ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي
سنڌي ننڍي کنڊ جي جديد اُسريل ٻولين مان هڪ آهي. هن کي پنهنجو اعليٰ ادبي ۽ تهذيبي ورثو آهي. سنڌي شاهوڪار ۽ وسيع ٻولي آهي، جنهن جو تعليم، ادب، ميڊيا (ماڌيم) ۽ دستوري کيترن (Fields) ۾ استعمال ٿئي ٿو. سنڌي ٻولي، انيڪ نج ٻوليائي خوبين سان ڀرپور آهي، جيڪا انيڪ عالمي سطح جي اڀياس جو ذريعو بڻي آهي. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وسعت سنڌونديءَ جي ڪري آهي. سنڌو هميشھ پنهنجو وهڪرو مٽائيندي پئي رهي آهي، جنهن سبب سنڌي ٻوليءَ جي واهپي جو کيتر پڻ وشال آهي.
سنڌي، سنڌ صوبي جي تسليم شده ٻولي آهي. ڀارت وڌان (آئين) ۾ پڻ ٻين ڀارتي ٻولين جيان هن کي 10 اپريل 1967ع تي اٺين شيڊيول ۾ ڀارت جي (سنڌين جي) هڪ ٻوليءَ جي روپ ۾ قبول ڪيو ويو آهي. اِن سبب هن کي اِهي سڀ سهوليتون خود به خود ملي وڃن ٿيون، جيڪي ٻين مکيه ٻولين کي حاصل آهن.
تاريخي حقيقت آهي ته 1947ع ۾ ورهاڱي جي واقعي سنڌي قوم جي سموري تمدني سرشتي کي ئي ٽوڙي ڇڏيو. اندازي موجب 10 لک سنڌي پنهنجي ڀوميءَ سنڌ جي يڪ ڀاشي (هڪ ٻوليائي) ماحول کان اُکڙجي، هندستان جي ٻهو ڀاشي (گهڻ ٻوليائي) ماحول ۾ ٽڙي پکڙجي ويا.
چوڻي آهي ته ’ٻارهين ڪوهين ٻولي بدلجي‘، پر ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جو واسطو، ڪوهن، ميلن ۽ ڪلو ميٽرن سان نه آهي ۽ سنڌي ڪنهن خاص علائقي يا صوبي جي ٻولي به نه آهي. ڀارت ۾ سنڌي ٻولي 26 صوبن ۽ مرڪزي سرڪار جي حڪومت هيٺ علائقن ۾ رهندڙ سنڌين جي ٻولي آهي. ڀارت ۾ سنڌي ٻولي غير صوبائي ۽ ٻوليوار ٿورائيءَ واري ٻولي آهي، جنهن جي وڪاس (ترقيءَ) جي مڪمل جوابداري مرڪزي سرڪار جي آهي.
آدمشماريءَ جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته سنڌ ۾ سنه 1933ع ۾ 99 سيڪڙو ۽ سنه 1947ع ۾ نوي سيڪڙو سنڌي يڪ ڀاشي (هڪ ٻوليءَ وارا) هئا. اڄ ڀارت ۾ سڀ سنڌي ٻه ڀاشي (ٻه ٻوليائي) يا ٻهوڀاشي (گهڻ ٻوليائي) بڻجي چڪا آهن. ڀارت ۾ سنڌين جي آدم شماريءَ جا انگ اکر سرڪار جي ڳڻپ مطابق هن ريت آهن:
1971ع ۾ ;1,676,875 1981ع ۾ ;2,044,389 1991ع ۾ ;2,122,848 2001ع ۾ ,2,535,485آدم شماريءَ ۾ ڏهاڪي جي واڌ هن ريت آهي. 81-1971ع ۾ 21.91 سيڪڙو، 91-1981ع ۾ 3.84 سيڪڙو، ۽ 2001-1991 ۾ 19.44 سيڪڙو.
ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ ڳالهائيندڙن ۾ 1،694،061 سنڌي، 823058 ڪڇي ۽ 18366 ٻيون قومون آهن. ڀارت ۾ تعليمي قبوليت جي لحاظ کان ٽه ٻوليائي فارمولا رائج آهي، جنهن جي تحت گجرات ۾ سنڌي ٻولي ٽين ٻوليءَ طور ڳالهائي وڃي ٿي. سنڌيءَ کي ڀارت جي ڪنهن به صوبي ٻي ٻوليءَ طور تسليمي / مڃتا نه ڏني آهي، ان ڪري اُها سرڪاري ڪاروبار جي ٻولي ڪٿي به نه ٿي سگهي آهي.
آدم شماريءَ جي لحاظ کان ڀارت جي جن صوبن ۾ سنڌي ججهي انداز ۾ رهن ٿا، اُهي آهن: گجرات، مهاراشٽر، راجسٿان، مديه پرديش، دهلي ۽ اُتر پرديش. گجرات ۾ 9،58787 سنڌي رهندڙ آهن. سرڪاري انگن اکرن کان سنڌي وڌيڪ ئي(لڳ ڀڳ 60 لک) ڀارت ۾ رهندڙ آهن، ڇاڪاڻ ته ڳڻپ وقت ڪيترا سنڌي (احساس ڪمتريءَ جي ڪري) پنهنجي مادري ٻولي سنڌي نه لکائيندا آهن. ان کان سواءِ ڳڻپ ڪندڙن جي لاپوراهي پڻ ان ڏس ۾ آڏي اچي ٿي.
1991ع جي آدم شماريءَ مطابق 28 سيڪڙو سنڌي گجرات جي ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ علائقن ۽ راجستان جي جيسلمير ضلعن ۾، جيڪي سنڌ جي سرحد سان جڙيل علائقا آهن، رهن ٿا. هڪ حقيقت اِها به آهي ته ڀارت ۾ گهڻا سنڌي شهري آهن، جيڪي ٻهوڀاشي کيترن (گهڻ ٻوليائي علائقن) ۾ رهن ٿا. پر گجرات ۽ راجسٿان جي ديهاتي علائقن ۾ رهندڙ سنڌين جو تعداد ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي.
ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي استعمال جا ڌيان ڇڪائيندڙ کيتر، جتي سنڌي لهجن جو استعمال وڌيڪ ٿئي ٿو، اُهي آهن: ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ راجسٿان.
ڪڇ، تاريخي، جاگرافيائي، تجارتي، سماجي، ثقافتي ۽ لساني لحاظ کان قديم زماني کان وٺي سنڌ جو حصو رهيو آهي. مذهب، وڻج واپار، سماجي ڳالهين، لاڳاپن، ميلن ملاکڙن، قومن ۽ قبيلن جي اچ وچ ۽ علم ادب (شاعري ۽ لوڪ ادب) جي ڪري ڪڇُ، سنڌ سان جڙيل پئي رهيو آهي. ڪڇ جي ”ٻني“ علائقي ۾ اڄ به قديم سنڌي قبيلا ۽ ذاتيون- سما، سومرا، جت، ڪولهي، ميگهواڙ، ٺڪر، هاليپوٽا، متوا، ٿيٻا وغيره رهن ٿا، جيڪي پنهنجي ٻوليءَ ۽ ثقافتي ورثي کي ۽ نج سنڌي لهجي کي سانڍي ويٺا آهن.
گانڌيڌرام، آديپور، ڀُڄ ۽ ٻين ايراضين ۾ به سنڌي رهن ٿا. 1971ع جي هند پاڪ لڙائيءَ وقت ڪيترا سنڌي ٿرپارڪر مان لڏي اچي ڪڇ جي ڪيترين ايراضين ۾ رهيا، جيڪي به سنڌي ٻوليءَ جو واهپو ڪن ٿا.
