Video

ٻولي، محاوري ۽ لهجي جو عمومي اڀياس

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

هن مقالي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ جداگانه تاريخي حيثيت کي تسليم ڪندي، ٻوليءَ جي گروهي تشڪيل تي بحث ڪريان ٿو. سنڌي هڪ ٻولي آهي، پر مختلف گروهه ان کي ٿوري ٿوري فرق سان ڳالهائين ٿا، جيڪا هڪ سڀاويڪ ڳالهه آهي. اهو فرق ان کي فطري سونهن بخشي ٿو ۽ ان فرق جي ڪري مختلف محاورا جنم وٺن ٿا.  اسان جي بحث جو گهڻو تڻو واسطو به سنڌ ۾ مروج محاورن (Dialects) ۽ خصوصاً اترادي محاوري سان آهي- دراصل  سنڌي سماج جي حدبندي ائين ٿيندي ته جن علائقن ۾ سنڌي ڳالهائي وڃي ٿي، اُهي ان جون ڪي جاگرافيائي ۽ ثقافتي حدون ليکبيون پر  ان سڄي سماج ۾ زبان جي هڪجهڙائيءَ جي باوجود ان جا مختلف رنگ آهن. مثلاً اسان وٽ ٿري، لاڙي، وچولي/ معياري، اترادي، ڪڇي ۽ ڪوهستاني محاورا موجود آهن- اِها ڳالهه نه مڃبي ته ڪنهن ماڻهوءَ جو گروهي ڪلچر هن لاءِ اهو ضروري بڻائي ٿو ته هو صرف پنهنجي گروهه جي زبان ڄاڻي ۽ ڳالهائي- مثلاً: ٿر جا تمام گهڻا گروهه ساهتيءَ جهڙي سنڌي ڳالهائين ٿا- ٿري ماڻهو، اترادي محاوري ۾ به ڳالهائين ٿا ۽ لاڙ جا گروهه وري ڪڇي محاوري ۾ به ڳالهائين ٿا- ٻوليءَ جا اهي وڏا محاوراتي گروهه هڪ ٻئي تي اثر انداز ٿين ٿا-  جهڙيءَ طرح لاڙي محاورو سنڌي زبان جي اهم ۽ وڏن محاورن مان هڪ آهي- لازمي طور ان ڪي اثر پاڙيسري محاورن جا به قبول ڪيا آهن، ڇو جون ان جو سرحدون اتر کان معياري محاوري سان، اولهه کان ڪوهستاني محاوري سان ۽ اوڀر کان ٿري محاوري واري علائقي سان ملن ٿيون- 1

اهڙيءَ طرح  اسان هڪ محاوري جو اڀياس ڪرڻ وقت، ان خاص دائري ۾ رهندڙ گروهن جي زبان جو اڀياس به جدا جدا ڪنداسون- جهڙيءَ  طرح اتر پاسي رهندڙ سرائڪي گروهه، بلوچي گروهه ۽ براهوي گروهه، اترادي محاوري تي اثر انداز ٿيا آهن. اهو اڀياس ان لاءِ به ضروري آهي، جو اسان محاوري (Dialect) لهجي (Accent) ۽ ذاتي اُچار (Idiolect) جي فرق کي معلوم ڪري سگهون-

سنڌي سماج جاگرافيائي طور هڪ وڏو لساني خطو آهي-  ان سڄي سماج ۾ مختلف علائقن جا مختلف گروهه ٺهي پيا آهن ۽ هر علائقي ۾ جدا جدا محاورن جي دائري اندر جدا جدا ٻولين ۾ ڳالهايو وڃي ٿو. اهڙي حدبندي ڪرڻ به ضروري آهي، ڇو ته ”هر ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي“ مان مراد به اها آهي ته هر ننڍي علائقي جا ماڻهو جدا جدا لهجي ۾ ڳالهائين ٿا -

ڪاڪو ڀيرو مل محاوري جي تعريف هن طرح ڪري ٿو: ”اپڀاشا معني ٻوليءَ جو ننڍو ايڪو (Dialect) -2

