صفدر حسين ميرزا
تاريخ گوئيءَ جو فن ٻوليءَ توڙي ادبي لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو، هن وقت تاريخ گوئيءَ جي فن کي سمجھڻ ۽ استعمال ڪرڻ وارا آڱرين تي ڳڻن جيترا آهن. صنايع ۽ بدايع جي لحاظ کان هن فن کي سمجھڻ ۽ استعمال ڪرڻ ته تمام وڏي ڳالهه آهي، هاڻي ته عام تاريخ ۽ ابجد جي حرفن جا عدد ڄاڻڻ وارا پڻ گهٽ ٿيندا وڃن. هن وقت اسان تي اهو فرض آهي ته سنڌي ڄاڻندڙن کي هن فن کان روشناس ڪرائي، هن فن کي استعمال ڪرڻ جو شوق جاڳايون. تاريخ گوئيءَ جو فن اسان جي ٻوليءَ ۽ ادبي تاريخ جي هڪ ڪڙي آهي. زماني جي ناقدرشناس هٿن اگر هن ڪڙيءَ کي ٽوڙي ڇڏيو ته اسين نه صرف روشن ماضيءَ جي ادبي ورثي کان محروم ٿي وينداسين، بلڪ حال جي اڀرندڙ ڪاوشن ۽ مستقبل جي روشن اميدن کي محفوظ ڪرڻ جي تدبيرن کان به هٿ ڌوئي ويهنداسين. تاريخ گوئيءَ جي فن کي، جيڪو ادبي سرمايو آهي، محفوظ ڪرڻ ۽ آسان بنائڻ لاءِ راقم الحروف جو تحقيقي ۽ تفصيلي ڪم جاري آهي.
علم بديع جي اصطلاح ۾ ڪنهن لفظ، لفظن جي مجموعي، فقري، مصرع، عبارت يا عبارت جي ڪنهن ٽڪري، شعر يا شعر جي ڪجهه حصي جي مدد سان، هجري سن يا عيسوي سن ۾ ڪنهن واقعي جي تاريخ ڪڍڻ جي طريقي کي ’تاريخ گوئيءَ جو فن‘ چيو وڃي ٿو. هن ڏس ۾ ”سنڌيءَ جو عروض“ ڪتاب جو مصنف هيئن لکي ٿو:
”علم بديع جي اصطلاح ۾ تاريخ، انهيءَ نظم کي چئبو آهي، جنهن جي ڪنهن لفط يا جملي يا وري مصرع مان، ابجد وارن حرفن جي حساب ذريعي، ڪنهن واقعي- جهڙوڪ: رحلت، پيدائش، شادي، تعمير ۽ تصنيف جي ختم ڪرڻ يا ٿيڻ تي سال يا سن نڪري اچي- يعني مطلب اهو آهي ته لفظ يا جملي يا پوري مصرع جي عددن مان، سن يا سال نڪري.“
ابجد جي حساب سان حرفن جا عدد:
|
ابجد |
هوز |
حطي |
ڪلمن |
|
ا ب ج د |
هه و ز |
ح ط ي |
ڪ ل م ن |
|
1 2 3 4 |
5 6 7 |
8 9 10 |
20 30 40 50 |
|
سعفص |
قرشت |
ثخذ |
|
س ع ف ص |
ق ر ش ت |
ث خ ذ |
|
60 70 80 90 |
100 200 300 400 |
500 600 700 |
|
ضظغ |
|
ض ظ غ |
|
800 900 1000 |
مٿي ڏنل ابجدي حساب کان سواءِ سنڌي زبان ۾ ٻيا به حرف رائج آهن، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
ب وانگر ٻ، پ، ڀ جا عدد 2
ت وانگر ٽ، ٺ، ٿ جا عدد 400
ج وانگر ڃ، ڄ، چ ، ڇ، جهه جا عدد 3
د وانگر ڌ، ڍ، ڏ، ذ جا عدد 4
ر وانگر ڙ جا عدد 200
ڪ وانگر ک، گ، ڳ، ڱ، گهه جا عدد 20
ف وانگر ڦ جا عدد 80
ن وانگر ڻ جا عدد 50
تاريخ ڪڍڻ جا قاعدا
- تاريخ ڪڍڻ وقت فقط مڪتوبي حرف شمار ڪبا آهن ’يعني اُهي حرف‘ جيڪي لکڻ وقت لکبا آهن، ليڪن ڳالهائڻ ۽ پڙهڻ وقت آواز نه ڏيندا آهن، جيئن ته شمس الضحيٰ، عبدالرشيد، عبدالڪريم، خواب.
