وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس

ڪتاب جو نالو وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس
ليکڪ اسرار شام
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-86-4
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (453) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     9465   ڀيرا پڙهيو ويو

يئيس سر (Yes Sir)!


ائڪٽ- 1 جاءِ: ڪلاس روم ڪردار: استاد، وزير ۽ شاگرد پردو کُلي ٿو منظر: ڪلاس روم شاگردن سان ڀريل آهي. سڀ شاگرد گوڙ ڪري رهيا آهن. استاد ڪلاس روم ۾ داخل ٿئي ٿو. سمورا شاگرد ادب وچان اُٿي بيهن ٿا. اُستاد ويهڻ جو اشارو ڪري ٿو. سڀ شاگرد ويهي رهن ٿا. استاد اجتماعي ”اُٿ- ويهه“ ڪرائڻ کان پوءِ ڏنڊو کڻي ڳالهائڻ شروع ڪري ڏئي ٿو. ____________________ اُستاد: پيارا شاگردؤ! ڇا اوهان کي ڄاڻ آهي ته، اڄ وزير صاحب اوهان جي اسڪول جو دؤرو ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن؟ شاگرد: (هم آواز ٿيندي) يئيس سر! اُستاد: (خوش ٿيندي) شاباس! وزير صاحب جنهن مهل به اچن ۽ اوهان کان جيڪو به سوال ڪن ته هر سوال جو جواب فضيلت سان کين ڏيندا. مطلب ته سندن هر ڳالهه تي ”يئس سر“ چوندا. ڇا چوندا؟ شاگرد: (ٻيهر هم آواز ٿيندي) يئيس سر!! اُستاد: (اکيون ڦوٽاريندي) سمجهو پيا يا نه؟ شاگرد: (هم آواز ٿيندي) يئيس سر! وزير: (اوچتو ڪلاس ۾ داخل ٿيندي) السلام عليڪم! شاگرد: (اُٿي هم آواز ٿيندي) يئيس سر! وزير: (حيرانيءَ وچان رڙڪندي) ڇا...؟ اُستاد: (ڦڪائيءَ وچان هوريان چوندي) بيوقوفو، چئو: وعليڪم السلام. شاگرد: (هم آواز ٿيندي) يئيس سر! اُستاد: (گهٻرائيندي) بيوقوفَ!؟ وزير: (ڪاوڙجندي) ماستر صاحب! ڇاهي سڀ ٻار چريا آهن؟ شاگرد: يئيس سر! اُستاد: (پريشان ٿيندي) بدبختؤ! ڇا وزير سان ائين ئي کِل ڀوڳ ڪندا رهندؤ؟ شاگرد: (هم آواز ٿيندي) يئيس سَر! اُستاد: (جذباتي ٿيندي) منهنجي ڳالهه ڪَن کولي ٻُڌو، اُها ڳالهه اِها آهي ته...! شاگرد: (اڌ مان ڳالهه ڪَٽي، هم آواز ٿيندي) يئيس سَر! وزير: (خار وچان ٻاهر ويندي) خدا حافظ! شاگرد: (هم آواز ٿيندي) يئيس سر! اُستاد: (مٿي تي هٿ ڏيئي بيهوشيءَ واري حالت ۾ ڪُرسيءَ تي ڪِرندي) اوهان تي خدا جي مار پوي! شاگرد: (هم آواز ٿيندي) يئيس سَر! اُستاد: (نيم خوابي حالت وچان) پيارا شاگردؤ! وزير آڏو منهنجو پٽڪو لاهرائڻ لاءِ اوهان جي مهرباني! شاگرد: (معصوميت وچان هم آواز ٿيندي) ييئيس سر! (هدايتون: اُستاد بيهوش ٿي ڪُرسيءَ ۾ واڙجي وڃي ٿو. شاگرد گهٻرائڻ واري انداز ۾ گڏيل همدردي وارا لفظ ڳالهائيندي، پنهنجي استاد کي سامت ۾ آڻڻ لاءِ زور ڏيڻ کان وٺي سندن مٿي تي تِريون هڻڻ شروع ڪري ڏين ٿا.)