هيرو ٺڪر
تازيون خبرون معلوم ڪرڻ ۽ انهن تي ٽيڪا ٽپڻي ٻُڌڻ جي چاهنا هر ماڻهوءَ ۾ سڀاويڪ ٿئي ٿي، اِنڪري ريڊيو ۽ ٽيليويزن، جيڪي اڄڪالهه جا لوڪ پسند ۽ سوَلائيءَ سان مُيسر، ڄاڻ ۽ وندر جا ساڌن(ذريعا) آهن، تِن تي سماچارن (خبرن) ۽ تبصري کي مان ڀري جاءِ حاصل آهي. ٽيليويزن تي ڪيترا چئنل ته مڪمل طرح سماچارن لاءِ ئي آهن. هونئن سماچار ۽ انهن تي ٽيڪا ٽپڻيون بي شمار اخبارن ۾ به اچن ٿيون، پر ريڊيو ۽ ٽيلويزن تان جيئن ته ڏينهن رات گهڻن ئي وقتن تي خبرون نشر ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي تازيون ۽ تازه تر ٿين ٿيون. اِنڪري، جيڪي سولائيءَ سان اِهي پروگرام ٻڌي/ ڏسي سگهن ٿا، سي اِنهن کي اوليت ڏين ٿا. ٽيليويزن تي سماچارن جا چتر (تصويرون) به ميسر هجڻ سبب ماڻهو ان کي وڌيڪ پسند ڪن ٿا.
جيستائين سنڌي ٻوليءَ ۾ سماچارن جو واسطو آهي، انهن کي ڀارت ۾ ٽيليويزن تي ته اڃا ڪا به جاءِ نه ملي سگهي آهي، پر ريڊيو تان سنڌيءَ ۾ خبرن نشر ڪرڻ کي هاڻي ڌڪ گهٽ چاليهه سال ٿيڻ تي آهن. هند ۾ ريڊيو تان سنڌيءَ ۾ سماچار ٻڌائڻ جي شروعات، 2 آڪٽوبر 1967ع تي ٿي. اُن کان اڳ اپريل 1967ع ۾ وڌان (آئين) جي اٺين شيڊيول ۾ مڃتا حاصل ڪرڻ سان سنڌي ٻولي به ٻين تسليم ٿيل ٻولين کي ملندڙ حقن ۽ سهولتين جي حقدار بڻي هئي ۽ شري جئرامداس دولترام طرفان ساندهه دلچسپي وٺڻ ۽ اُن وقت آل اِنڊيا ريڊيو جي سماچار وڀاڳ (خبرن واري شعبي) ۾ هڪ سنڌي شري جي.جي مير چنداڻيءَ جي ڊائريڪٽر جي عهدي تي هجڻ ۽ هُن صاحبَ طرفان اوِرچائيءَ سان ڪيل ڪوششن سان 1967ع جي گانڌي جينتيءَ (جنم ڏڻ) جي موقعي تي سنڌيءَ ۾ سماچار سيوا چالو ٿي. شروعات ۾ اُن ۾ صبح شام 15-15 منٽن جون ٻه بليٽون هونديون هيون، جيڪا نيوز فقط ڀارت ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ نشر ڪئي ويندي هئي، بعد ۾ سال 1971ع ۾ بنگلاديش واري جنگ وقت جڏهن پاڪستان ڀارت هڪٻئي خلاف پرچار شروع ڪئي ته ڀارت سرڪار سنڌ ۽ ڀارت ۾ رهندڙ سنڌين کي جنگ بابت خبرون ٻڌائڻ لاءِ اُن وقت ايڪسٽرنل سروسز (وديش پرسارڻ سيوا) ۾ سنڌيءَ لاءِ هڪ ڪلاڪ جو پروگرام شروع ڪيو، جنهن ۾ هڪ سماچار بليٽن ۽ تبصري جو پروگرام به شامل هو. بعد ۾ سڀني ٻولين لاءِ عام پاليسيءَ موجب سنڌي بليٽن جو وقت به 15-15 مان گهٽائي 10-10 منٽ ڪيو ويو ۽ تڏهن کان وٺي ڀارت جي سنڌين لاءِ روزانو ٻه بليٽنون، سنڌ جي سنڌين لاءِ ٻه بليٽنون ۽ تبصري وغيره جا پروگرام هلندا پيا اچن. ڀارتي سنڌين لاءِ بليٽنون دهلي، راجسٿان، گجرات، مڌيه پرديش ۽ مهاراشٽر جي سنڌين لاءِ ميسر آهن ته ايڪسٽرنل سروسز واريون بليٽنون سنڌ کان علاوه ڀارت جي سرحدي رياستن راجسٿان، گجرات، مهاراشٽر جي ڪجهه حصن ۾ ۽ متحده عرب اَمارات تائين ۽ ويندي سعودي عرب تائين به ٻُڌڻ ۾ اچن ٿيون.
