Video

سنڌي ٻوليءَ جو بِگاڙُ روڪڻ جا اُپاء

تاج جويو

ٻولي انسان جي سوچن، خيالن، نظرين، اُمنگن، جذبن ۽ احساسن جي سگهه جو تاريخي رڪارڊ ۽ سماجي، اقتصادي ۽ تهذيبي ڪارڪردگيءَ جو آئينو هوندي آهي. ٻولي ئي هر زماني ۾ انسانن جي وچ ۾ رابطي ۽ ڳانڍاپي جو هڪ ممڪن ۽ اثرائتو وسيلو رهي آهي. ان حوالي سان ڪنهن به ٻوليءَ جو اڀياس ڄڻ ته ڪنهن سماج، قوم، تهذيب ۽ تمدن جو اڀياس هوندو آهي؛ ڇو ته هر انساني عمل، سماج، قوم،تهذيب ۽ تمدن مان جنم وٺندو آهي. هر ٻولي، پنهنجي سماجي، قومي ۽ تهذيبي ماحول ۾، اُن ڌرتيءَ جي رهاڪن سان گڏ اُسرندي، اوسر ڪندي، وڌندي ويجهندي ۽ پکڙندي آهي. اُن سان گڏوگڏ هر ٻولي، ڌار ڌار سماجن جي اَثرن، واپاري، اقتصادي ۽ تهذيبي لاڳاپن، مذهبي ناتن ۽ لڏپلاڻ جي واقعن کان متاثر ٿيندي رهندي آهي. انهيءَ نموني ٻوليون، پنهجا صوتي، صرفي، نحوي، معنوي ۽ لغاتي اثرَ، ٻين ٻولين تي ڇڏينديون آهن، ۽ ساڳيءَ طرح پاڻ به قبولينديون رهنديون آهن. اهو هڪڙو فطري ۽ سڀاويڪ عمل آهي، جنهن وسيلي ٻوليون هڪ ٻئي کان لفظ اُڌارا وٺنديون ۽ پنهنجي دامن کي وسيع، شاهوڪار ۽ ڪُشادو ڪنديون آهن. اها لفظن جي ڏي وٺ صدين کان جاري رهندي اچي ۽ صدين تائين جاري رهندي ايندي، ۽ انهيءَ ڏي وٺ ۽ اوڌر کي روڪڻ يا اُن جي اڳيان هٿراڌو بند ٻڌڻ ۽ آڏون ڏيڻ، ٻولين جي فطري اوسر ۽ واڌ کي روڪڻ جي برابر ٿيندو.

اها هڪ مڃيل ڳالهه ۽ حقيقت آهي ته ٻوليون، سازگار علمي، ادبي، تهذيبي، اقتصادي ۽ صحافتي ماحول ۾، زندگيءَ جي سمورن شعبن ۽ ڀاڱن ۾ ترقي ڪنديون آهن؛ ۽ ڌار ڌار علمن، هنرن، ايجادن، ڄاڻ ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعن مان معلومات حاصل ڪري، پنهنجن ڳالهائيندڙن لاءِ ڪشش، سهوليت ۽ آسانيءَ جو ڪارڻ بنجنديون آهن. جيئن ته ٻوليون، هر دور ۾ انساني رابطن جو اڪيلو، ممڪن ۽ اثرائتو وسيلو رهيون آهن، اُن ڪري اڄ جڏهن ڪميونيڪيشن ۽ اطلاعاتي وسيلا تمام سگهارا ۽ تيز بنجي چڪا آهن، تڏهن به ٻوليءَ ۽ لفظن جي اهميت اڳ وانگر پنهنجيءَ جاءِ تي نه رڳو قائم ۽ موجود آهي، پر وڌيڪ ضروري ٿي پئي آهي. اخبارن، ريڊيو، ٽيليويزن، ڊش، ٽيليفون، ٽيلي پرنٽر، فئڪس، سيٽلائيٽ چئنلن، ڪمپيوٽر، اِي- ميل ۽ انٽرنيٽ جي اهميت، ٻوليءَ ۽ ٻوليءَ جي لکيل ۽ ڳالهايل لفظن سان ئي قائم آهي. اُن ڪري اڄوڪي زماني ۾، جيڪا ٻولي جيتري اثرائتي، ڪشش ڪندڙ، سگهاري، عام فهم ۽ وقت ۽ حالتن جو ساٿ ڏيندڙ بلڪ اُن جي نمائندگي ڪندڙ هوندي، اُوتري ئي اُها اطلاعاتي يا سُڌ سماءَ جي وسيلن وسيلي حاصل ٿيندڙ ڄاڻ سان پنهنجن ماڻهن کي متاثر ڪندي ۽ سندن تڪڙيون ضرورتون پوريون ڪندي.

اسان جي سنڌي زبان، ننڍي کنڊ توڙي سموريءَ دنيا جي سُڌريل ۽ اوسر ڪيل زبانن مان هڪ قديم زبان آهي، جنهن کي لکڻ ۽ پڙهڻ جي حوالي سان گهٽ ۾ گهٽ ڏهن هزار ورهين جو هڪ پسمنظر ۽ ڊگهي تاريخ آهي. اُها اڄ به دنيا جي جديد ترقي يافته ٻولين ۾ نه رڳو پنهنجو هڪ خاص مقام رکي ٿي، پر وقت جي گُهرجن موجب پاڻ ۾ ترقيءَ ۽ تبديليءَ جا سمورا گڻ، قدر ۽ خاصيتون پڻ رکي ٿي.

