Video

سنڌي ٻوليءَ جو هاڻوڪو مقام ۽ معيار

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي

سنڌي ٻولي دنيا جي هڪ نهايت جديد ٻولي:

هن وقت سنڌي ٻولي جديد تمدن ۽ سُجهاءُ- رس (Communication) جي هڪ نهايت اهم ٻولي بنجي چڪي آهي. جديد انساني تمدن ۾ اعليٰ ٻولين جي سڃاڻپ جا ڪي خاص اهڃاڻ مقرر ڪيا ويا آهن. جيڪي ٻوليون تعليم، صحافت، علم ۽ ادب کان سواءِ اليڪٽرانڪ ميڊيا يعني ٽي. وي چئنلن ۽ ڪمپيوٽر جا ڀرپور وسيلا رکن ٿيون، سي ئي ٻوليون جديد انساني تهذيب ۽ تمدن جون ترجمان ۽ عڪاس مڃيون ويون آهن. اهڙين ٻولين کي عالمي قدر رکندڙ ٻوليون شمار ڪيو ويو آهي. هاڻي جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ کي انهيءَ معيار تي پرکينداسون ته اسان جي ٻولي دنيا جي جديد کان جديد ترين ٻولين جي صف ۾ بيٺل نظر ايندي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن وقت 20 کن روزانيون اخبارون ۽ ڪيترائي ماهوار رسالا نڪرن ٿا، جيڪي مختلف شعبن جي نمائندگي ڪندڙ آهن. اعليٰ تعليم ۾ سنڌي ٻولي ذريعه تعليم طور ڪاميابيءَ سان استعمال ۾ اچي رهي آهي. علم  ۽ ادب جي هر شعبي اندر سنڌي ٻوليءَ ۾ نوان نوان ڪتاب شايع ٿيندا رهن ٿا. ڪمپيوٽر نيٽ ورڪ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مؤثر استعمال ٿي رهيو آهي، ايتري قدر جو هاڻي عملاَ اي. ميل به سنڌيءَ ۾ ٿئي ٿي. سنڌي زبان جا پنج ٽي وي چينل (ڪي ٽي اين، ڪشش، سنڌ، مهراڻ، ڌرتي) 24 ڪلاڪن تائين وندر، ثقافت، علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي ۽ ذهني سجاڳيءَ جو ڪم ڏئي رهيا آهن. ننڍي کنڊ ۾ اردو ۽ هندي ٻولين کي ته متعدد ٽي. وي چينل ميسر آهن، پر ٻين وڏين ٻولين کي اهڙي سهوليت حاصل ناهي. دنيا جي ڪيترين وڏين ٻولين کي به محدود چينل حاصل آهن. فرانس ۾ فرينچ ٻوليءَ جا فقط 6 چينل ڪم ڪن ٿا. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي وسعت جو اندازو لڳائي سگهو ٿا. ان ڳالهه مان ثابت ٿي ويو ته سنڌي ٻولي هڪ نهايت جديد تمدن ۽ سُجهاءُ رس (ڪميونڪيشن) جي ٻولي آهي. پر افسوس رڳو ان ڳالهه جو آهي ته باشعور فردن جي ذهنن ۾ اڃا سوڌو به سنڌي ٻوليءَ بابت ڪو واضح نقطه نظر (Concept) پيدا ٿي نه سگهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان جا تعليمي ماهر اهو فيصلو نه ڪري سگهيا آهن ته سنڌي ٻولي تعليمي ميدان ۾ ڪهڙي صحيح مقام جي حقدار آهي. اسان جا عالم ۽ ليکڪ به سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ۽ مقام بابت ذڪر ڪندي، ان کي فقط هڪ تهذيبي ۽ قديمي زبان سڏيندي فخر پيا محسوس ڪندا آهن، ڄڻ ته سنڌي ٻولي ڪا تهذيبي طور بچي ويل نشاني آهي، يا قديم ثقافت جي باقيات طور زنده رهندڙ (Indigenous) ٻولي آهي، جنهن جي حيثيت فقط ڳالهائڻ تائين محدود آهي. کين ان ڳالهه جو قطعي احساس ناهي ته سنڌي ٻولي فقط هڪ قديم ۽ تهذيبي زبان نه آهي، پر ان کان وڌيڪ ان جو قابل فخر امتيازي مقام هڪ جديد ٻولي هئڻ باعث آهي. اڄ جن ثقافتي وسيلن ۾ ان جو مؤثر استعمال ٿي رهيو آهي، سو موجوده دؤر جي فقط چند ٻولين کي حاصل آهي. ان ڪري سنڌي ٻوليءَ جي حقن ۽ مراعات بابت ان جي هاڻوڪي حيثيت، وسعت ۽ اثر کي نگاهه ۾ رکي لکيو وڃي. سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت کي نه سمجهڻ جو ئي نتيجو آهي، جو اڄ ڪيترن نام ڪٺين ماڻهن کي ائين چوڻ جي همت ٿي آهي ته ”21 صديءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ پاڙهڻ جي ڳالهه ڪرڻ سنڌي قوم سان دشمني ٿيندي“.

