وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس

ڪتاب جو نالو وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس
ليکڪ اسرار شام
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-86-4
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (452) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     9461   ڀيرا پڙهيو ويو

ڪلاس روم


ائڪٽ- 1 جاءِ: ڪلاس روم وقت: صبح ڪردار: استاد (ڪلاس ٽيچر) والد (هڪ شاگرد جو پيءُ) هڪ مانيٽر ۽ 14 شاگرد ڏيک: ڪلاس روم جو اندروني منظر آهي. سڀ شاگرد موجود آهن. شاگردن جو وڏو تعداد گوڙ ۽ شور ۾ مصروف آهي. ڪي مستيون ۽ مشڪريون ڪن پيا، ته ڪي هڪ اڌ پڙهائي ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچن ٿا. استاد لاءِ رکيل ميز تي حاضري رجسٽر ۽ ان مٿان رکيل لڪڻ نمايان آهي. پردو کُلي ٿو. استاد اوچتو اندر داخل ٿئي ٿو ته، شاگرد خاموشيءَ سان ادب وچان اٿي بيهن ٿا. ____________________ استاد: (ويهڻ جو اشارو ڪندي) ويهو، ويهو، ويهو. (استاد سميت سڀ شاگرد ويهن ٿا. استاد سڀن کي دستوري ”اُٿ ويهه“ ڪرائي ٿو، جنهن ۾ پاڻ به شاگردن سان گڏ اٿڻ ويهڻ جو عمل ڪري ٿو.) استاد: اسٽينڊ اپ...، سِٽ ڊائون ...، سِٽ ڊائون ...، اسٽينڊ اپ. ويهي رهو....، اٿي بيهو...، اٿي بيهو...، ويهي رهو. اٿو ويهو، ويهو اٿو، ويهو اٿو، اٿو ويهو. مانيٽر: (اٿندي) سر! استاد: ها، چئو! مانيٽر: سائين طبيعت ٺيڪ آهي نه؟ استاد: هان! طبيعت منهنجي ٺيڪ هجي نه هجي ۽ موڪل وري توکي کپندي هوندي. ائين نه! ويهي رهه. (حاضري رجسٽر کولي ٿو ۽ پين ڪڍي حاضري وٺڻ شروع ڪري ٿو.) امداد علي. امداد: (اٿندي) حاضر سائين. استاد: امتياز علي؟ امتياز: (اٿندي) حاضر سائين. استاد: شبير احمد؟ شبير: (اٿندي) حاضر سائين. استاد: عبداللطيف؟ عبداللطيف: (اٿندي) حاضر سائين. استاد: غلام رياض؟ رياض: (اٿندي) حاضر سائين. استاد: محبوب علي؟ محبوب: حاضر سائين. استاد: نورمحمد؟ نورمحمد: حاضر سائين. استاد: غلام شبير؟ غلام شبير: حاضر سائين. استاد: نبي بخش؟ نبي بخش: حاضر سائين. استاد: حاڪم علي؟ حاڪم علي: حاضر سائين. استاد: ذوالفقار؟ ذوالفقار: حاضر سائين. استاد: خادم حسين؟ خادم: حاضر سائين. استاد: وزير علي؟ مانيٽر: غيرحاضر سائين! استاد: (رجسٽر بند ڪندي ۽ ڏنڊوڏيکاريندي) هيءُ ڇا آهي؟ سڀ شاگرد: (گڏجي) مولابخش. استاد: شاباس! جيڪي شاگرد هن کي ياد ڪندا، ان جا ٻيڙا پار ٿيندا. ها! اڄ پڙهائي ڪانه ٿيندي، پر ”ٻڙهائي“ ٿيندي. اوهان جا امتحان خيرن سان ختم ٿي چڪا آهن ۽ اوهان کي ڪالهه ٻڌايو ويو هو ته اوهان جي اسڪول ۾ بخشڻ اچي رهيو آهي. سڀ شاگرد: (گڏجي) بخشڻ؟! استاد: اوه، بخشڻ نه، پر ’ڦنڪشڻ‘ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ عام معلومات جي چٽاڀيٽيءَ جو پروگرام ٿيندو. مون کي اميد آهي ته اڳئين سال جيان، هن سال به مقابلو هارائي، منهنجو نالو ضرور روشن ڪندا. سڀ شاگرد: (هم آواز ٿي) ها سائين. استاد: عام معلومات لاءِ تياري ڪري آيا آهيو؟ سڀ شاگرد: (هم آواز ٿي) ها سائين. استاد: جيڪو به سوال ڪريان، هٿ مٿي کڻجو، جنهن کان پڇان، اهو ٻُڌائيندو. گهٻرائڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. جواب صحيح هئڻ کپي. ٺيڪ آهي؟ سڀ شاگرد: (هم آواز ٿي) ها سائين. استاد: امتياز! ٻُڌاءِ، هماليه جبل ڪٿي آهي؟ امتياز علي: (اُٿندي) سائين مون کي خبر نه آهي. استاد: (ورچندي) پهرين ٽڪي کير ڀري، اٿي بيهه بينچ تي! امتياز: (بيهندي) سائين هتان ڏسڻ ۾ ايندو ڇا؟ استاد: اڙي چپ! چڱو ٻُڌايو، غيرآباد زمين ڇاکي چوندا آهن؟ (سڀ هٿ مٿي کڻن ٿا) امداد علي: (اُٿندي) سائين آئون ٻُڌايان؟ استاد: ٻُڌاءِ. امداد: غيرآباد زمين ان کي چوندا آهن، جتي آبادي نه ٿيندي هجي. استاد: مثال طور؟ امداد: اوهان جي ٺوڙهه! استاد: (ڇرڪندي) اونهه! جواب ته درست آهي. پر...، خير خير، ويهه. چڱو، ٻُڌايو دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ خطرناڪ شيءِ ڪهڙي آهي؟ شبير تون ٻُڌاءِ. شبيراحمد: (اٿندي+ ڏڪندي+ ڳيت ڏيندي) آئون ٻُڌايان سائين؟ استاد: ها، توکان پيو پڇان! دنيا ۾ خطرناڪ شيءِ ڪهڙي آهي؟ شبير احمد: سائين اوهان جو هٿ! استاد: (پُٺي ٺپيريندي) شاباس! ۽ ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم،جنهن سان تپ چڙهي وڃي؟ شبير احمد: اسڪول جو ڪم!! استاد: (رڙ ڪري) جواب درست آهي. تون پڪ منهنجو نالو بڇڙو... اوهه بڇڙو نه، پر روشن ڪندين! تاڙيون...! (سڀ شاگرد تاڙيون وڄائين ٿا، جنهن دوران هڪ شاگرد عبدالستار اندر اچڻ چاهي ٿو) عبدالستار: (اجازت وٺندي) مي آءِ ڪم اِن سَر؟ (May I come in Sir) استاد: (ڏنڊو تيار ڪندي) ڪم اِن! عبدالستار: (ويجهو ايندي) ’سائين سلاماليڪم‘؟ استاد: (ڪن کان جهليندي) ’ماليڪم سلام‘، اڙي دير ڪري ڇو آيو آهين؟ عبدالستار: سائين، بابا صبح سان ذري گهٽ مار ٿي ڪڍي مون کي! استاد: ڇو، پڻهين رٽائرڊ ماستر آهي ڇا؟ عبدالستار: نه سائين، اها ڳالهه ناهي. استاد: پوءِ معاملو ڇا آهي، بيان ڪيو وڃي. عبدالستار: سائين! بابا چيو ته مٺائي کاراءِ، امتحان ۾ پاس ٿيو آهين. استاد لاءِ به مٺائي کنيو وڃ. استاد: سلام آهي تنهنجي پيءُ کي. عبدالستار: ’ماليڪم سلام‘. استاد: (دڙڪو ڏيندي) مٺائي ڪٿي آهي؟ عبدالستار: سائين! رستي ۾ هيڊماستر صاحب مليو، اهو کڻي ويو. استاد: (منهن بڇڙو ڪندي) چڱو چڱو، هل، اٿي بيهه بينچ تي. (عبدالستار بينچ تي بيهي رهي ٿو.) استاد: ها، مون ڪٿي ڳالهه ڇڏي؟ مانيٽر: (اٿندي) اُٿي بيهه بينچ تي! استاد: (رڙ ڪندي) مانيٽر؟ مانيٽر: جي سر! استاد: منهنجي اکين اڳيان ٽر! مانيٽر: ڇو سر؟ استاد: اڙي ڪمبخت، نالائق، مون کي چوين ٿو ته ”اُٿي بيهه بينچ تي“! مانيٽر: سائين مون توهان کي ٿورئي چيو، توهان جتي ڳالهه ڇڏي،اها توهان کي پڇڻ تي ٻُڌايم. استاد: (ڦڪو ٿيندي) ڏاڍو هوشيار ٿي ويو آهين. مانيٽر: (خوش ٿيندي) آخر اوهان جو شاگرد آهيان! استاد: واقعي، پار مون وارا ئي آهن تو ۾! پر ڪنهن ڪنهن مهل پارو چاڙهيو ڇڏين. استاد: عبداللطيف؟ عبداللطيف: جي سائين! استاد: تون ڏاڍو سٺو ۽ فرمانبردار شاگرد آهين. رسيس ۾ ڳنڍا قلفيون پاڻ کائيندو آهين ته مون کي به... سمجهي وئين نه! عبداللطيف: ها سائين. استاد: تنهنڪري، ’برف‘ کي جملي ۾ استعمال ڪري ڏيکار. عبداللطيف: پاڻي تمام ٿڌو آهي. استاد: اڙي، جملي ۾ ’برف‘ جو ته ذڪر ئي ڪونهي. عبداللطيف: (معصوميت سان) سائين! جملي ۾ برف ڳري ويئي، ان ڪري هاڻي صرف پاڻي ٿڌو بچيو آهي! استاد: شاباس...! اڙي رياض، تون وري ڇو ٻوٿ سڄايو ويٺو آهين؟ رياض: سائين طبيعت ٺيڪ ڪانهي. استاد: هڻئين مولابخش؟ رياض: (ڏڪندي) هاڻي طبيعت ٺيڪ ٿي ويئي!! استاد: چڱو ٻُڌاءِ، اهو ڏينهن ڪهڙو سٺو هوندو آهي، تنهنجي لاءِ، جنهن تي تون ڏاڍو خوش گذاريندو آهين؟ رياض: سچي پچي ٻُڌايان؟ ماريندؤ ته ڪونه؟ استاد: ڪونه مريندس، ٻُڌاءِ! رياض: آئون ان ڏينهن تي ڏاڍو خوش هوندو آهيان سائين، جنهن ڏينهن تي اوهان اسڪول ۾ ڪونه هوندا آهيو. استاد: جواب درست آهي. تاڙيون...! (سڀ گڏجي تاڙيون وڄائين ٿا) استاد: هٿ مٿي کڻو. (سڀ هٿ کڻن ٿا) ۽ دعا ڪريو ته سڀني استادن کي گهر ويٺي پگهار ملي ۽ سدائين اسڪول بند هجن ته اسان جي به جان آجي ۽ توهان جي به جند ڇُٽي پوي. سڀ شاگرد: (گڏجي) آمين. استاد: ياد رکو! اسان جهڙا استاد وري نه ملندوَ. محبوب: سائين ملندا وري ڪيئن ڪونه؟ استاد: سڀ سرڪاري اسڪول ڀريا پيا آهن. ڏاڍو شرير آهين. ڪِنا نڪ جا مُنا ويهي رهه. نورمحمد: سائين هاڻي انگريزيءَ ۾ سوال ڪريو. استاد: ڀلا انگريزيدان! ڀيڻ کي انگريزيءَ ۾ ڇا چوندا آهن؟ نورمحمد: سسٽر. استاد: ڀاءُ کي؟ نورمحمد: ٽرانسسٽر! استاد: سڀاڻي کي؟ نورمحمد: (سوچيندي) ڪونه ٿو اچي. (شاگرد هٿ مٿي کڻي لوڏين ٿا) استاد: غلام شبير! تون ٻُڌاءِ. غلام شبير: انگريزيءَ ۾ سڀاڻي کي ”ٽومارو“ چوندا آهن. استاد: پرينهن کي؟ غلام شبير: سائين، ڪونه ٿو اچي. استاد: ويري گڊ...، ’ٽو مارو ‘ جمعو آهي يا،... ڇانالو اٿئي، ها، نبي بخش تون ٻُڌاءِ؟ نبي بخش: چاچا جمعو آهي. استاد: ۽ هڪ مارو؟ نبي بخش: چاچا عبدالواحد آهي. استاد: رائيٽ، ڪَکَ جو جمع ڪير ٻڌائيندو؟ (سڀ شاگرد هٿ مٿي کڻن ٿا) استاد: ها حاڪم تون ٻُڌاءِ. حاڪم علي: ڪَکَ جو جمع ’ٻُهارو‘ ٿيندو. اُستاد: ڀلا! ’سُٿڻ‘ گرامر ۾ ڇا آهي، واحد يا جمع؟ حاڪم علي: مٿان واحد، هيٺان جمع! ذوالفقار: (اجازت وٺندي) مي آءِ ڪم اِن سر! استاد: ٻُڏي مر! اڙي هيڏانهن اچ، هيڏانهن اچ (واچ ڏسندي) اسڪول ۾ هيءُ اچڻ جو ٽائيم آهي؟ ذوالفقار: سائين مون کي ڪهڙي خبر، اڄ توهان اسڪول ايندؤ! توهان ته مهيني کان پوءِ اچي، صحيحون ڪري هليا ويندا آهيو. استاد: (ڪاوڙجندي) مون کي منهنجي سوال جو جواب ڏي! دير سان ڇو آيو آهين؟ ذوالفقار: سائين توهان ئي ته چوندا آهيو: ”تڪڙ ڪم شيطان جو“، ٻيو وري رستي تي بورڊ لڳل هو، جنهن تي لکيل هو: ”اڳتي اسڪول آهي، آهستي هلو. ان ڪري...! والد: (هڪ شاگرد جو پيءُ اندر داخل ٿيندي) ’سلا ماليڪم‘؟ (سڀ شاگرد اُٿي بيهن ٿا) استاد: واليڪم سلام، ڪيئن اچڻ ٿيو؟ والد: هتان گذر ٿيو. سوچيم ته اوهان کان پڇندو وڃان ته مون واري ڇوڪري خادم حسين ۾ پڙهڻ جا ڪي افعال آهن يا ڪريانس ڌَڻ جي بلي. استاد: سائين اوهان جو پُٽ تمام گهڻو هوشيار آهي.هيل امتحان ۾ ته اسڪول جو پويون رڪارڊ به ڀڃي ڇڏيو اٿس. والد: (حيرت ۽ ڪاوڙ وچان) هان! هن نڀاڳي گهر جا ٿانوَ ٿپا، گلاس، شيشا ڀڃڻ کان پوءِ اسڪول جو رڪارڊ به ڀڃي ڇڏيو آهي. (ماسترکان ڏنڊو ڦُريندي) اڄ وري آئون تنهنجا هڏ گُڏ ڀڃي ڇڏيندس. (لُوهه ڪندي) متان ويو آهين! ردعمل: والد ڇوڪر کي ماري ٿو. وچ ۾ ماستر ۽ شاگرد پون ٿا، جن کي پڻ ڌَڪ لڳن ٿا. نينگر خادم هيڏانهن هوڏانهن بچاءَ ۾ ڊوڙون پائي ٿو. گوڙ بُلند ٿئي ٿو. خادم اڳيان، والد، استاد ۽ شاگرد ڪلاس کان ٻاهر نڪرن ٿا. ___________ * پردوڪري ٿو*___________