- تاريخ ڪڍڻ وقت انهن حرفن جا عدد شامل نه ڪبا، جيڪي پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ ته آواز ڏين، پر لکڻ وقت لکيا ناهن ويندا.
- مصطفيٰ، مرتضيٰ، عيسيٰ، موسيٰ، سمــٰوات وغيره جي ”ي“ تي جيڪو الف لکيو ويندو آهي، اهو تاريخ گوئيءَ ۾ شامل ناهي ڪبو، بلڪه ”ي“ جا عدد ورتا ويندا آهن.
- تاريخ ڪڍڻ وقت الف ممدوده (آ) جي ٻن الفن جي بدران هڪ الف جا عدد شمار ڪبا آهن، ڇو جو اهو ٻه دفعا نٿو لکيو وڃي، جيئن: آباد، آسان، آن، آيو وغيره.
- تاريخ ڪڍڻ وقت الف همزه (ء) جا عدد ”ي“ وانگر ڏهه شمار ڪبا آهن، جيئن: قائم، دائم، غائب، نائب وغيره.
- تاريخ ڪڍڻ وقت مخلوط ”هه“ جا پنج عدد شمار ڪبا آهن، جيئن: آئينه، مدينه وغيره.
- تاريخ ڪڍڻ وقت نون غنه جا عدد شمار ڪبا آهن، جيئن: مان، سان، توهان، اسان وغيره.
- ت مدور (ة) عربيءَ جي ”هائي هوز“ جي شڪل ۾ لکي وڃي ٿي ۽ ان جا پنج عدد شمار ڪبا، قرشت (ت) وانگر اُن جا عدد (400) نه آهن، جيئن: تذکرة الشعراء.
تاريخ ڪڍڻ جون صورتون:
تاريخ ڪڍڻ جا ٻه طريقا آهن؛
- صوري
- معنوي
- صوري: ڪنهن واقعي جي تاريخ صاف صاف لفظن ۾ بغير عدد شمار ڪرڻ جي چئي وڃي، ان کي ”صوري تاريخ“ چئجي ٿو. ”سڪندر نامي“ جي تاريخ صوري، غلام محمد نظاماڻيءَ هيئن چئي آهي:
|
آهي هاڻ هن وقت اي نامور، |
صحيح روز اربع مهينو سفر، |
|
جو ارڙنهه ٿيا تام اوڻيهه روز، |
ٿيو روشنيءَ ساڻ هي برفروز، |
|
آهي هاڻ هجرت سندو صاف سن، |
ٻارنهن سئو نوي سال کي ٿا لکن. 1290هه |
- معنوي: تاريخ معنوي اُن حرف يا لفظ يا لفظن جي مجموعي جو نالو آهي، جن جي عددن مان سن يا سال حاصل ٿئي. ”متاعِ حسن“ جي تاريخ معنوي ميرزا فياض علي بيگ هيئن ڪڍي آهي:
صدرِ ادب ۽ دُرِ بي بها متاعِ حسن،
چمنِ ادب ۽ گلِ مدعا متاعِ حسن،
سروشِ غيب چيو سالِ طبع لئي فياض
”حسن علي جي فطانت بجا متاعِ حسن“
1416هه
چونڊا ناياب قطعه تاريخون:
- علامه دائود پوٽي جي وفات تي سيد منظور نقويءَ لاجواب قطعه تاريخ چئي آهي:
1000 غم تلخ ڪيو خوشين کي ٿي ناگوار ”فرقت“ 780
علم و ادب جي حامي ڪئي هن جهان مان ”رحلت“ 638
300 شايد و فورِ غم کان منهنجو قلم ٿو ”هٻڪي“ 37
حيف اڄ اجل جو اڄ تو هن موت ۾ ڪئي ”عجلت“
- مرزا ٻڍل بيگ جي رحلت تي ميرزا امام علي بيگ هي لاجواب قطعه تاريخ چئي آهي. هن مان هجري ۽ عيسوي سن ٻئي نڪرن ٿا:
1- آهه اڄ ميرزا ٻڍل ڪيو انتقال
9- طامه آئي ويو لڏي هي باڪمال
1- آهه ”دمِ رخصت“ چيو روئي جهان
1334هه
ويو لڏي اڄ مرثيگو بي مثال
- ”متاعِ حسن“ جي اشاعت تي ميرزا سلطان حيدر بيگ لاجواب قطعه تاريخ هيئن چئي آهي:
جو مملڪتِ نظم ۾ سلطان سخن ٿيو
مقبول سخن جنهن جو ڪيو محبوب خداوند
سلطان ڏسي ان جي سخن جو هي مرقع
هاتف چيو ٽي ڀيرا ته مطلوب ”خداوند“
1995ع = 3x665
- سن 1269هه ۾ مير علي مراد خان نئون باغ لڳايو، جنهن جو ماده تاريخ ميرزا فتح علي بيگ ”طوبا“ مان ڪڍيو.