سنڌي زبان، هن سرزمين تي ڄائي، نپني، وڏي ٿي، وڌي ۽ ويجهي آهي. اُها نه سنسڪرت مان ڄائي آهي، نه ’وارچڊا اپڀرنش‘ مان نڪتي آهي؛ بلڪ آدي جڳادي ٻولي آهي، جنهن جي لکت جا آثار ۽ علامتون موهن جي دڙي جي مُهرن تي موجود آهن. هن ٻوليءَ کي پنهنجو هڪ اعليٰ ادبي، تعليمي، علمي، تهذيبي ۽ تاريخي ورثو آهي. سنڌو ماٿر (لڳ ڀڳ موجوده پاڪستان جي حدن واري علائقي) جي سمورين ٻولين ۾ سنڌي قديم ۽ اهم ٻولي آهي. هيءَ زبان صدين کان وٺي درس تدريس ۽ تعليمي زبان جون ضرورتون پوريون ڪندي پئي آئي آهي، گڏوگڏ دفتري ۽ سرڪاري ڪاروبار جي زبان پڻ رهي آهي. سندس اهو پسمنظر، عربن، سومرن، سمن ۽ مغلن جي دور کان وٺي موجود آهي. هن وقت به هيءَ زبان، نه رڳو سنڌ صوبي جي سرڪاري ۽ تعليمي زبان آهي، پر ڀارت جي 1967ع واري آئين جي اٺين شيڊيول موجب ڀارت جي 26 ٻولين سان گڏ هڪ اهم قومي ٻوليءَ جي صورت ۾ تسليم ڪئي وئي آهي؛ جنهن جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ اُتان جي سرڪار، وڏي مالي مدد ڪندي رهي ٿي.

هونئن ته سنڌي زبان کي تدريس ۽ تعليم جي زبان طور صدين جو ڊگهو پسمنظر آهي، پر انگريزن جي دور (1853ع) ۾ هن زبان جي هڪ ڪري لپيءَ (آئيوٽا) ۽ صورتخطيءَ/ لکت طرف خاص ڌيان ڏنو ويو. اِن ڏس ۾ 1853ع ۾، سر بئرو ايڇ. ايلس جي اڳواڻيءَ ۾، سنڌي عالمن هن زبان جي هاڻوڪي لپيءَ/ آئيوٽا کي آخري شڪل ۽ ترتيب ڏني ۽ وچوليءَ سنڌ جي لهجي (dialect) کي معياري لهجي ۽ معياري زبان (standard language) جو درجو ڏنو. انگريزن، پنهنجي دور ۾ سنڌي زبان جي قدامت، اهليت، اهميت ۽ افاديت کي محسوس ڪندي، اُن کي سنڌ پرڳڻي جي انتظامي، سرڪاري، تعليمي، روينيو ۽ عدالتي زبان طور لازمي قرار ڏنو. نتيجي طور هن دور ۾ سنڌي زبان ۾ درسي ڪتابن سان گڏ هر موضوع تي هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب تيار ڪرايا ۽ ڇپايا ويا، سنڌي- انگريزي ۽ انگريزي- سنڌي لغتون تيار ڪيون ويون، ترجمي ذريعي دنيا جو بهترين ادب، سنڌي زبان ۾ آندو ويو، ۽ جديد علمن کان نه رڳو سنڌ واقف ٿي، پر نون نون علمن جا لفظ ۽ اصطلاح اسان جي ٻوليءَ ۾ رائج ٿيا ۽ ان جي شاهوڪاريءَ ۾ واڌارو ٿيو.

جهڙيءَ ريت سموريون ساهواريون شيون وڌن ۽ ويجهن ٿيون ۽ وقت گذرڻ سان انهن ۾ جسماني، ذهني ۽ ڪيفيتي تبديليون اچن ٿيون ۽ اُنهن جي واڌ ۽ اوسر ٿئي ٿي؛ ساڳيو قانون ٻولين سان به لاڳو ٿئي ٿو. سياسي، اقتصادي ۽ فڪري لاڙا ۽ مادي حالتون ٻولين تي پڻ اثر انداز ٿين ٿيون. بدلجندڙ حالتن ۾ ٻولين جي لفظي ذخيري (vocabulary) ۾ واڌ سان گڏ تبديلي به ايندي رهندي آهي. لفظ پنهنجون سماجي ۽ ڪلچرل معنائون حاصل ڪندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن لغوي ۽ بنيادي معنائون تبديل ڪري وٺندا آهن. اڄ به جديد دنيا ۾ نون هنرن، نين ايجادن، نون علمن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي نون ذريعن جي واڌ جي ڪري، وقت به وقت ٻولين ۾ نوان نوان لفظ ۽ نوان نوان اصطلاح متعارف ٿيندا ۽ جُڙندا رهن ٿا. اها فطري ڳالهه آهي ۽ ارتقا جو قانون به ايئن چوي ٿو.

