وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس

ڪتاب جو نالو وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس
ليکڪ اسرار شام
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-86-4
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (452) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     9456   ڀيرا پڙهيو ويو

مــوڪــل


ائڪٽ- 1 جاءِ: اسڪول هيڊماستر جي آفيس وقت: صبح جو پهر سامان: اسٽيشنريءَ سان سجايل هڪ ميز، ٽي عدد ڪرسيون، ٻه عدد ٽيليفون سيٽ، گهڙيال ۽ قلمدان وغيره. ڪردار: 1- هيڊماستر 2- جهونو (ملاقاتي) 3- نامعلوم (شاگرد) ۽ 4- گلڻ (شاگرد) ڏيک: هيڊماستر صاحب آفيس ۾ ويهي لکپڙهه ڪري رهيو آهي. اوچتو ٽيليفون جي گهنٽي وڄي ٿي. بيزاريءَ وچان مٿي تي هٿ ڏيئي ٽيليفون ڏانهن ڏسي ٿو. لکپڙهه وارو فائيل بند ڪري رسيور کڻي ٿو. چشمو درست ڪندي: Inter cut پوڙهن وارو آواز تبديل ڪندي: ڪالر ۽ گلو درست ڪندي: هيڊماستر: هيلو، هيڊماستر اسپيڪنگ نامعلوم ٻالڪ: السلام عليڪم هيڊماستر: وعليڪم السلام، وعليڪم السلام، حڪم ڪريو؟ ٻالڪ: اطلاع ڪرڻو هو ته اڄ منهنجو پٽ طبيعت ناساز هئڻ ڪري اسڪول اچي نه سگهندو. شڪي ٿي مائوٿ پيس تي هٿ رکي پاڻ مرادو ڳالهائي ٿو: ماؤٿ پيس تان هٿ کڻي ڳالهائيندي: خوش ٿيندي: رعب سان: بدحواسيءَ ۾ اکيون ڦيرائي، ڳيت ڏيندي: ڪرسيءَ تان اٿي کڙو ٿيندي: Cut to cut هيڊماستر: هون؟ ڊرامو ٿو ڪري استادن سان، مڙيئي خير آهي، مڙيئي خير آهي. درخواست ڏياري موڪليو. ٻالڪ: مهرباني سائين! اجهوٿو موڪليان؟ هيڊماستر: ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي. پر اوهان ڪير ڳالهائي رهيا آهيو؟ ٻالڪ: منهنجو پيءُ! هيڊماستر: جي؟ جهونو In ٿيندي، چيلهه تي هٿ ۽ لڪڻ اٿس. رسيور رکي، هٿ ملائيندي: ڪرسيءَ ڏانهن اشارو ڪندي: ڪرسيءَ تي ويهندي: ٽهڪ ڏيندي: نراڙ تي زور ڏيندي: اوچتو ٽيليفون جي گهنٽي وڄي ٿي. رسيور کڻندي: Inter cut روئڻهارڪو ٿي: اوڇنگار ڏيندي: ڇرڪ ڀريندي: cut to cut ٽپ ڏيئي اٿندي: رسيور ڏيکاريندي: رسيور جهوني ڏانهن ڪندي: جهونو: سلاماليڪم ماستر وڏا؟ هيڊماستر: وعليڪم سلام ويهو ويهو، جهونا ويهو. جهونو: لک لائق قرب. خوش باش آهيو. هيڊماستر: رب جا احسان آهن. گهڻن ڏينهن کان پوءِ پيا ڏسجو. جهونو: بس ماستر وڏا، هاڻ ته پيريءَ ۾ هلڻ به ڪونه ٿو ٿئي. ’داختر‘ وٽ پي ويس، اسڪول وٽان گذرڻ ٿيو ته سوچيم نينگر جي به خبر چار وٺندو هلان. پڙهي به پيو يا ڇڙو اڪ ڪارا پيو ڪري؟ هيڊماستر: ڪهڙيون ڳالهيون ٿا ڪريو جهونا؟ اوهان جو نينگر گلڻ اسان جي اسڪول جو نَڪُ آهي، نَڪُ. روز اچي، روز وڃي. هوشيار شاگرد آهي. خاطري ڪريو. آيا آهيو ته ملندا به وڃوس. ها، ابا پٽيوالا... ڇا نالو اٿئي؟ جهونا هڪڙو منٽ ! هيلو؟ شاگرد: سائين، السلام عليڪم! هيڊماستر: بابا وعليڪم السلام. ڪير پيا ڳالهايو؟ شاگرد: اوهان جو فرمانبردار شاگرد گلڻ. هيڊ ماستر: ڇا، اڄ اسڪول نه ايندؤ ڇا؟ شاگرد: نه سائين! اڄوڪي موڪل منظور ڪرڻ فرمائيندا. هيڊ ماستر: پر ڇو؟ شاگرد: منهنجو ڏاڏو گذاري ويو آهي. هيڊماستر: اڙي، ڇا چيئي؟ تنهنجو ڏاڏو ته منهنجي آفيس ۾ ويٺو آهي. جهونو: جي؟ شاگرد: جي؟ هيڊماستر: جي!! [ٽي وي ٽيڪنڪ تي لکيل]