وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس

ڪتاب جو نالو وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس
ليکڪ اسرار شام
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-86-4
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (452) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     9457   ڀيرا پڙهيو ويو

ٻچڙيوال


ائڪٽ- 1 جاءِ: غريباڻو مسواڙي گهر وقت: سنجها ڪردار: بخشو (ٻچڙيوال غريب ماستر) ڀاڳ ڀري (ماستر جي زال) ضمير (ماستر جو داخلي ڪردار) ماسي خيران (دائي) چَنو (کير وارو) آدم خان (آدم شماري ڪندڙ سرڪاري ملازم) انور (مالڪ مڪان جو پٽ) کمون (ڌوٻي) اوستو مولو (حجام) مونو (نوجوان ڪمپائونڊر) دادو (ريزڪي دڪاندار) باقي صحافي، گوپ، مُنو، پَپُو، ڪِڪِو، دادلو ۽ دادا (ماستر بخشوءَ جا ٻار) ڏيک: ماستر بخشوپنهنجي ڀڳل ٽُٽل ڪمري جي هڪ ڪرسيءَ تي ويٺو آهي. ڪمري ۾ سموريون گهربل شيون بي ترتيب رکيل آهن، ڀرواري ٻئي ڪمري مان سندس ٻارن جي هُل هنگامي جا گاڏڙ آواز به اچي رهيا آهن. مالي مسئلن جو شڪار ماستر بخشو گوڙ کان بي نياز ٿيندي، پنهنجي پاسي واري کيسي مان هڪ نقلي نوٽ ڪڍي ٿو ۽ اُن کي چُمي، واپس کيسي ۾ رکي ڇڏي ٿو ۽ ساڳئي کيسي مان ٽي آنڪيون (پراڻا چانديءَ جا سڪا) ڪڍي ٿو ۽ انهن کي ننڍڙي رواتيءَ سان گسائي، گول ڪرڻ واري ڪم ۾ جنبي وڃي ٿو. ايتري ۾ پس منظر تان بخشو جي داخلي ضمير ڪردار جو آواز اُڀرڻ لڳي ٿو. چڙندي: سمجهائيندي: اعتراف ڪندي: محبت سان سمجهائيندي: وري ورچندي: هلڪي سختيءَ سان سمجهائيندي: چڙندي: گفتگوءَ دوران ننڍڙوڪڪو خرچيءَ لاءِ هٿ ڊگهاڙي اچي بيهي ٿو. بخشو ٻار جي موجودگيءَ کان لاعلم آهي. بخشو ٿڦڙ اولاري ٿو، جيڪو ننڍڙي کي لڳي ٿو. ٻار سڪتي ۾ اچي وڃي ٿو: ڪڪو روئندو آئوٽ ٿئي ٿو. بخشو ٿڌو شوڪارو ڀري مٿي تي هٿ رکي، اڃان ويهي ڪونه ٿو ته ٻاهران ٻارن جو ۽ هڪ ماڻهوءَ جو مليل جليل گوڙ ٻُڌڻ ۾ اچيس ٿو. هو ڇرڪي آواز ٻُڌڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ضمير: بخشو...! تون آخرڪار ڪيستائين ٽڪي ٽڪي ملڻ وارا نقلي نوٽ رات جي اونداهيءَ ۾ هلائي، ماڻهن جي اکين ۾ سُرمو وجهندو رهندين؟ ڪيستائين پراڻين آنين کي رواتي هڻي، اُنهن کي پائلين جي شڪل ڏيندو رهندين؟ بخشو: آئون خودمختيار ۽ مرضيءَ جو مالڪ آهيان، جيئن وڻيم،تيئن ڪريان، تنهن ۾ تنهنجو ڇا؟ تون ٿيندو ڪير آهين مون کي سمجهائڻ وارو؟ ضمير: آئون تنهنجو ضمير آهيان! منهنجو ڪم آهي. جڏهن تنهنجي وجود ۾ دوکو ۽ ٺڳي ڀرجي وڃي، ته آئون توکي فورًا آگاهه ڪريان. بخشو: ڀائو ضمير خان! تون چوين سچ ٿو، پر... منهنجي عيالداري مون کان اهي ڪڌا ڪم ڪرائي رهي آهي! پيٽ خاطر انسان هر ناجائز ڪم کي جائز سمجهي ڪندو آهي، بهرحال توکي معلوم هئڻ گهرجي، ته اڄ آچر جو ڏينهن آهي، پڇاڙيءَ واريون تاريخون آهن ۽ آئون انهن پريشان تاريخن جي وهڪري ۾ وهي رهيو آهيان ۽ هن وقت منهنجي دل چاهي رهي آهي ته اڄوڪي اخبار گهرائي پڙهان ۽ اخبار جي ڪالمن ۾ ايترو ئي گُم ٿي وڃان جو دنيا جي اخبارن جا ايڊيٽر منهنجي حالت تي ايڊيٽوريل لکن! ضمير: ايڊيٽوريل چڱن ڪمن تي لکيا ويندا آهن چريا؟ پر اُنهن مسئلن تي نه لکيا ويندا آهن، جيڪي هٿرادو پيدا ڪيا وڃن، تنهنجي عيالداريءَ جو مسئلو تو پاڻ پنهنجي ڳچيءَ ۾ وڌو آهي ۽ جنهن تي مضمون لکيا ويندا آهن ۽ اِشتهارن ذريعي سمجهاڻي ڏني ويندي آهي، پر ائين لڳي ٿو ته اهي تحريرون شايد تنهنجي نظرن مان اڃا نه گذريون آهن. بخشو: انهيءَ ڪري توکي چيم نه ته زندگيءَ ۾ آءٌ اڄ پهريون ڀيرو اخبار گهرائي رهيوآهيان ۽ آءٌ اڄ اُن خبر جو اکر اکر اکين سان پي، ذهن ۾ لاهيندس. شايد زندگيءَ جو رخ خوشحاليءَ ڏانهن مُڙي. ضمير: خوشحاليءَ لاءِ عمل ۽ عمل لاءِ پختگي ضروري آهي. بخشو: ٻيلي خدا کي مڃ، منهنجي ڪم ۾ رنڊڪ نه وجهه ۽ منهنجي ذهن مان نڪري وڃ. ضمير: اهو ڪارو ڌنڌو بند ڪر ته پوءِ وڃان. بخشو: بڪواس بند ڪر! ڪِڪو: اَلا...! بخشو: ڦوٽ...! اَڙي چُپ، تون وري ڪٿان نازل ٿئين؟ اوهه منهنجا خدا... اَچي هي ٽي پائليون اٿئي، انهن مان نموني سان اٺين آني جي اخبار ۽ چئين آني جا ٽڪي وارا نوٽ ڊوڙ پائي جلدي وٺي اَچ... وڃ! ها... ٻاهر گوپ کي به ساڻ وٺيو وڃ، متان ڪير پئسا ڦري نه وڃنئي. وڃ! ٻاهران: کير ڏي.. کير ڏي... کير ڏي.اَڙي! پري ٿيو مار پونانوَ قلندر جي! کير ڏي.. کير ڏي.. ڇورا ته ڇورا!اڙي پري ٿيو. اڳيان چنو کير وارو آهي ۽ پٺيان اڌ درزن بخشوءَ جا ٻار لڳل آهن، جن جي هٿن ۾ گلاسڙا نمايان آهن. سڀ گڏ داخل ٿين ٿا. سڀ ٻار کير واري کان کير جي چؤنري ڦري وٺن ٿا ۽ سڀ کير پيئڻ لاءِ چؤنريءَ جي چوڌاري مڙي وڃن ٿا ۽ کير هارجي پوي ٿو. ٻار هڪ ٻئي کي گلاس اُڇلائي هڻن ٿا ۽ چؤنريءَ کي هيڏانهن هوڏانهن ڌڪين ٿا. آخرڪار ڪافي ڇڪتاڻ کان پوءِ چؤنري بخشوءَ جي هٿ ۾ اچي وڃي ٿي. هو ٻارن کي اڇلائي هڻي ٿو. جيڪا کير واري کي پٺن ۾ لڳي ٿي، جيڪو رڙ ڪري ٿو. بخشو پُٺن کي زور ڏيندي چوي ٿو: رڙيون ڪندي کير وارو ڪنجهي ٿو. سربستي ڳالهه ٻُڌائيندي: معافي وٺندي: هٿ ٻَڌندي: سڀ ٻار: کير ڏي...