڻو، ساسُو کول ڪَماڙ.
- لَٽِڪنت لوُنٻ لِلاڙ، اوران ري ذات،
اَپِرو پتي ڇڏي، ڪِيُون چلي اڌرات.
ڏئُوئا:
- ڏَئوُئو ڏَسوُنئو بيڏ، سَمِجهو ناڻ سالهه گهڻو،
ڏَئُوئو ڇَڏاوَءَ ڏيس، جوڳي ٿي جاوو پَئَه
(ڏئوُئو ڏهون علم آهي، سمجهدار ماڻهوءَ لاءِ صالح آهي، ۽ جيڪڏهن ڪو ڏئوُئو سمجهي ويو ته هو پنهنجو ديس ڇڏي جوڳين وانگر پيو ڀٽڪندو).
- سُکَئَه سُک ناهين اُپِجَئَه، گايَئه گُڻ نهين هو،
پاڻي مَٿَئَه مکڻ اُترءَ، تو لُکو نين کائَئَه ڪو.
(پئسي واري ماڻهوءَ کي سک ناهي ايندو، مڱڻهار کان ڪنهن ڪم جي اميد نه هوندي آهي، جيڪڏهن پاڻي ولوڙڻ مان مکڻ حاصل ٿئي ته ڪير به رُکي (اڻڀي) ماني نه کائي)
- گُڻ اوگُڻِ رِي گَمِ نَهين، نَهين نگري مِين نِياء،
گُڙ کَڙ هيڪَئَه ڀاءَ، تَئَه سين روهي ڀلي راجيا.
(شاعر راجيو چوي ٿو ته: اهڙو بادشاهه جنهن وٽ گڻ ۽ اوگڻ جي تميز ئي نه هجي ۽ نه ئي ملڪ ۾ نياء (انصاف) هجي، جتي ڳُڙ ۽ کڙ هڪ ئي قيمت ۾ هجن، انهيءَ کان ته جهنگ ڀلو آهي).
- من مَرَئَه مايا مَرَئَه، مَرَ مَرَ جاوَئَه سَرِير،
آسا تِسِنا ڏوني نين مرئه گيو داس ڪبير
(من، مايا ۽ جسم سڀ ڪجهه مري وڃي ٿو، پر آس، سِڪ ۽ اميد ڪڏهن به نٿا مرن، چئي ويو داس ڪبير)
- مَن مَرَئه مايا مَرَئه، مَرَ مَرَ جاوئه سَرير،
آسا تِسِنا ڏوني ماري، نانڪ ڀيو فقڪير.*
(ٻيو نمونو)
گريئرسن جي ٻئي نموني جو جائزو، وٺڻ لاءِ، ٿورو ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:
”هڪ ماڙهو کي بَه پُٽر ها، هُنن منجها نڍي پُٽر ابا کي چَيو، اي ابا، مال منجها ڀانگو هو، سو مون کي ڏي“(گريئرسن، ص 232)
هي نمونو سنڌي ٻوليءَ جو آهي، جنهن تي پاڙيسري ٻولين جو اثر ٿيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهيءَ کي ڍاٽڪيءَ ۾ چئبو ته :
”هيڪئه ماڙهُو را ٻُه ڏِڪرا هَتا، اونئان مين موڙاگ ٻاپ نان ڪَهينتَئَه ٻا ڌن مين مانجهانجي پنَتي اَهئَه او مِنان ڏي“.
(ٽيون نمونو)
”مُومل مجمانن- جا، هنيَه نه ڀَجنَ هڪ(حق)
هِڪ اوجاڪا انکن کي، بيا لتاڙ يا لَڪ،
چاڙي چادر کٽ، ونجي سُتي سيتل راءِ سان“
(گريئرسن، ص 234)
شعر سنڌيءَ جو آهي، جنهن تي ٿري لهجي جو اثر آهي، ڍاٽڪيءَ ۾ انهيءَ شعر کي هيئن لکبو ته“
مومل مِينهِينمڻان را، اِيئن نين ڀنَججين هَڪ،
هيڪ اوجا ڪا انکيان نان، ٻيجا لتَاڙيا لڪ،
چاڙي چادر منجي کٽ، جائي سُتي سيتل راءِ سين.
