ڊاڪٽر هدايت پريم
[سنڌي الف- بي کي اڪثر ماهرن مستند قرار ڏنو آهي، پر ڪي عالم مختلف راءِ رکن ٿا. محترم هدايت پريم پڻ پنهنجي راءِ رکي ٿو، انڪري ان کي ڇاپيو پيو وڃي-ادارو]
وسرگائي، وينجنن جي هڪ اضافي خصوصيت آهي، ڌوڪڻا وينجن جڏهن اچارجن ٿا ته ان سان گڏ هوا جي هڪ ڌوڪ (Puff of Air) شامل ٿي وڃي ٿي. جن آوازن ۾ هيءَ ڌوڪ گهڻي آهي، سي ”وِسرگ آواز“ آهن، يعني تن ۾ وسرگائي شامل آهي. ۽ جن ۾ هيءَ ڌوڪ اڻ لکي يا تمام گهٽ آهي، تن کي ”اَوسرگ آواز“ سڏجي ٿو، يعني تن ۾ وسرگائي شامل نه آهي. هوا جي مذڪوره ڌوڪ پ / ڦ جوڙي مان ڦ ۾، ب/ڀ جوڙي مان ڀ ۾، ت/ٿ جوڙي مان ٿ ۾، د/ڌ جوڙي مان ڌ ۾، ٽ/ٺ جوڙي مان ٺ ۾، ڊ/ڍ جوڙي مان ڍ ۾، چ/ڇ جوڙي مان ڇ ۾، ج/ جهه جوڙي مان جهه ۾، ڪ/ک جوڙي مان ک ۾، گ/ گهه جوڙي مان گهه ۾ آهي. انهن آوازن کي وسرڳ Aspirated سڏبو آهي(1)
وسرگ آوازن کي ڪن عالمن مرڪب آواز (ٻٽو آواز) ڪري سمجهيو آهي. قديم هندستان جي نحوين به ک، گهه، ڇ، ٿ ۽ ڌ کي ٻٽو آواز (Compound Sound) سمجهيو هو. (2)
ڪن ماهرن جي خيال موجب ]جهه[ ۽ ]گهه[ مرڪب اکر آهن، جيڪي ]ج[ ۽ ]هه[ يا ]گ[ ۽ ]هه[ جي گڏيل آوازن جي نمائندگي ڪن ٿا؛ پر جن اکرن ۾ ”هه“ گڏيل نه آهي جيئن ڀ، ٿ، ڇ، ک وغيره ، تن لاءِ وري ڪي صاحب هيءَ راءِ ڏيندا آهن ته اُهي به مرڪب اکر آهن، پر انهن جي پهرئين اکر ۾ ”هه“ سمائجي، يعني مدغم ٿي چڪي آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته /ت+هه=ٿ/۾ ”هه“ بلڪل سمائجي چڪي آهي، تنهنڪري اهڙن ماهرن جي خيال موجب ٿ، ڌ ۽ ڇ وغيره جي وسرگائي ظاهر ڪرڻ لاءِ بنيادي حرفن سان ”هه“ اکر ملائڻ جي ضرورت ڪانهي. سنڌيءَ جي صوتياتي نظام ۾ وسرگ آوازن جي مطالعي لاءِ اهڙا نظريا ڪا معنيٰ نٿا رکن. (3)
چئي سگهجي ٿو ته ”جهه، گهه، ڀ، ڦ، ٿ، ڌ، ٺ، ڍ، ڇ ۽ ک“ مرڪب آوازن جا لکت ۾ اکر نه آهن، پر اهي به مفرد اکر (آواز) آهن، انهن ۾ ”هه“ حرف ڪنهن ڌار آواز جي نمائندگي نٿو ڪري... سنڌي صورتخطي ۾ نڙگهٽ واري گسڻي آواز]هه[ کي الڳ حيثيت آهي ۽ ”جھه “ ۽ ”گهه“ ۾ ”هه“ لکت جي صورت ۾ وسرگائي ڏيکاري ٿي. مطلب ته ڦ، ڀ، ٿ، جهه ۽ گهه مفرد آواز آهن، مرڪب يا ٻٽا نه آهن. (4)
”ڊڪشنري آف لنگئسٽڪس“ ۾ وِسرگ آوازن جي وصف هن ريت ڪئي وئي آهي:
In Phonetical terminology, said of a consonant pronounced followed immediately by a puff of breath. (5)
يعني اُهي وينجن، جن جي اچارڻ وقت هوا جي ڌُوڪ ٻاهر نڪري، تن کي وسرگ آواز چئجي ٿو.
