Video

سنڌي ٻوليءَ جون فطري خُوبيون ۽ سنڌي گرامر

ڊاڪٽر فهميده حسين

ٻولي اهو وسيلو آهي، جنهن سان جانور/پکي ”ٻوليندا“ آهن ۽ انسان ”ڳالهائيندا“ آهن... ٻولڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ بنيادي فرق ’شعور‘ جو آهي. جانور/پکي غيرشعوري طور جبلتاً ٻوليندا آهن، جڏهن ته اها ساڳي جبلت ارتقائي عمل مان گذري، آوازن جي ٻولن مان لفظن ۽ جملن جي صورت وٺي شعوري سطح تي انسان جي اظهار جو وسيلو بڻي ۽ انسان جي سڃاڻپ بنجي وئي... عربيءَ ۾ ته انسان کي ”حيوان ناطق“ يعني ”ڳالهائيندڙ جانور“ چيو ويو آهي، ۽ هاڻي ٻوليءَ کان سواءِ ڪنهن به انساني سماج جو تصور ڪرڻ به ممڪن ڪونهي. بقول سائين محمد ابراهيم جويي جي:

”ماڻهن جي هر تهذيب جي ابتدا به ذهن جي انهيءَ معجزي سان ٿئي ٿي، جنهن کي ٻولي چئجي ٿو. ٻوليون قومن جي روح جا، انهن جي آدرشي عڪس جا، انهن جي ’هئڻ جي احساس’ جا سڀ کان سڌا ۽ چٽا اظهار آهن.“ (1)

لسانيات جي ماهرن جو خيال آهي ته:

”هر ٻوليءَ کي پنهنجي تنظيم آهي، جنهن کي مرضيءَ موجب ڦيرائي نٿو سگهجي، جيڪڏهن ڦيرائبو ته ڳالهائي نه سگهبو. سندس لغت ۾ ڦيرو اچي سگهي ٿو، سندس آواز گهٽ وڌ ٿي سگهن ٿا، منجهس معنائون ڦري سگهن ٿيون، پر سندس عملي سٽا بدلائي نٿي سگهجي. سندس اسمن، ضميرن، صفتن، ظرفن، فعلن وغيره جي نوعيت ۽ مخصوص هنڌن کي بدلائي نٿو سگهجي.“ (2)

ٻوليءَ جي ان تنظيم، جوڙجڪ، عملي سٽاءَ، ڳالهائڻ جي لفطن جي مقرر جاءِ يا هنڌ يا زبان جي عملي نظام جي اڀياس/ علم کي گرامر/وياڪرڻ سڏجي ٿو، جنهن کي عربي ۽ فارسيءَ ۾ ’علم صرف و نحو‘ چئبو آهي. (سنڌيءَ ۾ اهي ٽئي نالا مروج رهيا آهن)

اهو ياد رکڻ گهرجي ته ٻولي پاڻمرادو/ ازخود اختيار ڪيل تنظيم رکي ٿي. اها ڪنهن به گرامر جي اصولن کي سامهون رکي جوڙيل ڪانه هوندي آهي، بلڪ گرامر ٻوليءَ جي فطري جوڙجڪ جو اڀياس ڪري ٺاهيا ويندا آهن. ان جو مطلب اهو ٿيو ته گرامر ٻوليءَ جي بنيادي ڍانچي (structure) يا بناوٽ (frame work) جو علم آهي. ڪنهن به ٻوليءَ کي سمجهڻ لاءِ انهيءَ بنيادي بناوٽ (frame work) کي سمجهڻ ضروري آهي، ڇو ته هر هڪ ٻوليءَ جي پنهنجي پنهنجي مخصوص بناوت آهي، جيڪا ڳالهه هڪ ٻوليءَ ۾ هوندي، سا ضروري ناهي ته ٻيءَ ۾ به هجي. ان ڪري هر ٻوليءَ جون پنهنجون اصلوڪيون/فطري خوبيون ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهن. اهوئي سبب آهي، جو ڪنهن هڪ ٻوليءَ لاءِ ٺاهيل گرامر کي ٻيءَ سان لاڳو ڪرڻ مناسب ڪونهي. لسانيات جي ماهرن جو خيال آهي ته:

Grammar is neither a set of prescriptive rules, nor an inventory of data, but a general scientific theory of language. (3)

ترجمو: گرامر نڪوڪن مقرر ڪيل اصولن جو مجموعو آهي ۽ نه ئي معلومات جي ڪا فهرست، پر اهو ٻوليءَ جو هڪ سائنسي نظريو آهي.