سنڌي ٻوليءَ جو اعليٰ تعليمي مقام:

                        سنڌي ٻولي گذريل سٺ سالن کان آرٽس جي شعبي ۾ اعليٰ تعليمي ذريعي طور رائج آهي. ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊيءَ تائين شاگرد سنڌيءَ ۾ ٿيسزون لکندا رهيا آهن. سائنس جي شعبي ۾ جيتوڻيڪ اعليٰ ثانوي درجي يعني ٻارهين جماعت تائين سنڌي امتحاني ٻولي تسليم ٿيل آهي، جڏهن ته سائنس سان وابسته هزارين شاگرد سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي امتحاني ذريعي طور استعال ڪندا رهيا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي هئي ته سائنس جي شعبي ۾ سنڌي ذريعه تعليم کي اڃا به مٿڀرو ڪري ان کي يونيورسٽي ليول تائين مڪمل طور رائج ڪيو وڃي ها، ليڪن اسان جا ڪيترا پنهنجا عملدار، استاد ۽ تعليمي ماهر هميشه سنڌي ٻوليءَ جو سائنس ۾ درجو وڌائڻ جي آڏو ايندا رهيا آهن. ٽيڪسٽ بڪ بورڊ اردو زبان ۾ ته يارهين ۽ ٻارهين جماعت جا ڪتاب ڇپائيندڙ رهيا آهن، ليڪن سنڌي زبان ۾ سائنسي ڪتاب ڇپائڻ جو مطالبو هئڻ جي باوجود به آنا ڪاني ڪندا رهيا آهن. اهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ ۾ اسان جي اڪثريت مجرمانه غفلت جو شڪار رهي آهي. اهو سائنس جو هڪ عام اصول آهي ته جنهن حالت ۾ Status Quo رهندو يعني ته سماج جيئن جو تيئن بيٺل رهندو ته اڳتي وڌڻ بدران پوئتي موٽ کائيندو. ساڳي حالت سنڌي ٻوليءَ سان به ٿي آهي، جنهنڪري اُها اڄ درجو گهٽجڻ واري صورتحال سان دوچار ٿي آهي. افسوس آهي جو اسان جا ذميوار فرد هر نقصانڪار عمل ۾ فقط خاموش تماشائي بنجي ويهي رهن ٿا، تڏهن ته اڳوڻي وزير تعليم جي اها همت ٿي، جو هُن سنڌي ٻوليءَ جو سائنسي شعبي ۾ ٻارهين جماعت مان درجو گهٽائي، اٺين ڪلاس تائين آڻڻ جو حڪم صادر فرمايو. هن کان اڳ ڪنهن به ملڪ ۾ اهڙو مثال نه ٿو ملي ته انهن پنهنجي ٻوليءَ جو تعليمي درجو گهٽايو هجي.

                        اگر سنڌ ۾ سائنسي انقلاب آڻڻ ۽ هڪ سائنسي معاشرو پيدا ڪرڻ گهرون ٿا ته ان لاءِ تمام ضروري آهي ته سائنسي تعليم اعليٰ کان اعليٰ درجي تائين پنهنجي ديس جي ٻولي يعني ته سنڌي زبان ۾ عام ڪئي وڃي. خبر نه ٿي پوي ته جيڪڏهن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ هر سائنسي مضمون جي ٿيسز اردو ٻوليءَ ۾ لکڻ جي اجازت آهي ته پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي به سنڌيءَ ۾ سائنس جي ٿيسز لکڻ جي اجازت جو حق هئڻ گهرجي، ۽ اها امتيازي صورتحال بنا دير ختم ٿيڻ گهرجي. علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد سڀني ٽيڪنالاجين ۽ سائنسي ڪورسن کي اردو زبان وسيلي پاڙهي رهي آهي، جنهن جا معاشري ۾ حوصلي افزا ۽ مثبت نتيجا نڪري رهيا آهن. سنڌيءَ ۾ به ساڳي يونيورسٽيءَ بي.ايڊ جي امتحانن لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي تعليمي زبان تسليم ڪيو آهي ۽ ان نصاب جا ڪتاب پڻ سنڌيءَ ۾ ڇپايا آهن. سنڌ حڪومت جي اراڪين کي کپي ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جي اختيارين سان لکپڙهه ڪري سنڌ ۾ سڀئي ڪورس سنڌيءَ ۾ رائج ڪرڻ جي کانئن تقاضا ڪن.