سرگريئرسن، ڪڇي ٻوليءَ کي سنڌي زبان جو لهجو (اپ ڀاشا) سڏيو آهي. ڪڇي لهجي ۾ وچولي ۽ لاڙي لهجي جا ڪيترا تتوَ (اچار) سمايل آهن. ٻنيءَ ۾ سنڌيءَ جا سوڍڪي، جتڪي ۽ ميگهواڙي لهجا به هلي چليءَ ۾ آهن.
گجرات صوبي جا جملي ٽي حصا آهن: ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات. ڪاٺياواڙ جي اُتر واري ڀاڱي ۾ سنڌي ڳالهائي وڃي ٿي. روزمره جي واهپي ۾ ڪڇي لهجو، ڪاٺياواڙي، ميمڻي ۽ جهوناڳڙي ڪم ٿي آندي وڃي.
سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلجڻ جو هڪ ڪارڻ غيرفطري لڏپلاڻ به آهي، جيڪا وقت به وقت سنڌ ۾ سازگار حالتون نه هئڻ ڪري به ٿيندي پئي رهي آهي، ته وري واپار خاطر سنڌ مان گجرات جي جدا جدا ضلعن ۾ ماڻهو ايندا رهيا آهن، جن ۾ ميمڻ، خواجه، لوهاڻا، ڀاٽيا، پڃارا، سونارا، کتري، جت، اوڏ، ملتاني ۽ ٻيون ذاتيون، گـُجرات جي سامونڊي ڪنارن وارن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اچي رهيون آهن. هنن جي گهرو وهنوار جي ٻولي سنڌي آهي.
راجسٿان ۾ ججهي انداز ۾ سنڌي رهن ٿا، جيڪي نج سنڌيءَ جو اسعتمال ڪن ٿا، پر اُلهندئين راجستان جو علائقو ورهاڱي کان اڳ سنڌ پرڳڻي سان مليل هو، جنهن ۾ جيسلمير ۽ ٻاڙمير خاص آهن. هن علائقي جا اڪثر رهاڪو سنڌي زبان جو استعمال ڪري رهيا آهن. هتي جا رهاڪو اڄ به پنهنجي زبان کي ”سنڌي“ ۽ ”ڍاٽي“ يا ”ڍاٽڪي“ چوندا آهن، جيڪو راجستاني ٻوليءَ جو هڪ قسم آهي، هتي ڳائجندڙ سنڌي داستانن ۾ سنڌي زبان سان گڏ ڍاٽڪي ٻوليءَ جي لفظن جو به استعمال ڪيو ويندو آهي. لنگها ۽ مڱڻهار، هندو ڍولا، ڍولا ميراثي، چارڻ ۽ ٻيا سنڌي پريم ڪٿائون ڳائين ٿا. اولهه راجسٿان ۾ ميگهواڙ، ٻروچ (کوسا، چانديا)، ميمڻ وغيره رهن ٿا ۽ سنڌي ڳالهائين ٿا.
ٻوليءَ جو واهپو، ڪاروبار، تعليم، ميڊيا ۽ ادب ۾ ٿئي ٿو ۽ ٻولي وڪاس (ترقي) پائي ٿي.
ڀارت ۾ سنڌي ڪنهن صوبي جي سرڪاري ٻولي نه هجڻ ڪري اُن جو ڪاروباري واهپو نٿو ٿئي. پر صوبائي سرڪارن ۽ مرڪزي سرڪار، سنڌي ٻوليءَ جي وڪاس (ترقي) لاءِ جدا جدا صوبن- گجرات، مهاراشٽر، راجسٿان، دهلي، مديه پرديش، اُتر پرديش، ڇتيس ڳڙهه ۾ سنڌي اڪادمين (Academies) ۽ ڀارت سرڪار ”راشٽريه سنڌي ٻولي وڪاس“ (NSPSL) جي اسٿاپنا (قائم) ڪئي آهي. اهي ادارا پنهنجو ڪاروبار سنڌي ٻوليءَ ۾ هلائيندا آهن.