هن مان صاف ظاهر آهي ته وسرگ آواز مرڪب نه، پر مفرد آواز آهن. سنڌي ٻوليءَ جا وسرگ آواز هي آهن:
ڦ، ڀ، ٿ، ڌ، ٺ، ڍ، ڇ، جهه، ک، گهه، ڙهه، نهه، ڻهه، لهه ۽ مهه هنن وسرگ آوازن جا جوڙيوال اَوسرگ آواز هن طرح آهن:
پ، ب، ت، د، ٽ، ڊ، چ، ج، ڪ، گ، ڙ، ن، ڻ، ل، م.
اردو لسانيات ۾ وسرگ آوازن کي ”هائيه آواز“ سڏيو ويو آهي، ڇو ته هنن آوازن جي لکڻ جو طريقو ”هه“ ملائي لکڻ آهي، يعني ته:
بھه، پھه، تھه، ٽھه، دھه، چھه، جھه، ک، گھه
سنڌي الف-بي جي موجوده ]سڌاريل[ پٽي 1855ع ۾ ٺاهي وئي هئي. جيڪا ٿوري ڦير گهير ڪئي وئي، سا به ترتيب ۾ ڪئي وئي، نه ته اڄ تائين اها ساڳي الف-بي موجود آهي. اردو الف-بي تقريباً هڪ سؤ سال اڳ ۾ ڪلڪتي ۾ تيار ڪئي وئي هئي. سنڌي الف- بي ٺاهيندڙن کي اردو الف-بي اڳيان رکڻ گهربي هئي ۽ وسرگ آوازن کي لکڻ جو سائنسي طريقو يعني ”هه“ ملائي لکڻ گهربو هو. ائين ڪرڻ سان سنڌي الف-بي جي پٽيءَ ۾ 52 اکرن جي بجاءِ 42 اکر هجن ها ۽ اُها نون سکندڙن ۽ ٻارن لاءِ بار نه بنجي ها.
سنڌيءَ جي وِسرگ آوازن جي لکڻ جو طريقو منهنجي نظر ۾ درســــت نه آهــــي، يعني ته هڪجهڙائي نه رکي وئي آهي، پر الف-بي جي ترتيب جو هڪ معيار مقرر ڪيل آهي، يعني ساڳين گروهن جي آوازن ۽ ساڳين مخرجن وارن آوازن کي هڪجهڙيون صورتون ڏيڻ گهرجن. مثلاً ب، ڀ، پ ۽ ٻ کي مشابهه صورتون آهن. هي چار ئي آواز چپاوان آواز آهن يا وري د، ڌ آوازن جو مخرج ڏند آهي ۽ ڊ ڍ ۽ ڏ آوازن جو مخرج مهار آهي ۽ اهي مورڌني آواز آهن؛ تنهنڪري انهن آوازن کي هڪجهڙي شڪل ڏني وئي آهي. صرف نُڪتن جي ترتيب ۾ ڦير ڦار ڪئي وئي آهي. اهڙيءَ طرح وسرگ آوازن لاءِ به هڪجهڙائيءَ جي اصول تي عمل پيرا ٿي مشابهه صورتون ڏنيون وڃن ها! ڪن وسرگ آوازن جي اکرن لاءِ چار نقطا ڏئي صورت ٺاهي وئي آهي، سي هي آهن:
ڦ، ڀ، ٿ، ڇ ۽
ٻين وسرگ آوازن لاءِ نقطن ۾ ڦير ڦار ڪئي وئي آهي.
يعني ته: ڌ، ٺ، ڍ
ڪ ۽ ک، جن کي ’ڪاف‘ عربي ۽ ’ڪاف‘ عجمي چئجي ٿو، هن جوڙي مان ک کي وسرگ آواز وارو اکر بڻايو ويو آهي، جهه ۽ گهه لاءِ ج ۽ گ ۾ ”هه“ ملائي وسرگ آواز وارا اکر ٺاهيا ويا آهن. سنڌي ٻوليءَ جا ڙهه، نهه، ڻهه، لهه ۽ مهه به وسرگ آواز آهن، جن کي الف. بي جي پٽيءَ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي، انهن آوازن کي پرائمري ليول تي پڙهائڻ لاءِ ڏاڙهون، ماڻهو، سينهون، ملهه وغيره جهڙا لفظ مثال طور ڏنا ويا آهن. سن 1967ع وارو پرائيمر محمد ابراهيم جويي صاحب لکيو آهي، جنهن جا ايڊيٽر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ شيخ عبدالله عبد هئا، تن پرائمر جي صفحي 36 تي وسرگ آواز سمجهائڻ لاءِ هي مثال ڏنا آهن:
چتونءَ جي چنهب ڳاڙهي آهي (ڙهه)
ملهه ملهون وڙهن ٿا (لهه)
سنهي ڇوڪري کيڏي ٿي (نهه)
ٻار سمهي ٿو (مهه)
ٿلهو ڇوڪر ڊوڙي ٿو (لهه)
اوهين کينهي سان راند ڪريو ٿا (نهه)
ٻيا مثال ڏنا اٿن، ماڻهو (ڻهه) ۽ سينهو (نهه)
سن 1978ع واري پرائيمر ۾ مثال هن ريت ڏنل آهن:
- هي ڪلهو آهي (لهه)
- ملهه وڙهه (لهه ۽ ڙهه)
- سنهي ڇوڪري (نهه)
- سوير سمهه( مهه)
- پوڙهو ماڻهو (ڙهه ۽ ڻهه)
سنڌي الف- بي ۾ وسرگ آوازن وارن اکرن ۾ اڪثريت چئن نقطن وارن اکرن جي آهي، دنيا ۾ ڪنهن به الف-بي ۾ چار نڪتا ڏنل نه آهن. هڪ ٻه يا ٽن نقطن وارا اکر لکيا وڃن ٿا، جيئن عربيءَ ۾ به ٽن نقطن تائين جا اکر آهن، چار نقطا پڙهڻ دوران اضافي بار آهن. رومن الف-بي اختيار ڪيل ٻولين ۾ به وسرگ آواز ملائي لکبا آهن، جيئن انگريزيءَ ۾ آهن.