دنيا جي ٻين زنده ۽ ترقي ڪيل زبانن وانگر سنڌي زبان به انهن ڳالهين جو اثر قبوليندي، نوان لفظ ۽ اصطلاح پنهنجا ڪندي رهي ٿي. ڪيترن نون لفطن ۽ اصطلاحن کي پنهنجي مزاج ۽ گرامر جي اصولن موجب قبول ڪري، نوان لفظ، اصطلاح، ترڪيبون، لفظي سِڪا ۽ مرڪب لفظ جوڙيندي بلڪ تخليق ڪندي، پنهنجي لفظي ذخيري (word bank) کي وڌائيندي رهي آهي. اِها هڪ زنده، صحتمند، سگهاري ۽ اوسر جي اصولن کان آگاهه زبان جي نشاني آهي ته اُها حالتن آهر پاڻ کي هر قسم جي واڌ ۽ تبديل لاءِ تيار رکي. ٻوليءَ جي بقا ۽ سلامتيءَ جو مدار به ان ڳالهه تي آهي ته اُها ڪيتريقدر رابطي ۽ ڪميونڪيشن جو ڪامياب ۽ مقبول وسيلو آهي.

اسان ڏسنداسون ته گذريل صديءَ جي غير سازگار حالتن جو جرئت ۽ دليريءَ سان مقابلو ڪندي، سنڌي ٻولي زندگيءَ جي نون شعبن ۽ ڪاروهنوار ۾ نه رڳو اڳتي وڌي آهي، پر پاڻ مڃايو به اٿس. سنڌي ٻولي، ادب، علم، تعليم، قانون، سماجي علمن، صحافت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ پنهنجا پير پُختا ڪري، گهڻ- مقصدي ۽ گهڻ- رُخي ٻوليءَ جي حيثيت ۾ اڳتي وڌي، سنڌي ماڻهن جي اظهار ۽ ترجمانيءَ جو اثرائتو وسيلو بنجي چڪي آهي. پر اها ڳالهه به وسارڻ نه کپي ته اُن جي واڌ ۽ ترقيءَ جي راهه ۾ ڪيتريون غير فطري رُڪاوٽون، ڪَٽر مخالفتون ۽ اَڻ سُونهائيندڙ آڏڪون به اينديون رهن ٿيون. اُن جي اڳيان مقابلي جا ڪيترا ميدان کُلي چڪا آهن ۽ اُن کي ڪيترن امتحانن ۽ آزمائشن مان پارِ به پَوڻو آهي.

ٿورو ويجهي ماضيءَ تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته جتي سنڌي عالمن (هندن توڙي مسلمانن) سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ کي دنيا جي هر نئين علم ۽ ادب جي هر نئين صنف ۾ اڳڀري بنائڻ لاءِ، ان ۾ نون لفظن، نون اصطلاحن، نين ترڪيبن، نون لفظي جوڙن ۽ مرڪب لفظن جو واڌارو پئي ڪيو آهي؛ اُتي ڪجھه سوڙهيءَ سمجهه وارن ۽ ٻوليءَ جي فطري واڌ ۽ اوسر جي اصولن کان ناواقف شخصن، تعصب ۽ ڌرم جون عينڪون پائي، سنڌي ٻوليءَ جي سُونهن بگاڙڻ ۽ اُن جي واڌ ۾ ڏانوڻ پائڻ کان به وسان نه پئي گهٽايو آهي. ان خطري ۽ اڻ وڻندڙ صورتحال جو ذڪر، سنڌي ٻوليءَ جي هڪ وڏي سڄڻ ۽ عالم، پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ، پنهنجي مضمون: ”سنڌي ٻوليءَ جو بگاڙو ۽ سُڌارو“ ۾ هن ريت ڪيو آهي:

”19 صديءَ جي آخر ۾ ڪن هندو صاحبن، عربي فارسي ]لفظن جي[ ملاوٽ جي برخلاف تحرڪ شروع ڪيو هو، جن جو اڳواڻ هو ليکراج تلوڪچند، جو ’پرڀات‘ اخبار ۾ شُڌ سنسڪرت اکر ]لفظ[ ڪتب آڻيندو هو. 20 صديءَ جي شروعات ۾ پڻ تيجورام شرما ’سُناتن ڌرم پرچارڪ پتر‘ دوران عربي- فارسي اکرن ]لفظن[ استعمال ڪرڻ کان بنهه انڪار ڪيو. اهڙيءَ طرح ٻوليءَ جي ’شُڌيءَ‘ جو پرچار هلڪو سلڪو هلندو آيو؛ پر اُن جا بانيڪار، جهڙوڪ ’هندو‘ اخبار وارا وغيره قدرت جي لهر کي پٺتي ڌِڪي نه سگهيا. سنڌ جي مسلمان اڪثريت واري صوبي ۾ جيئن جيئن مسلمان خلق تعليم حاصل ڪندي وئي ۽ سرڪاري ڪاروبار جون واڳون مسلمان ڪارپردازن جي هٿن ۾ اينديون ويون، تيئن تيئن عربيءَ ۽ فارسيءَ جو اثر فطرتاً سنڌي ٻوليءَ تي غالب پوندو ويو؛ ايتريقدر جو پرمانند ميوارام، ڪاڪي ڀيرومل، ڄيٺمل پرسرام ۽ لعلچند امر ڏني مل پارا هندو مصنف پڻ ان ملاوت جو فائدو وٺي سنڌي ٻوليءَ کي مالامال ڪرڻ لڳا. پر ٻئي پاسي وري ’الحق‘ ۽ ’الوحيد‘ اخبارن جي ايڊيٽرن سنڌيءَ کي ڏٺو وائٺو عربي فارسي جامو پهرائڻ جي ڪوشش ڪئي. اُهو ئي ڪارڻ هو، جنهن تان ڄيٺمل پرسرام ڪراچيءَ ۾، 1941ع وارو ”سنڌي ساهت سميلن“، شاعر ڪشنچند بيوس جي صدارت هيٺ ڪوٺايو هو، جنهن ۾ اعلان ڪيو ويو هو ته سنڌي ٻوليءَ کي عربي توڙي سنسڪرت جي ناجائز دست اندازيءَ کان بچائڻ گهرجي.“

