Video

اخبارن جي ٻوليءَ جو جائزو

نصير اعجاز

ڪو به ماڻهو عقل ڪُل ناهي. اها دعويٰ ڪڏهن به نٿي ڪري سگهجي ته ٻوليءَ جو علم ڪنهن هڪ ماڻهوءَ تي اچي دنگ ٿيو وڃي ۽ انهيءَ هڪ ماڻهوءَ جي راءِ کي ئي آخري راءِ سمجهيو وڃي. ان ڪري، صحافتي ٻوليءَ جي حوالي سان آءٌ جن خيالن جو اظهار ڪري رهيو آهيان، اُهي منهنجي پنهنجي سوچ، اڀياس، مشاهدي ۽ تجربي جي آڌار تي آهن. ممڪن آهي ته ڪي دوست منهنجين ڪن ڳالهين سان سهمت نه به ٿين، ان لاءِ بحث مباحثي ۽ صلاح مشوري جي گنجائش هر وقت موجود آهي؛ ڇو ته سمجهڻ، سمجهائڻ ۽ سکڻ لاءِ اسان جي آڏو وڏو ميدان کليل آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي ڇنڊ ڇاڻ جو ڪم مختلف فورمن تان ٿيڻ گهرجي، پر سنجيدگيءَ ۽ بردباريءَ سان.

اسان جو موضوع، صحافتي ٻوليءَ جي حوالي سان آهي. ”صحافتي ٻولي“ ڪا آسماني ٻولي نه آهي، جنهن جي سيکارڻ لاءِ ڪي خاص بندوبست ڪرڻا پون. اها اسان جي ۽ توهان جي پنهنجي ٻولي آهي، جيڪا اسين اُٿندي ويهندي ڳالهايون ٿا. اُها ڪا ادبي ٻولي به ڪا نه هوندي آهي، بس اها ته هڪ عام، سادي ۽ سلوڻي ٻولي آهي، جنهن ۾ ڪنهن به خيالي هجت کان سواءِ دنيا جو حال احوال پنهنجن پڙهندڙن تائين پهچايو وڃي ٿو. باوجود ان جي، هن موضوع تي لکڻ/ سوچڻ جي ضرورت اُن ڪري محسوس ڪئي وڃي ٿي، جو سنڌي ٻوليءَ ۾ اڄڪلهه مختلف سببن ڪري وڏو بگاڙ اچي رهيو آهي.

اهو بحث حقيقت ۾ نئون ڪونهي. هن صديءَ جي اوائل ۾، جڏهن کان سنڌي ٻولي وڌ ۾ وڌ تحريري شڪل ۾ آئي آهي، تڏهن کان ان ڏس ۾ خيالن جو اظهار ٿيندو رهيو آهي. شروع کان وٺي اسان جا سينئرليکڪ، هر نئين ليکڪ يا صحافيءَ هٿان استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري، ڳڻتي ظاهر ڪندا رهيا آهن، جيئن اڄڪلهه ٿي رهيو آهي. سو، اهو هڪ تسلسل آهي ۽ انهيءَ جو بنيادي مقصد پنهنجي ٻوليءَ جي اصل روح، انفراديت ۽ شڪل صورت کي قائم رکڻ آهي.

ٻولين ۾ بگاڙ جو مسئلو سڄيءَ دنيا جي ٻولين سان لاڳو آهي. دنيا جي ڪا به ٻولي اهڙي ڪانهي، جنهن ۾ بگاڙ نه آيو هجي. بگاڙ ان لحاظ کان چيو وڃي ٿو ته انهن ٻولين ۾ دنيا جي مختلف ٻولين جا لفظ شامل ٿيندا وڃن ٿا، خاص طور تي انگريزي ته ان لحاظ کان وڌيڪ بگڙيل چئبي، جيڪا دنيا جي هر خطي ۽ قوم سان لهه وچڙ ۾ اچي ٿي، ڌارين ٻولين جا بي شمار لفظ پاڻ ۾ سمائي، هڪ بين الاقوامي ٻولي ٿي وئي آهي. انگلنڊ جي ننڍڙي ٻيٽ تان ڦٽل اها ٻولي، اڄ دنيا جي هر خطي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، پر ان جو اصل روح ختم نه ٿيو آهي. يورپ ۽ آمريڪا ۾ سِک ٽيڪسي ڊرائيور جو انگريزي ڳالهائڻ جو انداز مختلف هوندو ته ڏور اوڀر ايشيا يا آفريڪا ۾ ڳالهائڻ وارن جو اسٽائل الڳ هوندو، ڪٿي اڌ اکري ڳالهائي ويندي آهي ته ڪٿي ماڻهو انگريزيءَ کي چٻاڙي ڳالهائين ٿا، ورڪنگ ڪلاس جي ٻولي هڪڙي آهي ته پڙهيل لکيل طبقي جي ٻي.

انهيءَ ۾ ڪو به شڪ يا وڌاءُ ناهي ته شيڪسپيئر جي زماني جي انگريزي اڄ نه رهي آهي ۽ نه ئي اڄ جو عام ماڻهو ان کي پڙهي يا سمجهي سگهي ٿو، جيئن ڀٽائيءَ جي زماني جي سنڌي ٻولي اڄ جي سنڌيءَ کي ٿوري ڏکي لڳي ٿي، پر فرق اهو آهي ته انگريزي ٻوليءَ ۾ وڏو ڦيرو اچڻ جي باوجود ان جو گرامر نه بدليو آهي، ان ۾ جنسن ۽ جمع- واحد جا اصول نه ڦيرايا ويا آهن، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ سان اهڙو ڪِيس ڪيو پيو وڃي، جو ٻين ٻولين مان لفظ کڻي، ان کي امير بنائڻ ۽ سنڌيءَ جي مروج لفظن کي اڃا وڌيڪ ٺيٺ بنائڻ جي چڪر ۾ بي ڍنگا لفظ ٺاهڻ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي گرامر، جنس ۽ جمع، واحد جي اصولن ۽ قاعدن کي ئي پاسيرو اڇلايو ويو آهي، مڃون ٿا ته وقت گذرڻ سان گڏ ٻوليون ڇنڊجي ڇاڻجي، صاف (Refine) ٿي، ساديون ۽ سلوڻيون ٿين ٿيون، پر ٻوليءَ کي سادو ۽ سولو بنائڻ جي چڪر ۾ ان جي روح کي ختم نه ڪجي!

سنڌي ٻوليءَ وانگر انگريزي ٻوليءَ ۾ بگاًڙ تي به اڄ ڪلهه وڏا مضمون لکيا پيا وڃن. مون جيئن پهريائين ذڪر ڪيو ته ورڪنگ ڪلاس، پڙهيل طبقي ۽ ٽئڪسي ڊرائيورن جي انگريزيءَ جو پنهنجو انداز آهي، تيئن اسان وٽ سنڌ ۾ به مسترين جي دڪانن، ورڪشاپن، لارين جي اڏن، ٽانگن ۽ سوزوڪين جي اڏن، حجمن جي دڪانن، هوٽلن ۽ ٻين هنڌن تي ڪم ڪندڙ سنڌين جو لهجو/زبان پنهنجي  آهي. ان عمل کي دنيا ۾ ڪٿي به روڪي نٿو سگهجي، پر جڏهن ڪتابي درسي، صحافتي ۽ ادبي ٻوليءَ جو سوال ٿئي ٿو، تڏهن اسان کي اهي سڀ لوازمات پورا ڪرڻا پوندا، جيڪي هڪ نج ٻوليءَ جا هوندا آهن.

سوال پيدا ٿو ٿئي ته ٻولي آهي ڇا؟ ٻولي معنيٰ، جا ٻولجي ٿي يا ڳالهائجي ٿي. ٻولي اهو وسيلو آهي، جنهن جي مدد سان انسان پنهنجي اندر جا احوال ظاهر ڪري ٿو. هڪڙي ڳالهايو ۽ ٻين سمجهيو، ته ان سان ٻوليءَ جو مقصد پورو ٿي ويو.

يورپي ۽ ٻين ماهرن جي کوجنا موجب دنيا ۾ اڳي ڪا هڪ ٻولي هئي، جنهن مان پوءِ مختلف ٻوليون ڦُٽي نڪتيون، جيئن ڪي ماڻهو سنسڪرت کي سڀني ٻولين جي ماءُ سڏين ٿا، ۽ سندن چوڻ موجب ان مان پالي ۽ ٻيون پراڪرتون ڦٽي نڪتيون ۽ انهن مان وري سنڌي، هندي، گجراتي ۽ ٻيون ٻوليون پيدا ٿيون(1).

ائين هر خطي ۾ جيڪا ٻولي ڳالهائي ويندي هئي، انهن ٻولين جي ماهرن، صحيح ٻولي ڳالهائڻ ۽ لکڻ لاءِ ڪي قاعدا قانون ٺاهيا، تنهن ڪري اسان چئي سگهون ٿا ته سڀ قاعدا ۽ گرامر ٻولين تان ٺاهيل آهن ۽ ڪا به ٻولي گرامر تان نه ٺهي آهي. عام طور چيو ويندو آهي ته چالو ٻولي، يعني اها ٻولي، جيڪا عام ماڻهوءَ جي ٻولي هجي ۽ ٻين ٻولين جي لفظن کي پاڻ ۾ سمائي شاهوڪار ٿيندي وڃي، اها سدائين پئي ڦرندي آهي، انهيءَ ڪري اهڙي ٻوليءَ جي گرامر کي ڪا بقا نه هوندي آهي.

بهرحال دنيا ۾ هر ڳالهه حڪم ۽ ضابطي جي ڏوريءَ ۾ ٻڌل آهي. سج، چنڊ ۽ تارا به ڪن قاعدن تحت هلن ٿا، تيئن ٻوليءَ کي به قدرت جا ڪي قانون مڃڻا پون ٿا. خود اهي قاعدا به ڪن اصولن تي ٻڌل آهن، جن جو لاڳاپو انسانن سان آهي ۽ جيئن ته ٻولي ڳالهائيندڙ فقط انسان آهن، ان ڪري انهن اصولن جو لاڳاپو به ضرور انسانن سان ئي ٿيندو۔

ڀيرو مل مهر چند آڏواڻيءَ، 1941ع ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت کوجنا واري پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ”آئيندي اسان جي پرڳڻي جون حالتون ڪهڙيون ٿينديون، ان بابت اڳڪٿي ته نٿي ڪري سگهجي ته سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل ڇا ٿيندو، پر ٻولي پاڻ ڳالهائي رهي آهي. 1100ع کان وٺي جيئن سنڌي ڌار ٻولي ٿي ڪم اچڻ لڳي آهي، تئين سنسڪرت واريون پيچيده شڪليون گهڻي قدر وڃائي، سادي صورت ورتي اٿس. (1)هن کان پوءِ به جيئن وڌيڪ ترقي ڪندي، تيئن وڌيڪ سولي ۽ سهنجي ٿيندي ويندي، تنهنڪري سندس گرامر به وڌيڪ سولو ٿيندو ويندو. انسانن جي عمر جي مرحلن: ننڍپڻ، جوانيءَ ۽ پيريءَ وانگر ٻولين جون به منزلون ۽ مرحلا هوندا آهن. اڄ جيڪي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، اهي منزلون طئي ڪنديون، سادي سلوڻي هئڻ واري مرحلي تي پهتيون  آهن ۽ انهن جو اهو سفر اڃا جاري آهي. “

ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، گهڻا ورهيه اڳ جيڪا ڳالهه ڪئي هئي، اها اڄ به سنڌي ٻوليءَ سان لاڳو ٿئي ٿي. سنڌي ٻولي ترقي ڪندي، عام فهم قسم جي ٻولي بڻجي وئي آهي، پر پريشان ڪندڙ ڳالهه  هيءَ آهي ته هن وقت سنڌي سماج وانگر سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان به هڪ قسم جي انارڪي پکڙيل آهي ۽ ڪير به ٻوليءَ جي قاعدن تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ جنهن نموني بگاڙ اچي رهيو آهي، اهو عمل ان تيزيءَ سان جاري رهيو ته ايندڙ وقت ۾ موجوده سنڌي ٻولي به بدلجي چڪي هوندي ۽ ان جي ڪا ٻي شڪل هوندي. ٻولين جون شڪليون ڪيئن بدلجن ٿيون، ان جو مثال اهو ڏيئي سگهجي ٿو ته هنديءَ ۾ ڪشميري ۽ سرائڪي ٻوليون گڏجي ويون ته سندن ميلاپ سان پنجابي ٻولي ٺهي پئي، جيئن هندستان جي بادشاهن جي لشڪرن ۾ شامل مختلف قومن جي ماڻهن جي ٻولين، اردوءَ کي جنم ڏنو يا خود لسٻيلي، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ ٻين علائقن ڏانهن سنڌين جي لڏپلاڻ کان پوءِ اتي سنڌي ٻوليءَ، نئين لهجي (dialect) جي شڪل اختيار ڪئي آهي. تاريخي حقيقت هيءَ آهي ته هندستان ۾ هڪ ٻئي پٺيان ڌاريا ڪاهي آيا، جن جي اچڻ سان هتان جون ٻوليون وڌيڪ بگڙيون ۽ نين ٻولين جنم ورتو.

سنڌي ٻولي صدين جو سفر ۽ ارتقائي مرحلا طئي ڪندي، هڪ مڪمل ۽ ڌار ٻولي جي حيثيت ۾ قائم ۽ دائم رهي. اڄ سنڌي ٻولي اتر هندستان، سري لنڪا ۽ آسٽريليا کان آيل ڪولن، سنٿالن، دراوڙن، پنچالن، آرين، ايران جي پشاچن، سٿين، عربن، پارسين، پورچوگيزن، ڊچن، فرينچن، افغانين، ارغونن ۽ انگريزن جي ٻولين جي لکين لفظن جا ڀنڊار کڻي، هڪ منفرد شڪل ۾ موجود آهي، پر ڌارين جو سنڌ ڏانهن اچڻ جو جيڪو سلسلو تيزيءَ سان جاري آهي، انهيءَ سنڌي ٻوليءَ کي لفظن جو نئون ذخيرو ڏيڻ سان گڏ ٻوليءَ جي بنيادي قاعدن ۽ گهاڙيٽي کي خطري ۾ به وجهي ڇڏيو آهي.

