محمد ابراهيم جويو
ٻولي انسان جي بنيادي خصوصيت آهي، جيڪا کيس انسان طور شرف بخشي ٿي. ٻولي انسان جي پنهنجي تخليق آهي، جيڪا سندس لاجواب اصلوڪو بيمثال سماجي وسيلو آهي. اها انسان جي سموري ياداشت آهي، اها ئي سندس ڏاهپ ۽ ثقافت آهي.
هندستان ۾ برطانوي بيٺڪي راڄ قائم ٿيڻ سان مذهب جي واحد دليل تي مسلمانن جي ڌار حيثيت هڪ سياسي نظريي طور اُڀري ۽ اسري، جنهن کي بيٺڪي حڪمرانن يڪدم پنهنجي حڪومت جي ”ورهايو ۽ حڪومت ڪريو“ واري پاليسيءَ طور اختيار ڪيو.
اردو ٻولي، جيڪا ڪي قدر مغل درٻار ۾ اُسرندڙ ٻولي هئي، اُن ڪنهن حد تائين انهيءَ مسلم علحدگيءَ واري نظريي کي پروان چاڙهيو، پر تنهن هوندي به اها مسلم اقليتي صوبن تائين محدود هئي، جتي پڻ اها مغل شاهيءَ جي باقيات ۽ سندن تابع برادريءَ ۾ مروج هئي. اتر-اولهه ۽ اتر-اوڀر هندستان وارن مسلم اڪثريتي صوبن ۾، جتي پوءِ پاڪستان ٺهيو، هندي- اردو اختلاف جو نالي ماتر به ڪو اثر ڪونه ٿيو هو. هنن علائقن ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي تائين آل انڊيا مسلم ليگ جي سياست ڪڏهن به سنجيدگيءَ سان ٻوليءَ واري مسئلي تي ڪو بحث يا هلچل ڪانه ڪئي.
انگريز حاڪمن ويندي ويندي پنهنجو سامراجي مفاد اُن ۾ ئي محفوظ سمجهيو ته عامله جو سڄو اقتدار پنهنجي منظم فوج، تربيت يافته آفيسرشاهيءَ ۽ پاڪستان جي ٺهيل ٺڪيل زميندارشاهيءَ جي حوالي ڪري، خيرباد چئي، پاڻ هليا وڃن. اِئين محفوظ ۽ هموار نموني اقتدار منتقل ٿيڻ وقت پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ پهرئين ڏينهن کان پاڻ کي ٻيءَ هر ڳالهه کان آجو سمجهي، قومن جي وچ ۾ موجود آئيني ۽ قانون سازيءَ جي مسئلن ۾ ڦاٿل ڏٺو، جيڪي مسلم قومپرستيءَ واري سندن مَنَ پسند نظريي ۾ معمول طور موجود هئا. پر خود اُها پاڻ به 24 سالن تائين پنهنجن انهن آئين سازيءَ جي مسئلن ۾ ڪنهن به فيصلائتي نموني اڳتي نه وڌي سگهي. انهيءَ دوران پاڪستاني عملدار شاهي يا اسٽيبلشمينٽ ملڪ جو وڏو اڌ 1971ع ۾ ان ڪري هٿان وڃائي ويٺي، جو انهن پاڪستاني قوميت جي مضبوط ٻنڌڻ طور مذهب جي جاءِ تي صرف هڪ ٻوليءَ کي اضافي طور قومي ٻوليءَ طور آڏو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا ان وقت مشڪل سان پاڪستان جي 5 يا 4 سيڪڙو ماڻهن جي مادري ٻولي هئي. ان کان پهرين مشرقي پاڪستان هٿان وڃائڻ کان پورا 18 سال اڳ 16 مارچ 1956ع تي پاڪستان ۾ مسلم قوميت ۽ سرڪاري ٻوليءَ وارن معاملن تي برک قومپرست اڳواڻ جناب جي.ايم.سيد، سنڌ ۽ ان جي عوام پاران سنڌ آئين ساز اسيمبليءَ جي ايوان ۾ هڪ دردمندانه گذارش پيش ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ هن اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي مخاطب ٿي ٻين ڳالهين سان گڏ اهو به چيو هو ته:
دنيا ۾ سنڌ ۽ اُن جي رهواسين جي هڪ تمام قديم ۽ تاريخي طرح اهم ۽ نمايان تهذيب آهي ۽ ظاهر آهي ته اسان جي ٻولي به ان تهذيب سان گڏ اسان وٽ موجود هئي؛ ان ڪري اسان جو اولين فرض آهي ته اسين اِها پڪ ڪريون ته هن اسيمبليءَ ۾ اسان جي ٻوليءَ کي واحد سرڪاري ٻوليءَ طور اختيار ڪيو وڃي. *(1)