گريئرسن مٿي پيش ڪيل مثالن مان جيڪي نتيجا ڪڍيا آهن. (وضاحت لاءِ ڏسو، گريئرسن، ص 230 کان 232) تن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا: جيڪي منهنجي سمجهه مطابق ائين مناسب ناهن.
- ’ڏ‘ کي ’ڊ‘ اچاريو ويندو آهي.
- ’ٽ‘ جي اچار سان گڏ ’ر‘ پڻ اچارين.
- شرطيه ماضي لاءِ ’هوندَ‘ ۽ ’هوندا‘ ۾ ’اَ‘ ۽ ’آ‘هڪ ٻئي جي بدران ڪم ايندا آهن.
- ’پهه- جو‘ ۽ ’پاڻ- جو‘ ٻئي مستعمل آهن.
- ’هن‘ به عام آهي، پر مفعولي جمع آهي’هنن‘.
- متعدي مجهول جي فاعلي حالت ۾ ضمير موصول آهي، ’جيهين‘.
مٿي ڏنل نتيجن جو جائزو ترتيبوار ڏجي ٿو:
- ڍاٽڪيءَ ۾ ’ڏ‘ اچار آهي ۽ انهيءَ کي ڪيترن ئي لفظن ۾ اچاريو ويندو آهي ۽ ڪٿي به ’ڊ‘ ۾ تبديل ٿيندي نظر نٿو اچي- جيئن:
ڏِڪرو(پٽ)، ڏوسِي (زال)، ڏَس (ڏهه)، ڏَهي (ڌؤنئرو) ڏاگو (اُٺ)، ڏُئارڪو (مرد جو نالو)، ڏوڪِرو (ڪُراڙو) ڏاتِرو (ڏاٽو)، ڏُڪاڙ (ڏُڪار)، ڏانجهڙيوڙو شرارتي) وغيره.
- ’ٽ‘ سان گڏ ’ر‘ نٿو اچاريو وڃي، بلڪ ’ٽ‘، ’ت‘ ۾ ڦري ٿو ۽ ’ت‘ سان گڏ ’ر‘ اچاريو وڃي ٿو. ’تر‘ جي صورت ۾:
جيئن: سُتَر (سٽ)، مُتو (مُٽ)، تَرن (ٽي)، تريس (ٽيهه)، تُرُوس (ٽوهه) وغيره
- ڍاٽڪيءَ ۾ شرطيه ماضي لاءِ ’هنڌ‘ ۽ ’هوندا‘ بجاءِ ’هُئنت‘ استعمال ٿيندو آهي.
مثال: جي تون اُٿ گيو هُئنت تو تِنان اوماڙهو، مِلنت.
(جيڪڏهن تون هُتي ويو هجين ها ته هُو تو سان ملي ها).
مطلب ته فعل جي پڇاڙي ’نت‘ جو اضافو ٿيندو آهي.
مثلاً: ڏيکَنت= ڏيک+نت(ڏسي ها)
ٽوڙنت=ٽوڙ+نت
کائوُنت=کاءُ+نت
- ’پَنھجو يا پُاڻ-جو‘ (ضمير مشترڪ) استعمال ۾ ناهن، جڏهن ته ’آپڻو‘ ۽ اپرو/آپرو‘ استعمال ۾ آهن:
مثال طور: ”اَئَه اينئان رو اَپرو گهر اَهَئَه“.
(هي انهن جو پنهنجو گهر آهي)
(2)”ڦٽا ڪرو آڦي ڪِرسين، آپڻو ڪي جائَه.“
(ڇڏي ڏيو پاڻهي ڪندا، پنهنجو ڇا وڃي!)