                        سنڌي عوام جي ديرينه خواهش آهي ته سنڌ ۾ بنا دير هڪ ترقي پسندانه معاشرو قائم ٿيڻ کپي، جنهن لاءِ علمي ۽ سائنسي ماحول پيدا ڪرڻ ضروري آهي. جيئن ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ ”اردو يونيورسٽي“ قائم آهي، تيئن سنڌ ۾ به ”سنڌي يونيورسٽي“ قائم ڪئي وڃي؛ جنهن ۾ اعليٰ تعليم تائين سمورا مضمون سنڌي ٻوليءَ  وسيلي پاڙهيا وڃن. دراصل قوم جي حقيقي ذهني ترقي فقط سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي واڌاري سان ئي وابسته آهي. ان ڪري آءٌ ته اهو به چوندس ته سنڌ جي هر ضلعي اندر ”سنڌي سائنس ڪاليج“ به کولڻ کپن. سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي ايامڪاريءَ ۾ ”سنڌي سائنس سوسائٽي“ جو ادارو قائم ڪيو ويو هو. جنهن سائنسي فهم پيدا ڪرڻ ۾ چڱو ڪردار ادا ڪيو هو، پر اهو ادارو هن وقت بند آهي، ان کي نئين سر فعال اداري جي صورت ۾ کولڻ جي اشد ضرورت آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر صاحب ۽ سينڊيڪيٽ جي ميمبرن کي هڪدم ان لاءِ تحرڪ وٺڻ گهرجي.

سنڌي ٻوليءَ جي علمي صلاحيت:

سنڌي ٻوليءَ کي سائنسي تعليم جو اعليٰ ذريعو بنائڻ واري واٽ ۾ عام طرح ڪابه رنڊڪ نظر نه ٿي اچي. جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ آهي ته اها صرف ڪن مخصوص فردن جي اهل نه هئڻ جي آهي يا ته وري اقتدار دانن جي ارادي جي آهي. ڪن ماهرن کي اهو به وهم آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو دامن سائنسي مفهوم اظهارڻ لاءِ ناڪافي آهي؛ ليڪن اهي سڀ اجايا خدشا آهن. سنڌي ٻولي، انگريزي زبان وانگر هڪ مڪمل تجزياتي (Analytical) ٻولي آهي، جيڪا اصطلاح سازيءَ ۾ اردوءَ کان به وڏي وسعت رکي ٿي. هيءَ رڳو ٺلهي دعويٰ ناهي، بلڪه سنڌي ٻوليءَ جو مربوط ۽ ورڇيل لفظي نظام ان جو شاهد آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ لساني تبادلي يا سنڌيڪاريءَ جو لچڪيدار عنصر شامل آهي، جنهن ان کي اصطلاح سازيءَ جو مڪينزنم ميسر ڪري ڏنو آهي. سنڌي زبان مشرقي ۽ مغربي ٻولين جا لفظ ۽ نحوي جز نه رڳو آسانيءَ سان پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، بلڪ انهن کي سنڌي هاڻوڪي (Sindhianize) ڪري پنهنجي بناوت آهر انهن مان اسم، فعل ۽ صفتون ٺاهڻ جي صلاحيت پڻ رکي ٿي. مطلب ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ڌارين لفظن کي پنهنجائڻ جو هڪ خودڪار ڪارخانو جڙي چڪو آهي. انهيءَ مد ۾ هوءَ انگريزي ٻوليءَ وانگر ئي گُڻائتي آهي. شرط صرف سنڌي ٻوليءَ جي انهن گڻن کي مهارت سان آزمائڻ ۽ استعمال ڪرڻ جو آهي.