P-Ph, T- Th, K-Kh
سنڌي الف بي ۾ ”ڦ“ اکر کي ”ف“ ۽ ”ق“ سان مشابهه صورت ڏني وئي آهي. حالانڪه ”ڦ“ آواز ڪنهن طرح به ف يا ق سان تعلق نه ٿو رکي. ”ڦ“ هڪ وسرگ، چپائون ڌوڪڻو وينجن آهي، جڏهن ته ف هڪ گسڻو وينجن آهي، جنهن جو مخرج چپ- ڏند گاڏئون آهي. ”ڦ“ جو اوسرگ جوڙيوال ”پ“ آهي. صرف تاريخي امتياز کان ف ۽ ڦ جو تبادلو ٿيندو رهيو آهي. گهٽ پڙهيل يا بلڪل نه پڙهيل سنڌي ماڻهو ”ف“ کي ”ڦ“ ڪري اچاريندو رهيو آهي. اهڙو مثال محمد سومار شيخ ڏنو آهي.
جائڦل کي جافر به چوندا آهيون (6)
”ق“ آواز عربي آواز آهي. سنڌي صوتيات ۾ ”ق“ کي ڪا به جاءِ ڪانهي. سنڌي ڳالهائيندڙ ”ق“ آواز کي ”ڪ“ ڪري اچاريندا آهن، صرف عربي دخيل لفظن ۾ ”ق“ لکيو ويندو آهي. سنڌيءَ ۾ ”ڦ“ آواز وارو اکر ٺيڪ نه ٺاهيو ويو آهي، اُن جي صورت ”پ“ جهڙي هئڻ گهرجي ها. اهڙي نشاندهي ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ به ڪئي آهي. (7)
منهنجي ذاتي راءِ آهي ته سنڌي وسرگ آوازن کي لکڻ جو سائنسي طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي سنڌي الف-بي کي معياري بنائڻ (Standardization) جي عمل وقت وسرگ آوازن کي الف-بي جي پٽيءَ ۾ شامل نه ڪرڻ گهرجي. اهڙي عمل سان هي فائدا ٿيندا:
- سنڌي الف. بي 42 اکرن تي مشتمل هوندي ۽ بار گهڻو گهٽ ٿي پوندو.
- سنڌي اکرن مان چئن نقطن وارا تقريباً سڀ اکر نڪري ويندا
- ”ڦ“ آواز جي درست صورت قائم ڪري سگهبي، ۽ ”ڦ“ آواز کي ”ف ۽ ق“ جهڙي صورت بجاءِ ”پ“ آواز جهڙي صورت ڏني ويندي، جيڪو ”ڦ“ جو جوڙيوال اوسرگ آواز هوندو.
حوالا
- جتوئي علي نواز، علم اللسان ۽ سنڌي زبان 1983 ص- 58
- SK Chatlerji, Indo Aryan and Hindi 1942 P-256
- الانا، ڊاڪٽر غلام علي، سنڌي صوتيات، 1967ع ص 50-49
- الانا، حوالو ساڳيو ڪتاب، ص 52
- Mario Pei, and Frank Gay nor A Dictionary of Linguistics 1984 P-19
- شيخ محمد سومار، سنڌي آوازن جا تبادلا، 1992ع ص 15
- آڏواڻي، ڀيرو مل مهر چند، سنڌي الف بي ڪيئن ٺهي 1946ع ص 23.