هاڻي اچون سنڌي نيوز بليٽن جي ٻوليءَ تي. ڀاشا وگيان (Linguistics) يا خود ٻولين جي اڀياس ۾ دلچسپي رکندڙن کي ڄاڻ آهي ته هر شعبي- علم انسانيات، سائنسن، تِجارت، اِقتصاديات، علم آثار، اِنجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ٻولي پنهنجي پنهنجي ڍنگ جي ٿئي ٿي. اهڙيءَ طرح سماچارن جي ۽ ريڊيو سماچارن جي به هڪ مخصوص ٻولي ٿئي ٿي. سنڌيءَ ۾ جيئن ته ريڊيو تان سماچار ٻڌائڻ جو ڀارت اندر، اُن کان اڳ ڪو سلسلو نه هو، اُن ڪري اِن ڪم لاءِ اهڙي مخصوص ٻولي به نه هئي، ائين ضرور هو ته سنڌي اخبار نويسي اُن وقت به ڪافي اُسريل هئي، جنهن کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ صديءَ جي پرمپرا (روايت) هئي، ۽ اُن وقت اسان وٽ ”هندستان“ ۽ ”هندو“ جهڙيون روزانيون ۽ متعدد هفتيوار اخبارون موجود هيون، پر اخباري نيوز جي ٻولي ۽ ريڊيو نيوز جي ٻوليءَ ۾ به فرق آهي، هڪ Written word (لکيل لفظ) آهي ۽ ٻيو Spoken world (ڳالهايل لفظ) آهي. اخباري ٻوليءَ مان اِها توقع ڪئي ويندي آهي ته اُها جيئن ته رڪارڊ طور رهي ٿي، اِن ڪري اُها معياري ۽ گرامر جي نيمن/ قاعدن تي پوري هجي. پر ريڊيو نيوز جي ٻوليءَ ۾ زور ئي اِن ڳالهه تي هوندو آهي ته اُها ٻول چال جي ٻولي هجي. اُن ۾ زور معيار جي بدران فصاحت، سوَلي پڻ (سلاست)، لطافت، بلاغت ۽ سڀ کان وڌيڪ تُز پڻي تي هوندو آهي، نفاست، نزاڪت يا ٻوليءَ کي سهڻي سندر بڻائڻ ۽ اُنهن ۾ تشبيهن، استعارن، سه حرفين وغيره کي زوريءَ داخل ڪرڻ جي ريڊيو جي ٻوليءَ ۾ ڪا جاءِ نه آهي، اِهي پاڻ ريڊيو نيوز جي ٻوليءَ لاءِ دشمن ثابت ٿينديون آهن.
ريڊيو تان سماچارن (خبرن) جي ٻوليءَ بابت پهرئين سبق طور اِهو ٻڌايو ويندو آهي ته ٻولي اهڙي هجي، جو پان مانڊڻي يا حجام جي دڪان تي بيٺل يا ويٺل چار واندا ماڻهو يا پاڻ سان گڏ ٽرانزسٽر ريڊيو کڻي هلندڙ هاري ناري، ٽئڪسي يا رڪشا ڊرائيور يا ٽانگي وارا به ڳالهه کي سولائيءَ سان سمجهي سگهن.
هاڻي اِهو سبق ٻڌڻ ۾ جهڙو وڻندڙ ۽ سوَلو آهي، عمل ۾ آڻڻ اوترو ئي اؤکو ۽ ڪٺن آهي، سماچار ڏيڻ جو ڪم، پوءِ سماچار چاهي اخبار ذريعي ڏِجن يا ريڊيو تان ڏجن، سو وڏي جوابداريءَ وارو ۽ اهميت ڀريو ڪم آهي، سماچار ڏيندڙ مٿان اِها جوابداري آهي ته ڪا به گهٽنا يا ڪا به ڳالهه جيئن سچ پچ ٿي گذري آهي، اُن جو ذري پُرزي حقيقي احوال پيش ڪيو وڃي، اُن کي ڳڻي ڳوتي، چٻي چٿي تُز لفظن ۾ ادا ڪيو وڃي، جيئن حقيقي حال ۽ ٻُڌايل احوال وچ ۾ رتيءَ ماتر فرق نه پوي.
