وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس

ڪتاب جو نالو وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس
ليکڪ اسرار شام
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-86-4
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (452) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     9452   ڀيرا پڙهيو ويو

اڄ جو اُستاد


ائڪٽ- 1 جاءِ: ڪلاس روم ڪردار: ماستر، نمون (شاگرد)، گُلو (شاگرد)، سانوڻ (شاگرد) ۽ آچر (شاگرد) پردو کُلي ٿو ڏيک: ڪلاس ۾ ڪي شاگرد پڙهي رهيا آهن، ڪي ڪچهري ڪري رهيا آهن، ڪي مشڪري ڪري رهيا آهن. مجموعي طور گوڙ لڳو پيو آهي. ماستر بغل ۾ حاضري رجسٽر ۽ هٿ ۾ لڪڻ کڻي داخل ٿئي ٿو. شاگرد ادب وچان اُٿي بيهن ٿا. ____________________ ماستر: (ڪرسيءَ تي ويهندي) ويهو بابا ويهو. (سڀ شاگرد ويهن ٿا. ماستر پين ڪڍي حاضري وٺي ٿو) ماستر: (پڪاريندي) نمون! نمون: (بيهندي) حاضر سائين! ماستر: اڙي ڇورا! تنهنجا ته اڌ ڊزن خانا خالي پيا آهن. هيترا سارا ڏينهن اسڪول کان غائب، ڇو؟ نمون: سائين! ناني مري ويئي هئي.! ماستر: اڙي نڀاڳا،اُها ته اڳئين هفتي مئي هُئي؟ نمون: نه سائين، اُها ته منهنجي ڏاڏي هئي!! ماستر: (کِٿ ٿيندي) لڳي ٿو سڀني کي ماري پوءِ ساهه پٽيندين. نمون: (آهستي دعا جا هٿ منهن تي ڦيري ۽ ويهندي) آمين! ماستر: (حاضريءَکي لاڳيتو رکندي) گُلو. گُلو: (بيهندي) حاضر سائين! ماستر: (ڪَڙڪو ڪندي) ڇورا! تنهنجو به حاضريءَ جي خانن ۾ ٺانٺو ڦٽو پيو آهي. تو وري هيترا ڏينهن ڇو نٽايو؟ گُلو: (هٿ لهرائيندي) سائين سچي ٻُڌايان؟ ماستر: بابا! تعليم جي معنيٰ سوجهرو ۽ سوجهري جي معنيٰ سچ، يعني ته سچ ته بيٺو نچ. گُلو: سائين حقيقت اِها آهي ته، اوهان به خير سان اسڪول ۾ مهيني دوران اچو ٿا هڪ يا ٻه ڀيرا. سو سوچيم ته وڃي ناناڻن مان گهمي اچان ۽...! ماستر: (لڪڻ اُلاريندي) اڙي چنڊا، ڇا چيئي؟ گُلو: (هٿ ٻڌندي) سائين مون پئي چيو ته ناناڻن مان ورڻ مهل جيڪي مون کي خرچيون مليون، انهن مان پنجاهه روپيا ان خيال کان اوهان جي گهر ڏيئي اڄ اسڪول پهتو آهيان ته استاد جي خدمت ڪرڻ به اسان جي فرض ۾ شامل آهي! ماستر: (خوش ٿيندي) شاباس پٽ! هميشه سچ ڳالهائڻ گهرجي. ويهي رهه. تو جهڙا شاگرد اسان جهڙن استادن جو قيمتي اثاثو آهن!! گلو: (ويهندي) سائين مهرباني! ماستر: (حاضري ڀريندي) سانوڻ. سانوڻ: (اُٿندي) حاضر سائين! ماستر: (مصنوعي رعب ڏيکاريندي) حاضر سائين جا سَڪا! ڪلهه پڻهين شڪايت کڻي آيو هوته وي.سي. آر تي غيرملڪي واهيات فلمون ٿو ڏسين! پڙهين گهٽ ٿو، رُلين گهڻو ٿو، ها؟ سانوڻ: (ڏڪندي) سائين معاف ڪريو، آئنده فلمون ڪونه ڏسندس. ماستر: حقيقت بيان ڪر ته اها فلم ڪٿي ۽ ڪيئن ڏٺئي؟ سانوڻ: (ڳيت ڏيندي) سائين! هر خميس جي ڏينهن تي اوهان جو پٽ ولو شهر مان مسواڙ تي وي.سي.آر کڻي ايندو آهي. ڦوڙي ۾ ڏهه روپيا ڏيئي اوهان جي اوطاق تي ئي فلمون ڏسندا آهيون! ماستر: (ٻنهي طرفن ڏسي، نٽائيندي) چڱو چڱو ويهي رهه! ڏسندس مون واري ڇوري کي ته ڪهڙا ڦاڙها پيو ماري؟ آچر: (روئندي داخل ٿيندي) اون.. اون.. اون...! ماستر: (سامعين ڏانهن ڏسندي) ابا ڏيو منهن؟ ڪنهن ماريو اٿئي ڇورا؟ آچر: (اکيون مهٽيندي) سائين، آنن واري ماسيءَ؟ ماستر: (رجسٽر بند ڪندي) پر ڇو؟ آچر: (هِڏڪندي) سائين، ڪلهه به ماسي پورن ٽن مهينن جا پئسا گهريا هئا، پر اوهان ڪونه ڏنا. اڄ جيئن ئي آئون اوهان لاءِ آنا وٺڻ ويس، ته ماسيءَ آنن ڏيڻ بدران مُڪون هڻي منهنجا پُٺا سُڄائي ڇڏيا!! ماستر: (ڪاوڙ ۾ اُڀو ٿيندي) هن پوڙهيءَ جي اها مجال جو مون کي آنا ڏيڻ کان جواب ڏيڻ سان گڏ منهنجي فرمانبردار شاگرد کي پادر هڻي؟ ڇا کيس خبر نه آهي ته آءٌ ڪير آهيان؟ آچر: (پاڻمرادو ڪُلهي کي زور ڏيندي) ها سائين، پوڙهي ماسيءَ کي خبر آهي ته اوهان سندس قرضي آهيو!! ماستر: (باهه ٿيندي) بڪواس بند ڪر.اها کڳ پوڙهي سمجهي ڇا ٿي پاڻ کي؟ منهنجا به وڏن وڏن ماڻهن سان واسطا آهن. آئون اڄ ئي کيس ڏسڻ وڃان ٿو. آچر: (ساڄي طرف ليئو پائيندي) سائين توهان جي وڃڻ جي ضرورت ناهي... ماسي ڏنڊو کڻيو هتي ئي پيئي اچي. ماستر: (آچر کي ڪن کان جهليندي) ڇورا! تو پهرين ڇو نه ٻُڌايو. مارائي ڇڏيئي نه؟ (ماستر ڊپ وچان رجسٽر بند ڪري هليو وڃي ٿو) سڀ شاگرد: (گڏجي) سائين، ڪجهه ته پڙهائي وڃو..! ___________ * پردوڪري ٿو*___________