يورپي ماهرن: اَرنيسٽ ٽرومپ، جان بيمس ۽ ٻين جي راءِ هئي ته سنڌي خالص سنڪسرتي ٻولي آهي، جنهن مرهٽي، هنديءَ، پنجابيءَ، بنگاليءَ ۽ ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ پنهنجي گرامر واري اصل انداز کي برقرار رکيو آهي ۽ پنهنجي الڳ راهه تي هلندي رهي ٿي. پر اڄ اسان محسوس ڪريون ٿا ته سنڌي ٻوليءَ کي بي ڍنگي انداز ۾ بگاڙيو پيو وڃي. انهيءَ جا ڪارڻ هن ريت آهن:

هندستان مان ورهاڱي وقت ۽ ان کان پوءِ پاڪستان جي ٻين صوبن مان سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ سبب، سنڌ جي شهرن خاص ڪري ڪراچيءَ، حيدرآباد، ميرپورخاص وغيره ۾ سنڌي وسنديون ٻاهرين ماڻهن سان ڀرجي ويون ۽ سنڌي ماڻهن جي زندگيءَ هڪ نئين ماحول ۾ گذرڻ لڳي، جنهن ۾ ڏينهن رات سندن واسطو انهن اوپرن انسانن سان پوڻ لڳو. نتيجي طور هو سنڌي گهٽ ۽ اردو وڌيڪ ڳالهائڻ لڳا. سنڌي ٻارن کي اسڪولن(خاص ڪري خانگي اسڪولن) ۾ سنڌيءَ بدران اردوءَ ۾ تعليم ملڻ لڳي ۽ اِئين سنڌيءَ سان واهپو گهٽجي وڃڻ سبب سندن Spoken (ڳالهايل) سنڌي بدلجي وئي. اڄ اسان کي هن قسم جا جملا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا:

  1. سورج ڊُٻي ويو.
  2. سيڙهيءَ تان پير ڦِسلي ويو.

شهرن جي خانگي اسڪولن ۾ نرسريءَ ۽ ڪي . جيءَ کان وٺي مٿين ڪلاسن تائين سنڌي ٻارن کي اردو سبجيڪٽ پڙهايو وڃي ٿو، کين سنڌي نٿي پڙهائي وڃي. جڏهن ته اصول ۽ قاعدي موجب سنڌي ٻارن کي سنڌيءَ ۾ ۽ اردوءَ وارن کي اردو مادري زبان ۾ پڙهائڻو آهي. فقط ٽئين درجي کان سنڌي ٻارن تي ’آسان اردو‘ ۽ اردو ٻارن تي ’آسان سنڌي‘ رکيل آهي. انهن خانگي اسڪولن ۾ سمورا مضمون پڙهائيندڙ ته اردو ڳالهائيندڙ استاد هوندا آهن، پر سنڌي مضمون پڙهائڻ وارا به گهڻو ڪري غير سنڌي استاد آهن، جن کي انڌي منڊي سنڌي ايندي آهي. انهن اسڪولن ۾ جيڪا سنڌي پڙهائي وڃي ٿي، ان جو مثال اوهان کي ٻڌايان ٿو:

ڪراچيءَ جي هڪ اسڪول ۾ ستين درجي جي هڪ ٻار کي ليڊي ٽيچر سنڌي ڪتاب ۾ ”سنڌ جو مکيه فصل ڪڻڪ آهي،“ کي هن طرح پڙهايو:

”سنڌ جو مڪيه فصل ڪَٽڪ آهي.“

شروع ۾، خاص ڪري ون يونٽ واري دور ۾، سنڌي گهراڻن ۾ اردو ڳالهائڻ کي وڏي فخر جي ڳالهه سمجهيو ويندو هو. اڄ به اهڙا ڪيترائي گهراڻا آهن، جيڪي اردو ڳالهائين ٿا. جيتوڻيڪ سنڌين جي وڏي اڪثريت اڄ اردوءَ جي سحر مان ٻاهر نڪري آئي آهي، تڏهن به ائين نٿو چئي سگهجي ته اُهي اردوءَ جي اثرن کي ميساري سگهيا آهن. پاڪستان جي قيام کان پوءِ سنڌ اندر سنڌي ٻوليءَ سان وڏيون ناانصافيون ٿيون آهن. اسڪولن ۾ سنڌي ميڊيم ختم ٿيڻ، سرڪاري کاتن ۾ سنڌيءَ ۾ لکپڙهه بند ٿيڻ، سنڌي اخبارن ۽ ڪتابن جي ٿورائي، اردو اخبارن جو غلبو، سرڪاري ريڊيو ۽ ٽي.ويءَ تي اردو پروگرامن جي ڀرمار، انهن سڀني ڳالهين گڏجي سنڌين جي ذهنن تي اهڙو ته اثر وڌو، جو اڄ سنڌي ماڻهو سنڌيءَ ۾ لکڻ مهل به اردوءَ ۾ سوچي  ٿو. هو ڄاڻي واڻي ائين نه ٿو ڪري، پر غير ارادي طور هو ڳالهائڻ توڙي لکڻ ۾ اردو جملن جو ترجمو ڪري ٿو. مثال طور جڏهن موسم ”سٺي“ هجڻ جو اظهار ڪري ٿو ته اردو جي جملي ”موسم بهت اڇا هي“ جو سڌو سنئون ترجمو ڪري چوي ٿو: ”اڄ موسم ڏاڍو سٺو آهي.“ يا ڪجهه وقت اڳ جڏهن سج گرهڻ ٿي ته سنڌي اخبارن ۾ لاڳيتو اردوءَ جي حساب سان لکيو ويو ته ”سڀاڻي سج گرهڻ  ٿيندو“ يا ”اڄ سج گرهڻ ٿيندو.“ اردوءَ ۾ ”سورج گرهن هوگا،“ سندن گرامر جي حساب سان ته صحيح آهي، پر سنڌيءَ ۾ سج گرهڻ مذڪر بدران مؤنث ٿيندي، ڇو ته گرهڻ جي ”ڻ“ جي هيٺان زير اچي ٿي. سنڌين ۾ اها عادت ايتري پختي ٿي چڪي آهي، جو جڏهن اولاد جو ذڪر ڪن ٿا ته اردوءَ جي جملي ۾ ”ميري اولاد“ جو ترجمو ڪري ”منهنجي اولاد“ لکن ۽ ڳالهائين ٿا، جڏهن ته اولاد جي ”د“ تي پيشُ ڏجي يا زبر، اهو مذڪر ئي رهندو، مثال طور ”منهنجو اولادُ“ يا ”منهنجي اولادَ کي“.·

هلال پاڪستان ۾ هئڻ واري زماني ۾ محترم علي احمد بروهي اسان تي ڪاوڙبو هو ته اسان صحيح سنڌي نه ٿا لکون ۽ ان ۾ اردو لفظ ٺوڪيون ٿا. هو اسان جو بزرگ ۽ سينيئر هو. اسان ڪوشش ڪندا هئاسين ته پنهنجيون غلطيون ڳولي درست ڪريون. رهنمائي حاصل ڪرڻ لاءِ بروهي صاحب جا ڪالم به پڙهندا هئاسين. ان ڪوشش دوران مون ڏٺو ته هو سدائين ”هوائي اڏي“ کي ”هوائي اڏه“ لکندو هو. اهو لفظ اردوءَ جي لفظ ”هوائي اڊه“ جو سڌو سنئون ترجمو هو ۽ سنڌيءَ ۾ ان جو استعمال غلط هو، پر اسان پنهنجي بزرگ کي احترام وچان اها درستي ڪرڻ لاءِ چئي نه سگهياسين.

سنڌيءَ ۾ بگاڙ جا نمونا گهڻائي آهن. مثال طور: اڄ ڪلهه دُڪان جي جمع دڪانون، لفظ جو جمع الفاظ، لاش جو جمع لاشون، ڪلاس جو جمع ڪلاسون، افواهه جو جمع افواهون لکيو ۽ ڳالهايو وڃي ٿو. خود ”جامع سنڌي لغات“ (پنجن جلدن) جي مهاڳ ۾ ”الفاظ“ لفظ بار بار استعمال ٿيو آهي، جڏهن ته سنڌيءَ ۾ ”لفظُ“ جو جمع ”لفظَ“ آهي. يعني ”ظ“ جي مٿان زبر ڏبي.

اردو ٻوليءَ، سنڌيءَ تي خراب اثر وڌو آهي، پر خود اردوءَ جي ستياناس ڪرڻ ۾ پنجابيءَ ۽ سرائڪيءَ جو وڏو هٿ آهي، جن اسڪول، اسٽيٽ ۽ اسٽيشن جهڙن لفظن مان ”الف“ ته ڪڍي ڇڏيو، پر ”سمگلر“ ۾ اڳيان ”الف“ زوريءَ ڳنڍي ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ اڄ هر سنڌي اخبار ۾ اسان جا دوست ۽ ساٿي سمگلر کي اسمگلر ۽ سمگلنگ کي اسمگلنگ لکن ٿا.

مان ڪنهن جي دل آزاري نه ٿو ڪرڻ چاهيان، پر حقيقت هيءَ آهي ته تعليم جو ڪِريل معيار به اسان  جي ٻوليءَ ۾ بگاڙ آڻڻ جو وڏو سبب آهي. اسان وٽ رشوت ۽ سفارش تي ماستري ورتي وڃي ٿي. اهو ماڻهو به ماستر ٿي وڃي ٿو، جيڪو گهٽ پڙهيل آهي ۽ ان کي ٻي ڪا نوڪري نٿي ملي. اهڙن استادن هٿان ٻارن کي تعليم به اهڙي ملي ٿي. ساڳيو حشر اخبارن سان آهي. اخباري مالڪ گهٽ پگهار تي ماڻهو رکن ٿا، نتيجي طور انهن کي اهڙي ئي معيار جا ماڻهو ملن ٿا. حقيقت تلخ آهي، پر ڇا ڪجي، اخبارن ۾ به اهڙا ماڻهو نوڪريءَ لاءِ اچن ٿا، جن کي ٻئي هنڌ نوڪري نٿي ملي.

صحافتي زندگيءَ ۾ مون ڏٺو ته ڪيترن نوجوانن کي انگريزي ته پري، سنڌي به درست لکڻ نه ايندي آهي. هو چوندا آهن ته سب ايڊيٽري نه سهي، پروف ريڊر طور ئي ڪم سان لڳايو، ڪجهه نٿو اچي، پر سکي وٺنداسين. مڃان ٿو ته اسان جون سماجي ۽ اقتصادي حالتون بدتر آهن، بک ۽ بدحالي آهي، ڪنهن نه ڪنهن نموني سان روزگار حاصل ڪرڻ مجبوري آهي، پر اخبارن ۾ ٻوليءَ سان جيڪو حشر ٿئي ٿو، اها به ته هڪ حقيقت آهي. منهنجيءَ ان ڳالهه کي ڪنهن جي عزتِ نفس تي حملو نه سمجهيو وڃي.

اخبار اهڙو ادارو آهي، جنهن ۾ هر ڪم نهايت تيزيءَ سان ڪرڻو پوندو آهي. رپورٽر کي پنهنجي خبر تيز رفتاريءَ سان لکي. نيوز ايڊيٽر جي حوالي ڪرڻي هوندي آهي. اهڙيءَ طرح سب ايڊيٽر به ايجنسين ۽ نمائندن جي خبرن جي نوڪ پلڪ سڌاري،”سبنگ“(Subing)  ڪري، انهن کي نيوز ايڊيٽر جي حوالي ڪرڻ لاءِ محدود وقت جا غلام هوندا آهن، ڇو ته اخبار ۾ هر ڪم جي لاءِ deadline مقرر هوندي آهي. اهڙيءَ طرح خبرن جي ڪمپوزنگ جو مرحلو اچي ٿو. انهن سڀني مرحلن ۾ غلطين جي گنجائش تمام گهڻي هوندي آهي ۽ انهن جي درستيءَ جي ذميواري پروف ريڊرن تي هوندي آهي. انهيءَ ڪري اخبار جو اهو شعبو نهايت اهم آهي. هڪ پروف ريڊر جي اهليت، سب ايڊيٽر ۽ رپورٽر کان به وڌيڪ هئڻ گهرجي ته جيئن هو انهن جي غلطين کي ٺاهي ٺيڪ ڪري سگهي، پر اخبارن ۾ عملي طور ان جي ابتڙ آهي. پروف ريڊر، خاص طور سنڌي اخبارن جا پروف ريڊر، انهيءَ اهليت تي پورا نٿا لهن، نتيجي ۾ اسان جون اخبارون بي شمار غلطين سان ڀريل هونديون آهن.

اخبارن ۾ خبرن جي هيڊنگن يعني سرخين ۾ ٿيندڙ غلطين جو جائزو وٺڻ سان محسوس ٿيندو ته ان جي ذميواري نيوز ايڊيٽر تي اچي  ٿي. سنڌي اخبارن ۾ عام طور سب ايڊيٽر، خبرن جون سرخيون لکن ٿا ۽ پوءِ اهي نيوز ايڊيٽر جي نظر مان گذرن ٿيون. سرخين ۾ جيڪي غلطيون نظر اچن ٿيون، انهن ۾ هڪ ته اردو لفظن جو استعمال عام آهي: مثال طور ”حتمي“ يا ”مُبينه“ جهڙا لفظ، جيڪي سنڌيءَ ۾ ٺهڪن ئي نه ٿا: گهڻو ڪري لکيو ويندو آهي ته ”مبينه پوليس مقابلو“ يا ”حتمي فيصلو.“ هيڊنگ ۾ مبينه لکڻ ضروري ناهي. خبر ۾ اندر وضاحت لکي سگهجي ٿي ته ”پوليس، مقابلي ۾ هيترا ماڻهو يا ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.“ اهڙي طرح حتمي بدران ’قطعي‘ يا ’پڪو فيصلو‘ لکي سگهجي ٿو.

انهيءَ کان سواءِ سنڌي اخبارن ۾ ”ءَ“ (الف همزي)جو استعمال ته عملي طور ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن اسان خبر ڏيون ٿا ته ”ڪراچي ۾ بم جو ڌماڪو ٿيو،“ تڏهن ڪراچيءَ جي ”ي“ جي پڇاڙيءَ ۾ ”ءَ“ ڏيڻ ضروري آهي.

اهڙيءَ طرح نئين ديري ۾ هڙتال، ٽنڊي ڄام ۾ ڌاڙو، ٺٽي ۾ خوفناڪ حادثو يا اهڙي قسم جي ٻين هيڊنگن ۾ نئون ديرو ۾ هڙتال، ٽنڊو ڄام ۾ ڌاڙو ۽ ٺٽو ۾ خوفناڪ حادثو لکيو وڃي ٿو، جيڪو صحيح ناهي.