ان کان ڇهه مهينا پوءِ تاريخ 16 سيپٽمبر 1956 تي سنڌ آئين ساز اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي هڪ ٻي عرضداشت به پيش ڪئي وئي ته ان کي اسيمبليءَ پاران سنڌ جي گورنر ذريعي مٿي پاڪستان جي گورنر جرنل ڏانهن موڪليو وڃي. ان عرضداشت ۾ ٻين معاملن سان گڏ اهو پڻ چيو ويو هو ته سنڌ جي تعليم ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تدريس کي نمايان جاءِ ڏني وڃي، جنهن کان ان وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ انحراف پئي ڪيو. ان وقت تائين ڪراچي يونيورسٽيءَ سنڌيءَ کي نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي، ايتريقدر جو اها يونيورسٽيءَ جي امتحان جي ٻوليءَ طور به ختم ڪئي وئي.
1969ع جي جولاءِ ۾ سنڌ جي شاگردن ۽ نوجوانن پاران، وفاقي حڪومت پاران ڇپايل نئين تعليمي پاليسيءَ ۾ ڏنل رٿن بابت گهريل تجويزن تي جيڪا ياداشت موڪلي وئي هئي، انهيءَ مان ڊگهن ٽڪرن دهرائڻ جي هِت ضرورت ڪانهي. اُنهن رٿن ۾ 1974ع تائين اولهه پاڪستان ۾ اردوءَ کي تعليم جي هر سطح تي ذريعي تعليم بنائڻ ۽ سرڪاري استعمال جي واحد ٻوليءَ طور اختيار ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي. منهنجي خواهش اها آهي ته توهان مان جيڪي ماڻهو اهو معلوم ڪرڻ چاهين ٿا ته پاڪستان ۾ سنڌي ۽ ٻين ديسي ٻولين کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪهڙا منصوبا هئا، انهن کي ڪنهن وقت اها ياداشت ضرور پڙهڻ گهرجي. هن موقعي تي آءٌ هڪ ٻئي ليک جو حوالو ڏيندس، جنهن جو عنوان هو ”سنڌي ٻولي- انصاف لاءِ اپيل“ جنهن تي سنڌ جي 56 اهم شهرين ۽ تعليمي ماهرن صحيون ڪيون هيون، ۽ جيڪو فيبروري 1983ع ۾ شايع ڪري، پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي تقريباً سمورن عملدارن ڏانهن موڪليو ويو هو. سنڌي ٻوليءَ جي ڪيس ۾ انصاف لاءِ ڪيل هن اپيل ۾ هڪ 14 صفحن جو مهاڳ هو، جنهن کان پوءِ پنجن صفحن جو اصل متن هو. اُن اپيل ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ اهو به چيل هو ته :
”سڄيءَ دنيا جي قومن وٽ ٻولي هڪ تمام حساس معاملو رهيو آهي. پاڪستان جا ماڻهو ان کان مبرا ڪونه آهن. گهٽ ۾ گهٽ اوڀر پاڪستان جي سانحي مان ئي اسين جوڳو سبق پرائي وٺون ها. پر لڳي ائين ٿو ته اقتدار ۾ موجود بيحسيءَ جو ڪو انت ڪونهي، جو پاڪستان جي ڇڙواڳ عملدارشاهي زندگيءَ جي قانونن جو انحراف ڪندي، ماڻهن کي، روا رکيل زيادتين جو ازالو ڪرڻ ۽ انصاف جي توازن کي قائم رکڻ لاءِ، هروڀرو اجائي جدوجهد ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندي ۽ اُڪسائيندي ٿي رهي. وڏي ڏک ۽ اعتراض جي ڳالهه آهي ته زندگيءَ جو اهڙو هڪ قانون، جنهن جي هتان جي بااختيار صاحبن هميشه بي ادبي ۽ بي حرمتي ڪئي آهي، سو ٻوليءَ جو قانون آهي.