سنڌي ٻولي هڪ تمام قديم ۽ شاهوڪار ٻولي آهي، ان جون ڪي پنهنجيون بنيادي خوبيون آهن، جيڪي ان کي ٻين ٻولين کان منفرد ۽ الڳ وجود ۽ حيثيت ڏين ٿيون. ان جي نظام جي اڀياس لاءِ جيڪي گرامر جوڙيا ويا، اهي سنسڪرت، انگريزي يا وري عربي فارسي ٻولين جي گرامرن کي سامهون رکي جوڙيا ويا، ان ڪري سنڌي ٻوليءَ جون پنهنجيون ڪي بنيادي خصوصيتون نظرانداز ٿي ويون يا اهميت  سان بيان نه ٿيون.

انگريزن جي مهربانيءَ سان جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري حيثيت ملي ته هنن اُن تي عملي ڪم جي به ابتدا ڪئي ۽ سنڌيءَ جا گرامر جوڙايا. ڪيپٽن اسٽڪ ۽ ڊاڪٽر ٽرمپ ان ڏس ۾ ابتدا ڪئي. ڊاڪٽر ٽرمپ پنهنجي گرامر ۾ اهڙو اعتراف ڪيو ته:

The Sindhi is by no means an easy Language, it is on the contrary beset with more intricacies and difficulties than any of its prakrit sisters; the Sindhi has preserved a great many forms, for which we look in vain in the cognate idioms (4)

ترجمو: ” سنڌي ڪنهن به ريت سولي ٻولي ڪانهي، بلڪ ان ۾ ڪيتريون پيچيدگيون ۽ ڏکيائيون آهن، جيڪي سندس ٻين پراڪرتي ڀينرن ۾ ڪونه آهن، ڇو ته سنڌيءَ ڪيتريون اهڙيون صورتون قائم رکيون آهن، جيڪي ٻين ڄاتل ٻولين ۾ نٿيون ملن.“

هاڻي ڏسو ته هو جيڪا ڳالهه سمجهي نه سگهيو، اُن کي پيچيدگين ۽ ڏکيائين جو نالو ڏنائين ۽ اُن جي قديم اصلوڪين صورتن کي انهن ٻولين ۾ ڳوليائين، جن جا گرامر سندس سامهون هئا، جڏهن نه مليس ته ساڳئي ڪتاب ۾ هڪ ٻئي هنڌ اعتراف ڪيائين ته اهي ڪنهن قديم اصلوڪي غيرآريائي ٻوليءَ جون باقيات آهن.

”ڊاڪٽر ٽرمپ ‘Syntax’ جي سري هيٺ جڏهن ’ڳالهائڻ جي اٺن لفظن‘ تي اچي ٿو ته سندس اڳيان انگريزي گرامر جو معيار آهي. ان ڪري سڀ کان پهرين سنڌيءَ ۾ definite article (يعني معروف جزي) جي نه هئڻ جي ڳالهه ٿو ڪري. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ڀلا ضروري آهي ڇا ته جيڪو ڪجهه انگريزيءَ يا ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ هجي، اهو سنڌيءَ ۾ ڳولجي.“ (5)

انگريزيءَ ۾ غيرمعروف (indefinite article) لاءِ a/ an- استعمال ٿين ٿا، جن جي بدران اسان وٽ ’هڪ‘/’هڪڙو‘ استعمال ٿئي ٿو ۽ معروف جزي the – (definite article) لاءِ ’اِها‘، ’اهو‘ (اجها، اجهو)وغيره استعمال ڪري سگهجن ٿا، پر ڪي خصوصي لفظ ڪونهن ۽ نه ئي انگريزيءَ يا عربيءَ وانگر ڪي اصول مقرر آهن، جيئن انگريزيءَ ۾ آفاقي شين جي نالن اڳيان the لڳائيندا آهن. the stars, the earth, the moon, the sun يا ڪنهن مخصوص اسم اڳيان اهو article لڳائيندا آهن، تيئن عربيءَ ۾ به ٿيندو آهي. اتي definite article جي لاءِ لفظ جي اڳ ۾ ”ال“ ڳنڍيندا آهن:

اَلۡبَيتُ -                         the house                                           (ڪو خاص) گهر

الشَّمۡسُ -                     the sun                                                   سج

اَلۡبَدۡرُ -                          the moon                                            چنڊ

اَلۡاَرۡضُ -                       the earth                                              زمين

جڏهن ته indefinite article ۾ ’ال‘ ڪونه لڳي، ان جي بدران لفظ جي آخر ۾ تنوين ايندي آهي:

نَهَرٌ -                                                    نهر

مَلَڪٌ -                                                     بادشاهه

ڪَلۡبٌ -                                                 ڪُتو                                                          (6)

پر سنڌيءَ ۾ هروڀرو ائين ڪونهي، پوءِ ڇو اسين اُن تي سوچيون، ان جي بدران جيڪي ڪجهه سنڌيءَ ۾ آهي ۽گرامر جي ماهرن نظرانداز ڪيو آهي، ان کي ڇو نه نمايان ڪريون؟

سنڌيءَ ۾ ضميري پڇاڙين يا متصل ضميرن جو هڪ باقاعده نظام آهي، جنهن ۾ مفرد ۽ مرڪب نشانيون اچي ٿيون وڃن، ڇو نه انهن تي تفصيل سان لکجي! سرائڪي ۽ پنجابي، سنڌيءَ جون ڀينر ٻوليون آهن، انهن ۾ اهڙيون نشانيون آهن. فارسي ۽ عربيءَ ۾ به اهي ڪنهن حد تائين موجود آهن، پر سنڌيءَ ۾ اهي تمام مربوط ۽ منظم آهن. فارسيءَ ۾ ”جانم“ ۽ ”دانم“، اسم ۽ فعل جا ٻه مثال آهن، جن ۾ ’م‘ متڪلم جي نشانيءَ طور موجود آهي. عربيءَ ۾ به ساڳيءَ ريت ضميري پڇاڙيون لڳن ٿيون، مثلاً:

لفظ:                                     قَدَمٌ -                                                                           قدم/ پير

واحد:                                 قَدَمِيۡ -                                                                           منهنجو پير

جمع:                                  قَدَمَيَّ -                                                                           منهنجا قدمَ/ پير

 

لفظ:              خَادِمٌ -                                                                             نوڪر

واحد:                                 خَادِمِيۡ-                              منهنجو نوڪر

جمع:                                  خَادِمِيَّ                                                                             منهنجا نوڪر

 

لفظ:                                     ڪَلۡبٌ -                                                                         ڪُتو

ضمير غائب:                ڪَلۡبٌ -           ڪَلۡبُہ‘ -                        هن جو ڪتو     (7)

ڏٺو وڃي ته سنڌيءَ ۾ ان کان وڌيڪ ضميري پڇاڙيون (مفرد توڙي ٻٽيون) استعمال ٿين ٿيون ۽ نه صرف اسمن ۽ فعلن سان، پر حرفن (جر، اضافت وغيره) سان به لڳن ٿيون ۽ مذڪر مؤنث، واحد، جمع، ماضي، حال، مستقبل مطلب ته هر پهلوءَ کان پنهنجا ڌار گردان به رکن ٿيون. آءٌ هتي چند مثال ڏيندس.