هيڊنگن جو تاڃي پيٽو به اڪثر غلط هوندو آهي. مثال طور ”ڳوٺ تي ڌاڙيلن جو حملو“ بدران لکيو وڃي ٿو: ”ڌاڙيلن جو ڳوٺ تي حملو“ يا ”ڌاڙيلن جي ڳوٺ تي ڪاهه“، يا لکيو وڃي ٿو ”قومي شاهراهه تي ڌاڙيلن جي مسافرن کان ڦر“، جڏهن ته اهو جملو لکڻ گهرجي، ”قومي شاهراهه تي ڌاڙيلن هٿان مسافرن کان ڦر“. هڪ هيڊنگ هن قسم جي به لکي وڃي ٿي، ”استادن پاران ڪيل بک هڙتال ستين ڏينهن به جاري“: جڏهن ته اها هيڊنگ سولي ڪري هينئن لکي سگهجي ٿي ته: ”استادن جي بک هڙتال ستين ڏينهن به جاري ”هيڊنگ ۾  پاران“ لکڻ سان “on behalf” وارو انداز ملي ٿو، جڏهن ته استادن پاران ٻيو ڪير نه بلڪ هو پاڻ بک هڙتال تي ويٺل آهن.

هڪ ٻيو مثال:

”سنڌ جي قومي راند سڏجندڙ راند ملهه جي مقبوليت ۾ گهٽتائي“ اها هيڊنگ هن طرح لکجي ته بهتر:

”سنڌ جي قومي راند ملهه جي مقبوليت گهٽجي وئي“

اڄڪلهه ٻوليءَ ۾ بيهڪ جي نشانين (Punctuation marks) جو صحيح استعمال به نٿو ڪيو وڃي، خاص طور هيڊنگن ۾ غلط نشانيون (Punctuations) استعمال ٿين ٿيون. ان جا مثال هن ريت آهن:

”ڪراچيءَ ۾ ڌماڪو: 5 ماڻهو فوت: 10 گاڏيون تباهه.“

هن هيڊنگ ۾(: )ڪولن جو استعمال غلط آهي. اتي ڪولن(:) جي بدران ڪاما (،) استعمال ٿيندي، پر هر سنڌي اخبار ڪولن (: ) جي استعمال جو رواج وڌائي ڇڏيو آهي. هيڊنگ ۾ ڪولن فقط ان حالت ۾ استعمال ٿي سگهي ٿو، جڏهن اسان لکون:

ڪراچي: بم ڌماڪي ۾ 5 ماڻهو فوت

هن هيڊنگ جي ٻئي حصي ۾ به ڪولن نه، بلڪ ڪاما استعمال ٿيندي.

ڪجهه ڏينهن کان ڪولن سان گڏ هيڊنگ ۾ ”واڪ جي نشانين“ (انورٽيڊ ڪاماز ” “) جو غلط استعمال به نظر آيو آهي. مثال طور : هڪ اخبار ۾ هڪ هيڊنگ هن طرح هئي:

V.V.I.P ڊيوٽي“: سرڪار پاران 6 هيليڪاپٽر خريد ڪرڻ جو فيصلو.

هن هيڊنگ ۾ ڪولن جو استعمال ته صحيح آهي، پر انورٽيڊ ڪامائون (” “) نه ڏيڻ گهرجن ها.

ٻي هيڊنگ هئي:

روينيو کاتي ۾ ”عوامي ڦرلٽ“: 5 بنيادي دستاويزن تي ”غير سرڪاري في“ مقرر: ڪليمن جو ڪاروبار جاري.

هن هيڊنگ ۾ ڪولن جي بدران ڪاما استعمال ڪجي ها. انورٽيڊ ڪامائن جو استعمال بلڪل اجايو آهي. 5 انگ بدران ”پنجن“ لکڻ درست ٿيندو.

هيڊنگ ۾ غلطين، لفظن جي غلط استعمال، اجاين بيهڪ جي نشانين (punctuations) ۽ غلط تاڃي پيٽي جا گهڻا ئي مثال ملن  ٿا.

ٻوليءَ ۾ بگاڙ پيدا ٿيڻ جا ڪجهه سبب آءٌ اڳ ۾ ئي ڄاڻائي آيو آهيان. ان کان سواءِ ٻيا سبب اهڙا آهن، جيڪي انسان جي پنهنجي فطرت سان واسطو رکن ٿا. انسان ڪوشش ڪندو آهي ته لفظن کي سهنجو ڪري استعمال ڪري. ان ڪوشش ۾ ڪن لفظن جون اڳياڙيون (prefixes) ختم ٿيو وڃن ته ڪن جون پڇاڙيون (suffixes) ختم ٿيو وڃن. مثال طور ”اڙي“ لفظ مان ”الف“ ڪڍي سهنجي انداز ۾ ”ڙي“ استعمال ڪريون ٿا. ان قسم جي بگاڙ کي “economy of effort” سڏجي ٿو. ٻيو سبب آهي ”کوٽي مناسبت“ يعني false analogy، هن طريقي ۾ اسان پاڻ نوان اکر ٺاهيون ٿا. مثال طور سڻ مان سُڻڻ يا ڄاڻ مان ڄاڻڻ اکر ٺاهيل آهن، پر اڄڪلهه ڪي نوان لفظ ٺاهي، استعمال ڪيا پيا وڃن. مثال طور ”خانگي“ لفظ مان ”خانگائڻ“ ٺاهيو ويو آهي. اهو لفظ هن دؤر دؤران مروج ٿيو، جڏهن ملڪ ۾ سرڪاري ادارن جي privatization جو عمل شروع ٿيو. اردوءَ ۾ ان لاءِ ”نجڪاري“ لفظ استعمال ٿئي ٿو. نج اکر ته ٺيٺ سنڌي آهي ۽ جيڪڏهن سنڌي ۾ به ”نجڪاري“ لکجي ته چڱو، پر ان بدران ”خانگائڻ“ استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪو ڪجهه ڳورو لفظ لڳي ٿو.

اهڙي طرح ”اعلان“ لفظ مان ”اعلانيل“ لفظ ٺاهي استعمال ڪيو وڃي ٿو. اعلانيل اسان غلط نه به چئون، پر ايترو سٺو به نٿو لڳي ۽ اهو فقط اخبارن جي لکت ۾ استعمال ٿئي ٿو، جڏهن ته ڪتابن ۾ لکڻ ته ٺهيو، عام طور ڳالهائڻ لاءِ به ڪير ان کي استعمال نٿو ڪري. اخبارن ۾ هيڊنگ ۾ لفظ گهٽائڻ جي خيال کان ”اعلان ڪيل“ يا ”پڌرو ڪيل“ جي بدران ”اعلانيل“ لکيو وڃي ٿو.

اخباري ٻوليءَ کي بگاڙڻ ۾ اشتهاري ادارن کي به ذميوار سمجهان  ٿو. اهي ادارا ڪنهن به اشتهار جي ڊزائن ۽ ”آرٽ پُل“ انگريزيءَ ۽ اردوءَ ۾ ٺهرائن ٿا. ان کان پوءِ سنڌيءَ ۾ ان جو ترجمو پاڻ ڪرائين ٿا ته ان جي ڪتابت ۽ ڪمپوزنگ به سندن نگرانيءَ ۾ ٿئي ٿي. نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو حشر نشر ٿيو وڃي، ڇو ته غلط ترجمي جو کين احساس ئي نه ٿيندو آهي ۽ ٻيو ته calligraphers (ڪاتب حضرات) به غير سنڌي هوندا آهن.

جڏهن اردوءَ يا انگريزيءَ ۾ تيار ٿيل اشتهار، هُو سنڌي اخبارن کي ان هدايت سان موڪليندا آهن ته اهو سنڌيءَ ۾ ڇپيو وڃي ته ان مهل سنڌي اخبارن جو اسٽاف آزار ۾ هوندو آهي، جو کين سنڌي ترجمو به اشتهارن جي ڊزائن ۽ آرٽ پل موجب ڪرڻو پوندو آهي. نتيجي ۾ سنڌي اسٽاف پاڻ به اشتهار ۾ غلط سنڌي لکڻ تي مجبور هوندو آهي. اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ اخبارن جا اشتهار پڙهي سگهجن ٿا.

 اصل ۾ اهو مسئلو ان ڪري پيش اچي ٿو، جو انگريزي جملن جي بيهڪ مختلف هوندي آهي ۽ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ سان ان جي بيهڪ ٻي ٿي وڃي ٿي، جڏهن ته سنڌي اخبارن کي پابند ڪيو ويندو آهي ته اشتهار جي ڊزائين ۾ تبديلي نه اچي.

هر ٻوليءَ جو پنهنجو ڍنگ آهي. سنڌيءَ وارو ڍنگ انگريزيءَ ۾ ۽ انگريزيءَ وارو ڍنگ سنڌيءَ ۾ آڻڻ ڏکيو آهي. سنڌي لکڻ مهل انگريزيءَ ۾ سوچبو ته لکڻ ڏکيو ٿيندو. ائين انگريزي لکڻ لاءِ سنڌيءَ ۾ سوچڻ غلط آهي. جنهن ٻوليءَ ۾ لکڻو هجي ته سوچجي به اُن ٻوليءَ ۾، ان سان ٻوليءَ جا سمورا لفظ ذهن تي تري ايندا. انگريزيءَ يا اردوءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ مهل اُن کي نج سنڌي رنگ ۾ آڻبو ته جملن جي بيهڪ به صحيح رهندي ۽ جمع، واحد، جنس ۽ گرامر جي ٻين ڳالهين جو استعمال به صحيح ٿيندو.

هڪ ٻيءَ ڳالهه جو ڌيان رکڻ به ضروري آهي. ڳالهائڻ مهل ٻوليءَ جو مزاج ٻيو هوندو آهي ۽ لکڻ مهل ٻيو، يعني اسان کي spoken (ڳالهايل) ۽ written (لکيل) ٻوليءَ ۾ فرق رکڻ گهرجي. مڃون ٿا ته هر ماڻهو جي ٻولي ساڳي نٿي ٿي سگهي، هر ماڻهوءَ جي مهانڊي ۽ چال وانگر سندن ٻولي ۽ لکڻي به الڳ ٿئي ٿي. ايتريقدر جو مرد ۽ عورت جي ٻوليءَ ۾ به فرق آهي. ڪو ماڻهو ٻوليءَ مان گهڻو واقف هوندو ته ڪير ٿورو- اهو به مڃون  ٿا ته سري، وچولي ۽ لاڙ ۾ ڳالهائجندڙ ٻولي سنڌي آهي. سري مان سامي، سچل، بيدل ۽ بيڪس جي ٻولي به ٺيٺ سنڌي آهي، جتي ڪارڪن کي چون کارڪان ۽ زال کي چون زالان، ڀٽائيءَ جو ته سڄو ڪلام ئي لاڙي ٻوليءَ ۾ آهي. چوندا آهن ته ٻارهين ڪوهين ٻولي بدلجي ٿي، ان کي لهجو (dialect) يا اُپڀاشا چون ٿا. سنڌ ۾ ڳالهائڻ جا گهڻئي لهجا يا اپڀاشائون آهن پر اسان جنهن کي ڪتابي ٻولي چئون ٿا، اها حيدرآباد ۽ نوابشاهه جي ساهتيه پرڳڻي سان تعلق رکي ٿي. ان جو سبب اهو آهي ته 1853ع ۾ جڏهن سنڌ جي تعليم کاتي پهريون ڀيرو اسڪولن لاءِ درسي ڪتاب جوڙايا ته اهو ڪم حيدرآباد جي هندو ۽ مسلم ماهرن تي رکيو ويو، جن اها ٻولي استعمال ڪئي، جيڪا هو پاڻ ڳالهائيندا هئا، انهيءَ ڪري اڄ تائين اسان جي تحريري ٻوليءَ جو تاڃي پيٽو انهيءَ سادي سلوڻي لهجي (dialect) تي رکيل آهي ۽ جڏهن اسان صحافتي ٻوليءَ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ذهن ۾ سادي سلوڻي ۽ عام فهم ٻوليءَ جو تصور اچي ٿو ۽ اسان کي گهرجي ته انهيءَ رستي (track) تان نه هٽون.

اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته عام فهم سنڌي لفظ ۽ سولا جملا استعمال ڪريون. دنيا ۾ ڏکيا جملا لکي اهميت وڌائڻ وارو رواج ختم ٿي ويو آهي. هاڻ ان کي ئي سٺو ليکڪ سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو سادن لفظن ۾ سڌو سنئون لکي ٿو. اسان کي به ڪوشش ڪري سنڌي لفظ لکڻ گهرجن. جيڪڏهن ٺپ نه ٿا ملن ته پوءِ انگريزي يا ٻين ٻولين مان کڻجن يا انهن جو ترجمو ڪري سولا لفظ ٺاهجن، پر ائين نه ٿئي، جو ٿرماميٽر بدران ”مقياس الحرارت“ جهڙا لفظ ٺاهيون. اهڙن ڏکين لفظن بدران ٿرماميٽر، ڪمپيوٽر ۽ اهڙا ٻيا اصل لفظ لکڻ گهرجن. هونئن به سنڌيءَ ۾ پورچوگيز، ڊچ، فرينچ، انگريزي، يوناني، چيني، ترڪي، گجراتي، راجسٿاني، عربي، فارسي، بلوچي، پشتو ۽ ٻين ٻولين جا لفظ استعمال هيٺ آهن، مثال طور پادري، پستول، ڪمرو، ترپ جو پتو، اردلي، آرماڙ، اسٽئمپ، اسپتال، اسٽيشن، اسڪرو، اسڪول، بٽڻ، بوتل، ٽجوڙي، ٽڪيٽ، ٽئڪس، پتلون، پينشن، پين، جج، چاڪ، ڊزن، رپورٽ، رنگروٽ، پلٽڻ، سليٽ، ڪاليج، ڪرنل، ڪوچ، ڪپتان، ڪورٽ، ڪوٽ، گلاس، مئجسٽريٽ وغيره وغيره. اسان وٽ چانهه يا چاءِ اکر چيني ٻوليءَ جي ”شا“ اکر مان ٺاهيل آهي.

بهرحال سنڌيءَ ۾ لفظن جو ذخيرو وڌندو  پيو وڃي. اهو چوڻ به اجايو آهي ته سنڌي ٻوليءَ وٽ سائنسي ۽ واپاري ٽرمنالاجي ڪانهي، ائين بيشڪ آهي ته جديد سائنسي ايجادن جي حساب سان اسان وٽ ٽرمنالاجي ڪانهي، پر ان کي ٻين ٻولين جي لفظن کي سادو سولو بنائي پورو ڪري سگهجي ٿو. بهرحال اسان کي گهرجي ته پنهنجي ٻوليءَ جي وساريل لفظن کي استعمال ۾ آڻيون. مان ته چوندس ته جيڪڏهن ڪنهن سنڌيءَ مالهيءَ کان اوهان پڇندؤ ته هو اوهان کي باٽنيءَ جي مڪمل ٽرمنالاجي سنڌيءَ ۾ ٻڌائيندو.

مثال طور: ovary جو متبادل ڳڀيرڻ. Petal يا cepal جو متبادل پنکڙي، pistil جو متبادل مادي وار ۽ stamen جو متبادل نَروار جهڙا لفظ سنڌيءَ ۾ موجود آهن.