تعليمي ڏس ۾ سنڌي ماڌيم (Medium) سان سرڪاري چاهي خانگي پرائمري، هاير ۽ هاير سيڪنڊري اسڪول جدا جدا صوبن ۾ کليا. ڪاليجن ۾ به سنڌي وشيه (مضمون) پاڙهيو ويو. ممبئي ۽ اجمير يونيورسٽيءَ ۾ بي.اي، ايم. اي، ايم. فل، پي.ايڇ.ڊي سنڌيءَ ۾ ڪرڻ جون سهولتون ميسر آهن. شروعات ۾ خانگي پبلشر سنڌي درسي ڪتابن جي اشاعت ڪئي بعد ۾ گجرات ۽ مهاراشتر سرڪار ۽ ٻيون صوبائي سرڪارون سنڌيءَ ۾ درسي ڪتاب شايع ڪنديون رهيون آهن. لغتون به شايع ٿيون آهن. پر سنڌي تعليم لاءِ جديد دؤر ۾ ماڌيم (ميڊيم) طور پڙهائيءَ لاءِ حالتون سازگار نه آهن. سنڌي ماڌيم جا اسڪول تڪڙا تڪڙا بند ٿي رهيا آهن. ڪن هنڌ سنڌي صرف هڪ وشيه (مضمون) طور وڃي بچي آهي. اُن جا انيڪ ڪارڻ آهن. ڀارت ۾ سنڌيءَ جي ٻن لپين سنڌي- لپي(عربي- سنڌي) ۽ ديوناگري لپيءَ کي قبوليت مليل آهي. غير سنڌي، سنڌي سکن، اُن لاءِ ڊيڪن ڪاليج پونا ۾ بندوبست ڪيل آهي. فوجين کي به سنڌي سيکاري ويندي آهي. غير دستوري سطح تي سنڌي سيکارڻ جون ڪوششون جاري آهن. ماس ميڊيا جي کيتر ۾ سنڌيءَ جو ڪافي استعمال ٿي رهيو آهي. سنڌي اخبارن ۽ رسالن سنڌين کي جوڙي رکيو آهي. ”سينٽر فار ڪلچرل رسورسز ائنڊ ٽريننگ انفارميشن“ انڊيا جي سال 2002ع جي انگن اکرن مطابق ڀارت ۾ رجسٽرڊ سنڌي اخبارن ۽ مخزنن جو تعداد 110 هو. ان کان سواءِ انگريزي هندي، مراٺي ۽ گجراتيءَ ۾ پڻ سنڌيءَ سان واسطو رکندڙ ڪي اخبارون ۽ مخزنون شايع ٿيندڙ آهن. البت سنڌي اخبارن ۽ مخزنن جو پڙهندڙ طبقو گهٽجندڙ آهي.
الڪيٽرانڪ ميڊيا ۾ انقلابي ڦيرو آيو آهي. ريڊيي، ٽيليويزن ۽ ڪمپيوٽر جهڙن ساڌنن (ذريعن) جو استعمال، وندر، ڄاڻ ۽ تعليم جي کيتر ۾ وڏي پئماني تي ٿي رهيو آهي. آل انڊيا ريڊيو تان هفتي ۾ 16 ۽ 17 ڪلاڪ سنڌي پروگرام نشر ڪيو ويندو آهي. روزانو صبح شام سنڌيءَ ۾ خبرون جاري ڪيون وينديون آهن. ٽيليويزن تان سنڌي ڪاريه ڪرم (پروگرام) ايندو آهي. ڀارت ۾ سنڌين جي پنهنجي سرڪاري چاهي خانگي، سنڌي چينل نه آهي، البت ڀارت جا سنڌي ڪي.ٽي.اين، سنڌ ٽي.وي، ڪشش ۽ مهراڻ وغيره چينلن تي سنڌي پروگرام ڏسن ٿا. ماس ميڊيا جي وسيلن، هند، سنڌ جي زمين تي پاتل سرحد جي ليڪن کي آڪاس ۾ ميساري ڇڏيو آهي.