 

 

ماضي

فعل

(مصدر چوڻ)

متڪلم

چيم(مون چيو)

 

چيومانس(مون هن کي چيو)

چيوسين(اسان چيو)

 

 

چيوسينس (اسان هن کي چيو)

 

چيومانِ(مون هنن کي چيو)

 

 

چيوسينِ،(اسان هنن کي چيو)

چيوسونءِ/سين(اسان توکي چيو)

 

چيو سينوَ(اسان توهان کي چيو)

 

 

 

 

 

حال

چوان ٿو، چوانس ٿو، چوانِ ٿو

چئون ٿا، چئونس ٿا، چئونِ ٿا

چوان ٿو، چوانءِ ٿو، چوانوَ ٿو

 

 

 

 

 

مستقبل

چوندس، چونداسين، چوندوسانس، چوندوسانِ

چونداسينس، چونداسينِ

چونداسين، چونداسونءِ، چونداسونوَ

           

مذڪر، واحد ۽ جمع جي انهن مثالن کان سواءِ مونث جا ڦيرا پڻ ڌار موجود آهن.

اهڙيءَ ريت هر ضمير لاءِ جدا جدا ڦيرا ٿين ٿا. فاعل لاءِ به ضميري پڇاڙي آهي ته مفعول لاءِ به آهي. مثال طور: چيومانس= مون هن کي چيو. (مون لاءِ ”م“ هن لاءِ ”س“ جو استعمال ٿيو آهي) اهي ضميري پڇاڙيون حرفن سان به لڳن ٿيون. حرف جر جا مثال آهن:

حرف جر سان ضمير غائب جون پڇاڙيون

کيس= هن کي                                      کانئس =  هن کان

کين= هنن کي                                      کانئن= هنن کان

وٽس= هن وٽ                                      وٽانس= هن وٽان

وٽن = هنن وٽ                                     وٽانئن= هنن وٽان

ساڻس= هن سان                                 ساڻن= هنن سان

ضمير متڪلم جون پڇاڙيون

کانئُم= مون کان                                

وٽم= مون وٽ              وٽانئم= مون کان

حرف اضافت               سندو

متڪلم                           حاضر                                 غائب

سندم                                  سندوءِ/ سندءِ               سندس- سندن

(سندئي)

ڏٺو وڃي ته انهن جو صحيح استعمال ڪرائڻ لاءِ گرامر جي ڪتابن ۾ ڪي به مشقون ڪرايل ڪونه آهن. نتيجو اهو ٿو نڪري ته اڪثر پڙهيل لکيل ماڻهو چوندا ۽ لکندا آهن:

  • سندس جو ڪتاب (صحيح صورت: سندس ڪتاب)
  • کيس کي چيم (کيس چيم )
  • کانئس کان وٺي ڏي (کانئس وٺي ڏي)

اهڙو غلط استعمال ائين آهي، جيئن چئجي ”ساحل سمنڊ جي ڪناري“.

اهڙيون ساڳيون نشانيون اسمن سان به لڳن ٿيون، خاص ڪري رشتن ناتن سان ۽ ساڳيءَ طرح ظرفن سان به پڇاڙيون ڳنڍجن ٿيون:

اسمن سان:

متڪلم                           حاضر                                 غائب

پُٽَم                                       پٽهين                                پُٽس

سسڻم                                سسڻهين                         سسڻس

ڀاڻم                                     ڀاڻين                                 ڀاڻس

ظرفن سان:

منجهس                            منجهن

مٿانس                                مٿانئن وغيره

 

انهن بابت گريئرسن به ذڪر ڪري ٿو ته ٻيا ماهر به ڪن ٿا، پر اسڪولي گرامرن ۾ انهن تي ڌيان ڏنل ڪونهي. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ لکي ٿو ته:

”انهن پڇاڙين جو استعمال سنڌي ٻوليءَ جي هڪ خصوصيت آهي، جيڪا ان کي هندستان جي ٻين ٻولين ۾ ممتاز ڪري ٿي، جيڪي اهڙين ضميري پڇاڙين کان محروم آهن.“ (8)

حالتون: (Cases)

سنڌيءَ ۾ جملي ۾ لفظن جي حالتن جي باري ۾ به ڪي ڳالهيون مختلف آهن. هن سلسلي ۾ هڪ حالت اپادان يا Ablative case به آهي. سنڌيءَ ۾ ڪي اهڙا حرف جر آهن، جيڪي سڀ ٻين ٻولين ۾ ڪونه آهن. اردو ۽ هنديءَ ۾ انهن جي جاءِ تي ٻه حرف جر (اردوءَ ۾’کان‘ لاءِ سے، ’مان‘ میں سے، ’تان‘ لاءِ پر سے، وغيره) استعمال ڪجن ٿا،