ريڊيو تان سنڌيءَ ۾ سماچار سيوا (خبرون) شروع ٿيڻ وقت توڙي جو اسان وٽ ريڊيو سماچارن جي ٻولي مُهيا نه هئي، پر چونڊيل اِسٽاف ۾ ڊاڪٽر موتي پرڪاش، هريڪانت ۽ راقم جهڙا سنڌي ٻوليءَ جا ڄاڻو ضرور هئا ۽ شروعات واري ڪجهه وقت لاءِ ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي ۽ هڪ بزرگ هرجسراءِ سُکراماڻي به اسان سان گڏ هئا ۽ پڻ ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻيءَ ”خادم“ جهڙو وڏو عالم، جيڪو گهڻي وقت کان ريڊيو جي فارسي سروس ۾ انچارج (Supervisor) طور ڪم ڪري رهيو هو، اُن جي رهنمائي به اسان کي ميسر هئي. اِنهن سڀني کي سنڌي ٻوليءَ تي مهارت حاصل هئي ۽ هر رنگ جي سنڌي محاوري کان واقف هئا، اِنڪري مهيني کن جي سچيت ڪوشش سان ئي ريڊيو بليٽن جي ٻوليءَ واري پَک کي چِٽي ۽ صحيح ڏِسا ملي وئي. اِنهن ماهرن جي ڪوششن سان سنڌي خبرون تُز، سوَلي، وڻندڙ ۽ فصاحت ڀري ٻوليءَ ۾ نشر ٿيڻ لڳيون. ان ئي دور ۾ گهڻن ئي انٽرنيشنل ۽ ملڪي تنظيمن جهڙوڪ: UN، WHO، UNITAD وغيره لاءِ سنڌي نالا به طئي ڪيا ويا، جيڪي تڏهن کان هلندا پيا اچن.
هِتي اِها ڳالهه به ٻُڌائيندا هلون ته ريڊيو تان سڀني (اٽڪل ٽيهارو) ٻولين ۾ جيڪا نيوز ٻُڌائي ويندي آهي، اصل ۾ انگريزيءَ ۾ هوندي آهي، ڇو ته انٽرنيشنل نيوز ايجنسيون- AP، رائيٽر، AFP يا خود ڏيهي ايجنسيون- PTI، UNI، هِند سماچار وغيره نيوز جي سپلاءِ جو ڪم انگريزيءَ ذريعي ئي ڪنديون آهن. تمام ٿوري ماترا ۾ نيوز هِنديءَ ۾ به هونديون آهن، پر علائقائي بليٽن لاءِ اصل انگريزيءَ ۾ ئي ملنديون آهن، جيڪي علائقائي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو وينديون آهن. ڪو به ترجمو فقط تڏهن ئي تُز، صحيح ۽ سُٺو بيهي سگهندو، جڏهن ترجمو ڪندڙ جو ٻنهي ٻولين تي، يعني جنهن ٻوليءَ مان ترجمو ڪيو وڃي ٿو، اُن تي ۽ جنهن ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪجي ٿو، تنهن تي عبور هجي. اگر ترجمو ڪندڙ ۾ اِها ٻنهي ٻولين جي مهارت جي لياقت نه آهي ته ترجمو ڪاڻيارو ٿي پوندو ۽ اُن ۾ ڪو نه ڪو نقص رهجي ويندو. بهرحال سنڌي نيوز يونٽ ۾ جيئن ته اِبتدائي دؤر ۾ قابل ۽ ماهر ترجمي ڪار موجود هئا، جن انگريزي ٻوليءَ جي باريڪين، اُن جي محاوري، اُن جي سماجڪ ۽ تهذيبي پسمنظر ۽ ٻوليءَ جي وينجنا (ماهيت) کي سمجهيو ٿي ۽ پڻ اُن کي تُز نموني سنڌي ٻوليءَ ۾ پيش ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، اِن ڪري نيوز انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ آڻڻ جو ڪم لاشڪ قابليت ڀرئي نموني ٿيندو رهيو.
سنڌي نيوز بليٽنون چالو ٿيڻ جي پهرياتي دؤر ۾، ورهاڱي کان يڪدم اڳ، سنڌ ۾ مروج معياري ادبي ٻولي، جيڪا سنڌيءَ جي ساهتيڪ (ادبي) ۽ درسي ڪتابن، مضمونن، تاريخ، جاگرافي، سماجي علمن،شهريت (Civics)، سماجي اڀياس، حسابن ۽ ليکي چوکي جي علم وارن ڪتابن ۾ واهپي ۾ هئي، سا ڪم آندي ويندي هئي. ڪوشش وٺي ٺيٺ سنڌي لفظ ۽ پريوگ اِستعمال ڪيا ويندا هئا. ان دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ فارسيءَ جا ڪيترائي لفظ به استعمال ۾ هئا، پر نين تقاضائن موجب هنديءَ جا ڪيترائي لفظ به اِستعمال ٿيڻ لڳا. رفته رفته هنديءَ جي وڌيل اثر کي ڌيان ۾ رکندي، ڪيترائي هندي لفظ، جيئن ته اُدگهاٽن (افتتاح)، يوگدان (Contribution)، ياترا، (سفر/زيارت) ڪاريه ڪرم (پروگرام)، آتنڪواد (دهشتگردي)، پترڪار (صحافي)، وموچن (مهورت)، ڪيندر (مرڪز)وغيره، جيڪي سنڌين طرفان هندي، مراٺي، گجراتي وغيره بليٽنون ٻڌڻ سبب گهرو (Housebold) لفظ بڻجي پيا هئا، سي به سنڌي بليٽن ۾ شامل ٿيندا ويا.