ادب جي لحاظ کان سنڌيءَ ۾ لکت چاهي زباني ساهت (ادب) جي پختي روايت آهي. سرڪاري ادارن، ساهت سڀائن (ادبي جماعتن)، ادبي رسالن ۽ پبلشرن، سنڌي ساهت سرجڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي. شروعاتي ٽي ڏهاڪا ڪافي زوردار رهيا، سنڌي پاٺڪن (پڙهندڙن) جو تعداد به وڌيو، پر رفته رفته نج سنڌي ٻوليءَ جي ادب کان ڪٽجندا ويا آهن. ٻين ٻولين جو ساهت وڌيڪ پڙهيو پيو وڃي. اِن ڪري اڄوڪين حالتن ۾ سنڌي اديب ۽ ادب پريمي ئي سنڌي ادب جا پڙهندڙ آهن.
ٻولي هڪ وهندڙ ندي آهي، جيڪا سدائين وهندي رهي ٿي. اُن ۾ هميشه زمان، مڪان ۽ ماحول مطابق ڦيرو ايندو رهي ٿو، جيڪو سڀاويڪ آهي. اِهو ڦيرو/ بدل ئي ٻوليءَ (ڀاشا) جي زنده ۽ نت نئين رچنا جو اُهڃاڻ آهي.سنڌي ٻولي ڀارت ۾ جدا جدا صوبائي ٻولين جي اثر، دٻاءَ، گهڻ ٻوليائي ماحول، مختلف مالي، سياسي سماجي، دٻاون ۽ مرتبي ڪري، اُن ۾ ڪافي تيزيءَ سان تبديل اچي رهي آهي. ڳوٺاڻي زندگي ۽ کيتي ٻاڙيءَ جا هزارين لفظ، اصطلاح، چوڻيون ۽ پهاڪا اڄ استعمال نٿا ڪيا وڃن. ٻين ٻولين جا هزارين لفظ سنڌيءَ ۾ شامل ٿي ويا آهن. ججها لفظ گم ٿي ويا آهن. زنده ٻوليءَ ۾ نون ۽ پراڻن لفظن ۾ لڳاتار چٽا ڀيٽي هلندي رهي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي لفظن- جن ۾ روزمره جا لفظ، کاڌي پيتي، هار سينگار، ميون، ڀاڄين، پيشن، اوزارن، مهينن، ڏڻن/تهوارن، جسم جي عضون، نالن، آڪهين، رشتيداريءَ وغيره لفظن ۾ تبديل ۽ اُنهن جي اُچار، وياڪرڻي سطح ۽ جملي جي رچنا (جوڙجڪ) جي سطح سان گڏ معنيٰ جي سطح تي پڻ تبديل آئي آهي. تيزيءَ سان ايندڙ تبديل جا خاص سبب آهن؛ ٽڙيل پکڙيل ٿورائيءَ واري قوم، شهري ٻهوڀاشي (گهڻ ٻوليائي) تعليم يافته قوم، ماحول ۾ آيل ڦيرو، پيڙهين جو فرق، مڪاني ٻولين جو وڌندڙ اثر.
سنڌي نج ٻولي قائم رکڻ لاءِ هيٺيان اُپاءُ وٺي سگهجن ٿا:
سرڪاري، ڪاروباري کيتر، سنڌي ثقافتي، سماجڪ، ڌارمڪ سرگرمين، تعليم جي کيتر، ماس ميڊيا، اخباري ۽ ادبي کيتر ۾ ان جو واهپو وڌائڻ.
اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ڀارت جا سنڌي، سنڌي ٻوليءَ جي نج واهپي ۽ پنهنجي ثقافت لاءِ سجاڳ آهن ۽ اُن کي برقرار رکڻ لاءِ ڪافي جوش خروش سان عملي ڪوششون وٺي رهيا آهن. ۽ نئين ٽهيءَ کي پنهنجي ورثي طرف مائل ڪري رهيا آهن. ان ڪري اسين نااميد ڪو نه آهيون.