وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس

ڪتاب جو نالو وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس
ليکڪ اسرار شام
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-86-4
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (452) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     9455   ڀيرا پڙهيو ويو

وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس


ائڪٽ- 1 پردوکُلي ٿو. ڏيک: ڪکائون گهر آهي. رات جو پويون پهر ٿي چڪو آهي. پندرهن سالن جو ننڍڙو ملوڪ، لالٽين جي هلڪي روشنيءَ ۾ ڪورس جا ڪتاب پڙهي رهيو آهي. امتحان مٿي تي آهن. سندس ماءُ ماسي ڦاپو، ٽپائي ڀرسان رکيل کٽ تي بي خبر سُتي پيئي آهي. اوچتو پاسو ورائي ٿي. کٽ جي چيڪاٽ جي آواز تي مَلوڪُ، ماءُ ڏانهن ڏسي ٿو. ماءُ: (ننڊاکڙي حالت ۾) ملوڪ پُٽ! پاڻي سُرڪو ته پيارجانءِ! ملوڪ: (تڪڙ ۾ ڪتاب بند ڪندي) ها جيجان آڻيان ٿو. ____________________ (ملوڪ وٽي ۾ دلي منجهان پاڻي اوتي ماءُ جي سيرانديءَ کان اچي ٿو ته ماڻس سُمهي چڪي هئي. ملوڪ جاڳائڻ لاءِ هٿ ڊگهاري ٿو، پر آرام جي خيال کان هٿ ڇڪي وٺي ٿو ۽ سيرانديءَ کان کٽ جي پيرانديءَ تي ايندي، ماءُ جي جاڳ جي انتظار ۾، وٽو جهلي بيهي رهي ٿو. تان جو پرهه ڦٽي پرڀات ٿي وڃي ٿي. ڪُڪڙ دس وڄائين ٿا. ملوڪ ماءُ انهن آوازن تي جاڳي پوي ٿي. ٻانگ جو آواز اچي ٿو.) ____________________ ماءُ: (آرس موڙيندي ۽ حيرانيءَ وچان ڏسندي) ملوڪ پُٽ! تون ڇو بيٺو آهين؟ ملوڪ: امان، اوهان سويل پاڻي گهريو هو. آئون کڻي آيس، پر اوهان ننڊ پئجي چڪيون هيون، ان ڪري آئون...! ماءُ: (پريشان ٿي اڌ مان ڳالهه ڪَٽيندي) اَئي مُٺيس! تون سڄي رات ائين ئي پيرن ڀر بيٺو رهئين؟ مون کي کڻي اٿارين ها! ملوڪ: (پاڻيءَ جو وٽو ڏيندي) امان! پاڻي...! ماءُ: (وٽو وٺي، پاڻي پي، وٽو واپس ڪندي) شڪر مالڪ جو! رب ڪندو سڄي عمر سُک ماڻيندين، ڪڏهن ڪوسو واءُ نه لڳندئي. ملوڪ: (وٽو چٽائيءَ تي رکي ۽ ماءُ جي پيرن تي ڪرندي) منهنجي مٺي امان! تنهنجي دُعا ئي ته منهنجو اَجهو، آسرو ۽ دنيا آهي. هيءَ ته چند گهڙيون هيون، جن جي گذرندي ڪا ويرم ڪانه ٿي، پر جي منهنجي ساري ڄمار به تنهنجي چاڪري ڪندي گذري،ته ڄڻ مون حج کٽيو امان! ماءُ: (سيني سان لائيندي ۽ پيار ڪندي) منهنجا ٻَچا! ملوڪ: (ماءُ جي سيني ۾ منهن لڪائيندي) امان! ماءُ: (سيني کان جدا ڪندي) پُٽ، جنهن اولاد کي پنهنجي ماءُ جو اونو هوندو آهي، ته ان لاءِ هر پيچري ۽ هر گس تي دعا جا در کُلي ويندا آهن. اهڙو اولاد ڪڏهن به ڏکن جو منهن نه ڏسندو آهي. ملوڪ: تون سچ ٿي چئين امان! تنهنجي دُعا سان مون کي آڳاٽي زماني جو هڪ بادشاهه ياد اچي ويو، جيڪو پڻ اسان وانگر غريب هو. هڪ ڀيري هن کان به سندس ماءُ پاڻي گهريو هو، پر ماءُ جي سمهڻ ڪري ساري رات اکين ۾ ڪاٽي ڇڏيائين. صبح جو جاڳ ٿيڻ تي ماءُ کيس دل سان دُعا ڪئي ته ”رب ڪندو ته مُلڪ جو حاڪم ٿيندين“. امان.. امان...هن جي ماءُ جي دعا جو ايڏو اثر ٿيو، جو هو وڏوٿي ملڪ جوحاڪم ٿي ويو. امان اهو قصو اسان کي سائين ٻُڌائيندو آهي، پر هاڻي ڪتابن مان ڪڍي ڇڏيو اٿن! ماءُ: ها پُٽَ، سياڻن به سچ چيوآهي ته ماءُ پيءُ راضي ته رب راضي. منهنجي به توکي دُعا آهي، رب ڪندو ته خوب ترقي ڪندين، آفيسر ٿيندين، حڪم هلائيندين. ملوڪ: نه امان نه... آئون حڪم ڪونه هلائيندس. ماءُ: پوءِ ڀلا ڇا ڪندين؟ ملوڪ: تنهنجي هر حڪم جي پيروي ڪندس. ماڻهن جي خدمت ڪندس. وطن جي خدمت ڪندس. ماءُ: رب ڪندو ته ائين ئي ٿيندو، جيئن تون چاهين ٿو پُٽَ. ملوڪ: امان! هڪڙي ڳالهه پُڇان؟ ماءُ: صدقي وڃان توتان پُٽ... هڪ نه سؤ پُڇ! ملوڪ: امان! هي پنهنجا ڳوٺاڻا ذري ذري ڳالهه تان وڙهن ٿا. ڪهاڙيون اُڀيون ڪري هڪ ٻئي جو خون ڪن ٿا، اهو الله سائينءَ وٽ ڏوهه آهي نه!؟ ماءُ: وڏو ڏوهه آهي پُٽ! جنهن جي معافي آخرت ۾ به ڪانهي. ملوڪ: پوءِ امان! تون هنن کي ڇو نٿي سمجهائين ته هڪ ٻئي جو خون ڪرڻ بجاءِ پاڻ ۾ پيار محبت سان رهن، ته جيئن نيڪ ۽ سُٺا انسان سڏجن. ائين ڪرڻ سان ڳوٺ جو، قوم جو، وطن جو نانءُ اوچو ٿيندو. ماءُ: پُٽ! جتي علم جي روشني نه هوندي آهي، اتي جهالت جي اوندهه ۾ هڪ ٻئي کي مارڻ ۽ جهيڙا ڪرڻ بهادري سمجهي ويندي آهي. ويڇو صرف ايترو آهي ته الله جنت ۾ جاءِ ڏئي تنهنجي مرحوم پيءُکي، جيڪو چار اکر پڙهيو ته مرندي مهل ڦرهي تنهنجي هٿ ۾ ڏيڻ جي وصيت ڪندي، پساهه ڏنائين. جي تون به چار اکر نه پڙهين ها ته وڏو ٿي تون به ائين ڪرين ها، جيئن ٻيا ڳوٺاڻا ڪن پيا!! ملوڪ: (عزم سان) مون کي رڳو وڏو ٿيڻ ڏي امان! پوءِ ڏسجئين ته انهن کي سڌو ڪري فوج ۾ ڀرتي ڪرائيندس. ماءُ: (مسڪرائيندي) وڏو نه ٿيو آهين ته ڇا ٿي پيو؟ وڏن واريون ڳالهيون ته ڪرين پيو نه! چڱو هاڻي ڳالهيون ڇڏ. ڏس ته سهي اوجاڳي ۾ اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون اٿئي، وڃي سمهي پؤ! ملوڪ: نه امان... تون ئي ته چوندي آهين نه: ”سج چڙهئي کان پوءِ نڀاڳا ٻار سمهندا آهن“. هينئر ته آءٌ اسڪول ويندس. ماءُ: چڱو، تون هلي هٿ منهن ڌوءُ ۽ آئون مانڌاڻيءَ کي ولوڙ ڏيئي، تنهنجي لاءِ نيرن تيار ڪري وٺان. ها، راتوڪو کير ڄميو رکيو آهي، اهو رڌڻي ۾ ڏيندو، پوءِ وڃي هٿ منهن ڌوءُ! وڃ... اڃا ڀلا ڇو بيٺو آهين؟ بابلا مون کي تنهنجي نيرن تيار ڪري ڏيڍيءَ تي ڪم لاءِ به وڃڻو آهي، نه ته مرنداسين سڄو ڏينهن بُک! ملوڪ: امان، تون ڏيڍيءَ تي ڇو ويندي آهين؟ ماءُ: اهابه ڪا پڇڻ جهڙي ڳالهه آهي؟ ڏيڍيءَ تي نه وڃان ته پوءِ کائينداسين وري ڪٿان؟ آءٌ کڻي نه کاوان، پر تنهنجي لاءِ وڃڻو ئي پوي ٿو! ملوڪ: پوءِ امان وڃڻ ڇڏي ڏي! ماءُ: (حيرانيءَ وچان) ڇو؟ ملوڪ: آئون ماني کائڻ ڇڏي ڏيندس! ماءُ: چريو ته نه ٿيو آهين، اڄ صبح سوير ڪهڙيون وايون پيو ڪرين؟ آءٌ پورهيو ٿي ڪريان، پورهيي ۾ ڪو عيب ڪونهي. ملوڪ: آءٌ جڏهن توکي رئيس جي حويليءَ تي ويندي ڏسندو آهيان، ته ڏاڍو ڏک ٿيندو اٿم. ماءُ: وري ٻاراڻيون ڳالهيون...! ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ کان پورهيو ڪرڻ چڱو آهي پُٽ، تون منهنجو ڏاهو پٽ آهين.تون به ته اسڪول کان سڌو سِلو درزيءَ وٽ ويهي ڪاڄ بٽڻ ٽانڪي چار ڏوڪڙ ڪمايو اچين. ٻيو نه ته، ڪتابن جو خرچ ته پاڻ ڪڍيو ويٺو آهين. پورهيو مهڻو ته نه آهي پُٽ! پورهيو ته نبين ۽ ولين به ڪيو آهي. پگهر وهايون ٿا ته چار ڏوڪڙ تريءَ تي اچن ٿا، خدا ڪارڻ ڪير ڪنهن کي ڪونه ٿو ڏي. تون پنهنجي ڪم سان ڪم رک ۽ پڙهه. پڙهي وڏو ماڻهو بڻج، نه ته گلوءَ وانگر ٻڪريون چاريندو رهجي ويندين. ملوڪ: (ڀاڪر پائيندي) امان...جيجي امان... تون صحيح ٿي چوين... پورهيو ناهي مهڻو...آئون ته گلوءَ وانگر نڪمو ڪونه ٿيندس، پر وڏو ٿي، وڏو آفيسر ٿيندس. وطن جي خدمت ڪندس ۽ وردي پائي پهرين پهرين اچي توکي سلام ڪندس. ٺيڪ...! اَنو: (ملوڪ جو هڪ دوست ٻاهران سڏ ڪندي) ملوڪ...! هل اسڪول جو وقت ٿي ويو آهي. ملوڪ: چڱو امان آئون هلان ٿو. ماءُ: اڙي اڙي نيرن ته ڪندو وڃ! (ملوڪ بغير نيرن جي ٿيلهو کڻي رمندو وڃي ٿو ۽ ماءُ ڏسندي رهجي وڃي ٿي) ___________ * پردوڪري ٿو*___________