وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس

ڪتاب جو نالو وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس
ليکڪ اسرار شام
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-86-4
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (452) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     9460   ڀيرا پڙهيو ويو

مهاڳ


سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ لکيل ناٽڪن جي ارتقا: هڪ جائزو منهنجي آڏو اسرار شام جي ٻارن لاءِ لکيل ناٽڪن جو مجموعو پيو آهي ۽ مون کي هڪڙو زبردست موقعو مليو آهي ته آءٌ ان جي مهاڳ لکڻ جي بهاني، سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ لکيل ناٽڪن جي ارتقا جو به ڇيد ڪريان، جو ان موضوع تي تحقيقي ڪم ڪرڻ جي اشد ضروررت آهي. جيتوڻيڪ سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ ڪيترا ناٽڪ لکيل آهن، انهن مان ڪي ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهن ته ڪيترائي اسٽيج تي ادا ۽ ريڊيي تي صدا ڪيل آهن؛ پر هن سلسلي ۾ گهڻو ڪري ورهاڱي کان پوءِ اهو سڄو ڪم هندستان ۾ ٿيو آهي. سنڌ ۾ هي ورهاڱي کان پوءِ ٻارن جي ناٽڪن جو پهريون مجموعو ڇپجي رهيو آهي، جيڪو هڪ اهڙي شخص جو لکيل آهي، جنهن جي ذات جا ٻه حوالا آهن؛ هڪ سنڌي ٻاراڻو ادب ۽ ٻيو سنڌي ناٽڪ. ٻارن جي ناٽڪن جو هي ڪتاب ”وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس“اسرار شام جي ٻنهي حوالن جو امتزاج آهي. هتي آءٌ، هن ڪتاب ۾ موجود ناٽڪن تي لکڻ کان اڳ چاهيندس ته سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ لکيل ناٽڪن جي ارتقا جو، ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جو ڇيد ڪريان ته جيئن اسان لاءِ هن موضوع تي وڌيڪ تحقيقي ڪم ڪرڻ لاءِ راهه هموار ٿي سگهي. سنڌيءَ ۾ لکيل ناٽڪن جا ڪيترائي موضوع ۽ قسم آهن، پر ٻارن لاءِ لکيل ناٽڪن جا موضوع گهڻو ڪري مزاحيه ۽ اصلاحي رهيا آهن. جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو ته ورهاڱي کان پوءِ سنڌيءَ ۾ ٻارن جي ناٽڪن تي ڪم رڳو هندستان ۾ ٿيو آهي، ۽ هندستان ۾ ڇپيل ڪيترائي اهڙا حوالاجاتي ۽ تحقيقي ڪتاب ميسر آهن، جن کي آڏو رکي ناٽڪن جي ارتقا جو ڇيد ڪري سگهجي ٿو، پر هن ڏس ۾ ورهاڱي کان پوءِ واري صورتحال ڪجهه مختلف آهي. هن موضوع تي ڪم ڪندي، جڏهن مون سنڌي ادب جون مختلف تاريخون ڦلورڻ شروع ڪيون ته ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ مختلف ناٽڪ منڊلين پاران پيش ڪيل ۽ ڪتابي صورتن ۾ شايع ٿيل ناٽڪن بابت ڪيترائي مونجهارا سامهون آيا؛ مثال طور: ڇا سمورا ننڍا ۽ مزاحيه، نصيحت آموز ۽ اصلاحي ناٽڪ ٻارن لاءِ هئا؟ ڇا اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ برپا ڪيل ڊرئميٽڪ سوسائٽين جا ناٽڪ ٻارن لاءِ ئي پيش ڪيا ويندا هئا؟ اهي ساڳيا مونجهارا سنڌيءَ ۾ ٻارن جي ادب جي تاريخ تي ڪم ڪندي به منهنجي سامهون پئي آيا آهن. اهڙيءَ ريت. ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي گرامر (1949) جي ضميمي ۾ ڏنل آکاڻي ”شهزادي امل ماڻڪ ۽ شهزادي حسين پريءَ جي آکاڻي“، پنڊت بنسي ڌر جي هندي قصي تان ورتل غلام حسين قريشيءَ جي ڪهاڻي ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ (1854)، ساڳئي پنڊت بنسي ڌر جي هڪ ٻئي هندي قصي تان اُلٿو ڪيل ميران محمد شاهه)اول( جي ”سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري جي ڳالهه“ (1855)“ ۽ ٻين اوائلي آکاڻين بابت به آئون هڪ وڏي عرصي کان وٺي مونجهاري جو شڪار هئس ته ڇا اهي خاص طور تي ٻارن لاءِ لکيون ويون هيون؟ پر جيئن ته انهن جو متن (Contents) موجود آهي، جنهن جي پيرايي ۽ ٻوليءَ مان اندازو ٿي وڃي ٿو ته اهي ٻاراڻيون آکاڻيون آهن. پر ناٽڪن جي سلسلي ۾ اڃا به مونجهارا درپيش آهن، وڏيءَ ڪوشش جي باوجود مون کي انهن جو متن (Contents) نه ملي سگهيو آهي، البت وڏي احتياط سان انهن جي موضوعن ۽ ڪردارن کي سامهون رکي، هتي پنهنجي راءِ هن ريت پيش ڪريان ٿو ته: 1894ع ۾ سنڌ ۾ پهرين سنڌي ناٽڪ منڊلي ”ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊرئميٽڪ سوسائٽي“ قائم ٿي ۽ ناٽڪن جي لکجڻ ۽ پيش ڪرڻ جو سلسلو باقاعدي شروع ٿيو. شروعاتي سالن ۾ جيتوڻيڪ هن ناٽڪ منڊلي باقاعدي ٻارن لاءِ ڪو خاص ناٽڪ نه پيش ڪيو (۽ نه ئي شايد لکيو ويو)، پر مرزا قليچ بيگ جي مزاحيه ننڍن ناٽڪن: ”لوڀي ۽ ٺوڳي“ (1894)، ”نيم حڪيم خطره جان“ (1897)، ”شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو“ (1899) وغيره جي نالن ۽ موضوعن مان اندازو ٿئي ٿو ته اهي وڏن سان گڏ ٻارڙن لاءِ دلچسپ هوندا هئا. بعد ۾ هن ئي ناٽڪ منڊليءَ پهريون ڀيرو سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ باقاعدي ناٽڪ ”سنگ جو پرسنگ“ پيش ڪيو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي وڏي عالم ديوان ڪوڙي مل چندن مل کلناڻيءَ 1905 ۾ لکيو ۽ ساڳئي سال پيش ڪيو ويو. سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ هي پهريون ناٽڪ هو، جنهن ۾ اسڪولي ڇوڪرن کي سٺي سنگت رکڻ لاءِ نصيحت ٿيل هئي. هيءُ ناٽڪ بعد ۾ اسڪولي شاگرد پنهنجي اسڪولن ۾ ڪندا هئا. ديوان ڪوڙومل چندن مل کلناڻي، سنڌيءَ جو اهو عالم آهي، جنهن مون کي، سنڌيءَ ۾ ٻارن جي ادب تي تحقيق دوران بيحد متاثر ڪيو آهي. 1853ع ۾ عربي سنڌي لپيءَ جي رائج ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي جن عالمن ۽ اڪابرن سنڌيءَ ۾ مختلف موضوع تي بنيادي ڪم ڪيو، تن ۾ ديوان ڪوڙي مل جو نالو ته هونئن ئي اڳيان اڳيان هو، پر گڏوگڏ ديوان صاحب ئي اهو پهريون شخص هو، جنهن ٻارن لاءِ سڀ کان پهريان ڪهاڻين ۽ شعرن جا طبعزاد ڪتاب لکيا. ان کان اڳ سيد ميران محمد شاهه اول جو ٻاراڻين ڪهاڻين جو ڪتاب ”مفيد الصبيان“ (1861) سنڌيءَ ۾ ٻارن جي آکاڻين جو پهريون ڪتاب آهي، پر ڇاڪاڻ ته اهي آکاڻيون اصلوڪيون نه هيون ۽ هنديءَ تان ورتل هيون، ان ڪري ديوان ڪوڙي مل چندن مل کلناڻيءَ جو ڪتاب ”ٻاراڻيون آکاڻيون“ ئي سنڌيءَ ۾ ٻارن جي اصلوڪين آکاڻين جو پهريون مجموعو آهي، جيڪو 1891ع ۾ شايع ٿيو. (1) ساڳئي سال يعني 1891ع ۾ ديوان ڪوڙي مل ٻارن لاءِ شعرن جو مجموعو ”ٻاراڻا شعر“ پڻ لکيو ۽ ڇپايو، جيڪو پڻ سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ لکيل شعرن جو پهريون مجموعو آهي. ساڳيءَ طرح اهو ديوان ڪوڙو مل چندن مل کلڻاڻي ئي هو، جنهن سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ پهريون ناٽڪ 1905ع ۾ ”سنگ جو پرسنگ“ لکيو. هي اهو دور هو، جنهن ۾ سنڌ اندر ناٽڪ جي اوسر ٿي ۽ سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ناٽڪ منڊليون قائم ٿيڻ لڳيون. اڪثر ناٽڪ منڊليون سنڌ جي ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ قائم ٿيون، جن ۾ شاگرد ئي حصو وٺندا هئا. انهن ناٽڪ منڊلين ۾ پيش ٿيندڙ ناٽڪن جي موضوعن ۽ ڪيفيت کي ڏسبو ته اهي هڪ ئي وقت وڏن ۽ ٻارن لاءِ دلچسپي ۽ سکيا جو باعث هئا. ڌرمي ناٽڪن کي ڇڏي، اڪثر ناٽڪن جا موضوع سماجي يعني”سماجي براين کان بچڻ، سٺي دوستي رکڻ، تعليم پکيڙڻ، قرض جي مرض کان بچڻ وغيره“ جهڙا هوندا هئا، جڏهن ته انهن ناٽڪن جا اداڪار به سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جا شاگرد هوندا هئا، ان ڪري اهي ٻارن لاءِ وندر ۽ سکيا جو سبب هوندا هئا. ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ پاران 1908ع ۾ پيش ڪرايل مرزا قليچ بيگ جو ناٽڪ ”گشت ڪي ڪشٽ“ ۽ ليلارامسنگ وطڻمل جا ٻه ناٽڪ ”شاهه عادل خان“ ۽ ”لوڀي لاکيڻا“ پڻ اصلوڪا ننڍا ناٽڪ هئا، جي شاگردن ۾ گهڻا مقبول ٿيا. اهڙيءَ ريت مرزا قليچ بيگ جا 1911ع ۾ ”حرڪت ۾ برڪت“ 1915ع ۾ ”شهزادو بهرام“ ۽ ”پرهيز جي ٽولي“ پڻ ساڳي ناٽڪ منڊلي، ڪراچيءَ وارن پيش ڪيا، جيڪي ٻارن سان گڏ وڏن لاءِ سکيا ۽ وندر جو سامان هئا. اهڙيءَ ريت ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ پاران پيش ڪيل ناٽڪن ۾، خاص طور تي ٻارن لاءِ لکيل ناٽڪ ”سنگ جو پرسنگ“ ئي پيش ڪيو ويو، جڏهن ته مٿي ذڪر ڪيل مرزا قليچ بيگ ۽ ليلارامسنگ وطڻمل جا ننڍا، مزاحيه ۽ اصلاحي ناٽڪ پڻ ٻارن لاءِ وندر ۽ سکيا جو ذريعو هئا. سال 1919ع ۾ سنڌ جي برک عالم ۽ اديب لعل چند امرڏني مل ”نيو هاءِ اسڪول ڊرئميٽڪ سوسائٽي“ ڪراچيءَ ۾ قائم ڪئي، جنهن پاران ساڳئي ئي سال لعل چند جو ديس جي آزاديءَ تي لکيل پنهنجو ئي ڊرامو ”ڀارت ڄاوا اٿي جاڳ“ اسڪول جي ٻارن پيش ڪيو، جنهن مان ٿيل آمدنيءَ کي اسڪول جي غريب ٻارن جي ڀلائيءَ تي خرچ ڪيو ويو.(1) هي ناٽڪ وڏن اسڪولي شاگردن لاءِ هڪ اتساهي ناٽڪ هو. ان دوران، ٻارن جي هڪ اهم ناٽڪ منڊلي ”آس جي ٽولي“ساڌو هيرانند اڪيڊمي اسڪول (موجوده گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر1، حيدرآباد) جي شاگردن 1920ع ۾ قائم ڪئي. هيءَ ناٽڪ منڊلي پنهنجي سالياني اسڪول تقريبن ۽ ٻين موقعن تي راڻي باغ ۾ اصلاحي ناٽڪ پيش ڪندي هئي. هن اسڪول جي شاگردن سان رِيس ڪندي ساڳئي سال يعني 1920ع ۾ ئي ديوان پرڀداس شيوڪرام نووديالا هاءِ اسڪول (بعد ۾ ماڊل هاءِ اسڪول، اولڊ ڪئمپس، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد ۽ هاڻي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هاءِ اسڪول) پاران ”نووديالا هاءِ اسڪول آس جي ٽولي“ نالي هڪ ناٽڪ منڊلي برپا ڪئي وئي. هيءُ ناٽڪ منڊلي پڻ اڪثر راڻي باغ ۾ اسڪول جي ساليانن جلسن ۽ تقريبن ۾ اصلاحي ۽ ،مزاحيه ناٽڪ پيش ڪندي هئي. 1927ع ۾ شاهاڻي اسڪول ڪراچيءَ جي شاگردن هڪ ناٽڪ منڊلي ”شاهاڻي اسڪول ناٽڪ منڊلي“ قائم ڪئي، جيڪا پنهنجي اسڪول ۾ مختلف ناٽڪ پيش ڪندي هئي. هن ناٽڪ منڊليءَ جي پيش ڪيل ناٽڪن جو هدايتڪار اڪثر ڪري پروفيسر منگهارام ملڪاڻي هوندو هو. ”ٽي پارٽي“ نالي ناٽڪ مزاحيه ناٽڪ هو، جيڪو اسڪولي شاگردن ۾ گهڻو مقبول ويو. اهڙيءَ ريت 1939ع ۾ ميرپور خاص مدرسي ۾ ”اسڪول ناٽڪ منڊلي، ميرپورخاص“ قائم ٿي، جيڪا”تعليم پکيڙيو تحريڪ“ جي سلسلي ۾ اصلاحي ناٽڪ پيش ڪندي هئي. هنن ناٽڪ منڊلين سان گڏ سنڌ جي ٻين به ڪيترن ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ ناٽڪ منڊليون قائم ٿيون، جن ۾ ٻارن جي دلچسپيءَ جا ناٽڪ پيش ٿيندا رهيا. هتي هن ڳالهه کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اهو ضروري نه آهي ته اسڪولن ۾ قائم ٻارن جون ناٽڪ منڊليون رڳو ٻارن جي ئي نفسيات کي آڏو رکي ناٽڪ پيش ڪنديون هيون، انهن جي پيش ڪيل ناٽڪن ۾ ڪيترائي سماجي موضوعن وارا وڏا ناٽڪ به اچي وڃن ٿا، پر ان ڳالهه کي به رد نٿو ڪري سگهجي ته اسڪولي ٻارن جا پيش ڪيل ناٽڪ ساڳئي وقت ٻارن لاءِ به دلچسپي ۽ سکيا جو ڪارڻ هوندا هئا. سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ باقاعدي ناٽڪ جيڪو ڇپيل صورت ۾ ملي ٿو، اهو آهي ”فسادي ڦوڪڻو“. هي ناٽڪ ٻارن لاءِ کلائيندڙ ۽ مزاحيه ناٽڪ هو، جيڪو ڄيٺانند ناگراڻيءَ جو لکيل هو. ٻارن لاءِ لکيل اهو زبردست ناٽڪ 1933ع ۾ ڪوڙي مل ساهت منڊل پاران چئن ناٽڪن جي مجموعي ”چار چهچٽا“ ۾ ڇپيل آهي. هي ناٽڪ باقاعدي ٻارن جي ذهني سطح کي