سنڌي نيوز بليٽن جيئن ته ٻين ڀاشائي بليٽنن وانگر انگريزيءَ مان ترجمو ٿيندي آهي، ترجمي جي ڪم ۾، ترجمان (translator) ڀلي ڪيترو به قابل ۽ لياقت وارو ڇو نه هجي، پر ترجمي ۾ واسطيدار ٻن ٻولين وچ ۾ وشالتا جو فرق يا نا برابري وڏي رڪاوٽ بڻجي پوندي آهي. انگريزي ۽ سنڌيءَ وچ ۾ به اِهو وشالتا جو فرق سنڌيءَ ۾ ترجمي جي ڪم ۾ وڏي دِقت پيدا ڪندو رهندو آهي. ڪٿي انگريزي ٻولي، جنهن جي وشال ڊڪشنرين ۾ اٽڪل هڪ لک چاليهه هزار لفظ ۽ لفظي روپ درج آهن، ته ڪٿي اسان جي سنڌي ٻوليءَ جون پُراڻيون ڊڪشنريون جن ۾ وڌ ۾ وڌ 23 هزار لفظ يا لفظن جا روپ آهن. انگريزيءَ ۾ ڊڪشنريون آهن به بي شمار ۽ نِت نيون ڊڪشنريون شايع به ٿينديون رهن ٿيون، جن ۾ تيز رفتاريءَ سان بدلجندڙ دنيا جي نِت نين ڳالهين، نين ڪارگذارين، نين ايجادن لاءِ جڙندڙ نوان لفظ شامل ٿيندا رهن ٿا. اسان وٽ سنڌيءَ ۾ هڪي حاضر جيئي بچي هِڪ ئي پرمانند ميوارام جي انگريزي سنڌي ڊڪشنري آهي، (اِئين ته آنندرام شهاڻيءَ جي ڊڪشنري به آهي)، جيڪا اڄ کان اٽڪل پنجهتر ورهيه اڳ شايع ٿي هئي ۽ اُن وقت جي ضرورتن لاءِ ته موافق هئي، پر مُني صديءَ دؤران دنيا اندر جيڪي اِنقلابي تبديليون آيون آهن، تِن کي تُز نموني اِظهار ڏيڻ لاءِ لفظ اُنهن ۾ ناڪافي آهن.
اِن حالت جي مدنظر ريڊيو جي سنڌي نيوز جي ترجمانن کي گهڻو وقت انگريزي ڊڪشنرين ۾ ڏنل لفظن جي معنيٰ ۽ مفهوم (Connotations) کي سمجهي ۽ ڪوشش وٺي اُنهن لاءِ هم معنيٰ يا نزديڪي معنيٰ وارا لفظ ڳولڻ يا جوڙڻ ۽ گهڙڻ ۾ لڳائڻو ٿي پيو. اِن ڏس ۾ ڊاڪٽر رگهوير جي وشال ”انگلش- هندي ڊڪشنري“،آڪاشواڻيءَ جي سماچار سيوا وڀاڳ (ريڊيو جي خبرن واري شعبي) طرفان نشر ڪيل خاص اِنگلش- هندي سماچار ڊڪشنري، فادر ڪاملُ بلڪي ۽ عبدالحق جون وڏيون انگريزي- اُردو ڊڪشنريون ۽ سينٽرل هندي ڊئريڪٽوريٽ ۽ Commission for Scietific and Technical Terminology (ڀارت سرڪار) طرفان ڇپايل سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي انگريزي لفظن جي هم معنيٰ هندي لفظن ۽ سمجهاڻين واريون ڊڪشنريون به سنڌي سماچار ترجمو ڪرڻ جي ڪم ۾ ڪافي مدد ڏئي رهيون آهن. سنڌ مان شايع ٿيل ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ”جامع سنڌ لغات“ (پنج جلد) پڻ اِن ڏس ۾ رهنمائي ميسر ڪندي رهي آهي.