سنڌيءَ ۾ لفظي ذخيري (word stock) جي حوالي سان 1940ع ڌاري ڇهين درجي جي ڪتاب ۾ ڏنل هڪ سبق ۾ ڄاڻايل هو ته سنڌيءَ ۾ فقط 20 هزار لفظ آهن، جن مان سنسڪرت جا 12000، ديسي لفظن جو تعداد 3500، پارسي لفظن جو تعداد 2000 ۽ عربي لفظن جو تعداد 2500 ڄاڻايل هو. اهو تعداد غلط هو، ڇو ته ان وقت سنڌي ڊڪشنريءَ تي ڪم شروع ڪيو ويو هو ۽ رڳو الف سان شروع ٿيندڙ لفظن جو تعداد پنج هزار هو. ان حساب سان ”ء“، ”ه“، ”ڻ“ ، ”ڃ“ ۽ ”ڱ“ کي ڇڏي، سنڌيءَ جي باقي 47 حرفن لاءِ في  حرف پنج هزار لفظن هجن ته ڪل ذخيرو 500، 23 بيهڻ گهرجي. اهو انگ وڌي به سگهي ٿو.

انگريز ماهر ڪئپٽن شرٽ صاحب جي تيار ڪيل ڊڪشنريءَ ۾ 928 صفحن مان هر صفحي تي 21 کان 22 لفظ هئا، ان حساب سان به اهي 20 هزار 400 کن لفظن ٿين ٿا. پر اڌ صديءَ کان پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي تيار ڪيل پنجن جلدن واري سنڌي لغت جي 3088 صفحن ۾ به فقط 77 هزار کن لفظ آهن. مان ان ڊڪشنريءَ کي به اڻپورو سمجهان ٿو. ان ڊڪشنريءَ کي به مڪمل (update) ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هتي عرض ڪندو هلان ته انگريزن جي زماني کان پوليس، روينيو، عدالتن ۽ ٻين کاتن ۾ سنڌيءَ ۾ لکپڙهه ٿيڻ جي ڪري، انهن شعبن جو مقصد پورو ڪندڙ لفظن جو وڏو ذخيرو استعمال هيٺ هو. اڄ جيڪڏهن اهو پراڻو رڪارڊ هٿ ڪري، اها نج سنڌي ٽرمنالاجي استعمال ۾ آندي وڃي ته اسان وٽ لفظن جو ذخيرو اڃا وڌي ويندو. مان هڪ مثال ڏيندس ته عدالتن ۾  ڪيسن جي “hearing” لاءِ ٺيٺ سنڌي لفظ ”شنوائي“ استعمال ٿيندو هو، اڄ ان لفظ کي ترڪ ڪري اسان جا يار ”ٻُڌڻي“ لفظ استعمال ڪن ٿا، جيڪو مناسب ناهي.

سنڌيءَ ۾ ته ڪاروباري ٻوليءَ جا ”ڦانڊڻي“ ۽ ”هُنڊي“ جهڙا لفظ به موجود آهن. اهڙن لفظن جون ڊڪشنريون به ٺهڻ گهرجن، جيئن 1987ع ۾ شمس الدين تنئي صاحب جي تيار ڪيل ”جديد سائنٽيفڪ ڊڪشنري“ ان ڏس ۾ اهم قدم هو.

هلال پاڪستان ۾ سائين سراج صاحب واري زماني ۾ اسان ڪوشش ڪندا هئاسين ته نج سنڌي لفظ هٿ ڪري پاڻ وٽ لکندا وڃون. هن وقت به سنڌي اخبارن ۾ اها ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اخباري ادارن اندر رجسٽر رکڻ گهرجي، جن ۾ اسٽاف جي رهنمائيءَ لاءِ ٺيٺ سنڌي لفظ لکيا وڃن، جڏهن به ڪو لفظ هٿ اچي ته ان کي رجسٽر ۾ درج ڪيو وڃي، اُن سان لفظن جو ذخيرو گڏ ٿيندو ويندو. مان سمجهان ٿو ته اخبارن جا مالڪ ۽ ايڊيٽر، اخبارن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ يا ٿيندڙ غلطين جو گهڻو نوٽيس نه ٿا وٺن. کين روزانو اخبارن ۾ ٿيل غلطين جو جائزو وٺي، اسٽاف جي ڌيان تي آڻڻ گهرجي ته جيئن ٻئي ڏينهن اهي غلطيون نه ورجائجن. سنڌي اخبارن ۾ اردو ۽ انگريزي ڊڪشنري ته استعمال ٿئي ٿي، پر سنڌي ڊڪشنريون، سنڌي لفظن جي صحيح چونڊ لاءِ استعمال نه ٿيون ٿين، تنهنڪري اخباري مالڪن ۽ ايڊيٽرن کي سنڌي لغت جي استعمال جو رواج وجهڻ گهرجي.

سنڌي اخبارن ۾ استعمال ٿيندڙ غلط لفظن جي نشاندهي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو مانيٽرنگ سيل ڪري رهيو آهي، جيڪا سٺي ڳالهه آهي، ساڳيءَ طرح ان موضوع تي ليڪچرن ڪرائڻ سان گڏ سنڌي صحافت جي حوالي سان ريفريشر ڪورس به ڪرائجن.

ڪجهه غلط ۽ صحيح لفظن جي پٽي هيٺ ڏجي ٿي:

 

غلط

صحيح

فرقيواراڻي

فرقيوار

ٻُڌڻي

شنوائي

ٻڪرو

ٻڪر

مڱڻي

مڱڻو

خرد برد

گهوٻي/گهوٻيون

ڪارپ جو الزام

ڪارنهن جو الزام

ڪراچي واسي

ڪراچيءَ واسي

انٽرميڊيٽ

انٽرميڊئيٽ

بينيوئل فنڊ

بينيوويلنٽ فنڊ

جلسه عام

عام جلسو

ٽنڊو آدم لڳ ڌاڙيلن جي ڦُر

ٽنڊي آدم لڳ ڌاڙيلن هٿان ڦر

سج گرهڻ ڏٺو

سج گرهڻ ڏٺي

گز

وال

مربع

چورس

ڊيمانڊ

ڊمانڊ

تعجب جي ڳالهه ڪونهي

تعجب يا عجب جي ڳالهه ڪانهي

اڄ هي پنهنجي ڪمپني

اڄ ئي پنهنجي ڪپني

بيمه دار

ويميدار

گاڙي

گاڏي

عمري جا ريٽرن ٽڪيٽ

عُمري جو رِٽرن ٽڪيٽون

درجن

ڊزن

اقدار

قَدُرَ(جمع)

لکن روپين جا

لکين روپين جا

خصوصيات

خاصيتون

لاشون

لاشَ

نمازي جنازه

جنازي نماز

اسملنگ

سمگلنگ

5 هين سالگره

پنجين سالگره

تمام قانون

سمورا قانون

حدف

حد، نشانُ، تَڪَ

پوري ملڪ ۾

سڄي يا سموري ملڪ ۾

منهنجي اولاد

منهنجو اولاد

رَتُ وهي پئي

رَتُ وهي پيو

شرط رکي

شرط رکيو

اعلانيل

اعلان ڪيل، پڌرو ڪيل

ڪِرايو (گهرَ جو)

مسواڙ

ڪِرايو (بس وغيره جو)

ڀاڙو

لاش پئي هئي

لاش پيو هو

ڪيتري اولاد آهي

گهڻو يا ڪيترو اولاد آهي

ڪلاسون

ڪلاسَ

سَتيِنءَ ڪلاس ۾

ستين ڪلاسَ يا درجي ۾

موسم سٺو آهي

موسم سٺي آهي

سج گرهڻ ٿيو

سج گرهڻ ٿي

سالگره ٿيندو

سالگره ٿيندي

اسمگلر

سمگلر

سڪول

اسڪول

سٽيٽ

اسٽيٽ

دڪانون

دڪانَ

ٽئڪسون

ٽئڪسَ

الفاظ

لفظَ

پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي

ڳوٺ تي پوليس جي چڙهائي

استادن پاران ڪيل هڙتال ستين ڏينهن به جاري

استادن جي هڙتال ستين ڏينهن به جاري

سڳيون ۾ ڦر: چوڪيدار قتل ۽ احتجاج طور شهر بند

سڳيون ۾ ڦر، چوڪيدار قتل، احتجاج طور شهر بند(:ڪولن جي بدران ڪاما ايندي)

نُڪتو

نُقطو

 

 

 

 

 

ڦلو مل ميگهواڙ

 

ڍاٽڪي ٻولي

 

                هر قوم پنهنجي تاريخي سڃاڻپ ۽ ثقافتي ورثي کي ٻوليءَ ۾ سانڍي رکندي آهي. دؤر بدلجي ويا آهن، ٻوليون پڻ ڪمرشلائيز (Commercialize) ٿي چُڪيون آهن. ڪيتريون ئي ٻوليون وقت جي ور چڙهي ويون ۽ ڪيترين ٻولين جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آهي. ڌاري ٻوليءَ کي سڀ ڪجهه سمجهڻ سان توڙي جو ڪيترائي فائدا هجن ٿا، پر هڪ اهم نقصان اهو ٿيندو آهي ته جيڪي به ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ کان پري ٿين ٿا، اُهي پنهنجي قومي سڃاڻپ وڃائي ويهن ٿا. انهيءَ ڌارا ۾ اُهي ٻوليون به ويچاريون نظر اچن ٿيون، جيڪي پنهنجي تاريخ ۽ ادب به رکن ٿيون، لکين ماڻهو کين ڳالهائين ٿا ۽ پنهنجي خطي ۾ نصابي حيثيت پڻ رکن ٿيون. اُتي انهن ٻولين جو ڇا ٿيندو، جيڪي آهن ته قديم، پر پنهنجو محدود دائرو رکن ٿيون. مقامي سطح تي صرف ڳالهايون وڃن ٿيون ۽ انهن جي رسم الخط به طئي نه ٿيل آھي. اهڙين ئي ٻولين مان ’ڍاٽڪي‘ پڻ هڪ آهي.

                        ڍاٽڪي، ٻولي آهي يا لهجو؟ يا سنڌي ٻوليءَ جي ٿري لهجي جو ننڍو لهجو؟ انهيءَ ڳالهه کي واضح ڪرڻ لاءِ اسان اهو ڏسنداسين ته اها ڳالهائي ڪٿي پئي وڃي ۽ انهيءَ متعلق ماهرن ڪهڙي تحقيق ڪئي آهي.

رائچند هريجن لکي ٿو ته :

”سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي جا طبعي ڀاڱا ٻه آهن، هڪڙو ’ڍٽ‘ يعني وارياسو ڀٽن وارو ڀاڱو، ٻيو ڏاڍي (سخت) زمين وارو ڀاڱو ،جنهن ۾ نارو ۽ ميرپورخاص وارا ڀاڱا اچي وڃن ٿا. ٿر واري ڀاڱي ۾ به ٿر ۽ پارڪر ٻه جدا قسم جي زمين جا ٽڪرا آهن، جي ٿرپارڪر ضلعي جو هڪ ڀاڱو آهن. هاڻوڪي ٿرپارڪر ضلعي کي اهو نالو انهي مٿين ٻن ٽڪرن تان مليو آهي.“ (تاريخ ريگستان، جلد پهريون ، ص 1)

مٿئين حوالي کي واضح ڪجي ته ٿرپارڪر، ڪو پوري ٿر (وارياسي علائقي) جو نالو ناهي،  اهو ضلعي جو نالو آهي، جنهن ۾ پارڪر، مهراڻي ۽ ناري جا ڪجهه حصا شامل آهن. مطلب ته ضلعي انتظام طور ’پارڪر‘ کي ’ٿر‘ سان ملايو ويو ۽ نالو رکيو ويو ’ٿرپارڪر‘، پارڪر هڪ الڳ علائقو آهي، جنهن ۾ گهڻي قدر پٿريلي ۽ ڪاراٺي زمين آهي ۽ تمام ٿورو ٽڪرو وارياسو پڻ شامل آهي (جيڪو پٿريلي ۽ ڪلراٺي جي ڪس ۾ آهي). هريجن صاحب، جنهن ٻيءَ ڳالهه کي منجهايو آهي، سا اِها ته وارياسي ڀٽن واري ڀاڱي کي ’ڍٽ‘ سڏيو آهي، اها غلطي جي.اي گريئرسن کان به ٿي آهي، جيڪو ’ٿريلي‘، ’ٿريچي‘ يا ڍاٽڪيءَ‘ کي هڪ ئي ٻولي قرار ڏيندي، انهي علائقي جي باري ۾ به ٻڌائي ٿو، جتي اُها ڳالهائي وڃي ٿي، لکي ٿو ته :

”’ٿريلي‘ ’ٿر‘ يا ’ريگستان‘ ۾ ڳالهائجڻ واري سنڌيءَ جو نالو آهي، جيڪو سنڌ جي اڀرندي واري سرحد تي موجود رڻ پٽ آهي، جيڪو راجپوتانا کان سنڌ کي جدا ڪري ٿو. ان جو هڪ ٻيو به ٿورو مختلف نالو آهي، ’ٿريچي‘. مارواڙ ۾ رڻ پٽ کي ’ڍاٽ‘ چوندا آهن، ان ڪري لهجي کي ’ڍاٽڪي‘ به چوندا آهن. پر نالو ڪهڙو به هجي، اهو سنڌي ۽ مارواڙيءَ جو مڪسچر يا گاڏڙ لهجو آهي ۽ هڪٻئي مٿان اثر جي لحاظ کان مختلف جاين تي ٿورو فرق رکي ٿو.“ گريئرسن صاحب اڳتي لکي ٿو ته ”ٿر جي ڏکڻ اوڀر ۾ ’پارڪر‘ جو علائقو آهي، جيڪو ٿر کان ائين مختلف آهي، جو اُن ۾ واريءَ جي ڀٽن بدران پٿر جون ٽڪريون آهن. پارڪر جي بنهه ڏکڻ اوڀر پاسي گجراتي ٻولي آهي، پر ٻين هنڌن ۽ سموري ٿر ۾ اهو سنڌيءَ جو ’ٿريلي‘ يا ’ٿريچي‘ لهجو ڳالهايو وڃي ٿو، جنهن کي راجپوتانا پاسي وري ’ڍاٽڪي‘ پڻ چوندا آهن. راجپوتانا ۾ لفظ ’ڍاٽ‘ جي معنيٰ آهي ’ريگستان‘، اهو خاص طور ’ٿر‘ ۽ ان سان دنگئي راجپوتانا جي رياست جيسلمير واري ريگستاني خطي لاءِ ڪم اچي ٿو.“ (گريئرسن، صفحو 62 ۽ 227)

رائچند هريجن ’ٿر‘ لفظ تي تفصيل سان لکيو آهي (ڏسو تاريخ ريگستان1، صفحو 1)، ته ’ڍٽ‘ جي پڻ وضاحت ڪئي آهي. هريجن صاحب هڪ پاسي ڍٽ کي ٿر (سنڌ ۾ آيل ٿر) جو وچ وارو ٽڪر ٻڌائي ٿو(نقشو پڻ ڏنل آهي)، لکي ٿو ته :

”هي ’ڍٽ‘ سڄي ٿر جي وچ وارو ٽڪرو آهي، هن ۾ عمرڪوٽ تعلقي جو ٿورو ٽڪر، ڇاڇري تعلقي جو گهڻو ڀاڱو، ۽ مٺي تعلقي جو ڪجهه اتريون ڀاڱو اچي وڃن ٿا“.

