وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس

ڪتاب جو نالو وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس
ليکڪ اسرار شام
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-86-4
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (452) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     9453   ڀيرا پڙهيو ويو

ڊاڪٽر اَسي، مت کَسي


جاءِ: (مَقام) خانگي ڪلينڪ سيٽ جو سامان: ميز، ڪُرسي،اسٽول، ميڊيڪل چارٽ، گُهربل ڊاڪٽري سامان، ڪلينڪ، اخبار ۽ ٽارچ وغيره. ڪردار: پيرسن ڊاڪٽر، اڻ پڙهيل ڪمپائونڊر، پوڙهو مريض (1)، ٻار مريض (2) پرڻيل مريض (3)، نوجوان مريض (4) اڌڙوٽ مريض (5) مجاور مريض (6) پردو کُلي ٿو. ڏيک: گوڏ ۽ قميص تي ٽاءِ پاتل پيرسن ڊاڪٽر اوٻاسيون ڏيندي، اُبتي اخبار پڙهي رهيو آهي. سندس لاڏلو ڪمپائونڊر کيس زور ڏئي رهيو آهي ۽ ننڊاکڙين اکين سان ڪو گانو به جهونگاري رهيو آهي. اوچتو ڊاڪٽر کي نڇ اچي ٿي. ردعمل ۾ ڪمپائونڊر اُڀ ڦاڙ رڙ ڪندي پُٺتي ڪري پوي ٿو. ڊاڪٽر تُرت اٿندي کيس سهارو ڏئي ٿو. ____________________ ڊاڪٽر: (پيار وچان) پيارا قربائتا ڪمپونڊر جمعا؟ RP: (ڪپڙا ڇنڊي ۽ ڪرسيءَ جي چوڌاري گهوماٽيون کائيندي) سائين! پيو گهمان؟ ڊاڪٽر: (ڪن جهليندي) بروبر، بروبر! يعني تنهنجو ڪم گُهمڻ ۽ منهنجو ڪم ڦِرڻ. سمجهه ۾ ته اچي پيو، پر تو واري اها ڳالهه، اڃا به سمجهدانيءَ کان ايئن ٻاهر آهي، جيئن مڇردانيءَ کان ٻاهر محترم مڇر صاحبان! RP: ڪهڙي ڳالهه ڊاڪٽر سائين، اسي مت کسي صاحب؟ ڊاڪٽر: (ٽَنگ ٽَنگ تي رکندي) ڏي خبر، منهنجا دلبر ڪمپونڊر! اڄ ڪيترا مريضَ کُٽا؟ RP: آڱرين تي ڳڻپ ڪندي) پنج ڏون ڏهه! ڊاڪٽر: (رڙ ڪري اُٿندي) اڙي چريا چيٻٽ جمعا؟ RP: (گول ڦيرو ڪندي) سائين پيو گهمان؟ ڊاڪٽر: (ڏندن تي آڱر ڏيندي) حيرت آهي، مون ته ڪلهه يارهن مريضن کي دوا ڏني هئي! RP: سائين اسي مت کسي صاحب، پڪ سان هڪڙي مريض دوا ڪونه پيتي هوندي. ڊاڪٽر: (خفا ٿيندي) چڱو چڱو، مٿو نه کاءُ، ٻاهر ورانڊي ۾ اُبتو وڃ. جيڪي به مريض آيا هجن، اُنهن سڀني کي سُبتو موڪل، جمعا؟ RP: (اُبتو ڦيرو ڏيندي ۽ اُبتوٻاهر ويندي) سائين پيوگُهمان. بس اوهان جي حڪم جي تعميل ۾ پيو وڃان! (هدايتون: ڪمپائونڊر اُبتي پير جهونگاريندو ٻاهر وڃي ٿو. ڊاڪٽر ڪرسيءَ تي ويهندي پاڻ کي تپاسڻ لڳي ٿو. ايتري ۾ سمورا مريض اشارن، ڪناين ۽ آوازن سان گڏ سلام ڪري رکيل ڊگهي بينچ تي ويهڻ شروع ڪري ڏين ٿا. ڊاڪٽر جوابي سلام ڏئي ٿو.) ڊاڪٽر: (مريض نمبر1 پوڙهي سان مخاطب ٿيندي) وڏا! اوهان کي ڪهڙي تڪليف آهي؟ مريض: (ڏڪندي) ڪهڙي تڪليف ٿا پڇو ڏاڪدر صاحب! سڄي رات سيءَ ۾ ڏڪيو آهيان. ڊاڪٽر: ڇا سيءَ ۾ ڏند به ٿڙڪي رهيا هئا؟ مريض: اُن ڳالهه جي خبر ته ناهي، ڇو ته مون پنهنجي ٻٽيهي لاهي رکي ڇڏي هئي. (هدايتون: ڊاڪٽر پوڙهي مريض نمبر1 کي پرچيءَ تي ٻه-ٽي اکر لکي ڏئي ٿو ۽ هُو ڊاڪٽر کي سلام ڪندي ٻاهر هليو وڃي ٿو.) ڊاڪٽر: (مريض نمبر2 کي تپاسيندي) پُٽ! توکي ڇا ٿيو آهي؟ مريض ٻار: سائين! مون کي پيٽ ۾ سُور آهي. ڊاڪٽر: (پيٽ تي هٿ لائيندي) پيٽ ۾ سُور ڪڏهن کان پوڻ شروع ٿيو آهي؟ مريض ٻار: جڏهن کان اسڪول ۾ داخل ٿيو آهيان. (هدايتون: ڊاڪٽر ڀُڻ ڀُڻ ڪندي، ٻالڪ مريض کي پرچي لکي ڏئي ٿو. ٻالڪ ٻئي هٿ پيٽ مٿان رکي سُور واري ڪيفيت جو اظهار ڪندي ٻاهر نڪري وڃي ٿو.) ڊاڪٽر: (مريض نمبر3 سان مخاطب ٿيندي) اوهان سان ڪهڙي ويڌن آهي؟ مريض: مون سان ته ڪابه ويڌن ڪونهي ڊاڪٽر صاحب، پر مسئلو اهو آهي ته منهنجي گهرواريءَ کي تمام گهڻو سُور رهي ٿو، جنهن ڪري هوءَ هر وقت ٽي ويءَ وانگر وڄندي رهي ٿي. ڊاڪٽر: گهٻرائڻ جي ڪابه ڳالهه ناهي،منهنجا مريض محترم! اوهان آرام سان وڃي، منهنجي في ٻڌايوس! پوءِ به سُور نه لهيس ته هڪ ٻيو ٽي وي چينل ڏيکاريوس، جنهن ۾ ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين، جسماني ورزش ڪرائڻ وارا جديد گانا هوندا آهن... پوءِ به احتياط طور جاڳڻ واريون گوريون لکي ڏيان ٿو. (هدايتون: ڊاڪٽر پرچي لکي، مريض کي ڏئي ٿو. هُو پرچي وٺي ٻاهر وڃي ٿو.) ڊاڪٽر: (نوجوان مريض نمبر4 کي ڏسندي) جوان جاني مريض! حال احوال ڪر، تون منهنجو پراڻو مريض آهين. مون کي پڪ آهي ته تو اڄ آرام سان ماني کاڌي هوندي. مريض: نه نه ڊاڪٽر صاحب! اڄ ماني ڀاڄيءَ سان کاڌي اٿم. (هدايتون: ڊاڪٽر پرچي لکي ڏئي ٿو. مريض ٻاهر وڃي ٿو.) ڊاڪٽر: (آخري مريض مجاور کي چڪاسيندي) بيماري بيان ڪر بابا! مريض: آئون ايترو غريب آهيان ڊاڪٽر صاحب، جو اوهان جي في به نٿو ڀري سگهان، پر اوهان منهنجو کوٽ کوٽان علاج ڪندا ته بدلي ۾ اوهان جي خاندان جو مفت ۾ ڪم ڪندس! ڊاڪٽر: (واڇون ٽيڙيندي) تون ڪهڙو ڪم ڪندو آهين؟ مريض: سائين! آئون قبرون کوٽيندو آهيان. (هدايتون: پرچي لکي، مريض کي ڏئي ٿو، هو پڙهي بيهوش ٿي وڃي ٿو. ڊاڪٽر پنهنجي منهن ڀُڻ ڀُڻ ڪندي هن مريض کي پنهنجن ڪُلهن تي کڻي ٻاهر نڪري وڃي ٿو.) ___________ * پردوڪري ٿو*___________