هدايت پريمَ، پوپٽي هيراننداڻيءَ جي حوالي سان اها نکيڙ هن طرح ڪئي آهي-

”ٻوليءَ جا ٽي قسم آهن:-

1) ڀاشا:     يعني کري ٻولي يا معياري ٻولي-

2) وڀاشا: (Dialect) اُها ٻولي، جا هڪ گهيري (حد) اندر رواجي ماڻهو ڳالهائين ٿا، جنهن کي اپڀاشا به چئبو آهي-

3) ٻولي  :(Provincial Dialect) اُها ٻولي،  جا گهر جا ڀاتي گهرن ۾ بنا ڪنهن ملاوت ۽ بناوت جي ڳالهائين ٿا-“

                        هو اڳتي هلي مثال ڏيندي لکي ٿو ته: ”سنڌ ۾ حيدرآبادي سنڌي، ڀاشا ٿي ڪم ايندي آهي- سنڌي ڀاشا  جو کيتر سڄو ئي  سنڌ پرڳڻو آهي، شڪارپوري، سرائڪي، لاڙڪاڻائي وغيره وڀاشائون آهن، جي جدا جدا ضلعن ۾ ڪتب اينديون هيون- وڀاشا جي حد جاگرافي مقرر ڪري ٿي، پر ڀاشا جي حد سڀيتا، سنسڪرتي ۽ ڀاونائون مقرر ڪن ٿيون. مطلب اهو آهي ته ڀاشا هڪ قسم جي پرماڻڪ ٻولي (Standard Language) آهي، جنهن کي ساڳئي علائقي ۾ يا ساڳيءَ قوم جا ماڻهو ساهتڪ ٻولي سمجهن، ان ۾ لکڻ، پڙهڻ ۽ راڄ ڪاروبار جو ڪم هلائين ٿا- 3

                        پوپٽي هيراننداڻيءَ جي خيال مطابق: ”ڀاشا“ معياري محاوري کي چئجي ۽ وڀاشا ”لهجي“ کي چئجي، جنهن کي هن Dialect ڪري لکيو آهي ۽ ”حيدرآبادي سنڌيءَ“  کي معياري لهجو سڏيو اٿس، جڏهن ته شڪارپوري، سرائڪي ۽ لاڙڪاڻائي لهجن کي وڀاشائون ڪوٺيو اٿس-

                        دراصل ائين ناهي- ”ڀاشا“ اهڙي ٻوليءَ کي چئجي ٿو جيڪا هڪ گهيري اندر پوري سماج ۾ ڳالهائي وڃي ٿي- جهڙيءَ طرح سنڌي ٻولي، سنڌ جي پوري علائقي ۾ رهندڙ سڀني گروهن جي ٻولي آهي- دراصل معياري محاورو (Standard Dialect) به ٻوليءَ جو هڪ محاورو ئي آهي، جهڙي طرح سنڌيءَ جا ٻيا محاورا  اترادي، ٿري وغيره-

                        معياري محاوري متعلق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ هدايت پريم لکن ٿا ته: ”معياري محاورو اهو ڄاتو وڃي ٿو، جو اهو هر ڪنهن جي لاءِ سمجهڻ جهڙو چٽو ۽ علمي هجي.“

پروفيسر رابنس (Robins) معياري  محاوري لاءِ لکي ٿو ته: ”معياري  محاوري جي اصطلاح مان ڪا به غلط فهمي نه ٿيڻ کپي“-

بليوم فيلڊ جو خيال آهي ته ”معياري محاورو حقيقت ۾ پراڻو نه هوندو آهي، پر  مقامي محاورن مان ڪن تاريخي اهميت جي حالتن هيٺ  اسرندو آهي“-

رابنس ٻوليءَ ۽ محاوري جي فرق بابت هڪ فارمولو ڏنو آهي، جنهن ۾ ٽي نڪتا آهن- پهريون نڪتو ئي محاوري ۽ زبان ۾ فرق واضح ڪري ٿو- اهو هي آهي ته هڪ ٻوليءَ جا اهي نمونا، جيڪي مختلف آهن، پر ڪنهن خاص نوعيت کان سواءِ ٻي ايراضيءَ ۾ ماڻهو سمجهن ٿا- انهيءَ حساب سان انگلنڊ ۾ انگريزيءَ جا مختلف نمونا، انگريزي جا محاورا آهن ائين ويلش، آئرش ۽ اسڪاٽش/ گئلڪ مختلف محاورا آهن-4