جناب هريجن صاحب پنهنجي ڪتاب ”تاريخي ريگستان“ ۾ هڪ طرف چوي ٿو ته (رائچند  هريجن، تاريخ ريگستان 1، ص1) ”هتان جي رهاڪن کي ’ڍاٽي‘ چئبو آهي ۽ اُتان جي ٻولي کي ’ڍاٽڪي‘ چئبو آهي. ٻئي پاسي هو ’ڍٽ‘ ۽ ’ٿر‘ کي هڪٻئي ۾ منجھائي ٿو ته

”ٿر کي ’ڍاٽ‘ چوندا آهن، تنهنڪري ٻوليءَ کي ’ڍاٽڪي‘ چون، سڀئي ٿري ماڻهو ڪو ڍاٽڪي ڪو نه ڳالهائيندا آهن، لهاڻن کان سواءِ باقي ٻيون سڀ هندو ذاتيون ڍاٽڪي ڳالهائينديون آهن. مسلمان ۽ لهاڻا، سنڌي ٻولي ڳالهائيندا آهن، ته به ڍاٽڪي ٻولي ڳالهائي ۽ سمجهي سگهندا آهن. ٿر جي سنڌي ٻولي به نج ڪانهي، ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ به ٿر جي جدا جدا ڀاڱن جي رهاڪن جي وچ ۾ لفظن جو ڪجهه نه ڪجهه تفاوت ضرور آهي. پارڪر گجرات کي ويجهو آهي، تنهنڪري پارڪر جي ٻوليءَ کي گجراتي ٻوليءَ جو اثر وڌيڪ آهي. ڍاٽ جا گهڻا رهاڪو اصل مارواڙ کان آيل آهن، تنهنڪري اُتي مارواڙي ٻوليءَ جو اثر آهي. مهراڻو ناري کي ويجهو آهي، تنهنڪري اُتي سنڌي ٻوليءَ جو اثر وڌيڪ آهي.“ (تاريخ ريگستان، II، ص 134)

رائچند صاحب اڳتي لکي ٿو ته.

”ڍاٽڪي، مارواڙي، گجراتي، ڪڇي ۽ سنڌي وغيره ٻولين جي گاڏڙ صورت جي ٺهيل آهي. ملڪ جي جدا جدا ٽڪرن جي ٻوليءَ ۾ ڦيرڦار آهي، ته جدا جدا ذاتين يعني ٻانڀڻن، واڻين، ٺڪرن، ميگهواڙڻ، سوٽهڙن، ڀيلن، جاٽن، نُهڙين ۽ سميجن وغيره جي ٻوليءَ ۾ پڻ تفاوت آهي“(تاريخ ريگستان، II، ص 134)

مٿئين حوالي ۾ جيڪا ڳالهه منجهيل آهي، سا اِها ته رائچند صاحب ’ٿر‘ کي ’ڍاٽ‘ سڏيو آهي، جڏهن ته پورو ٿر ’ڍاٽ‘ ناهي، انهيءَ جي ثابتي خود ئي اڳئين حوالي ۾ ھو ڏئي چڪو آهي. باقي جيڪي اهم ڳالهيون آهن، سي هي آھن ته:

(i)ڍاٽڪي هڪ گاڏڙ ٻوليءَ آهي ۽ انهيءَ جا لهجا پڻ آهن.

(ii)مسلمان ۽ لهاڻا، سنڌي (سنڌيءَ جو ٿري لهجو) ڳالهائيندا آهن.

(iii)ڍاٽڪيءَ تي مختلف پاسن کان مختلف پاڙيسري ٻولين جا اثر آهن.

ڀيرو مل لکيو آهي ته:

                        ”ڍٽ معنيٰ ’ٿر‘ يا ’وارياسو‘ ملڪ، پر حقيقت ڪري اهو به ٿر جي هڪ ڀاڱي جو نالو آهي ۽ اُن جون حدون هن طرح آهن:

                        اتر ۾ بهاولپور، روهڙي ۽ خيرپور رياست جو وارياسو ڀاڱو؛ ڏکڻ ڏي ڏيپلي ضلعي جي ڳوٺ ٻلهياريءَ تائين رڻ جي ڪس دنگ سان، اڀرندي ڏي جوڌپور رياست جي سرحد ۽ الهندي ڏي نوابشاهه ۽ حيدرآباد ضلعن (هن وقت جي) ڏاڍي زمين وارا هنڌ. ٿورن لفظن ۾ هن طرح چئبو ته، کائر آهي ٿر جي اتر ڏي، پائر آهي ڏکڻ ڏي ۽ انهن ٻنهي ٿرن جي وچ وارو ورياسو ڀاڱو ’ڍٽ‘ سڏجي ٿو (ڀيرو مل: لطيفي سئر)

                        سڀ کان پهرين جي.اي گريئرسن ’ڍٽ‘ کي مارواڙي ٻوليءَ جو لفظ ٻڌائيندي اهو لکيو آھي ته انهيءَ جي معنيٰ آهي ”ريگستان“ انهيءَ ڳالهه کي رائچند هريجن به ورجائي ٿو ته ٻئي پاسي وري ’ڍٽ‘ کي ’ٿر‘ جو ڀاڱو سڏي ٿو. رائچند هريجن جي ٻي راءِ وڌيڪ صحيح معلوم ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ’ڍٽ‘ راجپوتانا جي مارواڙ واري علائقي ۾ رائج آهي ۽ اتان جي ٻوليءَ جو لفظ آهي ته انهي علائقي تي لاڳو ڇو نه ٿيو ۽ اتان جي ماڻهن کي ’ڍاٽي‘ ڇو نه سڏيو ويو ۽ اُتان جي ٻوليءَ کي ’ڍاٽڪي‘ ڇو نه ٿو چيو وڃي ۽ انهي ٻوليءَ کي ’مارواڙي‘ ڇو ٿو چيو وڃي؟

ڍٽ، اصل ۾ ’ڍاٽڪيءَ‘ جو ئي لفظ آهي ۽ ’ٿر‘ (سنڌ جي ايراضيءَ واري ٿر) جي وچ وارو علائقو آهي، جنهن جي وضاحت مٿي ڪري آيا آهيون. انهيءَ ڳالهه جي گواهي شاهه  عبداللطيف ڀٽائي، سر مومل راڻي ۾ پڻ ڏئي ٿو،

”تُون ڍاٽي، ڍَٽ ڌڻي، ڍولا! تنهنجو ڍَٽُ،

پاڻي تُراڙي توريان، ته مُلڪ نه تنهنجو مَٽ،

لاهي ڪَسَر ڪَٽُ، کوڙِ قناتُون ڪَاڪِ ۾“

(شاهه جو رسالو II، ٻانهو خان شيخ، ص 466)

وارياسي زمين کي ’ٿر‘ چيو وڃي ٿو، (پنجاب واري پاسي کي پنجابيءَ ۾ ’ٿل‘ چيو وڃي ٿو)، جڏهن ته ’ڍٽ‘ انهيءَ جو ڀاڱو آهي. انهي ڳالهه جي وضاحت کان پوءِ انهي ڳالهه جو ذڪر پڻ لازمي آهي ته ٿر سياسي، سماجي، تاريخي، ثقافتي ۽ ٻوليءَ جي اعتبار کان سنڌ کان الڳ ڀاڱو رهيو آهي.

”ٿر ۽ پارڪر تي آڳاٽي وقت کان پرمار سوڍا راجپوتن جي سرداري هئي. اُهي ڪڏهن سنڌ ۽ ڪڏهن دهليءَ جي بادشاهن جا تابعدار ۽ ڪڏهن خودمختيار ٿي پئي رهيا آهن”. (تاريخ ريگستان،I، ص 25)

ڪاڪي ڀيرو مل جي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ جي صفحي نمبر 225 تان حوالو کڻندي، رائچند هريجن لکي ٿو ته

ٿر جي سوڍن وٽ جيڪي دستخط احوال آهن، تن مان معلوم ٿئي ٿو ته وڪرمي نسبت 1054= 996ع ڌاري الور، امرڪوٽ ۽ ننگرپارڪر، مارواڙ جي راجا ڌوڻي براهه جي هٿ ۾ هئا ۽ پٽس جوگراج امرڪوٽ تي راڄ ڪندو هو“. (تاريخ ريگستان I، ص 37).

ضلعي ٿرپارڪر متعلق رائچند هريجن وڌيڪ لکي ٿو ته:

”انهيءَ ڀاڱي ۾ ٻيا به ڇهه تپا (سوا ٽن ديهن جي) جن ۾ ناري ۽ جمڙائو هيٺ آباد ٿيندڙ ٽڪر پڻ اچي وڃي ٿو، داخل ٿيل آهن، مگر زمين جي لحاظ سان اهي خاص سنڌ جو ڀاڱو آهن ۽ اُنھن جو ٿر سان ڪو لاڳاپو ڪونهي. باقي چئن تعلقن مان ڏيپلي، مٺي ۽ ڇاڇري جا سڄا تعلقا. ننگر پارڪر تعلقي جي ڏهن تپن مان ست تپا اصلي ٿر ملڪ آهي. امرڪوٽ ۽ کپري تعلقن جون ٽي ديهون به ٿر جو ڀاڱو آهن“. (تاريخ ريگستان، II، ص 6)

توڙي جو ’ٿر‘ سنڌ جو حصو آهي، پر ’ٿري‘ عام طور اڃا تائين به ٿر ۽ ناري کي ٻه الڳ علائقا سمجهن ۽ سڏين ٿا. انهيءَ ڳالهه جو اندازو ٿرين (ڍاٽين) جي انهي مقولي مان به لڳائي سگهجي ٿو، جيڪو هو ڪنهن کي پِٽ طور هيئن چوندا آهن ته:

”تانها نجاناڙئه جائين“ (يعني- تنهنجا ناري وڃن).

ٿر ۾ ڏڪار ۽ بک بدحاليءَ جي صورت ۾ وقتي طور تي اُهي پنهنجا گهر گهاٽ ۽ پکڙا ڇڏي پنهنجو مال ڪاهي، ناري جي طرف رخ ڪندا آهن، جيڪا انهن لاءِ وڏي ڦٽڪار ۽ بدحاليءَ جي علامت آهي، يعني گهر ڇڏڻ ئي انهن لاءِ تمام خراب ۽ ڏکي ڳالهه آهي ۽ هو جڏهن به گهر ڇڏيندا آهن ته ’نارو‘ ئي انهن جو استقبال ڪندو آهي، سو اُهي ناري وڃڻ کي ڪنهن سٺي سئونئڻ طور نه ٿا ڏسن.

انهيءَ حوالي سان جيڪڏهن ڪو هن پاسي مزدوري لاءِ ايندو ته چوندا آھن! ”سنڌ ڪَمائوُنڻ گيو آهَئه‘ (يعني سنڌ ڪمائڻ ويو آهي).

’ٿر‘ ۽ ’ڍٽ‘ جي ان وضاحت کان پوءِ ڏسنداسين ته ڍاٽڪي ٻوليءَ متعلق ماهرن جي ڇا راءِ آهي. جي. اي گريئرسن ۽ رائچند هريجن جا اشارا مٿي اچي چڪا آهن. انهيءَ ڳالهه جي اپٽار وڌيڪ ڪنداسين. جي.اي گريئرسن، ڍاٽڪيءَ کي مارواڙي ۽ سنڌيءَ جو گاڏڙ لهجو قرار ڏيندي وڌيڪ لکي ٿو ته:

”جُلد نائين ۾ انهن لهجن (ڍاٽڪي ۽ مارواڙي) جي باري ۾ لکڻ مهل مون کي اهو تاثر هو ته اُتي انهن لهجن کان سواءِ سنڌيءَ جو هڪ خاص لهجو، مارواڙي ۽ سنڌيءَ جي گاڏڙ لهجن مان هڪ لهجو آهي“. (گريئرسن، ص 228).

انهيءَ لهجي يعني ڍاٽڪيءَ جو مثال ڏيندي گريئرسن لکي ٿو ته:

”هتي آءٌ ٿر ۽ پارڪر جي ٿريليءَ جو هڪ نمونو ڏيان ٿو ۽ هڪ چيسلمير جو ڍاٽڪيءَ جو مشهور گيت ڏيان ٿو. اهو ڏسڻ ۾ ايندو ته اهي سڀ مثال گاڏڙ ساڏڙ ٻوليءَ جا آهن، جيتوڻيڪ انهن ۾ حيرت جي ڳالهه اِها آهي ته ٿر ۽ پارڪر جي نمونن جي ڀيٽ ۾ جيسلمير وارا نمونا معياري سنڌيءَ کي وڌيڪ ويجها آهن. اهو صاف ظاهر آهي ته ٻولين جو اهو ميلاپ ميڪانڪي آهي. سنڌ جا مخصوص ٻٽوينجن (حرف صحيح) موجود آهن. پر ٿر ۽ پارڪر واري پاسي گهٽ آهن ۽ ٻين پاسن کان بنهه ڪو نه آهن. ان کان سواءِ لفظن جو پڇاڙڪو ڇوٽو سُر به ظاهر ڪونهي. دراصل سنڌيءَ جي مزاج جي خلاف، جنهن ۾ آخري حرف تي ڪا حرڪت ضرور ھوندي آهي، مارواڙيءَ وانگي لفظ ڪنهن نه ڪنهن حرف صحيح تي ختم ٿيندا نظر اچن ٿا“. (گريئرسن، ص 229)

آءٌ هيٺ گريئرسن جي ڏنل نمونن جا ڪجهه ٽڪرا جائزي لاءِ پيش ڪريان ٿو:

پهريون نمونو( (ڊيگهه کان بچندي صرف هڪ شعر ڏجي ٿو):

”آج اويلا ڪِيون آوِئا، ڪهه رو مُج ۾ ڪام؟

ٿارو مَنَهه تو گهر نهين، اِئي سُگڻي- روسام“

(گريئرسن ص 229)

(اڄ اويلا ڇو، آيا آهيو، مون ۾ ڪهڙو ڪم آهي؟

توهان جو منشي ته گهرناهي، هِن سُگڻي جو(منهنجو) ڀتار)

مٿي پيش ڪيل دوهي کان علاوه انهيءَ نموني جي ٻين سڀني دوهن جي ٻولي، ڍاٽڪيءَ کان ڦريل آهي؛ توڙي جو ڪجهه قدر ڍاٽڪيءَ سان ملندڙ آهي، پر اِها مارواڙي ۽ هنديءَ کي تمام گهڻو ويجهي آهي. مثال طور مٿئين مثال جا ڪجهه لفظ جهڙوڪ: آج، اويلا، ڪِيون، آوئا، ڪهه رو، مج، ۾، ڪام، ٿان رو، مَنَهه، نهين وغيره ڍاٽڪيءَ ۾ صفا مختلف آهن يا اُچار ڦريل آهن:

جيئن اَج، اويڙا، ڪيئن/ ڇو، آئيا، ڪيهيڙو، مين (مون)، ڪم، تانهانجو، مُنِڇي(سنڌي مان آيل ٿو لڳي) نيڻ وغيره.