سنڌي ٻوليءَ جو قومي ۽ سرڪاري درجو:

جيتوڻيڪ ملڪي دستور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي درجو نه ڏنو ويو آهي، جو پنهنجي پَر ۾ ڪنهن به لحاظ کان حقيقت پسندانه ۽ انصاف تي ٻڌل عمل نه آهي. پر سنڌي ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ جي اهميت ۽ عظمت کان نه رڳو شناسا آهن، بلڪه ان جا پاسدار به رهيا آهن. هو هر دؤر ۾ سنڌي زبان کي ئي پنهنجي ”قومي ٻولي“ سمجهندا رهيا آهن. جنهن احساس جو بنياد به ڪن سچاين تي ٻڌل آهي. دراصل سنڌ تاريخي ۽ تهذيبي طور ماضيءَ ۾ هڪ خود مختيار ۽ آزاد قومي رياست رهي آهي. ان جو ذڪر سياحن جي ڪتاب ۾ به ملي ٿو ته ادبي استعاري طور به مشرقي زبانن جي ڪتابن ۾ ان جو ذڪر ڪيل آهي. تاريخي زماني ۾ بابر جي آتم ڪهاڻيءَ ۾ سنڌ جي ملڪي حيثيت جو بيان موجود آهي. فارسيءَ جي ادبي ڪتابن ۾ پڻ هند ۽ سنڌ جو الڳ حيثيت ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي.

انگريزن 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن اها آزاد رياست هئي ۽ هندستان جو حصو نه هئي. سر چارلس نيپيئر کي به ان ڳالهه جو احساس هو، جنهنڪري هن سنڌ جي تعمير ۽ ترقيءَ جو نقشو هڪ الڳ حيثيت ۾ جوڙيو. سڄي هندستان مان اول سنڌ ۾ پوسٽ آفيس به الڳ طور قائم ٿي ۽ ”پوسٽ ٽڪلي“ جو اجراءُ به ٿيو. برٽش حڪومت سرچارلس نيپيئر سان اختلافن بعد کيس عهدي تان هٽايو. جيتوڻيڪ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ سان شامل ڪيو ويو، تنهن هوندي به سنڌ جي الڳ شناخت قائم رکي وئي. اهوئي سبب آهي، جو سنڌي ٻوليءَ کي عملي طور سنڌ ۾ قومي ۽ دفتري ٻولي بنايو ويو، ايتريءَ حد تائين جو مرڪزي حڪومت طرفان سنڌ ۾ ڌارين عملدارن جي مقرريءَ بعد کين هڪ مقرر معياد اندر سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پاس ڪرڻ لازم ٿيل هو. برٽش حڪومت هندستان جي ڪنهن به پرڳڻي ۾ اتي جي زبان لاءِ ٽائيپ رائيٽر نه جوڙايو، ليڪن سنڌ ۾ سرڪاري لکپڙهه سنڌيءَ ۾ ٿيڻ باعث سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽائيپ رائيٽر ۽ شارٽ هينڊ جي اشد ضرورت محسوس ڪئي وئي، جنهن کي تڪميل تي پهچايو ويو. پاڪستان کان اڳ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻوليءَ جو اهم مقام مليل هو. سنڌي ٻولي سنڌ جي شهرن ۾ بلدياتي، لوڪل بورڊ کان علاوه تعلقيدار ۽ ضلعي دفترن ۾ لکپڙهه جو مقبول ذريعو هئي. اهڙو اعزاز هندستان جي ٻئي ڪنهن به پرڳڻي ۾ مادري ٻوليءَ کي حاصل نه هو. اردو ٻولي ڪن صوبن ۾ دفتري ٻوليءَ طور ضرور رائج هئي، پر اها متنازعه هئي. هندن ۽ مسلمانن ۾ ان تي تڪرار جاري هو. پر سنڌ ۾ سنڌي زبان هندو ۽ مسلمانن جي مشترڪه قومي ٻولي هئي ۽ هتي جا باشندا پنهنجي مادري ٻوليءَ کي آزاديءَ سان قومي ٻوليءَ طور استعمال ڪري رهيا هئا ۽ ماڻهن کي اهڙي سهولت حاصل هئڻ ڪري عوام ۾ هڪ قسم جي هم آهنگي پيدا ٿي چڪي هئي. ليڪن پاڪستان قائم ٿيڻ بعد صورتحال يڪايڪ بدلجي وئي. سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري دائري مان ڪڍڻ لاءِ ڪنهن مخصوص ٽولي پاران لڳاتار سازشون ٿينديون رهيون، جنهنڪري اڄ سنڌي ٻولي، جنهن مقام تي بيٺل نظر اچي ٿي، سو سڀني جي سامهون آهي. اها اسان جي خوشقسمتي چئجي، جو هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ سازگار ماحول پيدا ٿي رهيو آهي، جنهن جو اهو ثبوت آهي ته ڪجهه سال اڳ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ وارو بل به پيش ٿيو. سنڌي ٻوليءَ جو قومي ٻوليءَ وارو حق بحال ٿيڻ سان ان کي وڏي سگهه ملندي، جنهن جي اها هرلحاظ کان حقدار آهي. تاهم سنڌي ٻوليءَ جو عملي ۽ افادي (Functional) بنجڻ جو دارومدر وري به ان ڳالهه تي منحصر آهي ته ان کي مڪمل طور تي سنڌ ۾ سرڪاري زبان طور استعمال ۾ آندو وڃي.