دراصل پوپٽيءَ کان سهو ٿي آهي، جو هن زبان (ڀاشا) ۽ معياري يا کري محاوري کي هڪ ئي سمجهيو آهي-

                        ”حيدرآبادي سنڌيءَ“ کي معياري محاوري طور ڪتب ايندڙ لهجو ته چئي سگهجي ٿو، پر ڀاشا سڏڻ درست ناهي، ڇو ته ڀاشا ۾ سنڌ جا سمورا لهجا/ محاورا اچي وڃن ٿا. دراصل ”حيدرآبادي سنڌي“، وچولي يا معياري محاوري جو لهجو (Accent) آهي، نه ڪي جداگانه طور معياري پد تي پهتل آهي، انهيءَ کي معياري ان ڪري سڏيو وڃي ٿو جو اهو سنڌ جي اڳوڻي گاديءَ واري هنڌ جو لهجو هو ۽ بلڪل وچ ۾ هئڻ ڪري هر ڪو سمجهي سگهيو ٿي ۽ علمي ادبي ڪتابي لهجي طور تسليم ڪيو ويو آهي-

                        ڊاڪٽر داد محمد خادم بروهي سنڌي ٻوليءَ جا ٻارنهن محاورا ڳڻائي ٿو- معياري، اترادي، ماڇڪي، جدگالي، فراڪي، کيتراڻي، ڪوهستاني، لاسي،جدگالي،لاڙي،ڪڇي ۽ ٿري-

                        جڏهن ته ڪاڪي ڀيرومل صرف ڇهه محاورا پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“  ۾ ڏنا آهن- هدايت پريم ”اترادي ٻولي“ جي مسودي ۾ صفحي-11 تي ڊاڪٽر ٽرمپ جي حوالي سان ٽي محاورا  ٻڌايا آهن: لاڙي، سريلي ۽ ٿري، گريئرسن جو حوالو  ڏيندي هدايت پريم لکي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جا ڇهه محاورا آهن، جنهن ۾ هن اترادي محاوري کان سواءِ باقي ڇهه- وچولي، سرائڪي، لاسي، لاڙي، ٿريلي ۽ ڪڇي ڄاڻايا آهن- ڇو ته گريئرسن اترادي کي محاورو نٿو مڃي-

                        حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ، سنڌ کي ٽن طبعي حصن ۾ ورهائي، اتر پاسي کي سرو ۽ ڏاکڻي کي لاڙ سڏيو آهي- درياهه جي اوڀرين پاسي کي ساهتي سڏيو آهي- وچولي سنڌ جون حدون گهڻو ڪري لاڙڪاڻي ۽ ان جي آسپاس کان وٺي حيدرآباد ۽ ان جي ويجهي پسگردائي تائين ڄاڻايون آهن-5

                        گريئرسن  جي اترادي محاوري کي محاوراتي درجو نه ڏيڻ واري صورتحال تي هدايت پريم سندس ئي حوالن مان اهو ثابت ڪيو آهي ته ”اترادي هڪ محاورو آهي ۽ لغت جي اعتبار کان وڌيڪ شاهوڪار ۽ گرامر جي قاعدن قانونن جي بي مثال پختگيءَ جو حامل آهي- هن لهجي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ٻين محاورن جي ڀيٽ ۾ نهايت قيمتي مواد موجود آهي-“

                        اسان جي خيال ۾ لساني حدبنديءَ جي لحاظ سان اهي محاورا ڊاڪٽر داد محمد بروهيءَ جي ڏنل فهرست کان گهٽ ٿيڻ گهرجن. ڊاڪٽر داد محمد بروهي محاوراتي حدبنديءَ جي گهيري کي ڪي قدر گهٽائي ٻوليءَ جي ننڍن لهجن کي به محاورو ڪوٺيو آهي- دراصل جدگالي، کيتراڻي ۽ فراڪي سڀ ”جدگالي محاوري“ جا ننڍا لهجا آهن، جهڙيءَ طرح اترادي محاوري جا ننڍا لهجا يا مقامي ٻوليون: شڪارپوري ٻولي، ماٿيلي ۽ اوٻاوڙي جي ٻولي، خيرپور جي ٻولي، جيڪب آباد جي ٻولي ۽ لاڙڪاڻي جي ٻولي وغيره.