سامهون رکي لکيو ويو. اهڙيءَ ريت 1931ع ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جو ”سنڌ ڪاليج مسلنيءَ“ ۾ ڇيپل ناٽڪ ”ناخلف“ جيتوڻيڪ سڌيءَ ريت ٻارن لاءِ ڪو مزاحيه ناٽڪ نه هو، پر ان جو مقصد اهو ئي هو ته وڏڙن کي پنهنجي اولاد کي زبردستيءَ پنهنجي اباڻي ڌنڌي ۾ نه لڳائڻ گهرجي، پر سندن چاهه ۽ اهليت موجب پنهنجو آئيندو ٺاهڻ جو موقعو ڏجي. ساڳيءَ طرح ”اين جي وي هاءِ اسڪول مخزن“ ۾ 1937ع ۾ ڇپيل ناٽڪ ”پريت جي ريت“ پڻ اسڪولي ٻارن اسٽيج ڪيو، جيڪو پڻ ٻارن لاءِ نصيحت آموز ناٽڪ ليکيو وڃي ٿو. 1939ع ۾ سندر ساهتيه منڊل (1) پاران ستن ننڍن ناٽڪن جو مجموعو”انڊلٺ“ ڇپيو. جيتوڻيڪ ادبي تاريخن جي ڪنهن به ڪتاب ۾ اهو سڌيءَ ريت ڄاڻايل نه آهي ته اهي ست ئي ناٽڪ خالص ٻارن لاءِ هئا، پر مون کي اهو اندازو آهي ته اهي ٻارن لاءِ هئا. ان لاءِ مون وٽ دليل اهي آهن ته ”سندر ساهتيه منڊل“ جهڙو اشاعتي ادارو قائم ئي ٻارن جي ادب جي ترقيءَ لاءِ ڪيو ويو هو، جڏهن ته ميلارام واسواڻي پاڻ هن ڪتاب جو مهاڳ لکيو، جنهن ۾ ننڍن ناٽڪن جي ٻولي ۽ پيشڪش تي وڏو بحث ٿيل آهي. ان کان سواءِ هن مجموعي ۾ ڪشنچند بيوس ۽ ڄيٺانند ناگراڻيءَ جا ناٽڪ ”جگري قرباني، پوڙهي جو پرڻو، گامٽو بئريسٽر، آنرري مئجسٽريٽ“ ۽ ٻيا شامل آهن، جن جي ليکڪن ۽ موضوعن مان اندازو ٿئي ٿو ته اهي ٻارن لاءِ ئي لکيل هئا. 1940ع ۾ به سندر ساهتيه منڊل پاران ڌرمي ناٽڪن جو هڪ مجموعو”رنگ برنگي کيل“ شايع ڪرايو ويو، جنهن ۾ پڻ ڪشنچند بيوس ۽ هوند راج دکايل جا ننڍا ناٽڪ شامل ڪيل هئا. اندازو آهي ته اهي به ٻارن لاءِ ئي هئا. ان دوران (يعني ورهاڱي تائين) ڄيٺانند ناگراڻيءَ جا ”گامٽو“ سلسلي جا ڪيترائي ٻيا ناٽڪ ان دور جي مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيا، جيڪي پڻ ٻارن لاءِ لکيل ڀانئجن ٿا. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، پنهنجي ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو ته: ”هن دور ۾ ”ڄيٺانند ناگراڻيءَ“ جا گامٽو سلسلي وارا ٻيا به گهڻائي اصلوڪا ننڍا کلائيندڙ ناٽڪ، مثلا ”گامٽو ايڊيٽر“، گامٽو ڊاڪٽر“، “ گامٽو M. L. A“”گامٽو فلم ڪمپني“ ، ”گامٽو گهوٽ“ وغيره جدا جدا اخبارن ۾ پوندا هئا، جي لکندڙ پاڻ ڪري ڏيکاريندو هو، ۽ منجهن رام پنجواڻيءَ سان جوڙيدار ٿي، مکيه پارٽ پڻ بخوبي ادا ڪندو هو. هن سڀنيءَ ۾ پنگتي اوڻاين تي مسخري گاڏڙ ٺٺولي هوندي هئي، پر منجهن مذاق جيڪا ڀريل هوندي هئي، سا دهري ۽ نازڪ نه هوندي هئي...“ (2) منگهارام ملڪاڻيءَ جي هن عبارت مان اندازو ٿئي ٿو ته هي ناٽڪ پڻ ٻارن جي دلچسپيءَ خاطر لکيا ويا، جڏهن ته ٻارن سان گڏ وڏا به انهن مان لطف اندوز ٿيندا هئا. هن سلسلي جي سمورن ناٽڪن کي 1942ع ۾ ”ڊي جي ڪاليج سرسوتي منڊل“ وارن اسٽيج ڪيو. 1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ، جتي مجموعي طور سنڌي ادب کي ڌڪ رسيو، اتي ٻاراڻي ادب کي به وڏو نقصان پهتو. دادا شيوڪ ڀوڄراج، ميلا رام منگترام واسواڻي، بهاري لال هريرام ڇاٻڙيا، آر.وي، ٿڌاڻي، ڄيٺانند ناگراڻي ۽ ٻارن لاءِ لکندڙ ٻيا اديب ۽ ناٽڪ پيش ڪندڙ ڀارت لڏي ويا، ان ڪري ٻاراڻي ادب جي ٻين صنفن سان گڏ ”ٻارن جا ناٽڪ“ به ڄڻ ته لکجڻ ۽ اسٽيج ٿيڻ بند ئي ٿي ويا.ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ ٻارن لاءِ مخصوص ناٽڪ نٿا ملن، پر ”زرعي ڪاليج سنڌي ڊرئميٽڪ سوسائٽي“ (هاڻي سنڌ زرعي يونيورسٽي) ٽنڊي ڄام ۽ ”سچل آرٽس ڪاليج سنڌي ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ“ جي شاگردن جي ڪيل ڪجهه ڊرامن ۾ محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو ”ڊزن ڊائلاگ“ (1953)، محمد دائود تاج جو ”اهيئي پنج“ (1958)، غالب لطيف جو ”ڪامياب ڪُوڙو“ (1960ع)، عبدالحق ابڙي جو ”هاءِ پيري“ (1964)، محمد يوسف پنهور جو ”گويهءِ اعظم“ (1965)، قاسم فانيءَ جا ٻه ناٽڪ ”دولتمند ٺڳ“ ۽ کُٽل کاتو“ (1965) ۽ ٻيا شامل آهن. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ ٻارن لاءِ ناٽڪن لکجڻ ۽ پيش ٿيڻ جو دور ڄڻ ته ختم ئي ويو. ان وچ ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ”ٻارڙن جا ريڊيائي ڊراما“ پڻ نشر ٿيا، جن جو ذڪر ڪرڻ نهايت ضروري آهي. 1955ع ۾، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي نشريات شروع ٿي ته وڏن سان گڏ ٻارن لاءِ به هفتيوار پروگرام شروع ٿيا. اهڙن پروگرامن ۾ هر آچر تي نشر ٿيندڙ هفتيوار پروگرام ”ٻارڙن جي ٻاري“ گذريل پنجاهه سالن کان به وڌيڪ عرصي کان هلي رهيو آهي. پروگرام ۾ ٻارن لاءِ ٻين ڪيترين ئي دلچسپ ۽ تفريحي سلسلن سان گڏ ٻارن جي ريڊيائي ڊرامن جو بنياد به وڌو ويو. ٻارن جي ڊرامن جا اوائلي پروڊيوسر ايم.بي انصاري، مصطفيٰ قريشي، سرور بلوچ، زاهد قلباڻي، محمد انور بلوچ ۽ نصير مرزا رهيا آهن. هن پروگرام جي سموري عرصي دوران جن ناميارن ليکڪن ريڊيو حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي ٻارن لاءِ مخصوص پروگرامن لاءِ تفريحي، اصلاحي ۽ سائنسي موضوعن تي شاندار ڊراما لکيا، تن ۾ امر جليل، سيد منظور نقوي، فيروز الدين احساس، حيات علي شاهه بخاري، سيد ماڪن شاهه رضوي، گلزمان قاضي، شهزادو گلفام، پروانو سيوهاڻي، اڪبر جسڪاڻي ۽ ٻيا شامل آهن. سنڌي ٻوليءَ جي ٻن نمائنده ليکڪن ادل سومري ۽ نياز پنهور وري ٻارڙن لاءِ منظوم ڊراما لکيا، جن جا نالا هئا: پکين جو مشاعرو، ميون جو مشاعرو، ڀاڄين جو مشاعرو. اڪبر جسڪاڻي پنهنجي جن ٽن آکاڻين کي ريڊيو ڊرامي جو روپ ڏنو، انهن جا نالا هئا: رمون پيٽي، خيرو حجم ۽ ماما مکڻ. ’ماما مکڻ‘ سندس اهڙو سلسليوار ٻاراڻو ڊرامو هو، جيڪو تيرهن قسطن تي مشتمل هو. اُن ڊرامي ۾ ماما مکڻ جو ڪردار محمد اشرف بلوچ ڪندو هو. ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ ٻارن جي ادب جي سلسلي ۾ ٻالڪ ٻارين، تنظيمن، بزمن۽ هفتيوار اخباري ٻارڙن جي صفحن جي هڪ لهر پيدا ٿي، جيڪا هڪ باقاعدي تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري وئي. ناٽڪ منڊليون ۽ ٻارن جا ناٽڪ ته هونئن ئي ورهاڱي سان گڏ هندستان منتقل ٿي ويا، پر هاڻي ناٽڪن جي جاءِ خاڪن ۽ ٽيبلن ڀري ورتي. غلام مرتضيٰ ڀٽي ۽ مقبول ڀٽيءَ جي ”بزم گلستان“، روزاني عبرت اخبار جي هفتيوار ٻارن جي ادبي صفحي ”ٻارن جي ٻاري“، مهراڻ اخبار جي ”معصومن جي مجلس“، روزاني هلال پاڪستان جي ٻارن جي صفحي ”گلن جهڙا ٻارڙا“، روزاني خادم وطن جي هفتيوار ٻارن جي ادبي صفحي ”ڦلواڙي“، اياز پاٽوليءَ جي ”اداره گلشن ادب ۽ بزم گلشن سنڌ“، ناز سنائيءَ جي چڻنگ سنگت، لطيف سنگت کان سواءِ ساٿي ٻارڙا سنگت، سجاڳ ٻار تحريڪ ۽ ٻارن جي ٻين تنظيمن، رسالن ۽ اخباري صفحن پاران سڄيءَ سنڌ ۾ ٻارن جي ميلن، ڪنوينشنن ۽ ساليانن پروگرامن جو هڪ سلسلو شروع ٿيو، جن ۾ ننڍا ننڍا خاڪا (ناٽڪ نٿو چئي سگهجي) پيش ڪيا ويندا رهيا. هنن خاڪن ۾ ٻارن توڙي وڏن جي مسئلن جي اپٽار ڪيل هوندي هئي. گهڻو ڪري انهن جا موضوع ورهاڱي کان اڳ وارا ساڳيا، يعني مزاحيه، کلائيندڙ ۽ نصيحت آموز هوندا هئا. هي سلسلو اڃا تائين جاري آهي، پر موجوده دور ۾ خاڪن جي جاءِ تي ٽيبلوز اچي ويا آهن، جن ۾ اداڪاريءَ سان گڏ رقص ۽ موسيقيءَ جا عنصر ملي، انهن کي وڌيڪ دلچسپ ڪندا آهن. موجوده دور ۾ سنڌي توڙي اردوءَ ۾ ڪيترائي اهڙا گيت ۽ نظم آهن، جيڪي خود هڪ ناٽڪ/ ڪهاڻي آهن، ان ڪري ٻار جڏهن انهن کي ٽيبلو جي صورت ۾ پيش ڪندا آهن ته