بهرحال، ڊڪشنريون به ڪو ترجمي جا سمورا مسئلا حل نه ٿيون ڪن. ڪيترن ئي لفظن جون هڪ کان وڌيڪ معنائون ٿينديون آهن ۽ ٻيا وري معنوي shades ٿيندا آهن. ڪيترن لفظن جو ڳُجهو مطلب يا مفهوم ٿيندو آهي. پر ترجمو اُهو سٺو، جنهن ۾ سڄي ڳالهه کي مڪمل طرح سمجهي ۽ پوءِ اُن کي ٻيءَ ٻوليءَ ۾ آندو وڃي. مثال طور ڊڪشنريءَ ۾ ته Sanction لفظ جي معنيٰ منظوري، بحالي، قبوليت يا سَند ڏنل آهي، پر اگر ڪنهن ملڪ يا اِداري خلاف Sanctions مڙهجن ٿيون، ته مٿي ٻڌايل ڪا به معنيٰ اِتي ڪم نه ڏيندي. اِتي Sanctions جو مطلب آهي پابنديون مڙهڻ. اهڙيءَ ئي طرح Return لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي موٽڻ يا موٽائڻ، پر جيڏي مهل ڪو قانوني بل يا دستاويز پاس ٿي اچي ٿو ته اُن کي به انگريزي ۾ Returned ئي چئبو آهي، جنهن جو حقيقت ۾ مطلب آهي، ”پاس ڪري موٽايو ويو“. رواجي طرح Exchange لفظن جي معني آهي، ”بدلڻ يا بدلائڻ“. پر اگر ڪي ٻه ڌريون هڪ ٻئي سان ڪاغذات يا دستاويز جي ڏي وٺ ڪن ٿيون ته اُن لاءِ به انگريزي Text ۾، Exchange لفظ ايندو آهي، اهڙي طرح Made, Colours, Commission, Standing committee, Critical ۽ ٻيا بي شمار انگريزي لفظ ريڊيو لاءِ سنڌي بليٽن جي ترجمي جي ڪم ۾ ڪٺنائي پيدا ڪندا رهندا آهن، جن جون ظاهري لفظي معنائون ته هِڪڙيون آهن، پر اُنهن جون پريوگ ۾ معنائون ڪجهه اور آهن.
انگريزي ڪهاوتون ۽ اِصطلاح، جن جي لفظي معنيٰ ته ڪجهه آهي، پر اُنهن جو اونهو مطلب ڪجهه ٻيو آهي، سي پڻ نيوز کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ۾ وڏيون للڪارون پيدا ڪندا رهيا آهن، ڇو ته اُهي وسيع ڄاڻ ۽ گيان جي تقاضا ڪن ٿا، مثال طور انگريزيءَ جون چوڻيون Waterloo, Guinea pig, Trojan horse, Dark Horse وغيره. اهڙا گهڻائي پريوگ آهن، جيڪي وسيع تاريخي ۽ جاگرافيائي ڄاڻ جي تقاضا ڪن ٿا. اِنهن چوڻين جي ظاهري معنيٰ ته ترو جان جو گهوڙو، گِنيءَ جو سوُئر، سانورو گهوڙو وغيره آهي، پر اصطلاحي معنيٰ ٻي آهي، Trojan Horse لاءِ مطلب اهڙن شخصن سان آهي، جيڪي روپ مٽائي غير ملڪن ۾ جاسوسي يا تخريبڪاريءُ واريون ڪارروايون ڪندا هجن يا بنا سوچڻ سمجهڻ جي ممڻ مچائيندا هجن، جن لاءِ سنڌي ۾ کاروکٻڙ يا ککر ۾ کڙو هڻندڙ چوڻيون آهن، Guinea pig اهڙو خسيس ماڻهو يا جيو، جنهن کي صدقو بڻائي، اُن تي تجربو يا ڪا جوکي ڀري ڪارروائي ڪئي وڃي. اهڙي نموني Waterloo لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي، آخري يا فيصلي ڪُن شڪست يا Watergate، جنهن جي اصطلاحي معنيٰ ٿيندي ”بيحد وڏو گهوٽالو“- ته چوڻ جو مطلب هي آهي ته اهڙا سڀ پريوگ نيوز جي ترجمي جي ڏس ۾ درپيش ايندي، للڪارون پيدا ڪندا رهيا آهن.