                        ڪاڪو ڀيرو مل لکي ٿو ته: سکر ضلعي ۾ ڏسجي ٿو ته، شڪارپور جي ٻولي هڪڙي، سکر ۽ روهڙيءَ جي ٻي، ۽ اوٻاوڙي طرف جي وچان ئي ٽين- انهيءَ ڪري هيءَ به چوڻي آهي ته سنڌ ۾ ”چپي چپي تي ٻولي ٻي“- ائين ٿوري ٿوري پنڌ تي وڏو فرق اول اُچارن  ۾ آهي ۽ ٻيو لفظن جو آهي، چوڻي آهي ته ”جهڙو چراخ، تهڙو جرڪ، ٻولي ٻولي فرق“-6

اهڙيءَ طرح پهاڪي ذريعي ٻڌايو اٿس ته ”چراخ“ يا ”جرڪ“  ساڳيءَ معنيٰ وارا لفظ آهن، پر هڪ هنڌ هڪڙو ته ٻئي هنڌ ٻيو لفظ ڪم اچي ٿو، جنهنڪري ٻوليءَ ۾ فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو-

                        ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ”شڪارپور جي ٻولي“ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: ”هن ڪتاب ۾ شڪارپور واري علائقي، خاص طرح سان شڪارپور شهر جي محاوري جو لسانياتي مطالعو پيش ڪيو ويو آهي- هن لهجي جون خوبيون جديد علم لسان جي لحاظ کان نروار ڪيون ويون آهن- نه فقط ايترو، پر شڪارپوري لهجي ۽ ٻين لهجن جو تقابلي مطالعو به ڏنو ويو آهي-اهو به ڏيکاريو ويو آهي ته هي لهجو ”سريلي محاوري“ جو هڪ لهجو آهي، جنهن جون ڪجهه قدر خصوصيتون سريلي محاوري جي ٻين لهجن جهڙيون آهن- ان هوندي  به شڪارپوري لهجي جون انفرادي لسانياتي خصوصيتون به آهن“-7

                        هتي ڊاڪٽر ميمڻ هن ڳالهه کي مڃي ٿو ته شڪارپوري لهجو، ”اتراڌي محاوري“ جو هڪ لهجو آهي- ڊاڪٽر صاحب پنهنجي هڪ ٻئي مقالي ۾ ڪاٺياواڙي/ميمڻي محاوري  جو لساني جائزو ڏيندي لکي ٿو ته: ”ڪاٺياواڙي ميمڻ پاڻ ۾ جيڪا ٻولي ڳالهائيندا آهن، ان کي ڪاٺياواڙي يا ميمڻي سڏيو ويندو آهي- هيءَ ڪا جدا ٻولي نه آهي، پر اصل ۾سنڌي زبان جو هڪ محاورو آهي- جنهن تي گجراتي زبان ۽ ڪن ٻين ٻولين جو گهرو اثر آهي“-8

                        ڪاٺياواڙي ٻوليءَ جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا:

 

معياري سنڌي

ميمڻي يا ڪاٺياواڙي

آئون وڃان ٿو-

اسان وڃون ٿا-

آئون ماريندس-

آئون ونان تو (ٿو)-

اسان وِنون تا(ٿا)-

آئون مارنو-

                        پروفيسر فاضل شيخ اترادي محاوري لاءِ لکي ٿو ته: ”سنڌي ٻوليءَ جو هي هڪ جدا محاورو آهي- ڀيرو مل جي اها راءِ درست ناهي ته سري جي حدن کي، اترادي محاوري جون سرحدون سمجهيو وڃي-“