اهڙي قسم جو ٻيو به ڪيتروئ: منظوم شڪل ۾ ادب، ٿر جي ڍاٽين جي سينن ۾ اڄ به دفن آهي، جيڪو سيني به سيني هلندو اچي ٿو، پر اِهو عام ناهي. اِها شاعري، جيڪا لوڪ داستانن تي ٻڌل آهي،  مذهبي ۽ اخلاقي قسم جا شعر پڻ ملن ٿا، جيڪي دوهي يا سورٺي جي گهاڙيٽي ۾ آهن، جن کي اتان جا مقامي ماڻهو ’سَوَئِيا‘، ”ڳوڙها‘ ۽ ڏَئوُئو (دُوهي/دوهي جي بگڙيل صورت)  چون ٿا، جيڪي نالا گهاڙيٽي جي حوالي سان نه ئي بلڪه مواد، موضوع ۽ فڪر جي حوالي سان پيل آهن. اهي ڪن مخصوص قسم جي ماڻهن کي ياد آهن، جيڪي هندي، گجراتي، مارواڙي، سنسڪرت ۽ ڍاٽڪيءَ جي لفظن جو مجموعو آهن. اهڙي قسم جا شعر عام ماڻهوءَ جي سمجهه کان ٻاهر (معنوي توڙي فڪري حوالي سان) آهن. سمجهائيندڙ همراهه کي گهڻي قدر مذهبي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي ۽ انهيءَ کي ’ڀڳت گياني‘ يا وڏو ڄاڻو‘ سمجهيو ويندو آهي. حقيقتاً اها شاعري اهڙي قسم جي ماڻهن جي ذاتي ٻوليءَ ۾ نه آهي، فقط اُهي ياد ڪندا آهن، پوءِ ڪچهرين ۾ ٻڌائيندا آهن. جنهن کي گهڻي ياد هوندي آهي، انهيءَ کي وڏو ودوان ۽ گياني سمجهيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ جو اُهي (شعر) ڪيترن ئي نسلن کان منتقل ٿيندا آيا آهن. انهن تي مقامي ماڻهن جي ٻوليءَ جو اثر ڪجهه قدر پئجي چڪو آهي. جيڪو ماڻهو ڍاٽڪي نٿو ڄاڻي، اُهو انهن شعرن جي ٻوليءَ کي ڍاٽڪي ٿو لکي. اِئين سمجهڻ صحيح نه ٿيندو اُهي شعر ڪنهن ٻي ٻوليءَ جا يا مختلف ٻولين جو گاڏڙ ساڏڙ نمونو آهن. جاگرافيائي ويجهڙائيءَ سبب ۽ مذهبي پرچار جي اثر هيٺ اِتان جي ماڻهن تائين پهتل ڏسجن ٿا. ڪيترن ئي شعرن ۾ ته هندي، گجراتي ۽ ڪڇي وغيره ٻولين جي شاعرن جا نالا پڻ ڪم آيل آهن. مطلب ته اِها شاعري هندي ۽ گجراتي ادب مان ڦٽل ڌارا آهي، جنهن مارواڙ وچان گذرندي، نه صرف هندي، گجراتي ۽ مارواڙيءَ جو اثر قبوليو آهي، پر راجسٿان جي ڪَوَيَن جي راجسٿاني (خاص طور مارواڙي) ٻوليءَ جي شاعري پڻ هن خطي جي ماڻهن تائين پُڳي ۽ انهن پنهنجن ڪنٺن ۾ سانڍي رهاڻين کي روح بخشڻ سان گڏوگڏ پنهنجن روحن کي پڻ ريجهايو ۽ ريجهائيندا رهن ٿا. جيئن ته اِتان جي ماڻهن (ڍاٽين) جي ٻولي مختلف آهي، اُنهيءَ ڪري انهن اِها ڪَوتا پنهنجي ٻوليءَ جي مزاج مطابق قبولي ۽ سالن جي سفر سبب ڪيترائي ڍاٽڪيءَ جا لفظ گڏوچڙ ٿي پيا ۽ ٿيندا رهن ٿا. ”1045ع کان 1569ع تائين راجسٿاني ادب جيتري قدر تيزيءَ سان لکيو ويو آهي، انهيءَ ۾ جين ڌرم وارن جو گهڻو حصو آهي. اُن وقت گجراتي ۽ راجسٿاني هڪ ئي ٻولي هئي، جنهن کي ’مُرو گجُر‘ پڻ چيو ويو آهي. انهي دؤر جي نظم ۽ نثر جا ڪيترائي ڪتاب بي رحم زماني جي هٿان نابود ٿي ويا آهن. انهيءَ دؤر ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه شاعرن جا نالا تاريخ جي صفحن ۾ ملن ٿا، جن مان ڪجهه نالا هي آهن: ڌن پال، جن ولڀ سُري، واديو سُري، نيم چند، وجي سلين سُري وغيره آهن. اِها ڳالهه طئي شده آهي ته جينين (جين مت وارن) جيترو به نظم ۽ نثر لکيو هو، انهي جو خاص مقصد پنهنجي مذهب جو پرچار ڪرڻ هو،جيڪا انهن جي ضورت هئي. انهيءَ جي باوجود جينين جيتري قدر راجسٿاني ادب کي مالا مال ڪيو، انهيءَ جو اعتراف ڪرڻ کان سواءِ انهيءَ زبان جي ادبي تاريخ اڻپوري هوندي. انهن محبتن جا گيت ڳاتيا ته حُسن ۽ عشق جا نغما پڻ آلاپِيا ۽ رزميه شاعريءَ ذريعي راجپوتن جو رت پڻ گرمايو. راجسٿاني ٻوليءَ جي مشهور شاعر ’شارنگ ڌر‘ جو ذڪر راجسٿان جي قديم شعر ۾ ٿئي ٿو“.(باغ علي شوق، ص 26)

مٿئين سڄي پس منظر ۾ ڏسنداسين ته هڪ ته انهيءَ خطي (راجسٿان ۽ ٿر، خاص ڪري ڍٽ) تي راجپوت سوڍن جي حڪومت آهي ۽ راجپوت سوڍن کي آريا نسل مان سمجهيو ويو آهي. ان ڪري حاڪمن جي ٻولي سنسڪرت هئي ۽ انهن بابت قصيدا چوڻ وارن شاعرن جي ٻولي يا ته هُئي ئي سنسڪرت يا وري سنسڪرت جي اثر هيٺ هئي. ٻيو ته جين مت وارن جي ٻولي گجراتي ۽ ڪجهه قدر هندي ۽ سنسڪرت جو ميلاپ هئي. اهو به صاف ظاهر آهي ته ٿر واري خطي ۾ جين مت جي مڃيندڙن جا اهڃاڻ مليا اهن. اهڙيءَ طرح انهن (جينين) جي ٻولي ٿر تائين پُڄڻ ڪري پنهنجا اثر ڇڏيا ۽ اتان جي مقامي ماڻهن مذهبي اثرن سان گڏ ٻوليءَ جا اثر قبوليا ۽ اها شاعري ڀٽن، ڀانن ۽ جيتين جي ذريعي مارواڙ کان ٿيندي جڏهن هن خطي ۾ پڳي، ته اِتان جا ڪجهه ماڻهو، شاعريءَ جي معنيٰ ۽ فلسفي کان متاثر ٿي انهيءَ کي ياد ڪيو ۽ پوءِ اها پنهنجن ماڻهن کي ٻڌائي، نتيجي طور اِنهن شعرن جي ٻولي ته عام ماڻهن کي گهڻي مختلف ۽ مشڪل لڳي، پر جڏهن وضاحت ۽ سمجهاڻي ڄاتائون ته هو پڻ انهي شاعريءَ جي عظمت کي قبولڻ لڳا ۽ اهڙي طرح اُهي سمجهائڻ واري عمل کي يعني سمجهاڻيءَ کي ’گيان‘ ۽ انهي فلسفي کي به ’گيان‘ سڏڻ لڳا ۽ انهيءَ سمجهائيندڙ کي ’گياني‘. انهيءَ مان اِها ڳالهه واضح ۽ ثابت ٿئي ٿي ته اِهڙي قسم جي شاعري ڍاٽڪي ٻوليءَ جي ناهي، باقي انهيءَ تي ڍاٽڪيءَ جو اثر آهي ۽ لفظن جي ڦيرڦار ضرور آهي، جيڪو هڪ فطري  عمل آهي، ان هيٺ ڍاٽين انهن لفظن کي تبديل ڪري پنهنجي ٻوليءَ جا لفظن داخل ڪيا، جيڪي انهن جي زبان تي نه پئي چڙهيا، يا وري شعر هڪ کان ٻئي ماڻهو تائين پهچڻ دوران مختلف ۽ مشڪل لفظ وسري وڃڻ جي صورت ۾ مفهوم ۽ معنيٰ ذهن ۾ رکندي متبادل لفظ پنهنجي ٻوليءَ (ڍاٽڪيءَ جا) گاڏڙ ڪيا. ڍاٽڪي ٻولي سان وڏي ناانصافي اِها ئي آهي ته، انهي ٻوليءَ کي نه سڃاڻڻ جي بنياد تي اهڙي شاعري ڍاٽڪيءَ جي حصي ۾ وجهي، ڍاٽڪيءَ جي اصلي شاعريءَ جي ادب کي سهيڙيو نه ويو آهي.

اهڙن شعرن جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا:

سوائِيا:

  • هَنسان نان سر مر گهڻا، پوپ گهڻي ڀمريس،

سگهڙان نان ساجن گهڻا، ديس توڙي پرديس،

(يعني: هنجهه پکين لاءِ سمنڊ گهڻا، ڀؤنرن لاءِ باغ گُل ڦل (باغ) گهڻا، سڄاڻ/ سگهڙن لاءِ ساجن گهڻا، پوءِ اُهي ديس ۾ هجن توڙي پرديس ۾)

  • ڪِنِتا رک ڪرڪو، هرڻ ڪيسا گهي کائَه،

اَڪ ٻَٽِيڙَئَه، لُوئان جَهڙَئَه تُرِيان آگڙجائَه

                        (اي منهنجا ڪانڌا‘ همت ڪر، ڀروسو رک، هرڻ پلا ڪهڙو نج گيهه کائيندو آهي! هو ته اڪ کائيندو آهي ۽ لوُءَ (اونهاري جي گرِم هوا) پيئندو آهي، پر تُرِي گهوڙي کان به اڳ اڳ ۾ پيو ڀڄندو آهي).

ڳوڙها:

                        (’ڳوُڙهو‘ هڪ ڏکي منظوم صنف آهي، جنهن جي هر هڪ لفظ جو اُونهو پس منظر آهي، ڳوڙهن جو لفظي ترجمو ڪرڻ مشڪل آهي، ڊيگهه کان بچندي، ڳوڙها بنا ترجمي جي، انهيءَ مقصد لاءِ پيش ڪجن ٿا ته اهو ڄاڻي سگهجي ته جيڪڏهن ٻولي ڍاٽڪي ناهي، بلڪه گجراتي، هندي، سنسڪرت، مارواڙي ۽ ڍاٽڪي يعني هندي ٻوليءَ جي خاندان جي سڀني ٻولين جو ميلاپ آهي. جڏهن ته ڪيترن ئي محققن انهيءَ کي ڍاٽڪي يا ٿريءَ ٻولي سڏيو آهي، جن مان پهريون شخص جي.اي گريئرسن آهي).

(1) *ھَڙ ھَڙُوئو ڀان پَڌرِي، هاڙي چَتَرِ سُڃاڻ،

پڙ را باهِيا موتي نِپِجيِن، نِينڻ ڪرين ليڏاڻ.

  • گَههَ گُوڙهَو ٻگ اوُجڙو، بَههَ گِينڊان ڪي ساٿ،

ناري نان اُونر ڀَلو، جو ڏينهن نيڻ اُترءَ رات.

  • ڳوڙهَئَه رنگ رو گِرامِڻو، تِرِيا مَوٽَو چاسِ،

چڙهئَه سين پَڇئَه اُتَرءَ نين، ڇَٺ نين ٻارَههَ ماس.

  • ڏُڍ سُت لي، ڪَر پَر ڌَرِيو، اَپنَئَه سُتڪي ڪاج،

ڪاسَمه سُت پَرگهٽِيو، گهَٽَنت گهَٽي جاءِ.

  • مانجهاري وَک وَکڻو، سو وَک ميري پاس،

مير پَربت سين جهُو جهڻو، ساسُو کول ڪَماڙ.

  • لَٽِڪنت لوُنٻ لِلاڙ، اوران ري ذات،

اَپِرو پتي ڇڏي، ڪِيُون چلي اڌرات.

    ڏئُوئا:

  • ڏَئوُئو ڏَسوُنئو بيڏ، سَمِجهو ناڻ سالهه گهڻو،

ڏَئُوئو ڇَڏاوَءَ ڏيس، جوڳي ٿي جاوو پَئَه

(ڏئوُئو ڏهون علم آهي، سمجهدار ماڻهوءَ لاءِ صالح آهي، ۽ جيڪڏهن ڪو ڏئوُئو سمجهي ويو ته هو پنهنجو ديس ڇڏي جوڳين وانگر پيو ڀٽڪندو).

  • سُکَئَه سُک ناهين اُپِجَئَه، گايَئه گُڻ نهين هو،

پاڻي مَٿَئَه مکڻ اُترءَ، تو لُکو نين کائَئَه ڪو.

(پئسي واري ماڻهوءَ کي سک ناهي ايندو، مڱڻهار کان ڪنهن ڪم جي اميد نه هوندي آهي، جيڪڏهن پاڻي ولوڙڻ مان مکڻ حاصل ٿئي ته ڪير به رُکي (اڻڀي) ماني نه کائي)

  • گُڻ اوگُڻِ رِي گَمِ نَهين، نَهين نگري مِين نِياء،

گُڙ کَڙ هيڪَئَه ڀاءَ، تَئَه سين روهي ڀلي راجيا.