کير ڏي... کير ڏي. چنو: اَڙي ڇا پيو ڏسين بخشو... جهل پنهنجي ڌڻ کي. بخشو: اڙي پري ٿيو ڇورا...! سڀ ٻار: کير ڏي. کير ڏي.. کير ڏي...! چنو: ميان جهلينِ. کير ته ويو، ماڳهين چؤنري چٻي نه ڪري ڇڏين. بخشو! اڙي پري ٿيو ڇورا...! کير وارو: اَڙي گهوڙاڙي. مري ويس. بخشو: يار ڌڪ ته ڪونه لڳئي؟ کيروارو: واهه واهه.. هائي..! هٿ سان ڌڪ هڻي، وري پڇين پيوته ڌڪ ته ڪونه لڳئي؟ اڙي... اَلا...! بخشو: يار هنيم ڇورن کي ٿي، ته پچر ڇڏين، پر اَپاڪي توکي لڳي ويئي. کير وارو: بس بس گهڻي ٿي ماستر بخشو! گهڻي ٿي. تو وارن ڇورن منهنجو پيڇو وٿاڻ کان ائين شروع ڪيو، جيئن مکيون ماڻي تي مڙنديون آهن. بخشو: ٺهيو يار...بندوق ته ڪانه لڳئي، جو پاڏي وانگر رنڀون پيو ڪرين. منهنجو مطلب آهي ته آخر گوڙ ڪهڙي ڳالهه تان ٿيو؟ کير وارو: هيڏي ٿي آهي! اڃان به پيو پڇين ته ڪهڙي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو آهي؟ ميان! تازو ٽيون ڏينهن جي ڳالهه آهي، شام جو جيئن وٿاڻ تي وڃان ته تو وارا ٻار مينهن جي ٿڻن تي لڳا پيا آهن. مون کي ڏسي ڀڄي ويا. ڪالهه کير رستي ۾ ئي هاري ڇڏيائون ۽ هينئر صبح وارو کير ڏُهي، جيئن وٿاڻ مان نڪتس، منهنجي سرگس ڪندا اچي هتي نڪتا. باقي جيڪولقاءُ ٿيو، سو اکين سان ڏٺئي. بخشو: يار! هڪڙو ڀيرو وري توکان معافي ٿو وٺان. منهنجي اَڇي ڏاڙهيءَ کي ڏِسُ! کير وارو: اَڇي ڏاڙهي، اَٽو خراب! انهيءَ ڏاڙهيءَ جي ڪري ئي ته ماٺ ڪريو وڃان، نه ته مولا جو قسم! سڀني ڇورن کي وٿاڻ تي ٻَڌي، اُهي سونٽا ڇڪيان، جو... هاڻ هيئن ڪر، منهنجو حساب ڪتاب چڪتو ڪر. سبب بيان ڪندي: ڪاوڙ ڪندي: کيسي ۾ هٿ وجهندي: خوش ٿيندي: ڪجهه شڪ ڪندي: بخشو کيسي مان خالي هٿ ڪڍي، غور سان ٻُڌي ٿو. ڳالهه لڪائيندي: ڪوڙ ڳالهائيندي: ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيريندي: کير وارو آئوٽ ٿي وڃي ٿو. پاڻ مرادو ڳالهائي ٿو: ويهڻ چاهي ٿو، پر ٻاهران سندس ڪڪو هڪ شخص آدم خان کي آڱر ۾ وٺي اچي ٿو ۽ پاڻ اخبار ڏيئي، هليو وڃي ٿو. سلام ڪندي: جواب ڏيندي: تعارف ڪرائيندي: خوشيءَ جو اظهار ڪندي: ڪن ٽار ڪندي: حيرانيءَ وچان پُڇندي: ڦڪائي لڪائيندي: حيران ٿيندي: وائڙو ٿيندي: انگلش ۾ لفظ اُچاريندي: بيزار ٿيندي: عجب وچان اعتراف ڪندي: ڏک وچان چوندي: نرميءَ سان پڇندي: ٿڌو ساهه ڀري، هٿ ٻڌي مٿي نهاريندي: نظرون بچائيندي ۽ ڏڪندي: رجسٽر کولي پين جو