سنڌ جي صوبائي سرڪار 1972ع ۾ ’سنڌي ٻولي ائڪٽ‘ پاس ڪري، سنڌي ٻوليءَ کي نزاع واري حالت مان ڪڍڻ جي هڪ ڪوشش ضرور ڪئي، جنهن تي مخصوص حلقن پاران فساد مچايا ويا. ان ڪري متصادم ڌر جي رضامنديءَ سان ٻيهر ترميمي بل پاس ڪيو ويو. ان ۾ صاف صاف اهو نُڪتو درج ٿيل آهي ته ”رفته رفته سرڪاري دفترن ۾ لکپڙهه لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي استعمال کي رواج ڏنو ويندو“- جنهن لاءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو قيام به عمل ۾ آندو ويو، پر صوبائي سرڪار سنڌي ٻوليءَ جي سرڪاري استعمال لاءِ اڃا موثر مثبت يا عملي قدم نه کڻي سگهي آهي. دفتري سهنج ۽ سهولت ۽ عوامم سان رابطو فقط پنهنجي ٻوليءَ ۾ ئي ممڪن بنجي سگهي ٿو.

هن وقت سرڪاري کاتن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال بنهه گهٽجي ويو آهي يا جن هنڌن تي اڃا رواج ۾ آهي، ته به پراڻي انداز ۾ هلايو وڃي ٿو. ڪمپيوٽر ته ڪم اچي ٿو، پر ٽائيپ رائٽر، سنڌي شارٽ هينڊ جو استعمال اڃا دفترن ۾ نظر نه ٿو اچي. واپڊا ۽ ايڇ. ڊي . اي جي شروعاتي دؤر ۾ انهن جون هدايتون ۽ بل وغيره سنڌي ۾ هوندا هئا، جيڪي ختم ڪيا ويا. شناختي ڪارڊ لاءِ به متعلقه الف ۽ ب فارم سنڌيءَ ۾ ميسر هوندا هئا. هن وقت به آهن، پر گهڻي ڀاڱي عمل نه ٿو ٿئي. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سيد غلام مصطفيٰ جي ايامڪاريءَ ۾، سنڌي ٻولي يونيورسٽيءَ جي دفتري ٻولي بنائي وئي هئي، ان تي پوري طور عمل به ڪرايو ويو، پر افسوس آهي، جو بعد ۾ ايندڙن ان روايت کي پختو بنجڻ کان اڳ ۾ ئي انگريزيءَ کي ٻيهر رائج ڪري ڇڏيو، جيتوڻيڪ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ اردو زبان اڃا سوڌو دفتري ٻولي آهي. ڪراچي يونيورستيءَ جي ڊگرين ۽ سرٽيفڪيٽن جا فارم ۽ ٻيا پروفارما سڀ اردوءَ ۾ ڀري سگهجن ٿا. اهڙيءَ طرح سان سنڌ اسيمبلي سنڌ جو قومي ايوان آهي، جنهن ۾ سنڌيءَ ۾ تقريري انداز اختيار ڪرڻ قومي شان سمجهڻ گهرجي. سنڌي ادبي جماعتن ۽ ادارن کي گذارش آهي ته اهي مختلف ضلعن جي ناظمن سان لَهه وچڙ ۾ اچن ۽ انهن کان ضلعي حڪومتن ۾ سنڌي زبان کي دفتري ٻوليءَ بنائڻ جو اعلان ڪرائين. هيٺينءَ سطح تائين عوامي ٻوليءَ ۾ رابطي جي سهوليت ڏيڻ عوام جو بنيادي ۽ پيدائشي حق آهي. سنڌي زبان جو تيستائين مستقبل محفوظ نه ٿيندو، جيستائين ان جو ڪارج ۽ افاديت صحيح رخ ۾ پيدا نه ٿيندي.