                        هو پنهنجي راءِ جي تصديق ۾ لکي ٿو ته: ”خيرپور ضلعي جي اوڀر واري وسيع ايراضي، توڙي روهڙي، ميرپور ماٿيلي ۽ اوٻاوڙي تعلقي جي اڀرندي طرف واري وڏي پٽيءَ ۾، سنڌيءَ جو سنئون سڌو ٿري محاورو ڳالهايو وڃي ٿو- ٻئي طرف جيڪب آباد ۽لاڙڪاڻي ضلعن جي الهندي پاسي بلوچستان جي شورڻ ۽سبيءَ واري علائقي ۾ به اترادي محاورو رائج آهي- اوٻاوڙي تعلقي جي اتر ۾ وري ماڇڪي ٻوليءَ جو گهڻو اثر آهي- اتان جي ٻوليءَ کي ”سرائيڪي- سنڌي“ ته سڏي سگهجي ٿو،پر ان کي اترادي ٻولي يا سريلي ٻولي ۾ شمار ڪري نه سگهبو-9

                        فاضل شيخ جو اهو رايو ته مڃي سگهجي ٿو ته ”ماڇڪي ٻوليءَ“ کي هڪ جدا محاوري جو درجو ڏئي سگهجي ٿو، پر اهو چوڻ ته ماٿيلي ۽ اوٻاوڙي جي ٻولي، اترادي  محاوري جو لهجو نه، بلڪه هڪ جدا محاورو آهي، مڃڻ جي قابل ناهي. فاضل شيخ صاحب اڳتي هلي پنهنجي راءِ کي حتمي ڪو نه ٿو سمجهي، پر صرف ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته ماٿيلي ۽ اوٻاوڙي جي ٻوليءَ تي ٿري محاوري جو اثر آهي، جيڪو اسان جي خيال ۾ به درست آهي-

                        فاضل صاحب جو اهو رايو به درست ناهي ته بلوچستان جي شورڻ ۽ سبيءَ واري علائقي ۾ اترادي محاورو رائج آهي، جنهن کي ڊاڪٽر داد محمد ”ملڪي، وطني، ڄٽڪي، جتڪي ۽ فراڪي“ لهجو ڪوٺي ٿو- 10

                        ڊاڪٽر بلوچ صاحب سبيءَ طرف رائج لهجي کي ٽن ننڍن لهجن ۾ ورهائي ٿو: ”خڙڪي،پڻڪي ۽ حسنڪي“، جيڪي بقول ڊاڪٽر داد محمد جي اهي ٽئي ننڍا لهجا، فراڪي محاوري جي ننڍن ايڪن جي حيثيت رکن ٿا-11

                        ان سـڄي بحث کان پوءِ اسان هن نتيجي تي پهتا آهيون ته سنڌي زبان جي محاورن ۽ انهن جي حدن تي نظرثاني ڪئي وڃي- آءٌ پنهنجي تجزئي جي آڌار تي اڳتي هلي محاورن جي اهڙي ڳڻپ ڪرائيندس.

                        جيئن آءٌ هن کان اڳ ٻڌائي آيو آهيان ته جدگالي،فراڪي ۽ کيتراڻي لهجا، جن کي ڊاڪٽر داد محمد محاورا ڪوٺيو آهي، جدگالي محاوري جا لهجا آهن-انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هيءَ راءِ ڏاڍي وزندار آهي ته؛ معياري سنڌيءَ جي اثر واري دائري کان ٻاهر، اندروني بلوچستان وارن ڇڙوڇڙ سنڌي باشندن جي ٻولي ڪچي رهي- جيڪا اڄ تائين سندن خاص بستين ۾ خام ”جدگالي“ محاوري جي صورت ۾ رائج آهي- انهيءَ طرح سنڌ جي پکيڙ سان مغربي بلوچي ۽ سنڌيءَ جو هڪ ٻئي جي لغات تي اثر پيو- سنڌ جي طاقت وڌڻ ڪري جيڪب آباد، سبي ۽ ڪڇي ضلعن وارا علائقا سنڌ جي سياسي اثر هيٺ آيا، جنهنڪري انهن علائقن ۾ سنڌي ٻولي رائج ٿي- سنڌي قبيلن جو اتر (سبي) توڙي اولهه طرف (مڪران) بلوچستان ۾ وڃي ويهڻ وارين صدين دوران مسلسل عمل سان بلوچي زبان جا ڪيترا لفظ سنڌيءَ جو جُز بڻيا-12