واهه ڇا جنت نما گلشن ٿيو،
جا بجا جنهن ۾ ڏسان طوبا پيو،
طوبا کي الڳ الڳ لکي سن ڪڍيو آهي ط و ب ا
1269هه = 9 6 2 1
- راقم الحروف ”بزمِ ٽالپر“ جي اشاعت تي هيءَ قطعه تاريخ چئي:
خوب ٿي تصنيف بزمِ ٽالپر،
فضل سان حق جي لکي ٿيو ڪامياب
ڇا ڪريان تعريف مان تحرير جي،
هڪ ئي هنڌ ڏسجن ٿيون خوبيون لاجواب
ظاهر و باطن انهيءَ تصنيف جو،
باب هر هڪ گلشنِ رضوان جو باب،
تذڪره شعراء ڏسي هر ڪنهن چيو،
سنڌ جي تاريخ جو هي آفتاب،
عيسوي تاريخ صوري لئي ٻڌم،
ٻن هزارن پنج جو ڪر انتخاب،
2005
لطف سان حق جي ڇپي ظاهر ٿيو،
”“ سيفي ڪتاب.
- سنڌ جي مايه ناز اديب ۽ شاعر اياز حسين قادريءَ جي ڪتاب ”سنڌي غزل جي اوسر“ جي اشاعت تي سنڌ جي اديب، محقق ۽ شاعر ميرزا عباس علي بيگ ”صنعتِ مثلث“ ۾ تاريخ چئي آهي:
دلڪش ڪتاب آهي لکيو محترم اياز،
جنهن جي ڏسڻ سان هر ڪا چوي دل ٿي مرحبا،
بي مثل بي نظير ڏسي ان قدر ڪتاب،
عباس فڪر سال جي دل ۾ ٿي مدعا
مخصوص قسم ساڻ مثلث ۾ ٿيا عدد،
هر هڪ طرف کان پاڻ ۾ سي جوڙ جي ڪبا،
نڪري جواب جمله اٺن صورتن منجهان،
هجري جي سال جي ڪندو تاريخ برملا،
صورت ۾ هن ڪتاب جي اهلِ قلم کي اڄ،
علم ادب جي ”“ ٿي عطا
|
469 |
464 |
471 |
|
470 |
468 |
466 |
|
465 |
472 |
467 |
|
1404هه |
||
مٿئين نقش مان اٺن طريقن سان سن ڪڍي سگهون ٿا:
- هزهائينس مير محمد حسن علي خان ٽالپر جي منظوم ”سنڌ جي شاهنامي“ جي سال تصنيف جي قطعه تاريخ مرزا امام علي بيگ صنعتِ مسدس ۾ چئي آهي. چند شعر هيٺ ڏجن ٿا.
لکيو سنڌ جو شاهنامون حسن،
فصاحت، بلاغت سان پُر ٿيو سخن،
رقم ڪر ”علي“ سال، هاتف چيو
عدد ”رب“ جا کڻ واسطي پنجتن،
|
202 |
219 |
233 |
231 |
220 |
213 |
|
225 |
229 |
203 |
212 |
235 |
214 |
|
234 |
211 |
224 |
215 |
204 |
230 |
|
210 |
236 |
223 |
216 |
228 |
205 |
|
221 |
206 |
227 |
237 |
209 |
218 |
|
226 |
217 |
208 |
207 |
222 |
238 |
|
1318هه |
|||||
مٿئين مسدس نقش کي جتان به جوڙ ڪبو، اتان تصنيف جو سال 1318هه نڪري ايندو. هن نقش مان گهٽ ۾ گهٽ 14 طريقن سان سن ڪڍي سگهجي ٿو.قطعه تاريخ جي فن ۾ نقش مثلث، مربع، مخمس، مسدس، مسبع، مثمن ۽ متع استعمال ڪري سگهجن ٿا.
- تاريخ گوئي جي فن ۾ صنعت دائره سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام گهٽ استعمال ڪئي وئي آهي. صنعت دائره کي ٺٽي جي قديم فارسي گو شاعرن تمام گهڻو استعمال ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ صنعت دائره سڀ کان پهرين ميرزا قربان علي بيگ جي ملي ٿي.
سنڌ جي شاهنامي تي چيل صنعت دائره هيٺ پيش ڪجي ٿو.