- ڍاٽڪيءَ ۾ ’هن‘ (واحد) ۽ هِنِن(جمع) بجاءِ، ’ِايئَئَه‘ ۽ ’اينئان‘ استعمال ٿئي:
اِيئَئَه نان ڏي، (هن کي ڏي)
اَينئان نان ڏي (هنن کي ڏي)
- ’جيهين’ نه بلڪه ’جِڪَئه‘ استعمال ٿئي.
اُنهي کان سوا گريئرسن صاحب، جن لفظن کي ’ٿريلي‘ ’ٿريچي‘ يا ڍاٽڪيءَ جا ڄاڻائي لکيو آهي، تن جي صحيح صورت (ڍاٽڪيءَ ۾) ڏجي ٿي:
|
گريئرسن |
|
ڍاٽڪيءَ ۾(صحيح) |
|
ويندس |
(ويندُس) |
جائيس |
|
چنودس |
(چوندس) |
ڪَهَيِس |
|
بَه |
(ٻَه) |
ٻُه |
|
اٻا |
(ابا) |
ٻا |
|
مهي، مي، مُو |
(آءٌ) |
هُون |
|
مهي |
(مون کان) |
مين سين |
|
آپان |
(اسين) |
آپين |
|
تهه، تو، تا |
(تون) |
”تون“ (تين=تو) |
|
ڪنداسي |
(ڪنداسين) |
ڪُرسان |
|
ڪرين- هوند |
(آءٌ جيڪر ڪريان) |
ڪَريو هُئنت وغيره |
ڪاڪي ڀيرومل جي راءِ:
ڪاڪو ڀيرو مل ڍاٽڪيءَ کي الڳ ٻولي تسليم ڪندي لکي ٿو ته ”ٿر ۾ ڍاٽڪي ٻولي به چالو آهي، هن وقت اتي جيڪي ٺڪر (راجپوت) ڪراڙ (واڻيا)، ميگهواڙ، ڀيل وغيره آهن، سي اصل ۾ راجپوتانا ۽ گجرات طرف کان آيا آهن. ٿرکي ڪڇ، راجپوتانا جو حصو (مارواڙ ۽ جيسلمير) ۽ ننگرپارڪر کي پالڻپور رياست (گجرات) ويجها آهن. ٿر جي ڪيترن ئي ماڻهن جي انهن سڀني هنڌن جي رهاڪن سان لهه وچڙ گهڻي آهي، انهن سببن ڪري سنڌي، راجسٿاني ۽ گجراتي ٻولين جي ميلاپ منجهان ٿر منجهه هڪ بنهه نئين قسم جي ٻولي ٺهي پئي آهي، جا ’ڍاٽڪي‘ يعني ڍٽ يا ٿر جي ٻولي سڏجي ٿي. اها گاڏڙ ٻولي راجسٿاني ٻولين جي دفعي ۾ ليکجي ٿي ۽ خود ’ڍٽ‘ لفظ راجسٿاني ٻولين جو آهي. ڍاٽڪي ٻولي، گجراتيءَ کي گهڻو ويجهي آهي. مثلاً: گجراتي ۾ ’چون، ’هون جائون ڇوُن‘ يعني ’آءٌ وڃان ٿو‘ ته ڍاٽڪيءَ ۾ چون ’هون جاؤن تو‘. اهو ’تو‘ نج سنڌي لفظ ’ٿو‘ آهي. جنهن مان ’هه‘ اچار ڪڍي ڇڏيو اٿن، جنهنڪري ’ٿو‘ بدران ’تو‘ چون ٿا“. (ڪاڪو ڀيرو مل، ص 148 ۽ 149).