ڊاڪٽر بلوچ صاحب اڳتي هلي لکي ٿو ته: ”ستين صديءَ ۾ جت قبيلا سنڌ مان وري مڪران، ايران ۽ مغرب طرف ويا ۽ سنڌي ٻولي پاڻ سان اتي کڻي ويا- بلوچستان ۽ ايران جي حدن ۾ ان ٻوليءَ کي ”جدگالي“ (جتن جي ڳالهه-ٻولهه) سڏيائون- صديون پوءِ سڀ جدگالي ڳالهائيندڙ پڻ اتي ”جدگال“ سڏجڻ لڳا“-13

هتي بحث طلب اها ڳالهه آهي ته محاوري ۽ لهجي ۾ واضح فرق محسوس ڪرڻ گهرجي- ان فرق کي واضح ڪندي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”اڪثر محقق محاوري کي لهجو به چون ٿا، پر گهڻن محاورو ئي سڏيو- ان ڪري انهيءَ معنيٰ کي ذهن ۾ رکي محاورو (Dialect) ۽ لهجو (Accent)  ٻه جدا اصطلاح ڄاڻڻ کپن- هونئن به محاورو ڏنل ٻوليءَ جي هڪ ايراضيءَ ۾ هڪڙو ته ٻي ايراضيءَ ۾ ٻيو ٿئي ٿو“-14

                        ٻوليءَ جي واڌ ويجهه جي عمل سان محاورن ۽ لهجن جي تشڪيل ٿئي ٿي. لهجا لغوي ۽ گرامري خاصيتن کان سواءِ لساني خوبين ۾ به اڪثر يڪسانيت رکن ٿا، پر پوءِ به هڪ لهجو ٻئي لهجي کان ڪي قدر نرالو ٿيندو آهي- اها تبديلي ڳالهائڻ جي جهيلار، لفظن جي اچار، آواز جي لاهه چاڙهه، لفظن جي ادائگيءَ ۽ معنوي انداز مان محسوس ڪري سگهبي آهي-

                        ڊاڪٽر حيدر سنڌيءَ جو چوڻ آهي ته ”ٻولين جو اهو اختلاف جاگرافيائي حالتن، اقتصادي تبديليءَ ۽ آبهوا جي ڪري به ٿئي ٿو“-15

                        پروفيسر علي نواز جتوئي لکي ٿو ته: جنهن حد کان ٻوليءَ ۾ ڪجهه ڦيرو معلوم ٿئي، انهي حد کان ٻوليءَ جو نئون محاورو شروع ٿئي ٿو. ائين هر ٻوليءَ جا ٻه يا ٻن کان مٿي محاورا هوندا آهن، جن کي مقامي محاورا  يا اپڀاشائون سڏبو آهي. انهن مقامي ٻولين مان هڪ ٻولي، جا علم ادب جي لحاظ کان ٻين مقامي ٻولين تي ڇانئجي ويندي آهي، جنهن کي پڙهيل طبقو عام طرح سان استعمال ڪندو آهي، تنهن کي معياري زبان سڏبو آهي- سنڌي معياري زبان آهي ۽ باقي سڀ ٻوليون- اترادي، لاڙي، ٿري، لاسي، ڪوهستاني ۽ ڪڇي وغيره مقامي ٻوليون آهن-16

                        پروفيسر جتوئيءَ جي لهجن ۽ محاورن جي فرق نه رکڻ واري حجت متعلق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي دليل سان جيڪا راءِ ڏني آهي، اها واضح ۽ منطقي آهي- تنهنڪري انهيءَ ڳالهه کي چٽيءَ طرح سمجهڻ سان ئي ٻولي، محاوري ۽ لهجي  واري فرق کي محسوس ڪري سگهبو-

                        هتي اها ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته محاورو ڪنهن به ٻوليءَ جي مخصوص ۽ وڏي گهيري ۾ ڳالهايو وڃي ٿو، جنهن کي وڀاشا يا Dialect چئجي ٿو- جڏهن ته لهجو يا مقامي ٻولي (Accent) گهر يا ڪنهن شهر ۽ پسگردائيءَ ۾ ڳالهايو وڃي ٿو، تنهنڪري ان کي مقامي ٻولي به چئبو آهي.