گذريل ٽن ڏهاڪن کان مٿي، خود جمهوريت به اسان کي نظرانداز ڪيو آهي ۽ ڪٺورتا سان اُن قانون جي ڀڃڪڙيءَ اسان جي ماڻهن کي تعليم ۾ پوئتي ڌِڪي منجهائي ۽ ثقافتي طور چيچرائي رتورت ڪري ڇڏيو آهي. اول ٻه ٻوليون اردو ۽ انگريزي ۽ هاڻ ٽين عربي ۽ ڪنهن حد تائين چوٿين فارسي به ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان مذهبي، ثقافتي، تجرباتي يا نظرياتي سبب چنبڙائي، اسٽيبلشمينٽ جي منشا مطابق اسان تي مڙهيون پئي ويون آهن. انهن مان ڪا به هتان جي ماڻهن جي مادري ٻولي ڪانهي، سواءِ اردوءَ جي، سا به اوڀر پاڪستان جي وڃائڻ کان پوءِ محض 8 سيڪڙو ماڻهن جي ٻولي آهي.“
هن اپيل جي پڄاڻي هن نُڪتي تي ٿي ته :
”اسين هيٺ صحيون ڪندڙ سنڌ جا اديب، شاعر، فنڪار، استاد، شاگرد ۽ سڄاڻ طبقن جا فرد سنجيدگيءَ سان گُهر ٿا ڪريون ته هڪ ”آل پاڪستان لئنگئيج ڪميشن“ جوڙي وڃي، جنهن ۾ سڀني واسطيدار لساني گروهن/ ڌرين جي برابر نمائندگي هجي ۽ اها پاڪستان جي ٻولين جي مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري، ڪنهن مقعول ۽ سالم راهه واري هڪ جامع رپورٽ تيار ڪري، ان تي عمل ڪرائي.“
پر وري به صد افسوس اُن جو ڪو نتيجو ڪونه نڪتو. هن قسم جي هر ڳالهه ۽ هر بحثُ ٻڌو اڻٻڌو ڪيو ويو. اڃا ته ترسو! ٻڌو! نئين هزاري (ملينيم) 2001ع جي پهرئين ڏينهن تي پريان اسلام آباد مان هڪ حڪم نازل ٿيو ته پاڪستاني ٻارن (عمر پنج سال) کي پرائمري پهرئين ڪلاس کان مادري زبان سان گڏ انگريزي لازمي پڙهائي وڃي! هن قسم جو حڪم اسان جي پرائمري تعليم کي ڪيڏانهن وٺي ويندو. اهو هر هڪ ڌر کي سوچڻ، سمجهڻ ۽ پُرجهڻ جي ضرورت آهي. ان بابت پڪ ڪرڻ لاءِ آءٌ اوهان جا چند منٽ ٻيا به وٺندس.
اول آءٌ 16 ڊسمبر 2005ع واري سنڌي اخبار ’عوامي آواز‘ ڪراچيءَ مان هڪ خبر ٿو نوٽ ڪريان. ان سنڌي اخبار جي خبر جو سرو آهي ته:
-”سنڌي ميڊيم اسڪول کي اردو ميڊيم ۾ تبديل ڪيو ويو“.
”ڪورنگيءَ جو چڪرا ڳوٺ: سنڌي استاد غائب، کين ٻين اسڪولن ڏانهن بدلي ڪيو ويو. سنڌي پڙهائڻ بند“.
