Video

پنهنجي پاران

سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل جو هن صديءَ جو ٽيون ۽ هن سال جو ٻيو پرچو اوهان جي هٿن ۾ آهي ۽ ائين ان کي هر ٽئين مهيني پڌرو ڪرڻ جو پنهنجو وعدو پورو ڪري رهيا آهيون. هر پرچو ان لحاظ کان خاص پرچو آهي ته جو ان کي 28 اسين  اپريل 2009ع تي ”سنڌي ٻولي، سنڌو لکت ۽ سنڌو تهذيب“ جي موضوعن تي ٿيندڙ قومي ڪانفرنس جي موقعي تي شايع ڪري رهيا آهيون.اسان کي خوشي آهي ته سنڌ ۽ هند جا عالم اديب انهيءَ ۾ اسان سان ڀرپور سهڪار ڪري رهيا آهن. وقت جي پابنديءَ وارو شرط پورو ڪرڻ کانپوءِ اسان کي ڪجهه ٻيا شرط پورا ڪرڻا آهن، جنهن کانپوءِ هيءُ جرنل به هائر ايجوڪيشن ڪميشن پاران تسليم ڪيو ويندو. اهي شرط آهن: مقالن ۾ تحقيقي جي اصولن موجب حوالا ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن مقالن جي انگريزيءَ ۾ تت يا Abstract ڏيڻ. اهي شرط پورا ڪرڻ لاءِ اسان جي مقالا موڪليندڙن کي گذارش آهي ته هو انهن ڳالهين کي ڌيان ۾ رکن ته جيئن اسين هڪ آخري شرط پورو ڪرڻ جي به قابل ٿي سگهون. يعني هر مقالي کي ماهرانه راءِ جي لاءِ ان مضمون جي ڪنهن ماهر کي موڪلي کانئس وزن (Vetting) ڪرائي پوءِ ان کي شايع ڪريون.

اسان کي پنهنجي لائق پڙهندڙن جي سهڪار ۽ صلاحن جو انتظار رهندو

                                                                                                                                             

ڊاڪٽر فهميده حسين

چيف ايڊيٽر