اهو ٽيبلو سان گڏ ناٽڪ به ٿي پوندو آهي. اهڙن گيتن / نظمن ۾ موتي پرڪاش جو گيت ”مٽيءَ مان سون بنائڻ وارا سنڌي“ ۽ فيض احمد فيض جو نظم ”هم ديکهين گي“ نهايت اهم آهن، جن تي ٻار اڪثر ٽيبلو پيش ڪرڻ دوران ناٽڪ جو روپ به ڏيئي وٺندا آهن. موجوده دور ۾ جيتوڻيڪ ٻارن جون تنظيمون، اخباري صفحا ۽ رسالا گهڻي ڀاڱي بند ٿي ويا آهن، پر اسڪولن جي ساليانن تقريبن ۽ ٻين علمي ادبي پروگرامن ۾ ٻارن کان ٽيبلو ڪرايا ويندا آهن. هن وقت قليچ سنگت سنڌ جي سربراهه زيب نظاماڻي ۽ ان جي ٻارن جي ٽيم پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٽيبلو ۽ خاڪا پيش ڪيا پيا ويندا رهيا آهن. ٻئي پاسي، ورهاڱي کان پوءِ هندستان لڏي ويندڙ اديبن ۽ ناٽڪ پيش ڪندڙن پنهنجو ڪم نه صرف جاري رکيو، پر ان ۾ وڏي ترقي ۽ واڌارو ٿيو. انهن هندستان ۾ نه صرف تمام گهڻا ناٽڪ لکيا، پر اهي ڪتابي صورت ۾ ڇپايا ۽ اسٽيج به ڪيا. هن سلسلي ۾ هوندراج بلواڻيءَ جي ”گلستان پبليڪيشن، احمد آباد“ ٻارن جا ناٽڪ ڇپائڻ تي زور ڏنو ته ڄيٺي لالواڻيءَ جي ”سنڌو ٻال ڪلاڪار منڊل“ ٻارن جي ناٽڪن کي اسٽيج ڪرڻ جو ڪم ڪيو. ان کان سواءِ ”سنڌ اڪيڊمي هاءِ اسڪول، احمد آباد“، ”سنڌ ٻال سرڪل، احمد آباد“، ”چلڊرينس ٿيئيٽر“ احمد آباد ۽ ٻين سنڌي اسڪولن جي شاگردن هندستاني ريڊيي ”آڪاش واڻيءَ“ جي احمد آباد، بڙودا، دهلي، بمبئي، جئپور، ڀوپال، ڀڄ ۽ ٻين اسٽيشنن تان ٻارن جا ريڊيائي ناٽڪ پيش ڪيا. هن ڏس ۾ ورهاڱي کان پوءِ هندستان ۾ جيڪو پهريون ٻارن جو ناٽڪ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو، اهو آهي ”چهچٽا“ جيڪو منوهر داس ڪوڙي مل پاران 1964ع ۾ شايع ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ صحت تي ننڍا ننڍا ناٽڪ شامل ڪيا ويا آهن. بعد ۾ جيڪي ناٽڪ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا، تن ۾ هوند راج بلواڻيءَ جا ”ڏهين جو نوٽ“، (1968) ”رنگ رنگيلي“ (1980) ۽ ”انمول موتي“ (1982)، ڄيٺي لالواڻيءَ جا ”ٽرنگي روشني“ 1986)، ”شريمان ڦيرو ڦرڪي“ (1996)، ”مسٽر گپوڙيداس“ (1998) ۽ ”مُڇر مامو“ (2006)، ڪيرت مهر چنداڻيءَ جا ”گلن جهڙا ٻارڙا“ (1969) ۽ ”سدا مهڪن گلڙا“ (1970)، ڀڳونتي ڪريجا جو ”جمني ڪئي شادي“ (1980)، چندرسين ناواڻيءَ جو ”پوسٽ جو دٻو“ (1982) رام ڀڳچنداڻيءَ جو ”ڀلي آيو آرتوار“ پوپٽي هيراننداڻيءَ جو ”راڻي پدمڻي“ (1982) ۽ ٻيا شامل آهن. اهڙيءَ ريت هندستان ۾ جاري ٿيندڙ ٻارن جي رسالن ”گلستان“ (حيدرآباد)، جهرمر (احمدآباد) ”ڦلواڙي“، ”ادبي چمن“ ۽ ٻين ۾ ٻارن جا 30 کن ناٽڪ ڇپيل آهن، جن مان ڏهاڪو کن ته رڳو هوند راج بلواڻيءَ جا لکيل آهن. ساڳئيءَ طرح ”آڪاشواڻيءَ“ جي احمدآباد، بڙودا، دهلي، ممبئيءَ ۽ ٻين اسٽيشنن تي 25 جي لڳ ڀڳ ٻارن جا ڊراما/ ناٽڪ هلي چُڪا آهن، جن جي ليکڪن ۾ هوند راج بلواڻي، ڪيرت مهر چنداڻي، هريش ڪڪواڻي ۽ ڄيٺو لالواڻي شامل آهن، هي سلسلو اڃا تائين هلندڙ آهي. هاڻي اچان ٿو اسرار شام جي ناٽڪن جي هن مجموعي تي جنهن ۾ ڪل 10 ناٽڪ آهن. جيئن مون شروعات ۾ ذڪر ڪيو آهي ته اسرار شام جي شخصيت جا ٻه نمايان پهلو آهن؛ هڪ ٻاراڻو ادب ۽ ٻيو سنڌي ناٽڪ. سندس هي مجموعو ٻارن جي ناٽڪن جو آهي، ان ڪري ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اسرار شام کان بهتر، هن موضوع تي ڪو ٻيو لکي سگهي. هن مجموعي ۾ شامل ناٽڪن جا موضوع به اهي ئي ساڳيا، يعني مزاحيه، کلائيندڙ، نصيحت آميز، تاريخي سبق آميز، سماجي سڌاري ۽ ماحولياتي بچاءَ جو پرچار ڪندڙ، تعليمي مسئلن ۽ انهن جي حل توڙي ٻارن جي نفسيات ۽ انهن جي ماحول مطابق آهن. فرق اهو آهي ته هنن ناٽڪن جي ٻولي ۽ منظرنگاري توڙي ماحول موجوده دور جي عڪاسي ڪري ٿو. هي