ترجمي جو ڪم هونئن ته سٺي بنياد ۽ قابل رهنمائيءَ سان قابليت ڀرئي نموني ٿيندو رهيو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪي اناڙي ۽ سيکڙاٽ ملازم، جن جي انگريزيءَ جي ۽ پڻ سنڌيءَ جي ڄاڻ بيحد سطحي ۽ ڪِين جهڙي آهي، سي وڏا هاڃا پڻ ڪندا رهيا آهن، جيئن ته هڪ ملازم Swollen River جو ترجمو ڪيو، Swollen نالي ندي. يا هِڪ دفعي آيو ته Prime Minister comeant of plane with flying colours ته ترجمان اُن جو ترجمو ڪيو ته ’جڏهن پرڌان منتري (وزيراعظم) جهاز مان لٿو ته هُن جي چهري جو رنگ اُڏاميل هو‘ يا ڪنهن وري Power plant لاءِ ’بجليءَ جو ٻوٽو‘ يا ‘Horse trading’ لاءِ ’گهوڙن جو واپار‘ لکي کِلڻ هاب ڪندڙ ترجمو ڪيو، جنهن کي سڌاري سنواري پيش ڪيو ويندو آهي.
انگريزيءَ زبان جا ڪيترائي نِت نوان جُڙندڙ لفظ جهڙوڪ Detente (طاقتور ملڪن وچ ۾ سرچاءُ لاءِ ڪوششون)، Unipolar, Globalisation, Plural society, Disinvestment, Strategic talks, Gloss not, Star wars ۽ اهڙا بي شمار لفظن ترجمي جي ڪم ۾ للڪارون (Challenge) پيدا ڪندا رهيا آهن، پر اُنهن للڪارن کي بيحد ٺهڪندڙ، مناسب ۽ قابليت ڀرئي نموني مُنهن ڏئي، يا ته اهڙن نون لفظن جا يڪ لفظي روپ جوڙيا پئي ويا آهن يا ته انهن جو ممڪن ٿورڙن لفظن ۾ خلاصو ڏئي، سماچارن کي چٽو ۽ واضح بڻايو پئي ويو آهي.
هونئن ته ڪنهن اسيم يا لامحدود ڳالهه لاءِ چيو ويندو آهي ته Sky is the limit، پر جيستائين نيوز جو واسطو آهي، اُن ۾ آسمان به ڪا حد نه آهي، جڏهن کان آمريڪا ۽ روس آسمانن ۾ ولوڙو وڌو آهي ۽ چنڊ، تارن ۽ گرهن تي پهچڻ جي شرط بازي شروع ڪئي آهي، تڏهن کان وٺي Mars, Jupiter, outer space, space ۽ ٻين انيڪ گرهن جي ياترائن، اُنهن سٻنڌي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي لفظن جي ڀرمار سماچار ۾ پيش ايندي رهي آهي. ان کان سواءِ سائنس، جيڪا ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ۽ وڌيڪ ترقي ڪندي ٿي رهي، اُن سان نه ئي قطبن تائين ڪي سيمائون (حدون) رهيون آهن، نه ئي پاتالن يا ساگرن مهاساگرن جو ڪو انت رهيو آهي.
آمريڪا ۽ روس جا اننت آڪاشي وِماڻ (هوائي جهاز) جيئن ئي اننت آڪاش (وشال آسمان) ڏانهن روانا ٿيندا هئا ته سڄو ڏينهن پيون اُنهن جي اڳتي و ا ڌ ، اُنهن جي ٽيڪنيڪي حالت، اُنهن جي اِردگرد جي وايو منڊل ۽ وشال آسماني حالتن جون خبرون اينديون هيون، جن ۾ نِت نوان اننت آڪاشي سائنس وارا لفظ مهاڏو پائي للڪار پيدا ڪندا هئا، پر اِن حلقي لاءِ به انيڪ لفظن جيئن ته Orbit لاءِ مدار، Geo-Stationary لاءِ ڀون اِسٿائي، Space لاءِ اننت آڪاش، Outer space لاءِ ٻاهريون اننت آڪاش يا ٻاهرين خلا، Astronaut لاءِ آڪاش باز، Space walk لاءِ اننت آڪاش ۾ پنڌ، Jettison لاءِ تياڳي اُڇلڻ، Rocket Launching pad لاءِ راڪيٽ چاڙهڻ وارو اڏو، اهڙا ڪيترائي لفظ استعمال ڪيا ويندا آهن.
ڪِن حالتن ۾، سماچار ٻڌندڙن جو مونجهارو ٽارڻ لاءِ اهڙا انگريزي لفظ، جيڪي عام فهم آهن، تِن کي سنڌيءَ جي گرامري حالتن سان ٺهڪائي، اُنهن کي سنڌي روپ ۾ پيش ڪيو ويندو آهي. اِن ڏس ۾ راندين جي کيتر جا Sets, Goal, Runs مثال طور ٻڌائي سگهجن ٿا. بهرحال جتي انگريزي لفظن جو سنڌي روپ ٺاهڻ ۾ Pun يا ايهام پئدا ٿيڻ جو انديشو هوندو آهي، جيئن ڪرڪيٽ جي کيتر جو Runs لفظ، جنهن کي اگر سنڌي روپ ۾ پيش ڪبو ته ”رنون“ ٿي پوندو، ته اِن کِلڻ هاب ڪندڙ حالت کي ٽارڻ لاءِ گرامري يا معنوي بگاڙ کي به نظر انداز ڪري ”رنسون ڪيون“ يا ” رنسن“ تا هارايو يا کٽيو، ان نموني پيش ڪيو ويندو آهي.
