وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس

ڪتاب جو نالو وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس
ليکڪ اسرار شام
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-86-4
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (453) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     9467   ڀيرا پڙهيو ويو

نتيجو


ائڪٽ- 1 جاءِ: گهر سامان: صوفا سيٽ، ڪرسي، ميز، اخبار، بلبن جو هار ۽ ڪتاب وغيره وقت: صبح ڪردار: سڀاڳو (پيءُ) روشن (پُٽ -1) طفيل (پُٽ -2) ۽ عالم (پُٽ-3) پردو کُلي ٿو. ڏيک: ننڍڙو روشن ڪرسيءَ تي پريشان حالت ۾ ويٺو آهي. ميز تي ٻيئي ٺونٺيون رکي، چهري کي هٿن ۾ لڪايو ويٺو آهي. ميز تي ڪجهه ڪتاب به پيل نظر اچن ٿا. ايتري ۾ روشن جو پيءُ، چاچو سڀاڳو خاموشيءَ سان اخبار پڙهندو اندر داخل ٿئي ٿو. ____________________ سڀاڳو: (بيزار ٿي اخبار ويڙهيندي) اخبار وارن جي به خبر ڪانه ٿي پوي، ڪلهه امتحان جي رزلٽ سخت شايع ڪئي اٿن، اڄ وري نمبر کڻندڙن جا فوٽا ۽ انٽرويو ڏنا اٿن! خير خير (روشن ڏانهن ويجهو ويندي ۽ ڳراٽڙي پائيندي) روشن پُٽ؟ روشن: (اُٿندي) جيءُ بابا! سڀاڳو: پُٽ غم نه ڪر،جيڪو ٿيڻو هو، سو ٿي ويو. دراصل تنهنجي قسمت ۾ ئي ائين لکيل هو ته امتحان ۾ ناپاس ٿيندين! روشن: پر بابا، شڪر ٿيو جو امتحان لاءِ محنت ڪانه ڪيم. سڀاڳو: ڇا مطلب؟ روشن: (خوش ٿيندي) جي محنت ڪريان ها ته سڀ پاڻي ٿي وڃي ها. انهيءَ ڪري اوهان کي به مون جيان خوش ٿيڻ گهرجي. سڀاڳو: (حيرت وچان) ڪمال آهي! فيل ٿيڻ جي باوجود ايڏو خوش آهين؟ روشن: انهيءَ ڪري ته اسان کي بچت ٿي آهي ۽ هن ڀيري وري نوان ڪتاب ڪونه وٺڻا پوندا. سڀاڳو: (ٽهڪ ڏيندي) بلڪل مون تي ويو آهين؟ روشن: اهو وري ڪيئن؟ آئون ”ذال“ ذرڙو، اوهان ”و“ وڏا!! سڀاڳو: پُٽ! چوين سچ ٿو، پر اسان جڏهن پڙهندا هئاسين نه، ته سنڌيءَ جي سبقن ۾، بادشاهه محمود غزنويءَ واري سبق تي مڙوئي گهڻو ڌيان ڏيندا هئاسين. روشن: اهو وري ڪيئن؟ سڀاڳو: اهو وري هيئن ته سومناٿ مندر کي فتح ڪرڻ لاءِ محمود مسلسل سورهن ڪاهون ڪيون، پر ناڪام ٿيو. نيٺ سترهين ڪاهه تي وڃي ڪامياب ٿيو. روشن: پر اسان جي ڪتابن ۾، اهو سبق آهي ئي ڪونه!؟ سڀاڳو: پرواهه ناهي، ڇا ٿي پيو، ان جي جاءِ تي هينئر اهڙا سبق وڌا اٿن، جو ماڳهين شاگردن، استادن کي پڙهائڻ شروع ڪري ڏنو آهي! روشن: ها بابا! هڪڙي ڀيري ڪلاس ۾ استاد مون کان پڇيو ته، ’ورنهن‘ جي معنيٰ ڇا آهي؟ سڀاڳو: پوءِ تو ڪهڙي معنيٰ ٻُڌائي؟ روشن: مون چيو، سائين مون کي ڪانه ٿي اچي، توهان ئي کڻي ٻُڌايو؟پر استاد مورڳو دڙڪو ڏيندي چيو، ڇورا! مون کي معنيٰ اچي ها ته توکان ڇو پُڇان ها؟ سڀاڳو: (ٽهڪ ڏيندي) تو وارو استاد به بلڪل مون تي ويو آهي! روشن: اهو وري ڪيئن؟ سڀاڳو: اهو وري هيئن ته آئون پاڻ ايم.بي.بي.ايف آهيان! روشن: (نه سمجهندي) اها وري بي بي، في في ڪهڙي بلا آهي بابا؟ سڀاڳو: (هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي) پُٽ! ايم.بي.بي.ايف معنيٰ، ميٽرڪ بار بار فيل! روشن: (شڪي ٿيندي) اڇا! ته اوهان مئٽرڪ فيل آهيو؟ هين!؟ سڀاڳو: نه نه، پاس آهيان. روشن: اهو وري ڪيئن؟ سڀاڳو: اهو وري هينئن ته جيئن محمود سورهن ڀيرا ڪاهه ڪري ناڪام ٿيو هو، ته آئون به سورهن ڀيرا امتحان ۾ فيل ٿي، سترهين گهمري نيٺ پاس ٿي ويس! روشن: (خوش ٿي تاڙيون وڄائيندي) واهه واهه، پوءِ مٺائي کارايو. سڀاڳو: بابا، اوهان کي ڄڻي ڀوڳيان پيو، اها مٺائي گهٽ آهي؟ روشن: (هوريان چوندي) سڏ ڪريان امان کي؟ سڀاڳو: (روڪيندي) نه نه، ڊوهي اٿئي پيران پير جي،متان سڏيو اٿئي ان تو واري...، ڇا چوندا آهن، ها! ماءُ کي...! روشن: ڇو؟ سڀاڳو: (پنهنجي مُنهن آهستي چوندي) وکا پڌرا ڪري ڇڏيندي! ها، تون فڪر نه ڪر، پاس ٿي ويندين. بورڊ وارن سان سلاماليڪي آهي، ڪيڏانهن ويندا؟ نيٺ توکي وڏو ٿي ڪجهه ڪرڻو به آهي! روشن: ها بابا، آئون هيڏو سارو وڏو ٿي ۽ اوهان وانگر بجلي کاتي ۾ آفيسر ٿي علم جي روشني ڦهلائيندس. سڀاڳو: شاباس! روشن: بابا، بابا! سائين به چوندو آهي ته وڏا ٿي، پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جو نالو روشن ڪجو! سڀاڳو: بلڪل صحيح ٿو چوي استاد اوهان جو. مون کي به پڪ آهي ته جيڪڏهن تنهنجا اهي پار رهيا، ته منهنجو نالو هڪ نه هڪ ڏينهن روشن ڪرڻ بجاءِ، ٻوڙيندين ضرور! روشن: نه بابا، اوهان يقين ڪريو. سڀاڳو: اهو وري ڪيئن؟ روشن: (گاڏيءَ جو آواز ڪري ٻاهر ويندي) اهو وري هينئن! ڪُو ڇڇ، ڪُو ڇڇ،ڪُو ڇڇ، ڪو، ڪُڪُوڪ! سڀاڳو: (وائڙن وانگر ڏسندي، صوفي تي ويهندي ۽ توبنهه ڪندي) بابا! ڏيو منهن. اڄ جو نئون نسل، رب ڏي پناهه! ڇا ڪجي. مجبوري آهي. منهن ڏيڻ به ضروري آهي. (اخبار پڙهڻ شروع ڪري ٿو ته روشن اندر اچي ٿو) روشن: (ڳچيءَ ۾ بلبن جوهار پيل اٿس ۽ ”ڪُو ڇڇ“ ڪندو اندر داخل ٿئي ٿو) ڪُو، ڪُو ڇڇ، ڪُوڇڇ، ڪوڇڇ، ڪو...ڪڪو! سڀاڳو: (ڪاوڙ مان زور سان نقل ڪندي) ڪو! اسٽاپ. روشن: بابا، هاڻ روز هيءُ هار اسڪول پائي ويندس. سڀاڳو: ڇو؟ روشن: مون کي ڏسي ٻيا شاگرد به ائين ڪندا، پوءِ اوهان سان گڏ ملڪ جو ۽ قوم جو نالو به روشن ٿيڻ شروع ٿي ويندو. (سيٽي وڄائيندي ٻاهر ويندي) ڪُو؟ سڀاڳو: (هٿ مٿي تي ڏيندي) بلڪل مون تي ڪونه ويو آهين! خدا خير ڪري، ڪنهن دشمن کي خبر پيئي ته واپڊا آفيسر جي گهر ۾ بلبن جو دوڪان لڳو پيو آهي، ته مورڳو سر ويندو. خير! (سڀاڳو بيزاريءَ مان ٻيهر اخبار کڻي پڙهي مس ٿو ته سندس پُٽ طفيل پس منظر تان کيس سڏ ڪندو اندر داخل ٿئي ٿو. سڀاڳو ڇرڪ ڀري ڏسي ٿو.) طفيل: (خوش ٿيندي) بابا، بابا، بابا، بابا!! سڀاڳو: (دڙڪو ڏيندي) اڙي ڇاهي ڇورا؟ طفيل: بابا امتحان جو...!؟ سڀاڳو: ها ها پٽ طفيل، اڄ تنهنجي امتحان جو نتيجو نڪرڻو هو، ڇا ٿيو؟ طفيل: بابا منهنجو نالو ڇا آهي؟ سڀاڳو: تنهنجو نالو ڇا آهي؟ هائين!؟ بلڪل مون تي ويو آهين طفيل؟ طفيل: (هٿ جي تري وڌائيندي) پوءِ کارايو مٺائي؟ سڀاڳو: (حيران ٿيندي) ڇا جي؟ طفيل: امتحان جو نتيجو ٻُڌائڻ جي! سڀاڳو: اول اسان جو پٽ طفيل نتيجو ٻُڌائيندو، پوءِ مٺائي! ٺيڪ؟ طفيل: پوءِ ٻُڌو! نتيجي ۾ منهنجي نالي جو پهريون اکر ”ط“ نڪري ويو ۽ ڇڙو ”فيل“ ٿي پيس!! سڀاڳو: بلڪل مون تي ويو آهين، پر، پر... آئنده امتحان ۾ ”ط“ لڳائي، پوءِ ويهجانءِ. طفيل: ۽ ناپاس مان ”نا“ ڪڍي، ٺيڪ! سڀاڳو: (ٽهڪ ڏيندي) ڏاڍو شرير ٿي ويو آهين؟ طفيل: بلڪل اوهان تي ويو آهيان. سڀاڳو: شاباس! وڏو ٿي مون وانگر...! طفيل: (اڌ مان ڳالهه ڪٽيندي) گهوٽ ٿيندس! سڀاڳو: (ڇرڪندي) هان! اڙي ڇورا، هينئر ئي اهي ڳالهيون؟ طفيل: امان چوندي آهي، طفيل پٽ گهوٽ ٿيندو. سڀاڳو: چڱو ڀلا، گهوٽ ٿي، پوءِ ڪهڙا اڪ ڪارا ڪندين؟ طفيل: (پيءُ جي گلي ۾ ٻانهن جو هار پائيندي) توهان وانگر گهر جا ٿانوَ ڌوئيندس! سڀاڳو: (هٿ الاريندي) اڙي بيهه ڇورا؟ (طفيل ڊوڙندو ٻاهر نڪري وڃي ٿو ۽ سڀاڳي جو ٽيون نمبر پٽ عالم ڪتاب کنيو ڪراس ڪري ٿو) عالم: السلام عليڪم بابا! سڀاڳو: وعليڪم السلام... تون به پڪ امتحان ۾...! عالم: (جملو پورو ڪندي) آئون پاس ٿي ويو آهيان بابا. سڀاڳو: هان! بلڪل مون تي... منهنجو مقصد آهي، تون واقعي پاس ٿي ويو آهين؟ عالم: اوهان جو قسم بابا، پاس ٿي ويو آهيان. سڀاڳو: (پنهنجي منهن) اعتبار ته اچي ئي نٿو ته...، خير معنيٰ تنهنجي اسڪول جو، تنهنجي ڪلاس جو ماحول بهترين آهي. عالم: ماحول ته سٺو آهي، پر ڇوڪرا ڏاڍا خراب آهن! سڀاڳو: اهو وري ڪيئن؟ عالم: بابا، اڄ ڪلاس ۾ هڪ ڇوڪرو اوچتو پَٽ تي ڪري پيو ته سڀئي کلڻ لڳا، پر آئون بلڪل ڪونه کليس! سڀاڳو: ڇو؟ عالم: انهيءَ ڪري، جو آئون پاڻ ئي ته ڪري پيو هئس! سڀاڳو: بلڪل مون تي ويو آهين، شاباس دل لڳائي پڙهه. عالم: پر اوهان ته عينڪ لڳائي پڙهندا آهيو. سڀاڳو: واقعي سچ چيو اٿن: ”ننڍڙا، وِهه جا ڳنڍڙا“. هينئر ئي دماغ لوڏيندڙ ڳالهيون پيو ڪرين، ته سڀاڻ وڏو ٿي الائجي ڇا ڪندين؟ عالم: (جهاز جو آواز ڪڍندي) بابا آئون جهاز هلائيندس. سڀاڳو: (پُٺي ٺپيريندي) شاباس، پر اسان کي ان مهل ڪيئن خبر پوندي ته اسان جو پُٽ جهاز هلائي رهيو آهي؟ عالم: (ميز تي بيهي جهاز جو آواز ڪڍي هيٺ ٽپ ڏيندي) آئون ان وقت اڱڻ تي بم اڇلائيندس... ڊڙنگ! سڀاڳو: (بيهوش ٿيندي) هان...! (سڀ ٻار ”بابا، بابا“ چئي سڀاڳي کي سهارو ڏيندي چنبڙي وڃن ٿا.) ___________ * پردوڪري ٿو *___________