                        سنڌي ٻولي وسيع علائقن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي- ان جي وسعت ۽ جداگانه حيثيت متعلق سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر غلام علي الانا،  ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻيءَ، شري جيرام داس دولترام ۽ سراج ميمڻ، لساني تجربا ڪري ثابت ڪيو آهي ته سنڌي ٻولي سنسڪرت ڄائي ناهي، پر هڪ خودمختيار ٻولي آهي. ديسي سنڌي پراڪرت مان اسري آهي ۽ اپڀرنش ۾ تبديل ٿي آهي- 17“

                        ”ٿري“ جيئن ته سنڌي ٻوليءَ جو هڪ (وڏو) محاورو آهي، جيڪو ٻوليءَ جي هڪ وڏي گهيري ۾ ڳالهايو وڃي ٿو، تنهنڪري ان کي”ٿري ٻوليءَ“ بجاءِ ”ٿري محاورو“ سڏجي ٿو- شڪارپوري ٻولي، جيڪب آبادي ٻولي ۽ ماٿيلي ۽ اٻاوڙي جي ٻولي چوڻ درست آهي، ڇاڪاڻ جو اهي سڀيئي اترادي محاوري جي لهجن يا مقامي ٻولين ڏانهن اشارو  ڪن ٿا. ”سبيءَ جي ٻولي“، جدگالي محاوري“ ۽ ”ماڃر ۽ ڪڪرالي جي ٻولي“ وري ”لاڙي محاوري“ جا لهجا آهن.

                        هتي اها ڳالهه  به ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته محاوراتي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ وقت ڪنهن به ٻوليءَ جي ماهر کي نهايت گهڻين فني پيچيدگين سان منهن ڏيڻو پوي ٿو- مثال طور خيرپور ضلعي جي اوڀر واري وسيع ايراضي، توڙي روهڙي، ميرپور ماٿيلي ۽ اوٻاوڙي تعلقن جي اڀرندي پاسي واري وڏي پٽيءَ ۾، سنڌيءَ جو سنئون سڌو ”ٿري محاورو“ ڳالهايو وڃي ٿو. ٻئي طرف ضلعي ڪشمور جي سئي ۽ ديره بگٽي علائقي ۽ ضلعي شهدادڪوٽ جي اولهندي پاسي اوسته محمد ۽ ديري الهيار تعلقن ۾ ”اترادي محاورو“ رائج آهي، جيتوڻيڪ ٻنهي علائقن ۾ ٿري ۽ جدگالي محاورن جو اثر به نمايان نظر اچي ٿو. جيئن ته انهي علائقن ۾ سرائڪي زبان به عام جام ڳالهائي وڃي ٿي، ان ڪري ”ماڇڪي جي ٻوليءَ“ تي ملتاني سرائڪيءَ جو ۽ ”جيڪب آبادي ٻوليءَ“ تي جدگالي محاوري يعني سبي، شورڻ ۽ ڀاڳناڙيءَ جو اثر ملي ٿو. سرائڪيءَ سان گڏ هتي براهوي ۽ بلوچي زبانون به ڳالهايون وڃن ٿيون. لازمي طور تي مقامي ٻولين تي اهي زبانون به اثر انداز ٿين ٿيون. بهرحال پوءِ به ڪو قاعدو/ڪليو مڃڻ سان ئي ٻولين جي تحقيق ۾ اڳڀرو ٿي سگهجي ٿو.