اهڙن حرفن يعني کان،  مان، تان ۽ سان. جي پڇاڙيءَ ۾ آيل ”آن“ کي ٻين لفظن ۾ گڏي يا جوڙي اهڙي حالت ٺاهيندا آهيون. جيئن گهران، ڳوٺان، دليان، سوران، پيٽان، ڏينهان، راتيان وغيره وغيره. انهيءَ کان سواءِ ڪجهه اهڙيون ٻيون به بناوتون آهن، جيڪي پڻ خاص آهن، جيئن لفطن جي جري حالت ۾ مخصوص صورت، جتي حرف جر لڪي ٿو وڃي. ڊاڪٽر ٽرمپ پنهنجي گرامر ۾ مثال ڏنا آهن، جيڪي شاعريءَ مان آهن:

تو  اوڏا مون ڏور           معنيٰ           توکي اوڏا، مون کان ڏور

پر ڪيترائي ٻيا مثال ملن ٿا، جيڪي عام گفتگوءَ ۾ ڪتب اچن ٿا. شاعريءَ ۾ استعمال ٿين ٿا يا پهاڪن طور استعمال ٿين ٿا. مثلاً:

سڌين سيڻ نه هون، نينهن نياپي نه ٿئي

هن  ۾ ”سڌين“  = سڌ سان

هٿين گل ميندي، پيرين گل ميندي.

”هٿين“= هٿن تي ۽ ”پيرين“= پيرن تي.

عام جملا آهي ته: ”هٿين پيرين سڄو هوندي به پيو پني“

هوءَ مائٽين وئي آهي يا هو ساهرين ويو آهي.

هو پيرين پنڌ سڄو شهر گهمي آيو آهي.

انهن سڀني مثالن ۾ اين پڇاڙي ڪنهن حرف جر لاءِ آهي. انهيءَ پهلوءَ کي به گرامر جي ڪتابن ۾ اجاگر نه ڪيو ويو آهي.

ان کان پوءِ اچون ٿا فعلن ڏانهن. انهن جا ڦيرا ڏاڍا منجهائيندڙ آهن. جيئن انگريزيءَ ۾ هڪڙا regular verbs (باقاعده فعل)۽ ٻيا  irregular verbs (بيقاعده فعل) ٿيندا آهن ته انهن جي سمجهاڻي به ڏني ويندي آهي ته ماضي ٺاهڻ لاءِ ڪٿي –ed ڪٿي صرف –d ملائبو ته ڪٿي غير رواجي تبديلي ڪري participle ٺاهبو، وري  write- wrote- written  جهڙين صورتن ۾  ڪٿي هٽيل ڳالهيون (exceptions) آهن.

اسان وٽ مختلف فعلن جا ڪردنت (participles) ٺاهڻ مهل محض رٽي يا يادگيريءَ تي ڀاڙيو وڃي ٿو. ڪي اصول طئي ڪري لساني يا صوتي(phonetic) سبب ڄاڻائي لفظن جي جوڙجڪ نٿي سمجهائي وڃي. سر جارج گريئرسن اهڙن فعلن جون ڌار ڌار فهرستون ڏنيون هيون ۽ ڪٿي سمجهاڻيون به ڏنيون هيون ته ڪهڙن ڌاتوءَ جي پڇاڙين (root endings) کي ڪيئن ڦيرائبو .

هو لکي ٿو ته جن ڌاتن جي پڇاڙيءَ ۾ ’ڻ‘ هجي، انهن جو اسم مفعول ٺاهڻ مهل اها ’ڻ‘ ڪڍي ڇڏبي آهي ۽ ’او‘ ملائبو آهي يا ’يو‘.

مثال طور:                        سُڻ                                       سئو

                                                هڻ                                        هنيو

                                                کڻ                                        کنيو

                                                وڪڻ                                 وڪيو

پر جن ڌاتن جي پڇاڙيءَ ۾ حرف علت هجي ته انهن ۾ ’تو‘ ملائبو آهي.