مڪمل خبر هن ريت آهي:
”ڪورنگي ٽائون: (رپورٽ: قنبر ڪانڌڙو)- ڪورنگي ٽائون ۾ يوسي3، چڪرا ڳوٺ، ستر سالن کان قائم گورنمينٽ سنڌي ميڊيم اسڪول کي ماٺ ميٺ ۾ اردو ميڊيم ۾ تبديل ڪيو ويو. سنڌي استادن کي ٻين اسڪولن ۾ بدلي ڪيو ويو آهي. ڪن استادن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي موڪل تي هليا ويا آهن. بدلي ٿيل استاد هن ئي اسڪول مان پگهار کڻي رهيا آهن. صرف ٻه اردو ڳالهائيندڙ استاد. هڪ عارف ۽ ٻيو عتيق، پنهنجي سهوليت سان ڪي ڏينهن اسڪول اچن ٿا، حاضري لڳائي هليا ٿا وڃن. جيڪڏهن ڪجهه پڙهائين به ٿا ته اهو پنهنجي مادري ٻولي اردوءَ ۾، جيڪا ئي سندن حد آهي. ان ڪري سنڌي شاگردن لاءِ اردوءَ ذريعي سمجهڻ ڏکيو آهي. انهن سببن جي ڪري ڪيترن شاگردن اسڪول ڇڏي ڏنو آهي ۽ ڳوٺ جي گهٽين ۾ رانديون پيا رهن. ڪجهه وقت اڳ اسڪول ۾ شاگردن جو تعداد 250 هو، پر هاڻي مشڪل سان 61 ڄڻا بچيا آهن. انهن مان به رڳو 30 ڄڻا اسڪول وڃن ٿا. اسڪول جي اسٽاف ۾ هڪ چوڪيدار، هڪ پٽيوالو ۽ پنج استاد آهن. اسٽاف جي غيرحاضر هئڻ سبب اسڪول پٽيوالي يونس مسيح جي حوالي هوندو آهي.“
اها آهي حالت ۽ قسمت سرڪاري سنڌي ميڊيم پرائمري اسڪولن جي، ڪراچيءَ جهڙي ميٽرو پوليٽن شهر جي ضلعن ۾ ۽ پڪ سان سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد ۾ پڻ اهڙي حالت هوندي، باقي جيتريقدر اهڙن ٻين چاليهه هزار اسڪولن جي حالت جو سوال آهي، جيڪي ڌوڙ سان لَٽيل انهيءَ علائقي ۾ آهن، جنهن کي ”اندرونِ سنڌ“ سڏيو ويندو آهي، انهن جو حال، جي ساڳيو نه، ته به اتي اسڪولن ۾ رائج طور طريقن موجب ڪنهن حد تائين بهتر يا مختلف به نٿو سوچي يا چئي سگهجي.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان جي آئين ۾ تعليم هڪ مستقل موضوع آهي. صوبن کي مرڪزي اسٽيبلشمينٽ جي اختيار کي اورانگهڻ يا اُن سان ٻٽي عمل ڪرڻ جو اختيار ڪونهي. وفاقي اختياريون پنهجي تعليم واري وزارت ذريعي سموري پاڪستان جي تعليمي نصاب وغيره کي ڪنٽرول ڪن ٿيون. تازو سندن اُن حڪم ته پرائمري پهرئين ڪلاس کان انگريزي ۽ مادري زبان لازمي پڙهائي وڃي، سنڌ ۾ تمام گهڻي چڙ پيدا ڪئي آهي. جتي ان مرحلي تي يعني ٽئين ڪلاس کان اڳ ئي ٻن مادري ٻولين کي منهن ڏيڻو ٿو پوي، پاڙهڻو ٿو پوي. اُهي اِنهيءَ نئين حڪم کي سنڌيءَ ۽ اردوءَ جي سنڌ جي تعليمي ٻولين واري حيثيت تي ڪاري وارُ سمجهن ٿا. سرونسٽن آف سنڌ سوسائٽي، انهيءَ ڌڪ کان بچائڻ لاءِ 30 نومبر 2005 تي اُنهيءَ خلاف زبردست ٺهراءُ پاس ڪيو هو ۽ متبادل طور ٻولين جي تعليم جو هڪ ڪارآمد نظام جوڙڻ جي ڳالهه ڪئي هئي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي عالمگير/ گلوبل سامراجي ذهن جي ماڻهن ۽ سندن ايجنٽن پاران پاڪستان جي قومن جي سڃاڻپ کي نشانو بنائڻ وارين ڪوششن کان خبردار ڪيو ۽ روڪيو هو ۽ گهڻ ٻوليائي سماجن ۾ ٻولين جي مسئلن کي تمام ڳنڀير مسئلا قرار ڏنو هو؛ جن مسئلن کي اهڙيءَ ريت غيرسنجيدگيءَ واري ۽ ڳجهي نموني حل نٿو ڪري سگهجي، جيئن هيستائين پاڪستان ۾ ٿيندو رهيو آهي ۽ جنهن جا خراب نتيجا ملڪن ۽ حڪومتن جي تقسيم ٿيڻ ۽ ٽُٽڻ جي صورت ۾ نڪتا آهن.