ڪاڪو ڀيرو مل ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ ۾ ٿري محاوري جي الڳ ص 141 کان 148 تائين وضاحت ڪري ٿو، جيڪا ڍاٽڪيءَ کي ٿري (سنڌيءَ جي لهجي) کان الڳ سمجهڻ ۾ پڻ مدد ڏئي ٿي.
رائچند هريجن صاحب پڻ ٿري/ڍاٽڪي الڳ ٻولي تسليم ڪئي آهي، جنهن جو حوالو اڳي ڏيئي چڪا آهيون.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ:
ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکيو آهي ته”سوڍن ٺڪرن جي ٻولي ڍاٽڪي آهي، جنهن تي ننگرپار واري پاسي گجراتيءَ جو اثر، ’وٽ‘ واري پاسي (مٺي ۽ ڏيپلي تعلقي جو ڏاکڻيون حصو) ڪڇ جي ٻوليءَ جو اثر ۽ ڇاڇري تعلقي جي اڀرندي ڪنٺي واري پاسي ’راجسٿاني- مارواڙيءَ) جو اثر پيل آهي. مگر وچئين ’آونَهر‘ واري ڀاڱي جي ڍاٽڪي وڌيڪ صاف ۽ معياري آهي، جنهن جي مطالعي مان معلوم ٿي ٿو ته ان جي بنيادي مرڪزيت ساڳي سنڌيءَ واري آهي، مثلاً ’ڪي تو ڪرين‘ (ڇا ٿو ڪرين)، ’ڪيڻ تو جائين‘ (ڪيڏانهن ٿو وڃين)، حرف اضافت لاءِ جيتوڻيڪ ’ري‘ ۽ ’رو‘ (جي، جو) هن وقت گهڻو استعمال ٿئي ٿو، تنهن هوندي به ڪن فقرن ۾ سنڌيءَ جا ’جي‘ ۽ ’جو‘ به استعمال ٿين ٿا. مثلاً: ’تاههَ- جي‘ ’تنهنجي‘ ’اي کيتر تاههَ جو آهي‘ (هي کيت توهان جو آهي). ماضي ۾ ’ت‘، جيڪا سنڌيءَ ۾ دادري ٻولين جي اثر جو اڄاتو يادگار آهي (رتو= ڳاڙهو ٿيو، التو، سلٿو= چيو، وتو= ورتو، ڀانٿو= ڀانيو وغيره) سان ڍاٽڪيءَ ۾ ’هئڻ‘ جي صيغن ۾ موجود آهي.
مثلاً
هون آيو هتو= آءٌ آيو هوس.
اسين آيا هتا= اسين آيا هئاسون.
تون آيو هتو= تون آيو هُين.
اَڀي آيا تان= اوهين آيا هُئا.
او آيو هتو= هو آيو هو.
او آيا هتا= هو آيا هئا.
ڍاٽڪيءَ ۾ جمع متڪلم ۽ مستقبل صيفو ’آن‘ جي اضافي سان آهي، جيئن ته اسين جاسان (اسين وينداسين)، ساڳيءَ طرح ’جتڪيءَ‘ ۾ ’اَسِي اڃان تا‘ (اسين اينداسون) آهي، شايد اها سٽاءَ آڳاٽي آهي، جيڪا هن وقت سنڌيءَ ۾ بدلجي چڪي آهي“. (ڊاڪٽر بلوچ، ص 38 ۽ 39) سڀ کان پهرين ڳالهه ته ڊاڪٽر صاحب ’ڍاٽڪي ٻولي‘ لکي، ڍاٽڪيءَ کي ٻولي تسليم ڪندي نظر اچي ٿو.
انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڊاڪٽر بلوچ صاحب 21 هين جون 2008ع تي ’سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ ’سنڌي ٻوليءَ جا لهجا ۽ محاورا‘ موضوع هيٺ منعقد ٿيل سيمينار، جي صدارتي تقرير ۾ پڻ ڪئي ته، ’ڍاٽڪي ۽ جتڪي سنڌ جون شاهوڪار ۽ قديم ٻوليون آهن، ڍاٽڪيءَ کي مارواڙي يا ٻي ڪنهن ٻوليءَ سان ملائي منجهائڻ نه گهرجي“.