انگريزي ٻولي جيئن ته بيحد وسيع آهي ۽ اُن ۾ ٿوري ٿوري فرق وارين جدا جدا حالتن، جدا جدا روپن، جدا جدا شين، جدا جدا رفتارن لاءِ الڳ الڳ لفظ آهن، پر سنڌيءَ ۾ ائين نه آهي. آب هوا ئي کيتر ۾ هوائن جي مختلف روپن ۽ رفتارن موجب انگريزي ۾ Gole, Storm, Typhoon, Cyclone, Tornado ان قسم جا جدا جدا لفظ آهن، پر اسان وٽ سنڌيءَ ۾ انهن لاءِ ممڪن آهي ته ڪي موزون لفظن هجن به، پر اُهي هاڻي مُروج نه آهن. انڪري اگر لکبا به ته ٻڌندڙ نه سمجهندا. فقط طوفان يا واچوڙو لکڻ سان ڪم نه هلندو، انڪري سڄو مفهوم سمجهي، بياني حالت ۾ پيش ڪبو آهي. مٿي چيو ويو آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان جي سنڌين لاءِ جدا جدا بليٽنون آهن. ٻنهي پاسن لاءِ ٻولي ڪوشش وٺي گهڻي قدر ساڳي ڪم آڻبي آهي، پر ورهاڱي بعد جيئن ته ڀارت اندر سنڌي ٻوليءَ تي هندي ۽ مَڪانَي ٻوليون ۽ پاڪستان واري سنڌي ٻوليءَ تي عربي، اُردو ۽ اُتان جون ڪي مڪاني ٻوليون اثرانداز رهيون آهن، اِن ڪري اِنهن اثرن کي ڌيان ۾ رکندي ڀارتي سنڌين لاءِ نشر ٿيندڙ پروگرامن ۽ پاڪستان ۽ ٻين هنڌن لاءِ نشر ٿيندڙ پروگرامن ۾ ٻوليءَ جو هڪ چٽو ۽ نمايان فرق اِهو رکيو وڃي ٿو، جو ڀارتي ٻڌندڙن لاءِ جيڪا سنڌي ٻولي استعمال ڪئي وڃي ٿي، سا هندي ۽ سنسڪرت کان پرڀاوت (اثر ورتل) آهي، جڏهن ته پاڪستاني سنڌين لاءِ، جتي جتي ضرورت آهي، اُتي اُتي اُردو ۽ پارسي آميز لفظ استعمال ڪيا وڃن ٿا، جيئن ته:
|
ڀارتي سنڌين لاءِ |
سنڌ جي سنڌين لاءِ |
ڀارتي سنڌين لاءِ |
سنڌ جي سنڌين لاءِ |
|
پرڌان منتري |
وزيراعظم |
چنتا |
تشويش،ڳڻتي |
|
منتري |
وزير |
اُدَگهاٽن |
اِفتتاح |
|
راشٽرپتي |
صدر |
وموچن |
رُونمائي،نقاب ڪَشي |
|
سهڪار |
تعاون |
شري/شريمتي |
جناب/محترمه |
|
شرڌانجلي |
خراج عقيدت |
سرڳواسي |
مرحوم |
|
سنمان |
اعزاز بخشڻ |
آتنڪوادي |
دهشتگرد |
|
ڀيٽ ڪيو |
نذر ڪيو |
هِنسا/اهِنسا |
تشدد/عدم تشدد |
|
اننت آڪاش |
خلا |
پترڪار |
صحافي |
بهرحال، جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي، ٻنهي پاسن لاءِ ٻولين وچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ فرق رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي آهي، اگر ڪو فرق رکيو به ويو آهي ته اُهو ضرورت موجب فقط شبد ڀنڊار لفظيات (Vacabulary) تائين محدود آهي، جيڪو سنڌ جي سنڌي اخبارن، ’هلال پاڪستان‘، ’عبرت‘، ’ڪاوش‘، ’مهراڻ‘، ’سنڌ نيوز‘، ’عوامي آواز‘ وغيره ۾ ڇپجندڙ ٻوليءَ کي ڌيان ۾ رکي، عمل ۾ آندو ويو آهي، ۽ پڻ وقت به وقت ڀارت جي ياترا تي ايندڙ سنڌ جي ليکڪن ۽ اخبار نويسن جي راءِ کي ڌيان ۾ رکندي عمل ۾ آندو ويو آهي، جن لاءِ ڀارت جي سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيترائي لفظ اجنبي ۽ بي معنيٰ آهن، بهرحال جيستائين ٻوليءَ جي گرامري سِٽاءَ جو واسطو آهي، ٻنهي طرفن لاءِ ٻوليءَ جي گرامري سِٽاءَ ساڳي رکي وڃي ٿي ۽ اُن ۾ خيرڪو فرق آيو آهي.