ان ڳالهه تي سڀڪو متفق آهي ته ”سچَ، نيڪيءَ ۽ پيار“ جي سهڻن لفظن وانگر ’تعليم‘ به هڪ ڀرپور لفظ آهي، جنهن ۾ سمورا فن ۽ علم اچي وڃن ٿا، ۽ اها پنهنجي انساني زندگيءَ جي سموري فڪر ۽ تجربي جو احاطو ڪري ٿي. ”ٻولي“، جيڪا انسان جي حياتي ۽ روح آهي، تعليم جو واحد اظهار ۽ ترقيءَ جو وسيلو آهي. تعليم جو اهڙو وڏي دور جو ۽ لاڳيتو تجربو ئي هو، جنهن جي ڪري پاڪستان ۾ اچڻ واريون سموريون حڪومتون فوجي يا غيرفوجي، انهيءَ چٽي پٽي معاملي کي نظرانداز ڪنديون آيون آهن ۽ ڪڏهن به سندن ڀاري ڀرڪم (ڳرين) رپورٽن ۽ پاليسي بيانن ۾ ماڻهن جي مادري ٻوليءَ لاءِ اکر به ڪڇيل ڪونهي، نڪو تعليم جي ذريعي طور نه ئي وري هڪ مضمون طور پڙهائڻ لاءِ! هُنن لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهميت ٻن ٻولين جي هئي ۽ آهي، جيڪي آهن انگريزي ۽ اردو. انهن مان پهرين سندن سامراجي آقائن جي ٻولي آهي ۽ ٻي پاڪستان جي هڪ ڳاڻاٽي ۾ مَسَ ايندڙ محدود آباديءَ جي مادري ٻولي آهي.
2001- 1998 ۾ صدر جنرل پرويز مشرف ۽ وزيراعظم شوڪت عزيز پاران قومي تعليمي پاليسيءَ بابت ڪيل اخباري پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته:
”پاڪستان ۾ تعليم جو نصاب انگريزي ۽ اردوءَ لاءِ هڪ جهڙو هوندو.“
پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ سنڌيءَ جهڙين مادري ٻولين جي اهڙيءَ ظاهر ظهور ۽ لاپرواهه لتاڙ کان پوءِ سرائڪي، براهوي ۽ هندڪو جهڙين مادري ٻولين لاءِ ڇا سوچجي، جيڪي اڃا ته ڪنهن ليکي ۾ ئي ڪونه آهن. اُنهن ٻين متاثر ٿيندڙ ۽ وسريل ماڻهن جو ان ڏس ۾ ڪهڙو ردعمل يا جواب ٿي سگهي ٿو، جن جون ثقافتون، جن جون سڃاڻپون اهڙي مبهم، پر گستاخ نموني سان خطري ۾ وڌيون ويون آهن، جڏهن ته ان جي ابتڙ اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ 1947 کانپوءِ ٻوليءَ جي بنياد تي ظاهر ظهور ڪيتريون ئي نيون رياستون لساني سڃاڻپ جي بنياد تي ٺاهيون ويون آهن ]۽ اُتي 26 قومي ٻوليون آهن، جن ۾ سنڌي به هڪ آهي [
سوچ جي ڳالهه هيءَ آهي ته ڇا پاڪستان ۾ اسين ”هڪ ٻوليائي قوم آهيون“ جو صرف هڪ ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو فخر جوڳو مقام ملي يا ”گهڻ ٻوليائي“ هجڻ سبب انهن سان گڏ اسان جي اڳوڻن بيٺڪي آقائن جي سوڀاري ٻوليءَ کي به شامل ڪيو وڃي، جيڪي اڄ به اسان کي پنهنجي نئين بيٺڪي نظام ۾ جڪڙي ويٺا آهن.