پر ڊاڪٽر صاحب جي اها ڳالهه مستند نه آهي ته ڍاٽڪي صرف سوڍن ٺڪرن جي ٻولي آهي. ها اها ٻي ڳالهه آهي ته هڪ ذات کان ٻيءَ ذات تائين يا هندوءَ کان مسلمان تائين ٻولي ٿوري گهڻي ( نه هئڻ برابر) تبديل ضرور رکي ٿي. انهيءَ جا سبب، انهن ذاتين جو تاريخي پس منظر، ريتون رسمون، مذهبي اثر ۽ ثقافت ٿي سگهن ٿا. انهيءَ لاءِ اهو ڏسڻ جي ضرورت آهي ته ڪهڙيون ذاتيون ڪهڙيءَ لَڙِهيءَ ۾ پويَل آهن ۽ اهڙي طرح فرق جا سبب به سمجهي سگهن ٿا. هي به هڪ الڳ ۽ وسيع موضوع آهي. ٻيءَ ڳالهه ته ڊاڪٽر صاحب ڍاٽڪيءَ جي مرڪزيت سنڌي زبان سان ٿو ملائي (هڪ ٻن جملن جي مثالن جي مدد سان). مثال پنهنجي جڳهه تي درست آهن، پر منهنجي خيال ۾ اهو سنڌي ٻوليءَ جو اثر ٿي سگهي ٿو.
ڊاڪٽر صاحب ڍاٽڪيءَ جي حرف اضافت لاءِ چوي ٿو ته ڍاٽڪيءَ ۾ ’رو‘ ۽ ’ري‘ آهن ۽ ڪٿي ڪٿي ’جو‘، ’جا‘ به نظر اچن ٿا، ’تاهه‘ معنيٰ ’تنهنجو‘ جو مثال وغيره. منهنجي خيال موجب اِهو پڻ سنڌيءَ جو اثر آهي. بنيادي طرح ’مانرو‘ (منهنجو) ۽ ’ٿانرو‘ (تنهنجو) وغيره آهن، جي مارواڙي کان آيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهيءَ کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي لفظن سان ’رو‘ ’ري‘ ۽ ’را‘ جو استعمال ’جو‘، ’جي‘ ۽ ’جا‘ جي معنيٰ ۾ ٿئي ٿو. مثلاً: ڪيري (ڪنهن جي)، ڪيرو (ڪنهن جو) اِيئَئَه رو(انهيءَ جو) وغيره.
ڍاٽڪيءَ ۾ موجود ’ت‘ کي ڊاڪٽر صاحب ’هئڻ‘ جي صيغي ۾ رکي ٿو، جڏهن ته ڪاڪي ڀيرو مل جو خيال آهي ته اِهو ’ٿو‘ ’ٿي‘ يا ’ٿا‘ جي بدلي ڪم اچي ٿو، جنهن جي ’هه‘ اُچاري نه ٿي وڃي. ڍاٽڪي ۾ ’تو‘ اچاريو وڃي ٿو، ڊاڪٽر صاحب اُنهي جي جاءِ تي ’هتو‘ لفظ ڪتب آندو آهي. مثال طور: ’هون آيو هتو‘ (آءٌ آيو هئس)، صحيحح ٿيندو ’هون آيو تو‘. جڏهن ته ڍاٽڪيءَ ۾ ’هتو‘، ’هتا‘ يا ’هتي‘ لفظ استعمال ٿيندا آهن، پر اهي معاون فعل طور نه، پر ڪنهن به شيءِ جي موجود هجڻ بابت هوندا آهن: اُٿِ گلاس هتو؟ (هُتي گِلاس هو؟)
ڊاڪٽر صاحب جيڪا آخري ڳالهه ڪئي آهي، اُها ان ڪري درست نه آهي جو اهو صرف ’آن‘ تائين محدود ناهي، ڇاڪاڻ ته زمان مستقبل جي حالتن ۾ فاعلي تبديلين سان اِهو صيغو بدلبو رهي ٿو.