هن دائري مان سن ڪڍڻ جو طريقو هي آهي ته ڪهڙي به خاني مان ڪو عدد کڻي ان ۾ هر ٻي خاني جو عدد جمع ڪندا وڃو. اهڙي ريت ستن عددن کي جمع ڪرڻ سان سن نڪري ايندو.
مثال طور- ”سنڌ جو“ جا عدد 123 آهن.
123 + 66 + 43 + 79 + 250 + 118 + 639 = 1318هه
- زبر بينات
زبر بينات جي حساب سان ماده تاريخ ڪڍڻ تمام آسان آهي. لفظ ”ندا“ جا ابجد جي حساب ۽ زبر بينات جي حساب سان عدد هيئن ڪڍبا.
ندا = ن د ا
50 + 4 + 1 = 55 بحساب ابجد
ندا = ن د ا
نون دال الف
106+ 35+ 111 = 252 بحساب زبر بينات
ميرزا عباس علي بيگ سنڌ جي نامور مورخ، محقق ۽ شاعر، ”سنڌي جو عروض“ ڪتاب جي اشاعت تي زبر بينات ۾ هيئن قطعه تاريخ چئي آهي:
صد مرحبا ڪتاب عجب لاجواب ٿيو،
درصفا کان هن ۾ گهڻو آب و تاب ٿيو،
فرزند ارجمند سڪندر علي سندم،
دربانِ بارگاهه رسالت مآب ٿيو،
تصنيف ڪيل عروض تي هن جو ڇپيو ڪتاب،
ملڪِ ادب ۾ شڪرِ خدا ڪامياب ٿيو.
سن زبر بينات ۾ ”عباس“ هيئن چيو،
”“ ڪتاب ٿيو.
بحساب زبر بينات
- ”سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو“ سن 1991ع ۾ قائم ڪيو ويو. هن اداري جي قائم ٿيڻ تي ڪنهن شاعر هڪ لاجواب قطعه تاريخ چئي آهي، جنهن جا ڪجهه شعر هيٺ پيش ڪجن ٿا؛
سنڌي ٻوليءَ جي اداري سنڌ ۾ آندي بهار
هن اداري جي هجڻ تي قوم کي ٿيو افتخار
هي اچي آواز ٿو هر ڪنهن جو دل مان بار بار
فيض جو آهي محل ۽ روشنائي جو منار
سنڌي ٻوليءَ جو ادارو آهي خودمختيار هي
دائما هن جو هجي شل پاسبان پروردگار
هن جي قائم ٿيڻ جي سن واسطي ’هاتف‘ چيو
”ڪاميابي شوق“ سان ماڻي سنڌين آئي بهار
490

1991ع
مٿيئن دائري مان گهٽ ۾ گهٽ 20 طريقن سان سن ڪڍي سگهجي ٿو.
- ميرزا علي بخش ڪوثر شاعريءَ جي فن جو وڏو ڄاڻو هو. ميرزا علي بخش پنهنجي استاد ميرزا قربان علي بيگ جي وفات تي هي قطعه تاريخ چئي:
ميرزا قربان علي استاد منهنجو لاجواب
آهي هي عاليجناب ۽ مرحبا و الاخطاب
صاحب علم و ادب ۽ شاعر شيرين بيان
آفتاب علم آهي ۽ ادب جو ماهتاب
سال رحلت لاءِ ”ڪوثر“ هيءَ ندا هاتف ڏني
هي ٿيو ”روشن دماغ سحر بيان“ عاليجناب
1932ع
ماخذ
- سنڌيءَ جو عروض: از ميرزا سڪندر علي بيگ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، 1986ع
- ام التواريخ: از منشي حسين علي صاحب، مطبوعه 1289هه
- ملهم تاريخ: ترجمو مخلص تسليم، مطبوعه، 1912ع
- سنڌي غزل جي اوسر: از اياز حسين قادري، ڀاڱو ٻيو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، 1984ع
- بزم ٽالپر: از ميرزا علي متقي بيگ، دانش پبليڪيشن، 2005ع
- عالمن جو آفتاب: محترمه خديجه بيگم شمس العلما دائود پوٽه: مطبوعه
- متاع حسن: مرتب ميرزا فتح علي بيگ، ڀاڱو پهريون حسن ٽالپر اڪيڊمي، 1996ع
- سنڌ جو شاهنامون/ فتحنامهء سنڌ: از هزهائينس مير محمد حسن علي خان ٽالپر (غير مطبوعه)
- يادگيريون: از ميرزا عباس علي بيگ (غير مطبوعه)