حقيقت ۾ اسان وٽ مادري ٻوليءَ جي حيثيت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ڊانوان ڊول آهي. خود نصابي ڪتابن ۽ ڪلاس روم ۾ ۽ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ان جو استعمال ۽ سکيا بدانتظاميءَ جو شڪار آهي. ڪن حالتن ۾ لفظن جي صورتخطي، اچار ۽ گرامر جي صحت کي خراب ڪيو ٿو وڃي ۽ سڀ کان وڌيڪ نصابي ڪتابن ۾ بيهڪ جي نشانين جو برو حال آهي؟ ته ڇا اهي حالتون جيڪي اسان کي سامهون اچن ٿيون ۽ جيئن اهي جاري آهن، يا خود اسان جي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ جيڪي اڻ ڳڻيا خطرا ۽ رڪاوٽون آهن؛ انهن سڀني مان نڪرڻ، انهن کان نجات جو طريقو اهو ٿو سُجهي ته پاڪستان ۾ ٻولين جي تعليمي نظام ۾ ڪو وڏو ڦيرو/ تبديلي آڻجي. ٻين مناسب لفطن ۾ ائين چئجي ته اسان کي عدم مرڪزيت ۽ طاقت جي ٻيهر ورهاست تي سوچڻو پوندو. وفاقي رياست جي ڍانچي ۾ غيرمرڪزيت آڻڻ ۽ صوبائي خودمختياريءَ جو حق بحال ڪرڻ جي اسان کي ضرورت آهي. ان ڏس ۾ پهرئين قدم طور هڪ ”آل پاڪستان لئنگئيج ڪميشن“ ٺاهجي، جنهن ۾ هر هڪ صوبائي ٻوليءَ جي ٻن ميمبرن جي برابر نمائندگي هجي؛ تنهن ۾ انگريزي، براهوي، سرائڪي ۽ هندڪو به شامل ڪجن ۽ اها پاڪستان ۾ ٻوليءَ جي مسئلي جو مطالعو ڪري، تحقيق ڪري ۽ نبيرو به ڪري.
(1) اسيمبلي قاعدن جي 166 قاعدي تحت، جناب جي . ايم . سيد جي سنڌ قانون ساز اسيمبليءَ واري عرضداشت (Petition)
عزت ماب اسپيڪر،
سنڌ قانون ساز اسيمبلي،
ڪراچي.
سائين،
سنڌ ۽ ان جي ماڻهن جي نالي ۾ آءٌ ڪي گذارشون ڪرڻ ٿو چاهيان، جنهن لاءِ مون کي ڀروسو آهي ته هيءُ محترم ايوان مهرباني ڪري گهربل توجهه سان غور ڪندو.