مثال طور:
هون جائيس (آءٌ ويندس)
اڀين جائتو(اوهين ويندؤ)
ائَئَه جاسين (اِهي ويندا)
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽ هدايت پريم جي راءِ:
هدايت پريم لکي ٿو ته ’ٿر ٻولين جي لحاظ کان بيحد گهڻو خوش نصيب علائقو آهي، ٿر جي مختلف حصن ۾ مختلف ٻوليون يا لهجا رائج آهن، ته وري مختلف نسلي گروهه پنهنجون پنهنجون ٻوليون ڪم آڻيندا آهن. ٿر ۾ هيٺيون اهم ٻوليون ۽ لهجا ڳالهايا ويندا آهن:
- سنڌي ٻولي يعني ان جو ٿري لهجو
- ڍاٽڪي يعني ٿر جي ڍٽ واري حصي جي ٻولي
- پارڪري، ٿر جي پارڪر واري حصي جي ٻولي.
- مارواڙي، راجسٿاني ٻولين جي هڪ اهم ٻولي، جيڪا مارواڙ مان آيل ميگهواڙ، مالهي، چارڻ، ڀيل ۽ ٻيا ڳالهائين ٿا.
- گجراتي يا ڳن راتي، گجرات مان لڏي آيل، ڀيل، ڪولهي، مگهواڙ، وغيره ڳالهائن ٿا. (هدايت پريم، ’ٿر‘ ص 273 ۽ 274)
”سموري ٿر ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ٿري محاورو ۽ ڍاٽڪي محاورو عام رواج ۾ آهن. سنڌ واري علائقي ۾ سنڌي ٻولي وڌيڪ اثرائتي نموني موجود آهي، جڏهن ته راجسٿان واري حصي ۾ مارواڙي ٻولي وڌيڪ اثرائتي آهي. ٿر جي سنڌ واري حصي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ٿري محاورو رابطي واري ٻولي جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ٿري محاوري جي اهميت جي پيش نظر لساني جاگرافيءَ جي جديد اصولن تحت وڌيڪ کوجنا ڪرڻ جي بيحد ضرورت آهي، ڪيترن عالمن هن محاوري کي الڳ طور هڪ محاورو نه ڄاتو آهي، ڀيرو مل ۽ رائچند درست بيان ڪيو آهي، پر گريئرسن ۽ داد محمد بروهي ’ٿري‘ نالي سان جيڪو محاورو پيش ڪيو آهي، سو ڍاٽڪيءَ محاورو الڳ حيثيت رکي ٿو.
گريئرسن ٿاريلي محاوري نالي سان ٻه نمونا ڏنا آهن. هڪ ضلعي ٿرپارڪر مان ٻيو جيسلمير مان، ٻئي ڍاٽڪي محاورا آهن، جڏهن ته ٿر جي سنڌي ٻوليءَ جو ڪو به نمونو ڪو نه ڏنو اٿس. محاوري جي سري هيٺ گهڻو تڻو ڍاٽڪيءَ جو احوال ڏنو اٿس. حالانڪه ڊاڪٽر داد محمد بروهي ”سبي خطي جي سنڌي محاورن جو لساني جائزو“ جي عنوان هيٺ پي.ايڇ.ڊي جي صفحي نمبر 24 تي ڏنل مثالن ۾ هيٺينءَ ريت ٻه ٻه اکر استعمال ڪيا آهن:
موجو/ مانرو، تونجو/ تانرو، ڪئينجو/ ڪيئنرو.