(شاعر راجيو چوي ٿو ته: اهڙو بادشاهه جنهن وٽ گڻ ۽ اوگڻ جي تميز ئي نه هجي ۽ نه ئي ملڪ ۾ نياء (انصاف) هجي، جتي ڳُڙ ۽ کڙ هڪ ئي قيمت ۾ هجن، انهيءَ کان ته جهنگ ڀلو آهي).

  • من مَرَئَه مايا مَرَئَه، مَرَ مَرَ جاوَئَه سَرِير،

آسا تِسِنا ڏوني نين مرئه گيو داس ڪبير

(من، مايا ۽ جسم سڀ ڪجهه مري وڃي ٿو، پر آس، سِڪ ۽ اميد ڪڏهن به نٿا مرن، چئي ويو داس ڪبير)

  • مَن مَرَئه مايا مَرَئه، مَرَ مَرَ جاوئه سَرير،

آسا تِسِنا ڏوني ماري، نانڪ ڀيو فقڪير.*

 

(ٻيو نمونو)

                        گريئرسن جي ٻئي نموني جو جائزو، وٺڻ لاءِ، ٿورو ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:

                        ”هڪ ماڙهو کي بَه پُٽر ها، هُنن منجها نڍي پُٽر ابا کي چَيو، اي ابا، مال منجها ڀانگو هو، سو مون کي ڏي“(گريئرسن، ص 232)

                        هي نمونو سنڌي ٻوليءَ جو آهي، جنهن تي پاڙيسري ٻولين جو اثر ٿيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهيءَ کي ڍاٽڪيءَ ۾ چئبو ته :

                        ”هيڪئه ماڙهُو را ٻُه ڏِڪرا هَتا، اونئان مين موڙاگ ٻاپ نان ڪَهينتَئَه ٻا ڌن مين مانجهانجي پنَتي اَهئَه او مِنان ڏي“.

(ٽيون نمونو)

”مُومل مجمانن- جا، هنيَه نه ڀَجنَ هڪ(حق)

هِڪ اوجاڪا انکن کي، بيا لتاڙ يا لَڪ،

چاڙي چادر کٽ، ونجي سُتي سيتل راءِ سان“

(گريئرسن، ص 234)

                        شعر سنڌيءَ جو آهي، جنهن تي ٿري لهجي جو اثر آهي، ڍاٽڪيءَ ۾ انهيءَ شعر کي هيئن لکبو ته“

مومل مِينهِينمڻان را، اِيئن نين ڀنَججين هَڪ،

هيڪ اوجا ڪا انکيان نان، ٻيجا لتَاڙيا لڪ،

چاڙي چادر منجي کٽ، جائي سُتي سيتل راءِ سين.

گريئرسن مٿي پيش ڪيل مثالن مان جيڪي نتيجا ڪڍيا آهن. (وضاحت لاءِ ڏسو، گريئرسن، ص 230 کان 232) تن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا: جيڪي منهنجي سمجهه مطابق ائين مناسب ناهن.

  • ’ڏ‘ کي ’ڊ‘ اچاريو ويندو آهي.
  • ’ٽ‘ جي اچار سان گڏ ’ر‘ پڻ اچارين.
  • شرطيه ماضي لاءِ ’هوندَ‘ ۽ ’هوندا‘ ۾ ’اَ‘ ۽ ’آ‘هڪ ٻئي جي بدران ڪم ايندا آهن.
  • ’پهه- جو‘ ۽ ’پاڻ- جو‘ ٻئي مستعمل آهن.
  • ’هن‘ به عام آهي، پر مفعولي جمع آهي’هنن‘.
  • متعدي مجهول جي فاعلي حالت ۾ ضمير موصول آهي، ’جيهين‘.

مٿي ڏنل نتيجن جو جائزو ترتيبوار ڏجي ٿو:

  • ڍاٽڪيءَ ۾ ’ڏ‘ اچار آهي ۽ انهيءَ کي ڪيترن ئي لفظن ۾ اچاريو ويندو آهي ۽ ڪٿي به ’ڊ‘ ۾ تبديل ٿيندي نظر نٿو اچي- جيئن:

ڏِڪرو(پٽ)، ڏوسِي (زال)، ڏَس (ڏهه)، ڏَهي (ڌؤنئرو) ڏاگو (اُٺ)، ڏُئارڪو (مرد جو نالو)، ڏوڪِرو (ڪُراڙو) ڏاتِرو (ڏاٽو)، ڏُڪاڙ (ڏُڪار)، ڏانجهڙيوڙو شرارتي) وغيره.

  • ’ٽ‘ سان گڏ ’ر‘ نٿو اچاريو وڃي، بلڪ ’ٽ‘، ’ت‘ ۾ ڦري ٿو ۽ ’ت‘ سان گڏ ’ر‘ اچاريو وڃي ٿو. ’تر‘ جي صورت ۾:

جيئن: سُتَر (سٽ)، مُتو (مُٽ)، تَرن (ٽي)، تريس (ٽيهه)، تُرُوس (ٽوهه) وغيره

  • ڍاٽڪيءَ ۾ شرطيه ماضي لاءِ ’هنڌ‘ ۽ ’هوندا‘ بجاءِ ’هُئنت‘ استعمال ٿيندو آهي.

مثال: جي تون اُٿ گيو هُئنت تو تِنان اوماڙهو، مِلنت.

(جيڪڏهن تون هُتي ويو هجين ها ته هُو تو سان ملي ها).

مطلب ته فعل جي پڇاڙي ’نت‘ جو اضافو ٿيندو آهي.

مثلاً: ڏيکَنت= ڏيک+نت(ڏسي ها)

                  ٽوڙنت=ٽوڙ+نت

                  کائوُن‍ت=کاءُ+نت

  • ’پَنھجو يا پُاڻ-جو‘ (ضمير مشترڪ) استعمال ۾ ناهن، جڏهن ته ’آپڻو‘ ۽ اپرو/آپرو‘ استعمال ۾ آهن:

مثال طور: ”اَئَه اينئان رو اَپرو گهر اَهَئَه“.

                        (هي انهن جو پنهنجو گهر آهي)

                  (2)”ڦٽا ڪرو آڦي ڪِرسين، آپڻو ڪي جائَه.“

                        (ڇڏي ڏيو پاڻهي ڪندا، پنهنجو ڇا وڃي!)

  • ڍاٽڪيءَ ۾ ’هن‘ (واحد) ۽ هِنِن(جمع) بجاءِ، ’ِايئَئَه‘ ۽ ’اينئان‘ استعمال ٿئي:

اِيئَئَه نان ڏي، (هن کي ڏي)

اَينئان نان ڏي (هنن کي ڏي)

  • ’جيهين’ نه بلڪه ’جِڪَئه‘ استعمال ٿئي.

اُنهي کان سوا گريئرسن صاحب، جن لفظن کي ’ٿريلي‘ ’ٿريچي‘ يا ڍاٽڪيءَ جا ڄاڻائي لکيو آهي، تن جي صحيح صورت (ڍاٽڪيءَ ۾) ڏجي ٿي:

 

گريئرسن

 

ڍاٽڪيءَ ۾(صحيح)

ويندس

(ويندُس)

جائيس

چنودس

(چوندس)

ڪَهَيِس

بَه

(ٻَه)

ٻُه

اٻا

(ابا)

ٻا

مهي، مي، مُو

(آءٌ)

هُون

مهي

(مون کان)

مين سين

آپان

(اسين)

آپين

تهه، تو، تا

(تون)

”تون“ (تين=تو)

ڪنداسي

(ڪنداسين)

ڪُرسان

ڪرين- هوند

(آءٌ جيڪر ڪريان)

ڪَريو هُئنت وغيره

ڪاڪي ڀيرومل جي راءِ:

ڪاڪو ڀيرو مل ڍاٽڪيءَ کي الڳ ٻولي تسليم ڪندي لکي ٿو ته ”ٿر ۾ ڍاٽڪي ٻولي به چالو آهي، هن وقت اتي جيڪي ٺڪر (راجپوت) ڪراڙ (واڻيا)، ميگهواڙ، ڀيل وغيره آهن، سي اصل ۾ راجپوتانا ۽ گجرات طرف کان آيا آهن. ٿرکي ڪڇ، راجپوتانا جو حصو (مارواڙ ۽ جيسلمير) ۽ ننگرپارڪر کي پالڻپور رياست (گجرات) ويجها آهن. ٿر جي ڪيترن ئي ماڻهن جي انهن سڀني هنڌن جي رهاڪن سان لهه وچڙ گهڻي آهي، انهن سببن ڪري سنڌي، راجسٿاني ۽ گجراتي ٻولين جي ميلاپ منجهان  ٿر منجهه هڪ بنهه نئين قسم جي ٻولي ٺهي پئي آهي، جا ’ڍاٽڪي‘ يعني ڍٽ يا ٿر جي ٻولي سڏجي ٿي. اها گاڏڙ ٻولي راجسٿاني ٻولين جي دفعي ۾ ليکجي ٿي ۽ خود ’ڍٽ‘  لفظ راجسٿاني ٻولين جو آهي. ڍاٽڪي ٻولي، گجراتيءَ کي گهڻو ويجهي آهي. مثلاً: گجراتي ۾ ’چون، ’هون جائون ڇوُن‘ يعني ’آءٌ وڃان ٿو‘ ته ڍاٽڪيءَ ۾ چون ’هون جاؤن تو‘. اهو ’تو‘ نج سنڌي لفظ ’ٿو‘ آهي. جنهن مان ’هه‘ اچار ڪڍي ڇڏيو اٿن، جنهنڪري ’ٿو‘  بدران ’تو‘ چون  ٿا“. (ڪاڪو ڀيرو مل، ص 148 ۽ 149).

ڪاڪو ڀيرو مل ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ ۾ ٿري محاوري جي الڳ ص 141 کان 148 تائين وضاحت ڪري ٿو،  جيڪا ڍاٽڪيءَ کي ٿري (سنڌيءَ جي لهجي) کان الڳ سمجهڻ ۾ پڻ مدد ڏئي ٿي.

رائچند هريجن صاحب پڻ ٿري/ڍاٽڪي الڳ ٻولي تسليم ڪئي آهي، جنهن جو حوالو اڳي ڏيئي چڪا آهيون.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ:

ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکيو آهي ته”سوڍن ٺڪرن جي ٻولي ڍاٽڪي آهي،  جنهن تي ننگرپار واري پاسي گجراتيءَ جو اثر، ’وٽ‘ واري پاسي (مٺي ۽ ڏيپلي تعلقي جو ڏاکڻيون حصو) ڪڇ جي ٻوليءَ جو اثر ۽ ڇاڇري تعلقي جي اڀرندي ڪنٺي واري پاسي ’راجسٿاني- مارواڙيءَ) جو اثر پيل آهي. مگر وچئين ’آونَهر‘ واري ڀاڱي جي ڍاٽڪي وڌيڪ صاف ۽ معياري آهي، جنهن جي مطالعي مان معلوم ٿي ٿو ته ان جي بنيادي مرڪزيت ساڳي سنڌيءَ واري آهي، مثلاً ’ڪي تو ڪرين‘ (ڇا ٿو ڪرين)، ’ڪيڻ تو جائين‘ (ڪيڏانهن ٿو وڃين)، حرف اضافت لاءِ جيتوڻيڪ ’ري‘ ۽ ’رو‘ (جي، جو) هن وقت گهڻو استعمال ٿئي ٿو، تنهن هوندي به ڪن فقرن ۾ سنڌيءَ جا ’جي‘ ۽ ’جو‘ به استعمال ٿين ٿا. مثلاً: ’تاههَ- جي‘ ’تنهنجي‘ ’اي کيتر تاههَ جو آهي‘ (هي کيت توهان جو آهي). ماضي ۾ ’ت‘، جيڪا سنڌيءَ ۾ دادري ٻولين جي اثر جو اڄاتو يادگار آهي (رتو= ڳاڙهو ٿيو، التو، سلٿو= چيو، وتو= ورتو، ڀانٿو= ڀانيو وغيره) سان ڍاٽڪيءَ ۾ ’هئڻ‘ جي صيغن ۾ موجود آهي.

مثلاً

هون آيو هتو= آءٌ آيو هوس.

اسين آيا هتا= اسين آيا هئاسون.

تون آيو هتو= تون آيو هُين.

اَڀي آيا تان= اوهين آيا هُئا.

او آيو هتو= هو آيو هو.

او آيا هتا= هو آيا هئا.

ڍاٽڪيءَ ۾ جمع متڪلم ۽ مستقبل صيفو ’آن‘ جي اضافي سان آهي، جيئن ته اسين جاسان (اسين وينداسين)، ساڳيءَ طرح ’جتڪيءَ‘ ۾ ’اَسِي اڃان تا‘ (اسين اينداسون) آهي، شايد اها سٽاءَ آڳاٽي آهي، جيڪا هن وقت سنڌيءَ ۾ بدلجي چڪي آهي“. (ڊاڪٽر بلوچ، ص 38 ۽ 39) سڀ کان پهرين ڳالهه ته ڊاڪٽر صاحب ’ڍاٽڪي ٻولي‘ لکي، ڍاٽڪيءَ کي ٻولي تسليم ڪندي نظر اچي ٿو.

انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڊاڪٽر بلوچ صاحب 21 هين جون 2008ع تي ’سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ ’سنڌي ٻوليءَ جا لهجا ۽ محاورا‘ موضوع هيٺ منعقد ٿيل سيمينار، جي صدارتي تقرير ۾ پڻ ڪئي ته، ’ڍاٽڪي ۽ جتڪي سنڌ جون شاهوڪار ۽ قديم ٻوليون آهن، ڍاٽڪيءَ کي مارواڙي يا ٻي ڪنهن ٻوليءَ سان ملائي منجهائڻ نه گهرجي“.

پر ڊاڪٽر صاحب جي اها ڳالهه مستند نه آهي ته ڍاٽڪي صرف سوڍن ٺڪرن جي ٻولي آهي. ها اها ٻي ڳالهه آهي ته هڪ ذات کان ٻيءَ ذات تائين يا هندوءَ کان مسلمان تائين ٻولي ٿوري گهڻي ( نه هئڻ برابر) تبديل ضرور رکي ٿي. انهيءَ جا سبب، انهن ذاتين جو تاريخي پس منظر، ريتون رسمون، مذهبي اثر ۽ ثقافت ٿي سگهن ٿا. انهيءَ لاءِ اهو ڏسڻ جي ضرورت آهي ته ڪهڙيون ذاتيون ڪهڙيءَ لَڙِهيءَ ۾ پويَل آهن ۽ اهڙي طرح فرق جا سبب به سمجهي سگهن ٿا. هي به هڪ الڳ ۽ وسيع موضوع آهي. ٻيءَ ڳالهه ته ڊاڪٽر صاحب ڍاٽڪيءَ جي مرڪزيت سنڌي زبان سان ٿو ملائي (هڪ ٻن جملن جي مثالن جي مدد سان). مثال پنهنجي جڳهه تي درست آهن، پر منهنجي خيال ۾ اهو سنڌي ٻوليءَ جو اثر ٿي سگهي ٿو.