(ٽماهي مهراڻ، سيارو 55، ص 138)

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي عالمن، استادن، اديبن ۽ تعليمدانن جو هڪ وڏو تعداد ڀارت هليو ويو، هندو عالمن جي وڃڻ کان پوءِ هنديءَ ۽ سنسڪرت جو اثر ته وڏيءَ حد تائين گهٽجي ويو، پر آهستي آهستي سنڌي ٻوليءَ تي عربيءَ ۽ فارسيءَ سان گڏ اردوءَ جو اثر وڌڻ شروع ٿي ويو. انهن ٻولين جي لفظن جي اوڌر مناسب حد تائين ته قبوليت جوڳي آهي، پر حد کان وڌيڪ اَجوڳن ۽ اوپرن لفظن جو استعمال، اسان جي ٻوليءَ جي سونهن ۽ اصليت کي بگاڙڻ جو ڪارڻ بنجي رهيو آهي. اردو زبان جي قومي زبان طور لاڳو ٿيڻ ۽ خاص ڪري ونونٽ کان پوءِ سنڌ ۾ ٻاهرين ماڻهن جي اچڻ ۽ سرڪاري آفيسرن ۽ مٿئين طبقي جي اولاد جي اردو ۽ انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ پڙهڻ واري لاڙي کان پوءِ اردوءَ ۽ انگريزي ٻولين جي لفظن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ عام جام ۽ بيجا استعمال شروع ٿي ويو آهي. نتيجي طور سهڻي سلوڻي سنڌي زبان جو مهانڊو ئي مٽجي وڃڻ جو خطرو سامهون ڪَرَ کڻي اچي بيٺو آهي.

ان صورتحال کي محسوس ڪندي، سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سڄڻن: علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ، محمد ابراهيم جويي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، علي احمد بروهيءَ، نياز همايونيءَ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، امداد حسينيءَ، ڊاڪٽر غلام قادر سومري، نصير اعجاز ۽ ٻين، وقت به وقت سنڌي ٻوليءَ جي غير فطري بگاڙَ ۽ ٻين ٻولين جي اجوڳي ۽ اَروڪ استعمال خلاف قلم پئي کنيو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ وڌندڙ بگاڙَ جي سلسلي ۾، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، 30 مئي 1992ع تي بدين ۾، ”ٻارڙو ۽ سنڌي ٻولي“ سيمينار ۾، افتتاحي خطاب دوران چيو هو ته:

”تاريخ جي هن موڙ تي سنڌي زبان کي... سڀ کان وڏو ۽ خطري وارو مسئلو ٻوليءَ جي بگاڙ جو آهي، جنهن کي روڪيو نه ويو ته اندروني زوال جو سبب بنبو. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي وڌندڙ بگاڙ  طرف فوري توجهه ڏنو وڃي، بلڪه اُن جي خلاف اصطلاح ۽ تنقيد جا زوردار هٿيار هلايا وڃن. سنڌي ٻوليءَ جي سڀني سڄڻن ۽ سربراهن، خصوصاً استادن، شاعرن، اديبن، صحافين ۽ عام اطلاعاتي ادارن جي اهلڪارن کي هن مهم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي، بلڪه اڳواڻي ڪرڻ گهرجي.“

ڊاڪٽر صاحب، ٻوليءَ جي بگاڙ جي پنجن مکيه مرحلن تي اصلاح لاءِ عملي قدم کڻڻ ضروري ڄاڻائيندي، انهن جي نشاندهي هن ريت ڪئي هئي: (1) ابتدائي ۽ ثانوي اسڪول؛ (2) درسي ڪتاب؛ (3) اخبارون؛ (4) ريڊيو ۽ ٽي وي؛ ۽ (5) علمي ادبي ميدان.

ڊاڪٽر صاحب جي نظر ۾:

  • ’تعليمي ادارا خصوصاً پرائمري سنڌي اسڪول، سنڌي ٻوليءَ جا قلعا آهن، جتي ٻاراڻي سطح تي صحيح ٻولي سکڻ جا بنياد مضبوط ٿا ٿين. ثانوي اسڪولن تائين اهو سلسلو هلي ٿو... ان ڪري اسان جا مڙيئي مانوارا استاد... هن نازڪ وقت تي پنهنجي ذميداري محسوس ڪن.‘
  • سنڌي اخبارون روزمره واري هلندڙ ٻوليءَ جو آئينو آهن، عام پڙهندڙ لاءِ ڄڻ درسي ڪتاب آهن... سنڌي اخبارن شروع کان وٺي ٻوليءَ جو معيار بلند رکيو آهي، پر موجوده وقت ۾ ڪن اخباري ادارن ۾ ان طرف پورو ڌيان نه رهيو آهي. اخبارن ۾ ٻوليءَ جون غلطيون ٻوليءَ جي بگاڙ کي پختو ڪن ٿيون... ايڊيٽرن کي خاص استدعا آهي ته هو پنهنجي عملي جي رهنمائي ڪن.
  • ’درسي ڪتاب اصولي طور ٻوليءَ جي لفظن، اُچارن، اصطلاحن ۽ عبارتن جا معياري دستاويز آهن... انهيءَ ڪري درسي ڪتابن جي لکائيندڙن... ۽ لکندڙن تي اها ذميداري آهي ته هو درسي ڪتابن ۾ صحيح ٻوليءَ جي استعمال تي خاص ڌيان ڏين.‘
  • موجوده دور ۾ ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ کي عام اطلاعاتي نظام ۾ خاص اهميت حاصل آهي... ضروري آهي ته ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ جهڙا اهم ادارا صحيح ٻوليءَ جي استعمال جي ذميداري قبول ڪن.
  • ’شاعر ۽ اديب، صحيح ۽ معياري ٻوليءَ جا نه فقط معمار آهن، بلڪ ضامن آهن... هن وقت ٻوليءَ جي بگاڙ واري نازڪ مرحلي تي... سڄاڻ اديب، ادبي تنقيد جي دائري کي وسيع ڪن ۽ ادبي تخليقن کي.... صحيح ٻوليءَ جي استعمال جي ڪسوٽيءَ تي پرکين.‘ (2)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تقرير جي اقتباس ۽ اختصارَ جي روشنيءَ ۾، تعليمي ادارن، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، اخبار، ريڊيي، ٽي. ويءَ، سيٽلائيٽ چئنلن، اديبن ۽ ادبي ادارن، خاص ڪري: سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي ٻولي اٿارٽي، انسٽيٽيوٽ سنڌالاجي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، سنڌي ادبي سنگت سنڌ، شيخ اياز فائونڊيشن، شيخ اياز چيئر، بزم طالب الموليٰ ۽ يونيورسٽين ۾ موجود سنڌي شعبن جو فرض بنجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ غير فطري بگاڙ کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪن.

ان کان سواءِ هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي هڪ متحرڪ ۽ جديد ٻوليءَ طور دنيا جي سڌريل ٻولين جي قطار ۾ بيهارجي ۽ اُن کي وقت جي تقاضا موجب ٽيڪنالاجيءَ ۽ مواصلات جي زبان طور ترقي ڏيارجي. اُن لاءِ جتي ٻين ٻولين جي بهتر ۽ ڪارآمد لفظن، سائنس، ٽيڪنالاجيءَ، مختلف علمن، ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي حوالي سان رائج لفظن کي اصل صورت ۾ قبولجي يا متبادل لفظ جوڙي استعمال ۾ آڻجن؛ اُتي سنڌي ٻوليءَ جي صحت، سڌاري، درست املا ۽ صورتخطيءَ، لفظن ۽ اصطلاحن جي درست واهپي طرف ڌيان ڏئي، ان ۾ غير فطري بگاڙ ۽ ڌارين ٻولين جي اَجوڳن لفظن جي استعمال کي به روڪجي.

پي. ٽي. وي ڪراچيءَ جي ’ادبيات‘ پروگرام ۾ ڪُجهه سال اڳ ’سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙَ‘ واري مسئلي تي ڳالهائيندي، مون هيٺيان نُڪتا پيش ڪيا هئا، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙَ جو ڪارڻ بنجي رهيا آهن:

(1) زير اضافت جو استعمال: اسان جا ڪيترا ليکڪ ۽ صحافي، فارسيءَ ۽ اردوءَ جو اثر قبول ڪندي، سنڌي ٻوليءَ کي بگاڙي رهيا آهن، خاص ڪري ’زير اضافت‘ جي استعمال سان: مثال طور:

خونِ جگر، داغِ دل، قابلِ تعريف، قابلِ داد، قابلِ تحسين

جڏهن ته اسان جي سنڌيءَ ۾ ’جو‘، ’سندو‘ وغيره اضافتون موجود آهن، ته پوءِ اِهي فارسيءَ جون زير اضافتون استعمال ڪرڻ ڪٿان جي علمي اڪابري آهي. فارسي زير اضافت وارا اِهي مرڪب لفظ سنڌيءَ ۾ هن طرح به ادا ڪري سگهجن ٿا:

جگر جو خون، دل سندو داغ، تعريف جي قابل/ تعريف جوڳو، داد جي قابل/ داد جوڳو، تحسين جي قابل/ تحسين جوڳو: يا وري ليڪ (-) جي استعمال سان پڻ مرڪب لفظ ڪم آڻجي سگهجن ٿا، جيئن: قابل- داد.

(2) فارسي اسمن جي صورتن جو استعمال: اسان جا اديب ۽ صحافي، ڪيترن فارسي اسمن جون صورتون- موقعه، آئينده، جذبه وغيره استعمال ڪندا آهن، جڏهن ته اُهي هن طرح به ڪم آڻي سگهجن ٿيون:

  1. تُنهنجو آئيندو روشن آهي.
  2. هُن جو جذبو ساراهه جوڳو آهي.
  • موقعو هٿان وڃائڻ نه گهرجي.

