وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس

ڪتاب جو نالو وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس
ليکڪ اسرار شام
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-86-4
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (453) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     9466   ڀيرا پڙهيو ويو

ننڍڙو ڪُڪڙ چور


جاءِ: ٿاڻو ڪردار: صوبيدار، سپاهي ۽ ٻالڪ چور. پردوکُلي ٿو. ڏيک: صوبيدار ڪرسيءَ تي سيٽيو ويٺو آهي. ميز تي ڪجهه ضروري ڪاغذ پيل آهن. ميز جي اڳيان ننڍي عمر جو هڪ ”ٻالڪ چور“ ڪُڪڙ ٿيو بيٺو آهي. صوبيدار مُڇون وٽيندي کيس گهوري ڏسي ٿو ۽ اوچتو ڪرسيءَ تان اُٿي لَڪُڻ کڻي چور جي ڀرسان اچي ٿو. ____________________ صوبيدار: (پٺيءَ تي زور سان پير رکندي) اڙي ڇورا؟ چور: (ڦڙتيءَ سان اُٿندي) ڪُڪڙوڪُو. صوبيدار: (ڪَنَ کان جهليندي) شرم نٿو اچنئي؟ چور: (بيساختگيءَ سان) سَرڪار، هجي ته اچي نه! صوبيدار: (مٿي تي چنبو هڻندي) اڙي نڀاڳا، ايڏي نڪ ڏاڍائيءَ سان، سو به ڏينهن ڏٺي جو ڪُڪُڙيون ٿو چوري ڪرين؟ چور: (هٿ ٻڌندي) ڇا ڪريان سائين، مجبوري آهي، رات جو ڪُتا ٿا ڏاڙهين! صوبيدار: (چپ ڀڪوڙيندي) پر ڇورا، توکي چوري ڪرڻ مان آخر ملي ڇا ٿو؟ چور: (هٿ ملائڻ لاءِ ڊگهاريندي) اوهان صاحبن سان ملڻ جو موقعو! صوبيدار: (هٿن کي ڌڪو ڏيئي اکيون ڦوٽاريندي) ڇا مطلب؟ چور: (مصنوعي انداز سان ڪٿا بيان ڪندي) ننڍپڻ ۾ ئي ابو امان گذاري ويا ته ٿي ويس ڇورو ڇنو. اسڪول ۾ به ويٺس، پڙهائڻ بدران ماسترن ورتيون ونگارون. وهٽ وانگر وهڻ کان پوءِ به مليون مارون! سوچيم ته وڏو ٿي اول ماستر، پوءِ ڌو پوليس ۾ ڀرتي ٿيندس! صوبيدار: (اڻ تڻ وچان) پوءِ ڇا ٿيو؟ چور: بس! ڳوٺ جي هوٽل، ان تي هلندڙ وي.سي.آر تي ڌاڙيلن واريون مار ڌاڙ سان ڀرپور فلمون ۽ ٽيپ تي وڄندڙ جلال چانڊيي جي ڪلامن جي کڙتال تي هڪ پوليس واري سان سنگت ٿي. ڪڙڪ ڌودپتي چانهه ۽ ڪڙهائي گوشت جا آرڊر اچڻ لڳا...! صوبيدار: (تجسس سان) پوءِ ڇا ٿيو؟ چور: هڪ طرف ٻارن سان رهيل راندين ”چور پوليس“ ۾ ڀاڳين کي اندر ۽ چورن کي ٻاهر ڪندو رهيس ته ٻئي طرف سنگتي پوليس واري جي ڏنل هدايتن جي روشنيءَ ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون چوريون به ڪرڻ شروع ڪري ڏنم! صوبيدار: (ڪياڙي کنهي ۽ لڄي ٿيندي) ڇا پيو چوين چنڊا؟ چور: (ڳالهين ڳالهين ۾ صوبيدار جي کيسي مان نوٽ ڪڍندي) سائين! چوڻ وارا به چون ٿا ۽ اخبارون به لکن ٿيون ته پوليس خود چوريون ڪرائي ٿي، ان ڪري مون به اڄ جو ڪم سڀاڻي تي ڇڏڻ بدران، اڄ ئي ڪرڻ کي فرض سمجهي ”ڌنڌو“ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو! صوبيدار: (ڪنڌ ڌوڻيندي) هون! چور: (نوٽ چُمي، کيسي ۾ وجهندي) سرڪار مائي باپ، هون نه، پر هٿ ڪڍو ته ٿيان زون! صوبيدار: (اک ٽيٽ ڪندي) ڏيهاڙي گهڻا ڪڪڙ چوري ڪندو آهين؟ چور: (لاپرواهيءَ سان) اهي ڏهاڪو کن ڪُڪڙ، جن مان ٻه وڏي منشيءَ کي ۽ ٽي اوهان جي بنگلي تي...! صوبيدار: (اڌ مان ڳالهه ڪٽي، خوش ٿيندي) اڇا ...! اڇا! چور: سائين اڇا فارمي نه، ڪارا ديسي ڪُڪڙَ. صوبيدار: اڙي تون ته ڪم وارو ڇوڪر ٿو ڏسجين؟ چور: بروبر. صوبيدار: (پوئين کيسي ۾ هٿ وجهندي) وٺ خرچي، ڇا ياد ڪندين؟ چور: بروبر. صوبيدار: (پاڻمرادي تلاشي وٺي ٽيبل ڏانهن ويندي) اڙي پئسا ڪيڏانهن ويا؟ چور: (دروازي ڏانهن ويندي، نوٽ ڏيکاري ڀڄندي) هي ڏسو سائين! صوبيدار: (پس منظرڏانهن منهن ڪندي رڙ ڪندي) اڙي سپاهي ڪوڙا خان! سپاهي: (پس منظر تان) جي سائين! صوبيدار: وارو ڪر جهل ڇوري کي، ڀينگ ڪري ويو. سپاهي: (پس منظر تان) متان ويو آهين ڇورا. چوان ٿو بيهي رهه، نه ته بندوق هڻي گوڏو ڪڍي رکندوسئين! صوبيدار: (پنهنجي منهن وڦلندي ۽ چهل قدمي ڪندي) ڇورو ڪو بنهين نڀاڳو هو. پوليس آفيسر جو به کيسو ڪَٽي ويو. ڀل ڪوڙو خان کنڀي اچيس، اصل کل لاهي ڇڏيندوسانس. سپاهي: (داخل ٿي سلوٽ ڪندي ۽ سهڪندي) سائين! صوبيدار: ڇوري کي پڪڙيئي؟ سپاهي: نه سائين، باقي سندس آڱرين جا نشان ضرور هٿ آيا آهن. صوبيدار: (تريءَ تي مُڪ هڻندي) ويري گُڊ. اهي نشان ڪٿي آهن؟ سپاهي: (روئڻهارڪو ٿيندي) سائين! منهنجي ڳل تي!! صوبيدار: (ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو، ڌڪ الاريندي) اڙي ڪا مار پوئي...!! ___________ * پردوڪري ٿو*___________