ڊاڪٽر صاحب ڍاٽڪيءَ جي حرف اضافت لاءِ چوي ٿو ته ڍاٽڪيءَ ۾ ’رو‘ ۽ ’ري‘ آهن ۽ ڪٿي ڪٿي ’جو‘، ’جا‘ به نظر اچن ٿا، ’تاهه‘ معنيٰ ’تنهنجو‘ جو مثال وغيره. منهنجي خيال موجب اِهو پڻ سنڌيءَ جو اثر آهي. بنيادي طرح ’مانرو‘ (منهنجو) ۽ ’ٿانرو‘ (تنهنجو) وغيره آهن، جي مارواڙي کان آيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهيءَ کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي لفظن سان ’رو‘ ’ري‘ ۽ ’را‘ جو استعمال ’جو‘، ’جي‘ ۽ ’جا‘ جي معنيٰ ۾ ٿئي ٿو. مثلاً: ڪيري (ڪنهن جي)، ڪيرو (ڪنهن جو) اِيئَئَه رو(انهيءَ جو) وغيره.

ڍاٽڪيءَ ۾ موجود ’ت‘ کي ڊاڪٽر صاحب ’هئڻ‘ جي صيغي ۾ رکي ٿو، جڏهن ته ڪاڪي ڀيرو مل جو خيال آهي ته اِهو ’ٿو‘ ’ٿي‘ يا ’ٿا‘ جي بدلي ڪم اچي ٿو، جنهن جي ’هه‘ اُچاري نه ٿي وڃي. ڍاٽڪي ۾ ’تو‘ اچاريو وڃي ٿو، ڊاڪٽر صاحب اُنهي جي جاءِ تي ’هتو‘ لفظ ڪتب آندو آهي. مثال طور: ’هون آيو هتو‘ (آءٌ آيو هئس)، صحيحح ٿيندو ’هون آيو تو‘. جڏهن ته ڍاٽڪيءَ ۾ ’هتو‘، ’هتا‘ يا ’هتي‘ لفظ استعمال ٿيندا آهن، پر اهي معاون فعل طور نه، پر ڪنهن به شيءِ جي موجود هجڻ بابت هوندا آهن: اُٿِ گلاس هتو؟ (هُتي گِلاس هو؟)

ڊاڪٽر صاحب جيڪا آخري ڳالهه ڪئي آهي، اُها ان ڪري درست نه آهي جو اهو صرف ’آن‘ تائين محدود ناهي، ڇاڪاڻ ته زمان مستقبل جي حالتن ۾ فاعلي تبديلين سان اِهو صيغو بدلبو رهي ٿو.

مثال طور:

هون جائيس (آءٌ ويندس)

اڀين جائتو(اوهين ويندؤ)

ائَئَه جاسين (اِهي ويندا)

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽ هدايت پريم جي راءِ:

هدايت پريم لکي ٿو ته ’ٿر ٻولين جي لحاظ کان بيحد گهڻو خوش نصيب علائقو آهي، ٿر جي مختلف حصن ۾ مختلف ٻوليون يا لهجا رائج آهن، ته وري مختلف نسلي گروهه پنهنجون پنهنجون ٻوليون ڪم آڻيندا آهن. ٿر ۾ هيٺيون اهم ٻوليون ۽ لهجا ڳالهايا ويندا آهن:

  1. سنڌي ٻولي يعني ان جو ٿري لهجو
  2. ڍاٽڪي يعني ٿر جي ڍٽ واري حصي جي ٻولي
  3. پارڪري، ٿر جي پارڪر واري حصي جي ٻولي.
  4. مارواڙي، راجسٿاني ٻولين جي هڪ اهم ٻولي، جيڪا مارواڙ مان آيل ميگهواڙ، مالهي، چارڻ، ڀيل ۽ ٻيا ڳالهائين ٿا.
  5. گجراتي يا ڳن راتي، گجرات مان لڏي آيل، ڀيل، ڪولهي، مگهواڙ، وغيره ڳالهائن ٿا. (هدايت پريم، ’ٿر‘ ص 273 ۽ 274)

”سموري ٿر ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ٿري محاورو ۽ ڍاٽڪي محاورو عام رواج ۾ آهن. سنڌ واري علائقي ۾ سنڌي ٻولي وڌيڪ اثرائتي نموني موجود آهي، جڏهن ته راجسٿان واري حصي ۾ مارواڙي ٻولي وڌيڪ اثرائتي آهي. ٿر جي سنڌ واري حصي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ٿري محاورو رابطي واري ٻولي جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ٿري محاوري جي اهميت جي پيش نظر لساني جاگرافيءَ جي جديد اصولن تحت وڌيڪ کوجنا ڪرڻ جي بيحد ضرورت آهي، ڪيترن عالمن هن محاوري کي الڳ طور هڪ محاورو نه ڄاتو آهي، ڀيرو مل ۽ رائچند درست بيان ڪيو آهي، پر گريئرسن ۽ داد محمد بروهي ’ٿري‘ نالي سان جيڪو محاورو پيش ڪيو آهي، سو ڍاٽڪيءَ محاورو الڳ حيثيت رکي ٿو.

گريئرسن ٿاريلي محاوري نالي سان ٻه نمونا ڏنا آهن. هڪ ضلعي ٿرپارڪر مان ٻيو جيسلمير مان، ٻئي ڍاٽڪي محاورا آهن، جڏهن ته ٿر جي سنڌي ٻوليءَ جو ڪو به نمونو ڪو نه ڏنو اٿس. محاوري جي سري هيٺ گهڻو تڻو ڍاٽڪيءَ جو احوال ڏنو اٿس. حالانڪه ڊاڪٽر داد محمد بروهي ”سبي خطي جي سنڌي محاورن جو لساني جائزو“ جي عنوان هيٺ پي.ايڇ.ڊي جي صفحي نمبر 24 تي ڏنل مثالن ۾ هيٺينءَ ريت ٻه ٻه اکر استعمال ڪيا آهن:

موجو/ مانرو، تونجو/ تانرو، ڪئينجو/ ڪيئنرو.

ان مان صاف سمجهڻ گهرجي ها ته، موجو، تونجو، ڪئنجو لفظ سنڌي محاوري جا آهن. جڏهن ته مانرو، تانرو، ڪيئنرو لفظ ڍاٽڪي محاوري جا آهن، ٿر ۾ سنڌي ٻوليءَ جو محاورو ۽ ڍاٽڪي محاورو ٻه الڳ الڳ محاورا موجود آهن. اهڙو احساس اغالباً ڊاڪٽر داد محمد کي ڪو نه ٿيو“ (ٿر جي ٻولي، ص 63 ۽ 64).

ڪتاب ’ٿر جي ٻوليءَ‘ مان ورتل مٿئين حوالي مان هڪ ٻه اهڙا نڪتا آهن، جن جي ڇنڊڇاڻ ڪجي ٿي:

(i) گريئرسن جي ڏنل نمونن کي ڍاٽڪيءَ جا محاورا چيو ويو آهي، جڏهن ته گريئرسن ٽي نمونا ڏنا آهن، جن مان پهريون نمونو هندي، گجراتي، مارواڙي ۽ ڪڇيءَ جو ميلاپ وڌيڪ ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ ڍاٽڪيءَ لفظن تي مشتمل نمونو آهي، ٻيو نمونو آهي، سنڌيءَ جي ٿريءَ لهجي جو، جنهن تي ڍاٽڪيءَ جو ڪجهه سنوالو اثر آهي. ٽيون نمونو ته لاڙي سنڌيءَ جو آهي،  جنهن تي ٿريءَ جو وڌيڪ ۽ ڪجهه قدر ڍاٽڪيءَ جو اثر آهي(انهيءَ جي وضاحت اڳ به ڪري آيا آهيون).

(ii) مانرو، تانرو ۽ ڪيئنرو ڍاٽڪيءَ جا لفظ ناهن، بلڪ اهي مارواڙيءَ جا لفظ آهن، جيڪي ڍاٽڪيءَ ۾’مانهانجو‘ ’تانهانجو‘ ۽ ’ڪيرو‘ آهن.

(iii) مصنفن ڍاٽڪيءَ کي سنڌي ۽ سنڌيءَ جي ٿري لهجي کان الڳ تسليم ڪيو آهي، پر ڳالهه کي ڪجهه قدر منجهائي به ڇڏيو آهي. هڪ طرف ڪتاب جو نالو آهي ’ٿر جي ٻولي‘ ته ڪتاب اندر ’ٿري محاورو‘ ٽئين پاسي ڍاٽڪيءَ کي الڳ محاورو ٿا ڳڻين، پر واضح نٿا ڪن ته جيڪڏهن محاورو ته ڪهڙي ٻوليءَ جو؟، ٻئي پاسي وري ڍاٽڪيءَ کي الڳ ٻولي تسليم ڪندي نظر اچن ٿا.

”ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي ۽ رائچند صاحب به ڍاٽڪيءَ جي باري ۾ ڪافي ڪجهه معلومات گڏ ڪري پنهنجي ڪتابن ۾ ڏني آهي، پر هنن ڪٿي به اهو نه ڄاڻايو آهي ته ڍاٽڪي هڪ ٻولي آهي، دراصل اسان جي اڳيان  هي سوال آهي ته ڍاٽڪي محاورو آهي يا هڪ مڪمل ٻولي؟ جيڪڏهن محاورو آهي يا مارواڙي يا گجراتي جو؟ اهو چوڻ ڪافي نه آهي ته ڍاٽڪي، سنڌي، مارواڙي، گجراتي ۽ ڪڇيءَ جو گاڏر (Mixture) آهي، جيڪڏهن ڪنهن به مخصوص ٻوليءَ جو محاورو ثابت نه ٿو ڪري سگهجي ته پوءِ ڍاٽڪيءَ کي ڇو نه هڪ مڪمل جداگانه ۽ خودمختيار ٻولي قرار ڏنو وڃي.“ (ٿر جي ٻولي، ص 77).

ڍاٽڪيءَ کي هڪ الڳ ٻولي ثابت ڪرڻ لاءِ انهيءَ ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جي تاريخي پس منظر، ٻوليءَ جي تاريخي پس منظر، علائقي جي سياسي تاريخ، ثقافتي اڀياس، پاڙيسري ٻولين سان تقابلي اڀياس ۽ صوتياتي، صوفياتي ۽ نحوياتي اڀياس جي ضرورت آهي، جن مان ڪجهه موضوعن تي آئون پنهنجي وس آهر ڪم ڪري چڪو آهيان ۽ ٻين تي ڪم ڪرڻ جو ارادو رکان ٿو.

مٿئين سڄي بحث ۽ مطالعي کان وڌيڪ آءٌ خود ڍاٽڪي ڳالهائيندڙ هئڻ ڪري اهو خيال رکان ٿو ته ڍاٽڪي هڪ الڳ ٻولي آهي، نه ڪي سنڌيءَ جو لهجو آهي، ان کان سواءِ منهنجي نظر ۾ اهو به درست ناهي ته ٿري يا ڍاٽڪي ڪو هڪ ئي لهجو/محاورو آهي ۽ نه ئي ڪو سنڌي جي ڀيڻ آهي، بلڪه ڍاٽڪي، مارواڙيءَ ۽ گجراتي جي سڳي ڀيڻ آهي ۽ ان جو ڪڇيءَ، پارڪري ۽ هنديءَ سان پڻ ڀيڻن جهڙو گهرو سٻنڌ آهي.

 

حوالا ۽ مددي ڪتاب

 

  1. جي. اي گريئرسن، ترجمو ڊاڪٽر فهميده حسين ”برصغير جي ٻولين جو لساني جائزو“ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ، 2000ع.
  2. باغ علي شوق، ”راجسٿاني زبان و ادب“ (اردو) راجسٿاني سڀا گزدر آباد، ڪراچي، 1992ع.
  3. ڪاڪو ڀيرو مل ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو/ حيدرآباد، سنڌ، 2004ع.
  4. رائچند هريجن، تاريخ ريگستان ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو/ حيدرآباد، سنڌ، 1988ع.
  5. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”سنڌي ٻولي ۽ ادبي جي تاريخ“، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو، 1999ع.
  6. هدايت پريم، ’ٿر‘ (مرتب: عبدالقادر منگي)، سنڌيڪا اڪيڊمي 1996ع.
  7. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ هدايت پريم ”ٿري ٻولي“، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد 1994ع.
  8. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ”سنڌي زبان جي ماهيت“، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، 2007ع.
  9. پروفيسر علي نواز حاجن خان جتوئي، ”علم لسان ۽ سنڌي زبان“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1996ع.
  10. ٻانهون خان شيخ، شاهه جو رسالو، II، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي.

 

 

 

(1) هيءُ نظريو پراڻو آهي، جيڪو موجوده دور ۾ بدلجي ويو آهي(ايڊيٽر)

(1) هيءَ راءِ به هاڻي وزن نه ٿي رکي، - 1100ع کان گهڻو اڳي سنڌيءَ جي قدامت موهن جي دڙي کان وٺي مسلم آهي، اها ٿوري گهڻي تبديل سان اڄ تائين ڳالهائي، لکي وڃي ٿي. (ايڊيٽر)

  • البت اُتر سنڌ ۾ اولاد، رتُ ۽ سماج مؤنث ڪري ڪم آڻيندا آهن (ايڊيٽر)

* ’هڙ ۽ هَڙُوئو‘ ۾ استعمال  ٿيندڙ ’ڙ‘ حرف ڍاٽڪيءَ ۾ ڪجهه ڦِريل آواز ۾ اچارجي ٿو،  جنهن جو متبادل اکر سنڌي الفابيٽ ۾ ناهي، جنهن کي في الحال ’ڙ‘ جي صورت ۾ لکيو ويو آهي، جنهن جي وضاحت ايندڙ  مقالي ۾ ڪئي ويندي.

* راوي: (1)ڀڳت ارجن راهُواڻي ميگهواڙ، (2) ڀڳت چانپا رام راهواڻي ميگهواڙ (ڳوٺ کهاڻو، تعلقو ڇاڇرو) (3) خاڪو مل ڌر ماڻي گنڍير ميگهواڙ (4) پونو مل ڪلاڻي ميگهواڙ (5) ڀانڀڻو مل ڪلاڻي ميگهواڙ، (ڳوٺ غلام نبي شاهه تعلقو پٿورو)