جيئن:                                پي                                         پيتو

                                                لاء                                          لاتو

                                                پُوء                                        پُوتو

جن ڌاتن جي آخر ۾ ’چ’ ۽’پ‘ هجن ته آخري حرف ڪيرائي، ان ۾ ’تو‘ ملائيندا آهن:

                                                پرچ                                      پرتو

                                                رچ                                        رتو

                                                کُپ                                      کُتو

                                                کَپ                                      کَتو (9)

هاڻي جيڪڏهن اسان جي گرامر جي ڪتابن ۾ سمجهاڻيون ڪونه هونديون ته مادري توڙي غيرمادري ٻوليءَ طور سنڌيءَ جي سکيا ۾ ايتري ڪاميابي ڪانه ملندي، ڇاڪاڻ ته اسان جي گرامر جي ڪتابن ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي ۽ ٻار مُنجهي ٿا پون.

مثلاً:                                    ڀَڄڻ            مان               ڀڳو

                                                ڀُڄڻ            مان               ڀُڳو

ته وري                                ڀِڄڻ            مان               ڀنو

يا                                            کَڄڻ           مان               کنيو

۽  ساڳي طرح              ڇِڄڻ          مان               ڇنو

نيئڻ             مان               نيئو

ته پوءِ           پيئڻ           مان              پيتو            ۽

وري              ڏيڻ              مان              ڏنو                ڇو؟

پَچڻ            مان               پڪو

نچڻ             مان               نچيو

رچڻ            مان               رتو

                                                ته وري        اچڻ             مان               آيو                آخر سڀئي مختلف ڇو؟

ڍاپڻ            مان               ڍائو  يا ڍاپيو ٺهن ته

ڌائڻ             مان               ڌاتو              ڇو ٿو ٺهي؟

اهي ۽ اهڙا ڪيترائي سوال آهن، جن جي ڪانه ڪا سمجهاڻي گرامر جي ڪتابن ۾ ڏيڻ ضروري آهي، پوءِ اها صوتيات (phonetics) جي حوالي سان هجي يا ڪنهن ٻئي سبب، غيرمادري زبان وارن کي ٻولي پڙهائڻ سيکارڻ ۾ آساني ٿيندي. سنڌ جي ڏاهن ۽ لسانيات جي ماهرن کي عرض ڪنديس ته سنڌيءَ ۾ نئين سر گرامر جوڙڻ جي ضرورت آهي، ان لاءِ ٻوليءَ جي ماهرن تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي اهو ڪم ڪجي. ان لاءِ اٿارٽيءَ پاران انهن کان سهڪار جي گُهر ڪريان ٿي. اچو ته ان قسمن جي مسئلن تي سوچي سنڌيءَ جو ڪو معياري گرامر جوڙيون.

 

حوالا

 

  1. جويو محمد ابراهيم: ”شاهه لطيف، بحيثيت مفڪر“: سهيڙيندڙ آفتاب ابڙو، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 1993ع، ص 91.
  1. جتوئي علي نواز، ”علم اللسان ۽ سنڌي ٻولي“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄام شورو، 1996ع، ص 16.
  2. Shakeel Amina, An approach to the study of  Linguistics and phonetics, with glossary, golden publication, Hyderabad, 2002,
  3. Ernest Trumpp, Grammar of the Sindhi Language, (preface) Biblio verlag, Osnabruck -1970, west Germany (reprint of the edition of 1872) pp.8.
  4. فهميده حسين، (مقالو: سنڌي گرامر جا مسئلا) ”سنڌ- ماضي، حال ۽ مستقبل“، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، 2006، ص 304.
  5. Tritton, A.S, Teach yourself Arabic, Hodder and Stoughton, David Mckay Co, USA pp.30.
  6. ساڳيو- ص 38.
  7. Ernest Trumpp, Grammar of the Sindhi Language, Biblio Verlog, Osnabruck- 1970, West Germany (Reprint of the Edition of 1872) p p. 38.
  8. گريئرسن،جي اي ،”برصغير جي ٻولين جي لسانياتي جائزو“ (ترجمو: ڊاڪٽر فهميده حسين) سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، 2000ع، ص 123 کان 127.