وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس

ڪتاب جو نالو وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس
ليکڪ اسرار شام
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-86-4
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (452) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     9454   ڀيرا پڙهيو ويو

ليکڪ پاران


ناٽڪ ۾ ناٽڪ ادب جي سمورين صنفن مان ناٽڪ (Drama) هڪ اهڙي اُتم صنف آهي، جيڪا ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سگهاري، ڪارائتي، لاڀائتي ۽ اثرائتي هجڻ ڪري مڃتا هيٺ ايندي رهي ٿي؛ ڇاڪاڻ ته اُن ۾ هڪ ئي وقت ڪتابن ۾ پڙهڻ، ريڊيوتي ٻُڌڻ ۽ اسٽيج ۽ ٽيليويزن تي ڏسڻ وارا جوهر موجود آهن. ناٽڪ لکندڙن اڳيان پڙهندڙ/ ٻُڌندڙ/ ڏسندڙ ٻن قسمن جا هوندا آهن: هڪڙا وڏا / بالغ ۽ ٻيا ننڍا / ٻار. عالمي ادب جي حوالي سان خاص ڪري سڌريل ملڪن ۾ هن صنف جي ٻنهي ڀاڱن تي وڌيڪ ڪم ٿيو آهي ۽ ٿي به رهيو آهي، البته ترجيح ٻالڪڙن جي ناٽڪن بابت وڌيڪ رکيل نظر اچي ٿي. ٻارن لاءِ ڪارٽون ٺاهيندڙ بانيڪار والٽ ڊزنيءَ کان وٺي،حال جي ڊراما سيريز ’هيري پوٽر‘ جي رڪارڊ ٽوڙ بزنس اُن جو کليو ثبوت آهي. عالمن جي سج مرزا قليچ بيگ ورهاڱي کان گهڻو اڳ سال 1880ع ۾ پهريون سنڌي اوپيرا ناٽڪ ’ليلا مجنون‘ لکي، سنڌي ادب ۾هن صنف کي پڻ پهريون ڀيرو ڏيٺ ويٺ ڪرائي، پهريون سنڌي ناٽڪ نويس هئڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. ان کانپوءِ به ۾ (ورهاڱي کان پوءِ به) هن صنف ويجهڻ وڌڻ شروع ڪيو. اڻ ڳڻيا ناٽڪ ڇپيا، پيش ۽ نشرڪيا ويا. اهو سلسلو موجوده ايڪيهين صديءَ ۾ به جاري ۽ ساري آهي. البت مجموعي طور ٻارڙن لاءِ سنڌي ناٽڪ تمام گهٽ ۽ نالي ماتر لکيا ويا. سبب کڻي معاشي تنگي، شهرت ۽ دولت جو نشو ئي ڇو نه هجي، پر هڪ طرف عالمي صورتحال۽ ٻئي طرف ٻاراڻي سنڌي ادب (زمان حال ۾ هوندي به)جي کوٽ جي پيش نظروڏن ناٽڪ جي ناٽڪين تي اخلاقي ۽ قومي فرض پڻ عائد ٿيو ته ترجيحي بنيادن تي ان ڳاڻيٽي ۾ پنهنجو نالو ڳڻائن ها، پر ائين نه ٿيو ته مون پنهنجي ليکي پنهنجو پاڻ سان ناٽڪ ڪندي، سنڌ جي معصوم ٻارڙن لاءِ گهڻا مزاحيه ۽ گهٽ سنجيده ناٽڪ لکڻ ۽ ڪرڻ جي شروعات تڏهن ڪئي، جڏهن سال 1964ع ۾ هاءِ اسڪول جو شاگرد هئس. موقعي ۽ مهل جي مناسبت سان هن ادبي جرم جو اعتراف ڪندي، پنهنجي گهٽتائي محسوس ڪونه ٿو ڪريان ته دنيا جا ناٽڪي ڪتاب سون ۽ هزارن جي تعداد ۾ اڀياس هيٺ آڻڻ کان پوءِ ٻاراڻا ناٽڪ سرجيا اٿم، پر گهڻي ڀاڱي ڪپڙن ۾ ويڙهيل حق سچ جو ’اقرارنامو‘ سمجهڻ گهرجي ته سمورا ناٽڪ مشاهدن آڌار سرجيا اٿم، جيڪي ٻارڙن کي اُن ڪري به وڻت جي دائري ۾ آڻيندا، جو اهي هنن لاءِ ئي لکيا اٿم. ان حوالي سان وت