                        اسان جي خيال ۾ جيئن سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون مقرر ڪري نٿيون سگهجن، تيئن سنڌي محاورن ۽ لهجن جي ورهاست وقت به انهن مرحلن ۽ ماپن کي سامهون رکي اڳتي وڌڻو پوندو. بهرحال هن بحث جو نتيجو اهو وٺڻ گهرجي ته هن وقت سنڌ ۾ ڏهه وڏا محاورا، ملتان جي پسگردائيءَ کان اولهندي بلوچستان ۽ پوريءَ سنڌ ۾ ڳالهايا وڃن ٿا. انهن جي فهرست ڏيڻ کان اڳ ۾ اها ڳالهه ڪرڻ به ڪنهن حد تائين مناسب آهي ته هندوستان ۾ به ”راجسٿاني محاوري“ ”گجراتي يا اُچي محاوري“ (يا ڪجهه ٻين سنڌي ماڻهن جي بيٺڪن مطابق تحقيق جو دائرو وسيع ڪري) کي شامل ڪري سنڌي ٻوليءَ جي محاورن تي وڌيڪ تحقيق ڪري سگهجي ٿي.

                        مٿئين بحث جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ جا في الحال ڪل ڏهه محاورا مقرر ڪري سگهجن ٿا، جن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:

  • معياري
  • اترادي
  • ماڇڪي وارو محاورو
  • ڪوهستاني
  • لاسي
  • جدگالي محاورو
  • لاڙي
  • ڪڇي محاورو
  • ٿري محاورو
  • ڪاٺياواڙي/ميمڻي محاورو

مقالي جي آخر ۾ ڊاڪٽر جوڻيجي جو هي جملو ورجائيندس ته ٻوليءَ جو ذاتي محاورو (Idolect)، پاڻ محاوري جو هڪ شعبو آهي، پر محاورو (Dialect) وري ٻوليءَ جو هڪ اهم حصو ۽ شعبو آهي، ان ڪري ان جي وصف ذهن ۾ واضح هجڻ کپي- 18

 

 

حوالا

  1. جوڻيجو عبدالجبار: ”لاڙ جي لغات“ زيب ادبي مرڪز حيدرآباد 1975ع، (ص -19)
  2. آڏواڻي ڀيرو مل مهرچند: ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“  سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد – (ڇاپو ٽيون) 1972ع- (ص -91)
  3. پوپٽي هيراننداڻي: ”ڀاشا شاستر“1961ع. (ص-41-45)
  4. جوڻيجو عبدالجبار، هدايت پريم، ”ٿري ٻولي“سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد. (ص - 9-10)
  5. سيوهاڻي فتح محمد حڪيم: ”آفتاب ادب“، ادبي بورڊ 1974ع (ص -116)
  6. آڏواڻي ڀيرو مل مهر چند: ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“ (ص-92)
  7. ميمڻ عبدالمجيد (ڊاڪٽر): ”شڪارپور جي ٻولي“سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد. (ص- 12-13)
  8. ميمڻ عبدالمجيد (ڊاڪٽر): ”مقالا“ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1977ع (ص-11) مرتب: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، قاسم ٻگهيو
  9. شيخ محمد فاضل: ”ماٿيلي اوٻاوڙي جي ٻولي“ سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو حيدرآباد 1992ع (ص-11)
  10. بروهي داد محمد (ڊاڪٽر): ”سبي جي ٻولي“سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو حيدرآباد (ص-29-30)
  11. بروهي داد محمد (ڊاڪٽر): ساڳيو (ص -31)
  12. بلوچ نبي بخش :”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“پاڪستان اسٽڊي سينٽر (ص-160)
  13. بلوچ نبي بخش: ساڳيو (ص-162)
  14. مقالو: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: ”سماهي مهراڻ“ (ص-142) 3/1992ع
  15. حيدر سنڌي(ڊاڪٽر):”ٻولين جا سرچشما“ اِتهاس پبلڪيشن، ڪنڊيارو -1985ع (ص- 103-102)
  16. جتوئي علي نواز حاجن خان: ”علم لسان ۽ سنڌي زبان“ 1968ع (ص -155)
  17. جيٺلي مرليڌر: ”سنڌي ٻولي جون مکيه خصوصيتون“ (مقالو) سماهي مهراڻ حيدرآباد 4/1988(ص -75)
  18. مقالو:جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر،ٽماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو،  3/1992(ص-143)