ان مان صاف سمجهڻ گهرجي ها ته، موجو، تونجو، ڪئنجو لفظ سنڌي محاوري جا آهن. جڏهن ته مانرو، تانرو، ڪيئنرو لفظ ڍاٽڪي محاوري جا آهن، ٿر ۾ سنڌي ٻوليءَ جو محاورو ۽ ڍاٽڪي محاورو ٻه الڳ الڳ محاورا موجود آهن. اهڙو احساس اغالباً ڊاڪٽر داد محمد کي ڪو نه ٿيو“ (ٿر جي ٻولي، ص 63 ۽ 64).
ڪتاب ’ٿر جي ٻوليءَ‘ مان ورتل مٿئين حوالي مان هڪ ٻه اهڙا نڪتا آهن، جن جي ڇنڊڇاڻ ڪجي ٿي:
(i) گريئرسن جي ڏنل نمونن کي ڍاٽڪيءَ جا محاورا چيو ويو آهي، جڏهن ته گريئرسن ٽي نمونا ڏنا آهن، جن مان پهريون نمونو هندي، گجراتي، مارواڙي ۽ ڪڇيءَ جو ميلاپ وڌيڪ ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ ڍاٽڪيءَ لفظن تي مشتمل نمونو آهي، ٻيو نمونو آهي، سنڌيءَ جي ٿريءَ لهجي جو، جنهن تي ڍاٽڪيءَ جو ڪجهه سنوالو اثر آهي. ٽيون نمونو ته لاڙي سنڌيءَ جو آهي، جنهن تي ٿريءَ جو وڌيڪ ۽ ڪجهه قدر ڍاٽڪيءَ جو اثر آهي(انهيءَ جي وضاحت اڳ به ڪري آيا آهيون).
(ii) مانرو، تانرو ۽ ڪيئنرو ڍاٽڪيءَ جا لفظ ناهن، بلڪ اهي مارواڙيءَ جا لفظ آهن، جيڪي ڍاٽڪيءَ ۾’مانهانجو‘ ’تانهانجو‘ ۽ ’ڪيرو‘ آهن.
(iii) مصنفن ڍاٽڪيءَ کي سنڌي ۽ سنڌيءَ جي ٿري لهجي کان الڳ تسليم ڪيو آهي، پر ڳالهه کي ڪجهه قدر منجهائي به ڇڏيو آهي. هڪ طرف ڪتاب جو نالو آهي ’ٿر جي ٻولي‘ ته ڪتاب اندر ’ٿري محاورو‘ ٽئين پاسي ڍاٽڪيءَ کي الڳ محاورو ٿا ڳڻين، پر واضح نٿا ڪن ته جيڪڏهن محاورو ته ڪهڙي ٻوليءَ جو؟، ٻئي پاسي وري ڍاٽڪيءَ کي الڳ ٻولي تسليم ڪندي نظر اچن ٿا.
”ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي ۽ رائچند صاحب به ڍاٽڪيءَ جي باري ۾ ڪافي ڪجهه معلومات گڏ ڪري پنهنجي ڪتابن ۾ ڏني آهي، پر هنن ڪٿي به اهو نه ڄاڻايو آهي ته ڍاٽڪي هڪ ٻولي آهي، دراصل اسان جي اڳيان هي سوال آهي ته ڍاٽڪي محاورو آهي يا هڪ مڪمل ٻولي؟ جيڪڏهن محاورو آهي يا مارواڙي يا گجراتي جو؟ اهو چوڻ ڪافي نه آهي ته ڍاٽڪي، سنڌي، مارواڙي، گجراتي ۽ ڪڇيءَ جو گاڏر (Mixture) آهي، جيڪڏهن ڪنهن به مخصوص ٻوليءَ جو محاورو ثابت نه ٿو ڪري سگهجي ته پوءِ ڍاٽڪيءَ کي ڇو نه هڪ مڪمل جداگانه ۽ خودمختيار ٻولي قرار ڏنو وڃي.“ (ٿر جي ٻولي، ص 77).