کان وڌيڪ اميد اٿم ته وڏي عمروارن کي هي ناٽڪ وڻن نه وڻن، پر ٻارن کي ضرور وڻندا، ڇاڪاڻ ته ’گلوبل ڳوٺ‘ ۾ تبديل ٿي ويندڙ دنيا ۾اکيون کوليندڙ اڄ جا ٻار نظم جي ڀيٽ ۾ نثر ۽ نثر جي صنف ناٽڪ کي وڌيڪ پسند ڪرڻ لڳا آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب جي کوٽ وارو خال تاحال خلا بڻجندو پيو وڃي. هن خال کي گهڻي ڀاڱي ٻارڙن جا ننڍا وڏا شاعر نظم ذريعي ڀرڻ جي ڪري رهيا آهن. هنن جي نظر ۾ ڪهاڻي ۽ ناٽڪ شايد ڪائي اهميت نٿو رکي. ان صورتحال کي آڏو رکندي، پاڻمرادو فيصلو ڪيم ته ٻاراڻي ادب جي ٻين صنفن تي ڪيل ڪم کي في الحال پاسيرو ڪندي، ترجيحي بنيادن تي ٻاراڻن ناٽڪن کي اوليت ڏيان. ان ڏس ۾ سنڌي ادب جي محققه ۽ ليکڪا ڊاڪٽر فهميده حسين، چيئرپرسن سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ کي هڪ درخواست ذريعي ننڍڙو پراجيڪٽ (ڊراما وڊيو ڪيسٽ) بمع بجيٽ ٺاهي، اسڪرپٽ سميت هٿوهٿ حوالي ڪيم. موٽ ۾ سيڪريٽري سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ طرفان هڪ خط هٿوهٿ ڏنو ويو، جنهن ۾ڄاڻايو ويو هو ته ”ڪميٽيءَ جي ميمبرن طرفان ٻارن لاءِ لکيل ڊرامن وارو مسودو ڇپائيءَ لاءِ اصولي طور منظور ڪيو ويوآهي، ان ڪري لکيل مسودي لاءِ ’مهاڳ‘ لکي موڪليو وڃي ته جيئن ڇپائيءَ لاءِ وڌيڪ پيش رفت ڪري سگهجي. اهڙي غيرمتوقع ڄاڻ پڙهي، اٿارٽيءَ جي اختيارين کي گذارش ڪيم ته ڊرامن جو هيءُ اسڪرپٽ وڊيو رڪارڊنگ لاءِ ڏنو ويو هو. جواب مليو ته في الحال ڊرامن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو پيو وڃي، جڏهن ته بعد ۾ هنن ڊرامن کي وڊيو جي صورت ۾ پڌرو ڪرڻ لاءِ پراجيڪٽ تيار ڪيو ويندو. ڪاري ڪانءَ کان ڪنهن پڇيو ته توکي ڪهڙا ٻچا وڻنداآهن؟ چيائين ته مون کي منهنجا ڪارا ڪوجها ٻچڙا، دنيا جي ٻچن کان وڌيڪ چنڊ جهڙا سهڻا مُهڻا لڳندا آهن. اُن حوالي سان پنهنجي سرجيل ناٽڪن تي پاڻمرادو مهاڳ لکڻ بدران مهاڳ وارا ورق لکڻ لاءِ پنهنجي ٻالڪ ادبي شاگرد خالد آزاد (ڊائريڪٽر، پبليڪيشن، سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ) جي مٿي ۾ هنيم، جو ماضيءَ ۾ مٿس ڪي ادبي بقايائون رهيل هيون. هن به خوشيءَ سان ’هائوڪار‘ ڪري، مهاڳ لکڻ واري عذاب کان بچايو. حرف آخر: ٿورائتوآهيان سنڌي ٻوليءَ اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فھميده حسين، سيڪريٽري تاج جويي، ڊائريڪٽر پبليڪيشن خالد آزاد، مسودو منظور ڪندڙ معزز ميمبرن، ڪمپيوٽر آپريٽرن، پروف ريڊر، پرنٽر، بائينڊر، مارڪيٽنگ مئنيجر وغيره وغيره جي لسٽ ۾ نظر نه ايندڙ علمي ادبي شخصيتن جو، جن جي گڏيل محنت جي نتيجي ۾ ٻاراڻي ادب جي بنجر کيتيءَ ۾ ناٽڪن جي ڳٽڪي جا گل ڪتابي صورت ۾ کڙي اُسريا، نسريا ۽ نروار ٿيا.الله واهي! - اسرار شام