ڍڪ لاهيندي: کيسي مان لکيل پنو ڪڍي ٿو. لکندي ۽ چپن ۾ ورجائيندي: آڱر سان نراڙ تان پگهر اُگهندي: ماستر بخشو اخبار پڙهڻ ۾ مصروف آهي. سندس نظر اوچتو هڪ اشتهار تي پوي ٿي. هو ان کي پڙهڻ لڳي ٿو: هو ٿڌو شوڪارو ڀري ٿو. چشمو لاهي صاف ڪري ٿو ۽ وري اخبار کي غور سان پڙهڻ لڳي ٿو. بخشو: ادا ٿوري مهلت ڏي، منهنجو حال تنهنجي سامهون آهي. عيال گهڻو... آمدني ٿوري! چنو: گهڻا ٻار تون ڄڻين، ڀوڳيان آءٌ. شرافت سان منهنجي اوڌار کڙڪاءِ، ٻي حالت ۾ يا ڳوٺ جي چڱي مڙس وٽ دانهيندس يا ٿاڻي تي وڃي فرياد داخل ڪندس. بخشو: توکي ڏوڪڙ کپن يا ٻي ڳالهه؟ ڏيکارئين ڪڙڪ نوٽ؟ کير وارو: او اها ڳالهه... اڙي ها! ڳالهه ٻُڌ، تو نوٽ جي ڳالهه ڪئي ته هڪڙي ٻي ڳالهه ياد اچي ويئي. بخشو: جلدي ٻُڌاءِ ڪهڙي ڳالهه ياد اچي ويئي؟ کير وارو: تازو ڪجهه ڏينهن کان پنهجي ڳوٺ جي بازار ۾ آنڪين مان ٺهيل پائليون ۽ ٽڪي وارا نقلي نوٽ پوليس پڪڙيا آهن ۽ هاڻي پوليس اُن ماڻهوءَ جي ڳولا ۾ آهي، جنهن اها غلط حرڪت ڪئي آهي. بخشو: بهرحال! زماني جا ڪار وهنوار آهن، پيا هلندا. باقي رهيا تنهنجا پئسا، سي توکي پهرين تاريخ تي ضرور ملندا. کير وارو: اڙي هيءُ وري ڇا؟ هينئر چيئي ته ڪڙڪ نوٽن جو درشن ڪرايائين ٿو ۽ وري...! بخشو: تو منهنجي پوري ڳالهه ڪانه سمجهي، چنا! مون توکي پهرين تاريخ جي نالي چيو هو. کير وارو: ٺيڪ آهي، پهرين تاريخ به پري ناهي! ٻي حالت ۾ ڳوٺ جو چڱو مڙس يا ٿاڻو! چڱو... الله واهي! بخشو: واهه عيالداري واهه... کوٽن سڪن ۽ نقلي نوٽن جو وهنوار به نه ڪرايئي. نه گهڻا ٻار هجن ها، نه اهي بي ايمانيون ڪرڻيون پون ها. آدم خان: ماستر علي بخش اوهان جو نالو آهي؟ بخشو: ابا تون وري ڪهڙو؟ جي! جي ها، جي ها...! آدم: السلام عليڪم بخشو: وعليڪم السلام آدم: منهنجو نالو آدم خان آهي. بخشو: آءٌ ماستر علي بخش آهيان. آدم: مون کي اوهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي. پر مون کي اوهان سان ملي ٽڪو خوشي ڪانه ٿي. آدم: جي؟ بخشو: جي! آدم: اوهه... اَڇا اڇا، ڪا ڳالهه ناهي،ڪاڳالهه ناهي. ڀلا خوش ته آهيو نه؟ بخشو: نڪو. آدم: چاق چڱا ڀلا ته آهيو نه؟ بخشو: اون هون؟ آدم: متارا جوڙ؟ بخشو: نه...! آدم: ٻار ٻچا، کير پٽُ؟ بخشو: نو. آدم: ته پوءِ ڇا آهيو؟ بخشو: دنيا جي بار گاڏيءَ جو آخري گاڏو، جيڪو ڪنهن به مهل ڪٽجي سگهجي ٿو. آدم: مون به گهڻا ئي انسان ڏٺا، پر توهان ماڻهو واقعي عجيب آهيو. بخشو: انهيءَ سان گڏ غريب پڻ. آدم: ڇا مون کان اهو پڇڻ پسند ڪندؤ، ته مان اوهان وٽ ڇو لنگهي آيو آهيان؟ بخشو: واٽ جو ڀليل خود پتو پڇندو آهي. بهرحال توهان پنهنجي اچڻ جو قصو ٻڌائي سگهو ٿا. آدم: مان سرڪاري ملازم، يعني ته ماستر آهيان. هن وقت اسان جون ڊيوٽيون توهان جي تَڪَ ۾ آدمشماريءَ لاءِ لڳل آهن. بخشو: اوهه منهنجا خدا! معاف ڪجانءِ يار! مون سمجهيو ته تون به ڪو منهنجو پراڻو قرضي آهين. بهرحال پاڻ ٻيئي هڪ ٻيڙيءَ جا سوار آهيون. پڇ جيڪي پڇڻو اٿئي. آدم: مان تقريبًا سڀ گهرشمار ڪري چڪو آهيان، باقي تنهنجو گهر رهيل آهي ۽ هن وقت اوهه... مانيءَ جو وقت به ٿي چڪو آهي. بخشو: مانيءَ جو وقت. آدم: ها! جيڪا وڏيري جي اوطاق تي تيار هوندي. هاڻي مهرباني ڪري جلدي ٻڌاءِ ته گهر ۾ ڪل گهڻا ڀاتي آهيو؟ گهڻيون عورتون، گهڻا مرد ۽ ڪيترا ٻار آهن؟ گهڻا فوت ٿي ويا ۽ گهڻا زندهه آهن؟ بخشو: ادا لِکُ...مَري ويلن جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي. والد، والده ۽ ڏاڏو ڏاڏي ڪڏهوڪو گذاري ويا. نانا، ناني ۽ چاچو چاچي قبر ڪنڌيءَ تي آهن. ڄاڻ ته ٽپڙ ٻَڌندا، باقي جيئرن ۾ پهريون آئون آهيان. آدم: توهان جو پورو نالو بخشو: علي بخش عيالدار. آدم: علي بخش عيالدار؟ ولد؟ بخشو: ولد... محمد بخش مالدار. آدم: محمد بخش مالدار...ذات؟ بخشو: ڪنگلو. آدم: ڪنگلو؟ ڇا اها به ڪا ذات آهي؟ بخشو: ميان! اها انٽرنيشنل ذات آهي، انٽرنيشنل؟ بهرحال جيئن چوندو وڃئين، تيئن لکندو وڃ. آدم: جيئن تنهنجي مرضي. ذات ڪنگلو... ها! اصل رهندڙ؟ بخشو: سُڃ پور. آدم: هاڻي رهندڙ؟ بخشو: ڀينگ پور...! آدم: اصل رهندڙ سڃ پور. هاڻي رهندڙ ڀينگ پور. ڪرت؟ بخشو: ٻارن جي ڌڻ کي سڄوڏينهن سپاٽا هڻڻ. روزانو زال سان عرب اسرائيل وارو جهيڙو ڪرڻ ۽ صبح جو بنا نيرن جي وڃي اسڪول ۾ ماستري ڪرڻ. آدم: يعني ته توهان به ماستر آهيو؟ بخشو: صحيح سڃاتو اٿانوَ. آدم: ڪرت ماستري. توهان جي عمر؟ بخشو: لڳان ته ٻن صدين جو ٿو، پر صحيح عمر 55 سال اٿم. آدم: عمر 55 سال.ها! هاڻي پنهنجي زال جو نالو ٻُڌاءِ. بخشو: تنهنجي ڀاڄائيءَ جو نالو ’ڀاڳ ڀري‘ ڌيءَ نڀاڳي جي، اوهه نڀاڳي جي نه، پر ڀاڳئي جي. ڀاڳئي جي. باقي ٽين ٽپڙ ۽ پار پتا ساڳيا مون وارا اٿس. آدم: اَدا هڪڙو منٽ! ڀاڳ ڀري، ڌيءَ ڀاڳيو. باقي برابر.. برابر.. برابر.. برابر ها ادا...! هاڻي ترتيبوار ٻارن جا نالا ٻُڌايو. جريان نمبر پهريون بخشو: ادا لک...جريان نمبر پهريون؟ گوپُ. آدم: گوپ، ولد؟ بخشو: علي بخش آدم: ولد علي بخش! نمبر ٻيو؟ بخشو: پپو. آدم: پپو ولد؟ بخشو:علي بخش! آدم: علي بخش! نمبر ٽيون؟ بخشو: مُنو. آدم: مُنو. ولد؟ بخشو: علي بخش! آدم: ولد علي بخش. نمبر چوٿون؟ بخشو: چُنو. آدم: ڀائو...ٻار ته تنهنجا پنهنجا آهن نه؟ بخشو: منهنجا ناهن ته ڪو مسواڙ تي وٺي آيو آهيان ڇا؟ چڱو نمبر چوٿون لک چُنُو! آدم: چُنو. ولد؟ بخشو: علي بخش! آدم: ولد علي بخش. نمبر پنجون؟ بخشو: ڪڪو. آدم: ڪڪو. ولد؟ بخشو: علي بخش. آدم: علي بخش. ڇهون؟ بخشو: دادن. آدم: دادن... ولد؟ بخشو: ٻڌايومئين ته علي بخش، علي بخش. لک ستون. آدم: ترس ادا ترس! چڱو هينئر معاف ڪر. بُک به ڏاڍي لڳي آهي.باقي قسط سڀاڻي. خدا حافظ! بخشو: ڀائو منهنجي ڳالهه ته ٻُڌندو وڃ! هائي هائي هن کي وڃڻ ئي کپندو هو. پيٽ جي اَچي لڳس. مٿان وري مون واري اگهوتري! بيشڪ سياڻن سچ چيو آهي ته بُک بڇڙو ٽول، داناءَ ڪري ديوانا! اڙي واهه ڙي مائي عيالداري واهه... هاڻي ته ماڻهو، مرون ۽ جهنگ جبل به تنهنجو نانءُ سڻي ڊڄڻ لڳن ٿا. بخشو: ٻارن جي پيدائش ۾ وقفو ضروري آهي. توهان جيڪڏهن زندگيءَ جون حقيقي خوشيون ماڻڻ چاهيوٿا ته فورًا پنهنجي شهر يا ڳوٺ جي ڪنهن ويجهي آبادي رٿابنديءَ جي آفيس يا ڪلينڪ سان لهه وچڙ ۾ اچو. ان وقت سندس سڀ ٻار اچن ٿا. گاڏيءَ وانگر لائين لڳائي، انجڻ جو آواز ڪڍن ٿا. سڀ ٻار گڏجي: ڇڪ ڇُڪ. ڪُو. اُو پاڻمرادو: بسـم الله ... ڪنن ۾ آڱريون وجهندي: بخشو: خاموش...! هم آواز ٿيندي: سڀ ٻار: روڪي...! روڪي...! سڀ ٻار سندس سامهون سامعين وانگر ويهن ٿا. بخشو: خاموش...! هي گهيرو ٽوڙي ميونسپالٽيءَ جي دڪانن وانگر لائن لڳايو... شاباس...! جلدي ڪريو. بال جمپ ايڪشن ڪري ٿو. گوپ: مون کي نئون بال کپي بابا...! بخشو: هون... بال کپي! ۽ توکي...؟ مڇ وٽڻ جو ايڪشن ڪري ٿو. مُنو: زال کپي...! بخشو: ڇا چيئي...! آڱر تي بلور جو ايڪشن ڪري ٿو. مُنو: ٽيش ٽيش...! مون کي نوان ڪنچا بلور کپن بابا...! ڌڪ الاري ٿو بخشو: پڻهين به بلورن راند رهي هئي، جو هليو آ ابليس مهانڊو بلورن راند ڪرڻ...! اَڙي ندورا! تون ٻُڌاءِ، توکي ڇا گهرجي...؟ اِٽي ڏَڪر جو ايڪشن ڪري ٿو. پَپُو: چُري مُڙي ٿوٻو...! اِٽي هزار ٻي ٽي آگ نه ڏيان. فٽافٽ اِٽي ڏَڪر کپي...! بخشو: چڱو چڱو تنهنجي فرمائش به نوٽ ٿي وئي. اَڙي ڇورا! توکي ڪهڙو ڦاهو گهرجي...؟ لاٽون هلائڻ جو ايڪشن ڪري ٿو. ڪِڪو: پراڻو لاٽون وڃائجي ويو آهي. نئون لاٽون وٺي ڏيو، سو به هن وانگي...! بخشو: ڏنڱري مهانڊا...! اڙي توکي وري ڇا کپي...؟ تاس کي ٽاپي ڏيڻ جوايڪشن ڪري ٿو ۽ پڻس جي اڳيان ڪري ٿو، جيڪو ڪاٽ لاهي ٿو. دادلو: آگولا باندي، تو بن راڻي رانٽي، هيٺان بادشاهه بيڪار، مٿان يڪو گرنار..! ڇا هي بابا؟ بخشو: نولو عرف نائي...! دادلو: رب ڪندو سڻائي... نائي تي انگي اکرين ٽو روپيه ٽو پيسه پورا ڇڏايو، بابت نئين انگريچي تاش جي. بخشو: چپ ڪر جواري...! کڻيو مواليءَ جي گوڏي جهڙو ٻوٿ بيٺو آهين...! اڙي ننڍڙا وهه جا ڳنڍڙا! توکي وري ڪهڙو موچڙو کپي جو داداگيرن وانگر سيٽيو بيٺو آهين. داداگير وانگر سينو تاڻي ايڪشن ڪري ٿو. دادا: بابا...! هٿ ٻَڌندي: بخشو: پُٽ... گهر، جيڪي گهرڻو اٿنئي...! دادا: مون کي ڪيش يا چيڪ، کُلا يا ٻَڌا...صرف پئسا گهرجن.! بخشو: پئسا وري ارجنٽ گهرجن، او ڪنگال بئنڪ جا کُٿل کاتا! ماڻهين ڪا مون وٽ نوٽن واري مشين کڻي آئي هئي جو...! اڌ مان ڳالهه ڪاٽيندي: دادا: بس بابا بس...! امان جي شان ۾ ايڏي گستاخي...! هم آواز ٿي تائيد ڪندي: سڀ ٻار: اها قبول ناهي. ڇاتيءَ تي هٿ هڻندي: دادا: توهان اسان کي ڄڻيو آهي ته، اسان جا سمورا انگل به پورا ڪرڻا آهن...! ڪيئن ڀائرو...؟ گڏجي تاڙيون وڄائيندي: سڀ ٻار: بلڪل صحيح. دادا: تنهنڪري اسين توهان کي الٽيميٽم ٿا ڏيون ته اسان جي خرچيءَ جو بل فورًا اداڪريو. سڀ ٻار: پاس ڪريو! بحال ڪريو. زور سان رڙ ڪندي: بخشو: ورنه...؟ سڀ ٻار: اسان سڀ ڀڄي وينداسين. پادر لاهيندي: بخشو: ته پوءِ متان ويا آهيو...! سڀني ٻارن کي ماري ٿو. خوب گوڙ ٿئي ٿو. آواز تي ٻارن جي ماءُ ڀاڳ ڀري اچي ٿي، ٻار خوش ٿي نعرا هڻن ٿا. تاڙي جي تال تي نچن ٿا. دادا:نارائي اَمان...! سڀ ٻار: جيئي اَمان...! هو وري پادر لاهي ٻارن ڏانهن ڊوڙي ٿو. سڀ ٻار ڀڄن ۽ ڊڪن ٿا. ٿانو ٿپا ڀڄن ٿا، رڙيون ڪن ٿا. سڀ ٻار: بچايو... بچايو... بچايو... بچايو...! ڀاڳ ڀري ڇڏائڻ لاءِ وچ ۾ پوي ٿي، اتفاقًا ڌڪ لڳي ٿو وڃيس ۽ هوءَ رڙ ڪري، ڪِري پوي ٿي. ڀاڳ ڀري: آئي...! مري وئيس....! سڀ ٻار: امان...! بخشو: اڙي ڇورا...! وڃو، وڃي دائي خيران کي وٺي اچو. ٻه ٻار وڃن ٿا. بخشو بيهوش ڀاڳ ڀريءَ کي کڻي وڃي ٿو ۽ وري اچي ٿو. ٻار روئي رهيا آهن. دائي اچي ٿي، جنهن کي اندر موڪلي، سڀ دعائون گهرن ٿا. ڪجهه وقفي کان پوءِ بيڪ گرائونڊ تان ننڍڙي ٻار جي روئڻ جو آواز اُڀري ٿو. سڀ ڏڪڻ لڳن ٿا. دائي اندران ڳالهائي ٿي. دائي: ادا لک لک مُبارڪون هجانو...! سڀ: ڇاجون...؟ دائي: جاڙا ٻار ڄاوا آهن. ٻار جو ٻُڌي سڀ بيهوش ٿي ڪري پون ٿا. سڀ ٻار: هائين...! ___________ * پردوڪري ٿو*___________