هن محترم ايوان کي خبر آهي ته اسان جي مهربان ڌرتي سنڌ، اها مانائتي چونڊيل ڌرتي آهي، جنهن جي ماڻهن ان وقت کان هڪ ترقي يافته ثقافتي ۽ تمدني زندگي گذاري آهي، جڏهن دنيا جا جديد سڌريل ملڪ اڃا اوندهه ۾ هٿوراڙيون ڏئي رهيا هئا ۽ وحشي ۽ بربريت واري وجود جا مالڪ هئا. موهن جي دڙي جا تاريخي اهڃاڻ اڄ به اتي پنهنجي شان ۽ مان سان بيٺل آهن، جيڪي سنڌ جي مقدس تهذيب جا ساکي آهن، جيڪو نه صرف سنڌ جو بلڪ سموري دنيا جو مانائتو اتم ورثو آهي. علم بشريات ۽ قديم آثارن جي علمن جا اهڙا به ماهر آهن، جيڪي ان کان به اڳتي جي ڳالهه ٿا ڪن ته مهان آرين جو پهريون ٺڪاڻو ۽ ماڻهپي سان رهڻ جو فن وچ ايشيا جي بڇڙي ۽ ويران پوٺي جهڙي علائقي بدران موجوده سنڌوءَ جي اولاهن ڪنارن واري خطي ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ موجوده قلات، لس ٻيلو ۽ مڪران به شامل آهن. انهيءَ خطي ۾ ٿيل کوجنائن ۾ ڪوئلي جي ذخيرن جو ملڻ اهو ثابت ٿو ڪري ته هزارين سال اڳ چوماسي/ مينهوڳيءَ جي مستقل لپيٽ ۾ هئڻ ڪري اهو گهاٽن ٻيلن سان ڀريو پيو هو، جيڪي پوءِ ڪنهن قدرتي هلچل، جهڙوڪ تاريخي دور کان اڳ واري طوفان وغيره، جي ڪري زمين ۾ دٻجي ويا هئا. اها حقيقت آهي ته جيڪو خطو هن وقت غيرجاندار ۽ ويران ٿيو پيو آهي، ان کي پنهنجي قديم ترين ماضيءَ ۾ ندين سان ريج ملندو هو، جنهنڪري اهو زندگيءَ ۽ زرخيزيءَ سان ڀرپور هو. اهڙيون حالتون، تهذيبن جي اڀرڻ ۽ ترقي ڪرڻ لاءِ سازگار هونديون آهن، جيئن بعد ۾ مصر ۽ ميسوپوٽيميا ۾ ٿيو.
اهي ڳالهيون ان نظريي جي پٺڀرائي ڪن ٿيون ته آرين جو اصل وطن اصل ۾ موجوده سنڌوءَ جي اوڀر ۾ هو، نه ڪي وچ ايشيا جي مٿانهين پٽ/پوٺي ۾، جيئن هيستائين سمجهيو پئي ويو!
ان خيال بابت اصل حقيقت ڇا به هجي، پر اهو سچ آهي ته سنڌ ۽ ان جا ماڻهو دنيا جي قديم ترين تاريخي ۽ نمايان تهذيب جا مالڪ آهن. ظاهر آهي ته اسان جي ٻولي به انهيءَ تهذيب سان گڏ موجود هوندي: لسانيات جا ماهر چون ٿا ته
”سنڌي ٻولين جي هن-آريائي گروهه ۾ تمام فهميدي ۽ ڀرپور اظهار جي قوت رکندڙ ٻولي آهي.“
بيشڪ اسان جي ٻولي ۽ ثقافت تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي ۽ يونانين، عربن، ايرانين ۽ انگريزن جهڙا ڌاريان قابض حڪمران ۽ سندن دٻاءَ برداشت ڪيا آهن، پر الله جي مهربانيءَ سان اسان جي ٻولي ۽ ثقافت انهن ڏکين تجربن مان نه صرف صحيح سلامت، ڪنهن هاڃي کان بچي، محفوظ نڪري آيون، پر مستقبل لاءِ به جيئن مقدر ۾ هئن، پاڻ وڌيڪ مضبوط ۽ سڌريل ٿي ويون.
سنڌ اعليٰ، سادگيءَ ۽ ميٺاج وار ي سخي ڌرتي آهي، جنهن لاءِ، اسلام جي پاڪ نبي | فرمايو هو ته ”مون کي سنڌ کان ٿڌڙي هير اچي ٿي“.- ”سنڌو انهن ندين مان هڪ آهي، جيڪي مون بهشت ۾ ڏٺيون هيون“
اهڙي شاندار ماضيءَ ۽ ان کان شاندار مستقبل جي پيغمبراڻي واعدي کان پوءِ اسان کي نماڻائيءَ سان احساس ٿئي ٿو ته اسان کي پنهنجو پاڻ کي ان مستقبل لاءِ ڪهڙيءَ ريت تيار ڪرڻ گهرجي، جيڪو اڄوڪي دنيا جي جوڙ جڪ ۾ اسان جي مقدر ۾ آهي- اسان جو اهو ئي عمل انساني تهذيبن کي تباهيءَ ڏانهن وٺي ويندڙ جنوني مقابلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اسين انساني تهذيب ۽ ثقافت جي واڌاري ۽ شاهوڪاريءَ لاءِ ڪيل اهڙي ڪردار ذريعي ان کي ان وڏي خطري کان بچائي سگهون ٿا، جيڪو ان کي درپيش آهي.