ناٽڪ اصل ۾ ٽي وي ٽيڪنڪ تي لکيل آهن، جن جو اصل مزو ”وڊيو سي ڊي“ جي صورت ۾، ڏسڻ سان ايندو، پر پهرئين مرحلي ۾ انهن کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو ويو آهي. هتي ترتيبوار آءٌ مجموعي ۾ شامل سمورن ناٽڪن جو جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو: موڪل: هي هڪ ننڍڙو مزاحيه ناٽڪ آهي، جنهن ۾ اسڪولي شاگردن جي چالاڪين ۽ اسڪول مان ڀڄڻ ۽ پوءِ پڪڙجي پوڻ جي منظرنگاري ٿيل آهي. هن قسم جا ننڍڙا ناٽڪ اڪثر اسڪولن جي ساليانن پروگرامن ۾ ٻار ”خاڪن“ جي صورت ۾ پيش ڪندا آهن، جيڪو پڻ هڪ ننڍڙي ناٽڪ جو قسم آهي. ٻارن جي ادب ۾ ”مزاح“ جي عنصر جي وڏي اهميت آهي، جو ٻار جيڪا ڳالهه کل ڀوڳ ۾ سکي ٿو، اها هُو سنجيدي ماحول ۾ گهٽ پرائي ٿو. مزاحيه اسلوب ۾ لکيل هي ناٽڪ جتي ٻارن لاءِ دلچسپي ۽ وندر جو ڪارڻ آهي، اتي ان ۾ سکيا جو عنصر به شامل آهي. نتيجو: هي به هڪ مزاحيه ناٽڪ آهي، جيڪو اسڪول ۽ گهر جي ماحول ۽ پاس ۽ ناپاس ٿيڻ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. هي ناٽڪ اهڙن والدين جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪي پنهنجي ٻارن جي تعليم ۽ تدريس تي ڌيان ڏيڻ بدران گهڻي لاڏ ۽ ڪوڏ سان سندن خانو خراب ڪري ڇڏيندا آهن. امتحان ۾ ٻار جي فيل ٿيڻ جي صورت ۾ ٻار تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ بجاءِ پنهنجا اثر رسوخ استعمال ڪري انهن کي پاس ڪرائڻ ۽ سفارش جي ڪلچر کي هٿي ڏيندا آهن. جيڪڏهن ابتدا ۾ ئي گهر اندر ٻار کي اهڙو ماحول مليو ته اهو وڏو ٿي سماج ۾ مثبت ڪردار ادا نه ڪري سگهندو. هي ناٽڪ گهر ۾ والدين جي غيرذميواريءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. ڪلاس روم ۽ اڄ جو استاد: هي ٻئي ناٽڪ به بنيادي طور مزاحيه ناٽڪ آهن، جن ۾ اسان جي تعليمي سرشتي جي ناڪاميءَ جي چٽي عڪاسي آهي. هن ناٽڪ ۾ ٻهراڙين جي اسڪولن ۾ استادن جي اهليت ۽ قابليت تي طنز ٿيل آهي. ظاهر آهي ته استادن جي قابليت ۽ رويو ئي شاگردن ۾ پنهنجو عڪس پيش ڪري ٿو، ان ڪري هنن ناٽڪن ۾ ”جهڙا استاد، تهڙا شاگرد“ جي موضوع تي مڪالما آهن. ٻئي ناٽڪ ٻهراڙين جي اسڪولن جي پسمنظر تي لکيل آهن. واٽ ويندي: هي ناٽڪ هڪ ڳوٺاڻي ٻار جي زندگيءَ تي آڌاريل آهي، جيڪو ڪنهن ڪم سانگي اچي ٿو ۽ هڪ بشني، جادوگر ۽ پوليس واري هٿان ٺڳجي وڃي ٿو. هي ناٽڪ اسان جي سماج ۾ موجود اهڙين بُراين جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ وک وک تي ملن ٿيون. سرٽيفڪيٽ: هي ناٽڪ به ڳوٺاڻي زندگيءَ ۽ ڳوٺاڻي تعليمي سرشتي جي اوڻاين تي ٻڌل آهي. دنيا ۾ تعليم جي شعبي جي اهميت، سماج جي ٻين سمورن شعبن کان وڌيڪ آهي، ان ڪري خاص طور تعليم تي تمام گهڻو ڌيان ڏيندي، ان تي جيترو وقت ۽ پئسو خرچ ڪيو ويندو آهي، اوترو ئي نتيجو حاصل ڪيو ويندو آهي. پر بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ ۾ ان جي بلڪل ابتڙ آهي. جنهن ماڻهو کي ڪا ٻي نوڪري نٿي ملي، ان کي ”ماستري“ ته ملي ئي وڃي ٿي. ان کان سواءِ سياسي اثر به جيترو تعليم کاتي تي هلي ٿو، اوترو ڪنهن ٻئي کاتي تي نٿو هلي. نتيجي ۾ سنڌي قوم جي اجتماعي تعليمي صورتحال انتهائي تيزيءَ سان پستيءَ ڏانهن وڌي رهي آهي. هن ناٽڪ ۾ به لڳ ڀڳ اهڙي صورتحال جي عڪاسي ٿيل آهي. ننڍڙو ڪُڪڙچور: هي ناٽڪ اسان جي سماج ۾ پوليس جي ڪردار ۽ ٻهراڙيءَ جي هوٽلن تي هلندڙ فلمن جي نتيجي ۾ تيار ٿيندڙ نئين نسل جي اخلاقي ۽ سماجي پستيءَ جي نشاندهي ڪري ٿو. ننڍو اصلاحي ۽ مزاحيه ناٽڪ آهي. هندستان ۾ هن قسم جا ناٽڪ گهڻا لکيا ويا آهن. گدلاڻ: هيءُ هڪ مزاحيه ۽ اصلاحي ناٽڪ آهي، جنهن ۾ ڌرتيءَ تي ماحولياتي گدلاڻ کان بچاءُ ۽ ان جي سبب جي نشاندهي