(3) عربي ۽ فارسي عدد جمع جو استعمال: اَڄڪلهه عربيءَ ۽ فارسيءَ جا عدد جمع عام جام استعمال ڪيا ويندا آهن، جهڙوڪ: الفاظ، جذبات، خيالات، احساسات، مسائل، رسائل، مضامين وغيره؛ جڏهن ته انهن جي جاءِ تي سنڌيءَ ۾ ساڳين لفظن جا جمع هن طرح ٿي سگهن ٿا:

لفظَ، جذبا، خيالَ، مسئلا، رسالا، مضمونَ

(4) ’جمع‘ جو عجيب استعمال: اسان وٽ جمع لاءِ هڪڙو عربيءَ ۽ فارسيءَ وارو استعمال عام آهي؛ جيئن مٿي بيان ٿي چڪو، جهڙوڪ: الفاظ، مضامين وغيره؛ پر اردوءَ جي اثر هيٺ سنڌيءَ ۾ اهڙا ته غلط ’جمع‘ جا صيغا ڪم آندا وڃن ٿا، جو سنڌي ٻوليءَ جو مُنهن- مُهانڊو ئي عجيب ٿيو پوي، جهڙوڪ:

لفظ (واحد)

جمع (غلط استعمال)

جمع (صحيح استعمال)

ڪتابُ

ڪتابون

ڪتابَ

افواههُ

افواهون

افواههَ

اصطلاحُ

اصطلاحون

اصطلاحَ

قدرُ

قدرُون

قدرَ

جسمُ

جسمون

جسمَ

ڪاليجُ

ڪاليجون

ڪاليجَ

جيلُ

جيلون

جيلَ

(5) ’و‘ حرف جملي جو استعمال: اسان وٽ سنڌيءَ ۾ ’۽‘ حرف جملو موجود آهي، پوءِ به فارسيءَ جي ’و‘ حرف جملي جو بيجا استعمال ڪيو ويندو آهي؛ جهڙوڪ: آب وهوا، غم و الم، دل و دماغ، سير و تفريح، اُن جي جاءِ تي ساڳين لفظن يا لفظي جوڙن کي هيٺينءَ ريت ڪم آڻي، پنهنجي ٻوليءَ جو حُسن وڌائي سگهون ٿا:

آبهوا، دل ۽ دماغ، غم ۽ الم، سير ۽ تفريح يا زَبر اضافت (دل- دماغ،  غم-  الم) استعمال ڪرڻ سان به سنڌيءَ ۾ لفظي جوڙا ٺاهي سگهجن ٿا.

(6) ڌارين صفتن جو استعمال: اسان جا ڪيترا شاعر ۽ نثر نويس ڌارين صفتن کي ڌڙا ڌڙ ڪم آڻيندا آهن، جهڙوڪ: شاعرانه، روزانه، ساليانه/ سالانه، ماهانه، عارفانه، ناصحانه وغيره. اهي ساڳيا صفتي لفظ سنڌيءَ ۾ هن طرح استعمال ڪري سگهجن ٿا:

  1. شاعراڻو سُڀاءَ، شاعراڻي سوچ
  2. روزاني اخبار، روزانو ڪم ڪار
  • ساليانو نفعو، سالياني ڪارڪردگي
  1. عارفاڻو ڪلام
  2. ناصحاڻا نُڪتا
  3. ماهياني ونڊي، ماهيانو پگهار

سنڌيءَ ۾ صفت، مذڪر ۽ م‍ؤنث سان استعمال ٿيڻ وقت صورت تبديل ڪندي آهي، جڏهن ته اردوءَ ۾ شاعرانه سوچ، روزانه اخبار، سالانه منافع، عارفانه ڪلام، ماهانه تنخواهه، ساڳئي ئي صيغي ۾ ڪم ايندا آهن.

(7) فارسي ظرفن جو استعمال: اسان جا وڏا وڏا اديب فارسي ظرفن جو جام استعمال ڪندا آهن، جنهن جي سنڌيءَ ۾ ڪابه ضرورت نه آهي، جهڙوڪ: ازان سواءِ، از قلم، بهر ڪيف. جڏهن ته انهن لاءِ سنڌي صورتون موجود آهن. ان کان سواءِ محض، صرف، اگر، مگر، چنانچه به جيڪڏهن گهٽ ڪم آڻجن ته سُٺو ٿيندو.

الف- اردو ۽ انگريزيءَ جي اثر هيـٺ جنسن جو غلط استعمال: اسان جا ڪيترا نوان اديب ۽ سيکڙاٽ صحافي، اردو رسالن ۽ اخبارن جي مطالعي جي اثر هيٺ يا انگريزي لفظن جي هروڀرو استعمال سان سنڌيءَ ۾ ’جنسون‘ ئي غلط استعمال ڪري، ٻوليءَ جو ٻيڙو ٻوڙي رهيا آهن، جهڙوڪ:

منهنجو دل (ميرا دل)، چڱي ڪتاب (اچهي کتاب)، وڏي دڪان (بڙي دکان)، سُٺي نظم (اچهي نظم)، سٺو موسم (اچها موسم) جڏهن ته سنڌيءَ ۾ دل مؤنث، ڪتابُ مذڪر، دُڪان مذڪر، نظم مذڪر، موسم مؤنث آهي.

ب-  انگريزي لفظن جو اجوڳو استعمال هن ريت ڪيو ويندو آهي:

  1. آپريشن ٿيو
  2. ٽرانسليشن ڪيو
  • سيپريشن ٿيو
  1. ڊڪٽيشن لکايو
  2. ڪوآپريشن ڪيو

جڏهن ته سنڌي گرامر ۽ سنڌي مزاج موجب ‘tion’ ۽ ‘sion’ وارا اڪثر لفظ مؤنث صيغي ۾ استعمال ٿيندا، جيئن:

آپريشن ٿي، ٽرانسليشن ڪئي، سيپريشن ٿي، ڊڪٽيشن لکائي، ڪوآپريشن ڪئي.