اسان جون ڪيتريون همعصر قومون، جن مان ڪي ته اسان کان به عدد ۾ گهٽ آهن، دنيا جي انهيءَ اسٽيج تي پنهنجو پاڻ مڃائڻ لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيون آهن،جنهن تي انسانيت جي زندگيءَ ۽ موت جو منحوس ڊرامو کيڏيو پيو وڃي. انهن قومن جي انسانيت لاءِ ڪيل امن ۽ خوشحاليءَ وارين اهڙين قابل تقليد ڪوششن ۾ اسان جو ڪردار ڪو معمولي ڪو نه هوندو، پر انهيءَ لاءِ اسان کي پنهنجي ان قومي زندگيءَ کي ٻيهر تعمير ڪرڻو پوندو، جيڪا بي ساهي ۽ جمود جو شڪار ٿي وئي آهي.
پنهنجي قومي زندگيءَ جي اهڙي نئين جنم لاءِ اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته تاريخي، جاگرافيائي، لساني، معاشي ۽ ثقافتي لحاظ کان اسان جي هڪ منفرد قوميت آهي ۽ صرف اها حيثيت ۽ اسان جو عالمي ڀلائيءَ ۾ ادا ڪيل ڪردار ئي دنيا جي ماڻهن جي بحثن ۾ اسان کي صحيح سڃاڻپ ڏياريندا.
انهيءَ حوالي سان اسان جو سڀ کان پهريون اهم فرض نه صرف پاڻ ڏانهن، پر سموري انسانذات ڏانهن اِهو آهي ته اسين پنهنجو پاڻ کي اهڙيءَ ريت مڃايون، جو ايندڙ سمورن دورن ۾ اسين پنهنجي ڪلچر جي ترقيءَ لاءِ لامحدود تخليقي ترقيءَ جي ضمانت حاصل ڪري وٺون. ثقافت جي جوڙجڪ ۽ شاهوڪاريءَ لاءِ واحد بنيادي عنصر ٻولي هئڻ ڪري اسان جو فرض پنهنجي ٻوليءَ جي خدمت تي زور ڀري ٿو.
انهيءَ مقصد لاءِ هي مانوارو ايوان جيڪي اهميت جوڳا مستقل اپاءَ وٺي سگهي ٿو، انهن ۾ فوري طور هتي ۽ هينئر اسيمبليءَ جي واحد ٻوليءَ طور سنڌيءَ کي اختيار ڪيو وڃي. هن مانواري ايوان جو اهو هڪڙو قدم يڪدم اسان جي وطن جي سموري سماجي، سياسي، ثقافتي، تعليمي ۽ انتظامي جوڙجڪ ۾ اهڙن ٻين عملن/قدمن جو سلسلو شروع ڪندو، جنهن سان ٿوري وقت اندر اسان جي ٻولي اهو ڪجهه ماڻي وٺندي، جنهن کي گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ هن ٻين ٻولين جي دٻاءَ ۾ وڃايو هو.
آءٌ موجوده دور جي علميت ۽ ترقيءَ واري مرحلي تي پنهنجي ٻوليءَ جي ڪوتاهين/ڪمزورين کان واقف آهيان. اسان وٽ ڪو معياري شارٽ هينڊ جو نظام ڪونهي، اسان وٽ ٽائيپ رائيٽر جي سهولت ڪانهي، اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪتابن جي گهڻي کوٽ آهي. اهي سڀ ظاهري گهٽتايون آهن، پر انهن مان ڪا به اهڙي ڪانه آهي، جنهن تي ضابطو نه آڻي سگهجي، شرط اهو آهي ته نيت هجي ۽ پرعزم مضبوط ڪوشش ڪئي وڃي.
اسين دعا ڪنداسين- باقي ڏيڻ وارو ڏاتار آهي.
توهانجو فرمانبردار
جي . ايم . سيد
10 مارچ 1953“
(محترم محمد ابراهيم جويي جي اصل انگريزي مضمون جو
سنڌي ترجمو. مترجم: ڊاڪٽر فهميده حسين)