ڪيل آهي. موجوده دور جديد انفرميشن ٽيڪنالاجيءَ جو دور آهي. ڳوٺ هجن يا شهر، تيز ۽ تڪڙي ميڊيا ماڻهوءَ کي دنيا جي هر قسم جي معلومات منٽن ۾ فراهم ڪريو ڇڏي. اهڙيءَ ئي ڪهاڻي هن ناٽڪ ۾ آهي ته ڪيئن نه هڪ ٻار ميڊيا تي ماحول جي بچاءُ جي مهم کان متاثر ٿي پنهنجي ڪٽنب ۽ ماحول کي بچائڻ لاءِ اڳڀرائي ڪري ٿو. وڌي جڏهن آئون وڏو ٿيندس: هي ٻاراڻو سنجيدو ۽ نصيحت آميز ناٽڪ آهي، جنهن ۾ وڏڙن جي عزت ۽ انهن جو چيو مڃڻ، تعليم جي اهميت، ڳوٺ ۽ علائقي ۾ جهيڙن جهٽن کان پاسي ڪرڻ ۽ وطن جي حفاظت ۽ ان جي سربلنديءَ لاءِ وڙهڻ جو درس ڏنل آهي. ماضيءَ ۾ هن قسم جا ڪيترائي ناٽڪ لکيل آهن. اهڙيءَ ريت مجموعي طور هن مجموعي ۾ شامل ناٽڪ مزاحيه، اصلاحي، تاريخي ۽ نصيت آميز آهن ۽ اهي ئي موضوع آهن، جيڪي ٻارن لاءِ پسنديده ۽ دلچسپيءَ جو سبب هوندا آهن. هن مجموعي ۾ شامل مزاحيه ناٽڪن کي وڌيڪ دلچسپ بنائڻ لاءِ عام ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جو استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪا ڳالهه ڪٿي ڪٿي ”ٻوليءَ جي تلخ استعمال“ ۽ ٻارن جي ذهني پهچ کان مٿاهين به لڳي ٿي. ان ڪري ليکڪ کي ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ها. ان کان سواءِ مجموعي ۾ اسرار شام جا سمورا ناٽڪ گهڻو ڪري ڳوٺاڻي ٻار جي زندگي، سندن مسئلن ۽ مونجهارن توڙي خوشين ۽ پريشانين جي عڪاسي ڪن ٿا، جڏهن ته شهر جي ٻارن، انهن جي زندگي ۽ انهن جي مسئلن جو پسمنظر به ڏيڻ گهرجي ته جيئن شهرن توڙي ٻهراڙيءَ جي ٻارن لاءِ هڪجيترا ڪارائتا ثابت ٿين. هي ناٽڪ اصل ۾ وڊيو رڪارڊ ڪري، سي ڊين جي صورت ۾ آڻڻ لاءِ لکيا ويا آهن، پر پهرئين مرحلي طور هنن ناٽڪن کي ڪتابي صورت ۾ پڌرو ڪيو پيو وڃي. موجوده وقت ۾ وڊيو کان وڌيڪ اينيميشن کي اهميت ڏني پئي وڃي، پر ان لاءِ ڊرامي/ ڪهاڻي/ نظم جو دورانيو وڌ کان وڌ اڍائي منٽ هئڻ گهرجي، جڏهن ته هن مجموعي ۾ شامل اڪثر ڊراما وڏا آهن. بهرحال، جڏهن هنن ڊرامن کي وڊيو يا اينيميشن جي صورت ڏني ويندي ته ان حساب سان ايڊيٽنگ جي گنجائش ضرور نڪرندي. مون کي اميد آهي ته ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ ٻارن جي ناٽڪن جو ڇپيل هي پهريون مجموعو، ان قدم جي شروعات ثابت ٿيندو، جو اسان سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارن جي ڊرامن/ ڪهاڻين/ نظمن ۽ آکاڻين وغيره جون اينيميٽيڊ سي ڊيون تيار ڪنداسين ۽ اها ئي هن جديد انفرميشن ٽيڪنالاجيءَ جي دور جي گهرج آهي. - خالد آزاد مددي ڪتاب: 1. الانا، ڊاڪٽر غلام علي، سنڌي نثر جي تاريخ، سنڌي ساهت گهر، ڇاپو ٽيون، 1999ع 2. بلواڻي، هوندراج ڊاڪٽر، سنڌي ٻال ساهتيه، ڇاپو ٻيو، سنڌي ساهت گهر، 2007ع 3. بلواڻي، هوندراج ڊاڪٽر، گول مٽول، مهارٿي سوسائٽي، سردار نگر، هندستان، 2003 4. جوڻيجو، ڊاڪٽر عبدالجبار، سنڌي ادب جي تاريخ، جلد پهريون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2006 5. عرساڻي، ڊاڪٽر شمس الدين، سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ، ڇاپو پهريون، اوسر اشاعتاڻو، حيدرآباد، 2009ع 6. لالواڻي، ڄيٺو ڊاڪٽر، مُڇر مامو، ڇاپ پهريون، سنڌي ساهتيه اڪيڊمي، گجرات، 2006 7. ملڪاڻي، پروفيسر منگهارام، سنڌي نثر جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، 2007ع 8. ميمڻ، خان بهادر محمد صديق، سنڌ جي ادبي تاريخ، ڇاپو چوٿون، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 2000 9. نهالاڻي منوهر، سنڌي ٻال ساهتيه هڪ نظر، گجرات سنڌي اڪادمي، هندستان، 1992. 10. هڪڙو، ڊاڪٽر انور فگار، شڪارپور جي صحافتي تاريخ، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2004ع.