ت- سنڌي جنسن جو غلط استعمال: معياري سنڌي، وچوليءَ سنڌ جي لهجي واري آهي، جيڪا درسي ڪتابن ۽ اخبارن ۾ انگريزن جي دور کان وٺي ڪم ايندي رهي ٿي، پر اسان جا ليکڪ مختلف حصن جي لهجن جي اثر هيٺ ’جنسن‘ جو غلط استعمال ڪندا آهن، خاص ڪري ’اسم‘ جي جنس جو:

مثال طور:

  1. رَتُ ڳاڙهي آهي.
  2. واءُ لڳي ٿي.
  • اولادُ چڱي آهي.
  1. سماج پراڻي آهي.

مٿي ڪم آندل چارئي اسم رَتُ، واءُ، اولادُ ۽ سماجُ معياري لهجي ۾ مذڪر آهن، پر اُتر سنڌ ۾ اڪثر انهن جو استعمال مؤنث صيغي ۾ ڪيو ويندو آهي. ڳالهايل ٻولي ۾ ته اهو درست آهي پر لکت ۾، علمي ادبي ۽ ميڊيا جي ٻولي ۾ ان جو صحيح استعمال هن ريت ٿيندو:

  1. رَتُ ڳاڙهو آهي.
  2. واءُ لڳي ٿو.
  • اولادُ چڱو آهي.
  1. سماجُ پراڻو آهي.

(8) اعرابن جو غلط استعمال: ٻوليون، ٻين ٻولين کان لفظ، پنهنجي مزاج ۽ گرامر جي اصول موجب وٺي، اُچار مرتب ڪنديون آهن: مثال طور عربيءَ ۽ اردوءَ ۾: سَوالُ، خَيالُ، قَيامت،۽ نَمازَ چئبو، پر سنڌي مزاج موجب ساڳين لفظن کي هن طرح اچاربو:

سُوالُ، خِيالُ، قِيامتَ ۽ نِمازَ

(10) فعلن، ضميرن ۽ ظرفن جو غلط استعمال: اسان جا لکندڙ فعلن، ضميرن ۽ ظرفن جو استعمال، گهڻي ڀاڱي غلط ڪندا آهن. جهڙوڪ:

هنن کي چيم ته فلاڻو ڪم ڪيو. (فعل)

”ڪريو“ امري صيغو آهي يعني هنن کي چيم ته فلاڻو ’ڪم ڪريو‘؛ پر ’ڪيو‘ لفظ ’ڪرڻ‘ (مصدر) ۽ ’ڪر‘ (حال) جو ماضي آهي:

مثال: هُنن فلاڻو ڪم ڪيو.

مان تنهنجي خيالن سان شامل راءِ آهيان. (ضمير/ ضميري صفت)

جملي جو درست استعمال ٿيندو: ’مان تنهنجن خيالن سان شامل راءِ آهيان.‘ جيڪڏهن اسم (خيالُ) جمع آهي ته ان سان لاڳو ضميري صفت پڻ سنڌيءَ ۾ جمع ٿي ڪم ايندي.

  • اسان وٽ کيس، کين، سندس، سندن، ضميرن جو عام طرح غلط استعمال ڪيو ويندو آهي. جهڙوڪ:

(الف) ’کيس‘ کي چيم (ب) کين کي وراڻيم (ت) سندس جو ڪتاب مون وٽ آهي (ث) سندن جو وارو آهي.

جڏهن ته انهن ضميرن جو درست استعمال هن ريت ٿيندو:

(الف) کيس چيم (ب) کين وراڻيم (ت) سندس ڪتاب مون وٽ آهي (ث) سندن وارو آهي.

  • ظرف ’ڪانه‘، ’ڪونه‘ ۽ ’ڪين‘ جو به اسان وٽ غلط استعمال ٿيندو آهي. جهڙوڪ:

(الف) هو ڪانه ويو (غلط استعمال)- هو ڪونه ويو (درست استعمال)

هوءَ ڪونه آئي (غلط استعمال)- هوءَ ڪانه آئي (درست استعمال)

(ٻ) مون وٽ اٽي جي چپٽي به ڪونه آهي (غلط استعمال)- ’مُون وٽ اٽي جي چپٽي به ڪين آهي.‘ (درست استعمال)

نوٽ: سنڌيءَ ۾ مذڪر سان ’ڪونه‘، مؤنث سان ’ڪانه‘ ۽ بيجان سان ’ڪين‘ (ظرف) ڪم آڻبا آهن.

(12) بنيادي قاعدن کان اکٻوٽ: سنڌي اخبارن ۾ نوان لکندڙ، عام ڪالم نگار، سيکڙاٽ صحافي ۽ ليکڪ، سنڌي ٻوليءَ جي ڪن بنيادي قاعدن کي نظر انداز ڪري، اردوءَ جو نقل ڪري رهيا آهن. ان طرف علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ چاليهارو سال اڳ اسان جو ڌيان ڇڪايو هو ته: ’اڄ ڪلهه سنڌي اخبارن ۾ لکيو ويندو آهي ته ’آءٌ ڪنڊيارو مان پيو اچان‘ يا ’آءٌ مورو مان پيو اچان.‘ شهر جو نالو ’ڪنڊيارو‘ ۽ ’مورو‘ ئي سهي، پر ”ڪنڊياري مان پيو اچان“ ۽ ”موري مان پيو اچان“، چئي استعمال ڪرڻو آهي.‘ علامه صاحب جي ان هدايت کي اسان اڄ تائين قبول نه ڪيو آهي. روزانو صبح جو اخبارون پڙهجن ٿيون ته هن طرح جا جملا مٿي ۾ لڳن ٿا:

  1. رتو ديرو ۾ هڙتال
  2. لاڙڪاڻو ۾ سخت گرمي
  • الهه بخش سومرو چيو ته...
  1. ميرپور بٺورو ۾ باهه
  2. ٽنڊو محمد خان ۾ ڪرڪيٽ

اصل ۾ ’رتيديري ۾ هڙتال‘، ’لاڙڪاڻي ۾ سخت گرمي‘، ’الهه بخش سومري چيو ته...‘، ’ميرپور بٺوري ۾ باهه‘ ۽ ’ٽنڊي محمد خان ۾ ڪرڪيٽ‘ لکڻ گهرجي. انگريزي ۽ اردو گرامر جو طريقو، سنڌيءَ سان لاڳو نه ٿيندو. سنڌيءَ جا قاعدا پنهنجا آهن. اهڙي طرح علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ، ’ڀُٽي‘ کي ’ڀُٽه‘، ’جويي‘، کي ’جويه‘ وغيره لکڻ واري صورت کي سنڌي زبان جي شڪل بگاڙڻ جي برابر قرار ڏنو هو؛ پر خاص ڪري فارسي پڙهيل استاد ۽ عالم اڄ به اهو طريقو استعمال ڪندا اچن ٿا، جيڪو غلط آهي.

(13) فارسي ۽ هندي لفظن سان ڀرپور جملا: هر ٻولي پنهنجي وِياڪرڻي (گرامر جي) قاعدن ۽ سٽاءَ ۾ لکندي سهڻي ۽ زيب واري لڳندي آهي. پر اسان وٽ ڪجھه ’فارسي جي اثر هيٺ ذهن هروڀرو جملن ۾ فارسي لفظن جي ٽُنب ٽُنبان لايو ويٺا هوندا آهن، ته ڪي جديد نوجوان وري اُن جي ابتڙ هندي گاڏڙ جملا لکي ڦاڙهن مارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، خاص ڪري هند جا نوجوان سنڌي ۽ ڪي ڌرمي رنگ ۾ رتل ليکڪ هنديءَ جي ميلاپ واري سنڌي لکي، سُهڻي سنڌيءَ جو چهرو ئي مسخ ڪري ڇڏيندا آهن. ٻنهي انتهائن جا ڪجھه مثال ڏجن ٿا:

  1. بسيار يوم ٿي ويا آهن، توهان جو خط نا رسيده آهي.
  2. هن يُگ ۾ نوان نوان وشيه اُتپن ٿيا آهن.

پهريون مثال، فارسي لفظن جي اجائي استعمال جو ۽ ٻيو مثال هنديءَ جي اجوڳن لفظن ڪتب آڻڻ جو آهي. انهن جي جاءِ تي ڇا هيٺيان جملا سهڻا نه ٿا لڳن!

  1. ڪيترا ڏينهن ٿي ويا آهن، جو توهان جو خط نه پهتو آهي.
  2. هن دور ۾ نوان نوان موضوع پيدا ٿيا آهن.

’دور‘ ۽ ’موضوع‘ لفظ به نج سنڌي نه آهن، پر سنڌي ٻوليءَ اهي لفظ پنهنجا ڪري ورتا آهن، ڌاريا نه ٿا لڳن. هندستاني سنڌي ليکڪ، هنديءَ جي اثر هيٺ ڪيترن سنڌي لفظن بدران هندي لفظ يا هندي انداز ڪم آڻيندا آهن، جنهنڪري به سنڌي لفظن جي صحت متاثر ٿيندي آهي؛ مثال طور:

نئين دنيا (نئي دنيا)، چنڊ (چاند)، لوهه (لوهو)، اُجالو (اُجالا)، سُهڻو (سهاونو)، ڦاسائڻ (ڦسائڻ)، پکي (پنڇي)، مڃائڻ (منائڻ)، مڃتا (مانيتا)

(14) سرائيڪيءَ جي اثر هيٺ ٻوليءَ جو بگاڙ: سنڌ ۾ هڪ وڏو تعداد ماڻهن جو سرائيڪي ڳالهائي ٿو. اُهي سرائيڪي لهجي کي برقرار رکندي، جڏهن سنڌي ڳالهائيندا آهن، ته نه رڳو مذڪر ۽ مؤنث جا صيغا غلط ڪم آڻيندا آهن، پر سنڌيءَ جي متحرڪ لفظن کي جزم سان اُچاري، انهن کي غير متحرڪ بنائي ڇڏيندا آهن. مثال طور:

  1. اُٺَ کي مَهارَ وجُهه (اُٺ کي مهار وجهه)
  2. ٻڪريءَ کي ڇَهَه ڦَرَ آهن (ٻڪري کي ڇهه‌ ڦر آهن)
  • هاريءَ ٻنيءَ کي پاڻي ڏنو (هاري ٻني کي پاڻي ڏنو)
  1. ناريءَ گيتُ ڳاتو (ناري گيت ڳاتو)

ڏنگيءَ ۾ ڏنل جملا، سرائيڪيءَ جي اثر هيٺ استعمال جا آهن.

آءٌ سمجھان ٿو ته اسان ذميداريءَ جو مظاهرو ڪريون، ته پنهنجي ٻوليءَ کي بيجا بگاڙ کان بچائي سگهون ٿا.