ڍاٽڪيءَ کي هڪ الڳ ٻولي ثابت ڪرڻ لاءِ انهيءَ ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جي تاريخي پس منظر، ٻوليءَ جي تاريخي پس منظر، علائقي جي سياسي تاريخ، ثقافتي اڀياس، پاڙيسري ٻولين سان تقابلي اڀياس ۽ صوتياتي، صوفياتي ۽ نحوياتي اڀياس جي ضرورت آهي، جن مان ڪجهه موضوعن تي آئون پنهنجي وس آهر ڪم ڪري چڪو آهيان ۽ ٻين تي ڪم ڪرڻ جو ارادو رکان ٿو.
مٿئين سڄي بحث ۽ مطالعي کان وڌيڪ آءٌ خود ڍاٽڪي ڳالهائيندڙ هئڻ ڪري اهو خيال رکان ٿو ته ڍاٽڪي هڪ الڳ ٻولي آهي، نه ڪي سنڌيءَ جو لهجو آهي، ان کان سواءِ منهنجي نظر ۾ اهو به درست ناهي ته ٿري يا ڍاٽڪي ڪو هڪ ئي لهجو/محاورو آهي ۽ نه ئي ڪو سنڌي جي ڀيڻ آهي، بلڪه ڍاٽڪي، مارواڙيءَ ۽ گجراتي جي سڳي ڀيڻ آهي ۽ ان جو ڪڇيءَ، پارڪري ۽ هنديءَ سان پڻ ڀيڻن جهڙو گهرو سٻنڌ آهي.
حوالا ۽ مددي ڪتاب
- جي. اي گريئرسن، ترجمو ڊاڪٽر فهميده حسين ”برصغير جي ٻولين جو لساني جائزو“ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ، 2000ع.
- باغ علي شوق، ”راجسٿاني زبان و ادب“ (اردو) راجسٿاني سڀا گزدر آباد، ڪراچي، 1992ع.
- ڪاڪو ڀيرو مل ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو/ حيدرآباد، سنڌ، 2004ع.
- رائچند هريجن، تاريخ ريگستان ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو/ حيدرآباد، سنڌ، 1988ع.
- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”سنڌي ٻولي ۽ ادبي جي تاريخ“، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو، 1999ع.
- هدايت پريم، ’ٿر‘ (مرتب: عبدالقادر منگي)، سنڌيڪا اڪيڊمي 1996ع.
- ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ هدايت پريم ”ٿري ٻولي“، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد 1994ع.
- ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ”سنڌي زبان جي ماهيت“، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، 2007ع.
- پروفيسر علي نواز حاجن خان جتوئي، ”علم لسان ۽ سنڌي زبان“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1996ع.
- ٻانهون خان شيخ، شاهه جو رسالو، II، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي.
* ’هڙ ۽ هَڙُوئو‘ ۾ استعمال ٿيندڙ ’ڙ‘ حرف ڍاٽڪيءَ ۾ ڪجهه ڦِريل آواز ۾ اچارجي ٿو، جنهن جو متبادل اکر سنڌي الفابيٽ ۾ ناهي، جنهن کي في الحال ’ڙ‘ جي صورت ۾ لکيو ويو آهي، جنهن جي وضاحت ايندڙ مقالي ۾ ڪئي ويندي.
* راوي: (1)ڀڳت ارجن راهُواڻي ميگهواڙ، (2) ڀڳت چانپا رام راهواڻي ميگهواڙ (ڳوٺ کهاڻو، تعلقو ڇاڇرو) (3) خاڪو مل ڌر ماڻي گنڍير ميگهواڙ (4) پونو مل ڪلاڻي ميگهواڙ (5) ڀانڀڻو مل ڪلاڻي ميگهواڙ، (ڳوٺ غلام نبي شاهه تعلقو پٿورو)