ريڊيو تان سماچارن کان سواءِ ڪامينٽري (تبصري)، اڄ جي ڳالهه ۽ همعصر اخبارن جا موجوده حالتن تي سمپادڪي (ادارتي) رايا به نشر ٿيندا رهيا آهن. همعصر اخبارن جي راين ۾ پهرين سنڌيءَ جي ”هندستان“ ۽ ”هندو“ جا رايا سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري انگريزي پروگرام ۾ پيش ڪيا ويندا هئا، پر اُهو سلسلو بعد ۾ بند ڪيو ويو. بهرحال ڪامينٽري ۽ اڄ جي ڳالهه وارا پروگرام شروع کان هلندا اچن.
ڪامينٽري يا تبصري جي Text (متن) به مُول انگريزيءَ ۾ ئي هوندي آهي، جنهن مان سنڌيءَ ۾ يا ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻو پوندو آهي. ڪامينٽريءَ ۾ جيئن ته نازڪ مُلڪي ۽ عالمي معاملن جهڙوڪ ڪشمير معاملي، ڀارت پاڪ لاڳاپن، عراق جي جنگ، سري لنڪا جي گهرو لڙائيءَ واري معاملي، نِه هٿياربندي، سارڪ گروپ جي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن، ASEAN، ٻين گروپن، عالمي واپار وغيره گهڻن ئي اهميت ڀرين معاملن تي ماهرن جي ٽيڪا ٽپڻي هوندي آهي، ان ڪري اُن جو اصل انگريزي متن (Text) بيحد گنڀير قسم جو، پيچيدو، ور وڪڙ ٻوليءَ ۾، تُز بيانن سبب ڳڻيل ڳوتيل لفظن ۾ هوندو آهي، اِنڪري ڪامينٽري يا تبصري جي ترجمي جو ڪم وڌيڪ ڌيان ۽ قابليت گهُرندو آهي.
سنڌيءَ ۾ ڪامينٽري يا تبصري جو پروگرام شروع ٿيڻ جي پهرياتي دور ۾ ته هيمراج ناگواڻي، لڇمڻ ڀاٽيا، جيون گرسُهاڻيءَ جهڙا انگريزيءَ جا سٺا ڄاڻو ۽ لائق ترجمان موجود هئا، جن اِهو ڪم جوابداريءَ سان نباهيو ٿي. بهرحال، اُنهن مان ڪِن لاءِ شِڪايت هئي ته اُهي پاڪستان لاءِ نشريات جي مقصد کي ضرورت کان وڌيڪ توَجهه ڏئي اجايو سجايو به ڪي عربي فارسيءَ جا لفظ ترجمي ۾ ملائين ٿا. اُن وقت جن لفظن تي اعتراض ظاهر ڪيو ويندو هو، تِن ۾ درهم برهم ٿيڻ، تختگاهه، اِنتشار، مثبت، خواتين اهڙا ڪيترا لفظ هئا، پر بعد ۾ اِنهن عربي فارسي لفظن جي جاءِ چيدا سنڌي لفظن وٺندا رهيا.
ڪامينٽري جي ترجمي جي ڏس ۾ بعد وارن سالن ۾ هڪ تبديل هيءَ ٿي آهي، جو ڪي نوان آيل ترجمان، انگريزيءَ جي گهٽ ڄاڻ سبب، يا سوَلائيءَ سبب ڪامينٽري انگريزيءَ بدران اُردوءَ مان ترجمو ڪن ٿا، ڇو ته اُردوءَ مان ترجمو ڪرڻ نسبتاً سوَلو آهي. اِئين ڪندي اُهي جملن جي گهڻي ڀاڱي سٽاءَ ساڳي رکن ٿا، اِنڪري ترجمي ۾ اُردو ۽ فارسي لفظن جي ڀرمار ٿي پوي ٿي. ڪِن حالتن ۾ ته اُردوءَ جي گرامري سِٽاءَ به ترجمي تي غالب پوڻ ڏانهن مائل رهي ٿي، جنهن ڳالهه کان ڪنارو ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.