وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس

ڪتاب جو نالو وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس
ليکڪ اسرار شام
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-86-4
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (453) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     9464   ڀيرا پڙهيو ويو

واٽ ويندي


ائڪٽ- 1 جاءِ: عام رستو وقت: صبح ڪردار: گُلو (ڳوٺاڻونينگر) منڊو (لانگهائو) بشني (لانگهائو) جادوگر (لانگهائو) سپاهي (لانگهائو) پردو کُلي ٿو ڏيک: ڳوٺاڻو نينگر گلو ڀرواري شهر ۾ ڪنهن ڪم سانگي اچي ٿو. هڪڙي عام رستي تان گذرندي، مُنجهي پوي ٿو. واٽ جو صحيح ڏَس پَتو معلوم ڪرڻ واسطي پڇا ڪرڻ لاءِ ويچاري پيو ته هڪ همراهه منڊڪائيندو گذري ٿو، جنهن کي گلو روڪي پڇي ٿو. ____________________ گُلو: (هٿ کڻندي) ادا؟ منڊو: (مڙندي) چؤ. گلو: (رستي ڏانهن اشارو ڪندي) ادا، هيءُ رستوڪيڏانهن ٿو وڃي؟ منڊو: (زور سان ٽهڪ ڏيندي) ها... ها... ها... ها... گلو: (حيرت وچان) انهيءَ ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ منڊو: صفا بيوقوف ٿو ڏسجين؟ گلو: نه نه، آئون بيوقوف ڪونه آهيان. چوٿين درجي ۾ ٿو پڙهان! منڊو: پر اها به خبر ڪانه اٿئي ته، هيءُ رستوڪيڏانهن ٿو وڃي؟ گلو: خبر ڪانهي، تڏهن ته پڇان پيو، هيءُ رستو ڪيڏانهن ٿو وڃي. منڊو: ميان! هيءُ رستو سالن کان اتي ئي پيو آهي، وڃي ٻَڃي ڪيڏانهن به ڪونه ٿو، سمجهيئي؟ (منڊو ٽهڪ ڏيندو هليووڃي ٿو ۽ گلو وري هن کي وائڙن جيان ڏسندو رهي ٿو. ايتري ۾ هڪ ٻيو لانگهائو، جيڪوغنڊو آهي، اچڻ شرط گلوءَ کي ڳٿر مان وٺي ٿو) بشني: اڙي ڪنهن کي پيو ڏسين ڇوڪرا؟ گلو: (ڪنڌ ڪڍائي ڊپ وچان) ’سلاماليڪم‘! بشني: ’اڙي ماليڪم السلام، اتي ڪيئن بيٺو ايئن ڙي؟‘ گلو: واٽ ڀلجي ويو آهيان ادا. بشني: ’پرواهه نائي ڙي، آئون توڪي پار ڪرائيندوس. ٽيڪ آ...!‘ گلو: خدا ڪندو خوش هوندين. بشني: (ماچيس گهرندي) آهي؟ گلو: (قميص مان پين ڪڍي وڌائيندي) بلڪل، اچي! بشني: (بيزار ٿيندي) اڙي بابا، ماچيس پيو گهران ماچيس! گلو: ماچيس ته ڪونهي. بشني: سگريٽ؟ گلو: اونهون... سگريٽ ڇڪڻ ڪني عادت آهي. بشني: ’اڙي تو وٽ ماچيس ڪوني، سگريٽ ڪوني، پئسا ضرور اوندا؟‘ گلو: ادا، آهن پر ڀاڙي ڀُتي جا! بشني: (چاقو ڏيکاريندي) اڙي ڪڍ ٻاهر! گلو: (ڏڪندي پئسا ڏيندي) وٺ. بشني: (ٽهڪ ڏيندي ۽ نوٽ چمندي) ’واهه ڙي مولا، صبح سان سٽو گاڪ ملايوتئي.‘ (غنڊو ٽهڪ ڏيندو وڃي ٿو) گلو: (آسمان ڏانهن نهاريندي) هاڻ ڇا ٿيندو مولا؟ جادوگر: (پنهنجي منهن ايندي) انتر منتر، جادو جنتر. ڪٽ ڪٽ ڪٽ ٺا. ڇا پيو مٿي ڏسين ڇوڪرا؟ گلو: (بدستور اُڀ ۾ ڏسندي) ڏينهن جا تارا. جادوگر: اهي ڌنڌا ڪنگلن جا ٿيندا آهن. گلو: (هوش ۾ ايندي ۽کيسي تي هٿ ڏيندي) توکي ڪيئن خبر پيئي ته آئون ڪنگلو ٿي ويو آهيان؟ جادگر: آئون جادوءَ جو علم ڄاڻندو آهيان. گلو: (پيرن تي ڪرندي) پوءِ وارو ڪر ادا جادوگر! منهنجا پئسا بشني ڪڍي ويو آهي. جادوگر: شهر ۾ نئون ٿو ڏسجين. گلو: بلڪل نئون. جادوگر: تنهنجو ڳوٺ ڪٿي آهي؟ گلو: ’ٽنڊي جوسڦ‘ جي ڀرسان. جادوگر: ’ٽنڊو جوسڦ‘ ڪٿي آهي؟ گلو: ڳوٺ جي ڀرسان. جادوگر: ٻيئي ڪٿي آهن؟ گلو: هڪ ٻئي جي ڀرسان!! جادوگر: پئسا گهڻا نڪتا آهن؟ گلو: ساڍا پنج رپيا. جادوگر: باقي گهڻا بچيا آهن؟ گلو: چار رپيا. جادوگر: (رڙ ڪندي) ملي ويا! گلو: ڪٿي آهن؟ جادوگر: ترس! منتر اهڙو ٿو هڻان، اهڙو ٿو هڻان، هڪ منٽ ۾ پئسا تريءَ تي! پهريائين تنهنجا باقي پئسا غائب ڪرڻا پوندا. گلو: (کيسو جهليندي) ائين وري ڪيئن ٿيندو؟ جادوگر: چريا! غور سان ٻُڌ. جيڪي پئسا غائب ڪندس، اُهي هوائي جهاز رستي، سڌو بشنيءَ جي کيسي ۾ وڃي پهچندا ۽ جڏهن وري منتر هڻڻ سان موٽندا ته بشنيءَ کي ٿاڻي ۾ ڇڏي، باقي پئسا اچي تنهنجي کيسي ۾ پوندا. سمجهيئي؟! گلو: (خوش ٿيندي) واه ادا جادوگر واهه! پوءِ دير ڇاجي آهي؟ جادوگر: سڌو ٿو بيهه. (گُلو سڌو ٿي بيهي ٿو) اکيون بند ڪر. (گُلو اکيون بند ڪري ٿو) کيسو خلاصوڪري جهل. هاڻي آئون منتر هڻان ٿو. منهنجو آواز ختم ٿئي ته ڏهن تائين دل ۾ ڳڻي اکيون کولي ڇڏجانءِ.آئون غائب هوندس ۽ پئسا تنهنجي کيسي ۾ هوندا، ٺيڪ؟ گلو: ٺيڪ. جادوگر: منتر هڻان؟ گلو: ها اُستاد. جادوگر: (مدارين وانگر) بيچ مين نهين بولين گا. گلو: نهين بولين گا. جادوگر: بچا! گلو: بابا! جادوگر: مين ڪون؟ گلو: جادوگر! جادوگر: تو ڪون؟ گلو: تيرا باپ! جادوگر: (گُلوءَ جي کيسي مان نوٽ ڪڍندي) يه ڪيا هي؟ گُلو: ميرا کيسا. جادوگر: (ويندي ويندي) انتر منتر،جادو جنتر، پئسا نڪرنتر، اڏامنتر، ڌو بشنيءَ جي کيسي ۾ پونتر، متان ويو آهين؟ شنتر منتر،ڪٽ مٽ، ڪٽ مٽ ٺا ٺا ٺا. (جادووگر هليو وڃي ٿو) گلو: (اکيون کولي کيسي ۾ هٿ وجهندي) اڙي پئسا ته پهتا ئي ڪونه. پڪ ٺڳجي ويس! (سڏ ڪندي پاراتا ڏيندي) الا ڪندو بس هيٺان ايندين. مون ’گريبڙي‘ جا پئسا، پيٽ ۾ سور وجهندئي. او ظالم جادوگر! (گُلو سُڏڪندو رهي ٿو. ايتري ۾ علائقي جو سِول ڊريس ۾ هڪ سپاهي لانگهائو ٿئي ٿو.) سپاهي: (همدردي ڪندي) ادا، توسان خير ته آهي؟ گُلو: خير هجي ها ته ڇو روئان ها! سپاهي: آخر ڇا ٿيو؟ گلو: هڪڙو بشني، مون کان پئسا ڦُري ويو آهي. سپاهي: (ڪنڌ ڌوڻيندي) اڇا اڇا؟ گلو: تون ڪير آهين؟ سپاهي: توکان جيڪو بشني پئسا ڦُري ويو نه، سمجهه آئون ان جو استاد آهيان! گلو: (ڊپ وچان ٻه وکون پوئتي هٽندي) جي؟ سپاهي: (ويجهو ايندي) جي! اهو ته اسان وٽ جماڻي چنڊاڻي مهمان بڻجي ايندو رهندو آهي. گلو: (ڊپ وچان) معنيٰ تون به، تون به...!؟ سپاهي: (آٿت ڏيندي) گهٻراءِ نه، آئون بشني ٻشني ڪونه آهيان! گلو: پوءِ تون ڪير آهين؟ سپاهي: (فخر سان) آئون پوليس وارو آهيان. گلو: (ڇرڪندي) هان! هل هل ڪوڙا، تون پوليس وارو ڪونه آهين. تون به مون کي ٺڳ ٿو نظر اچين! سپاهي: (هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي) ايمان سان، آئون واقعي پوليس وارو آهيان. گلو: پوليس وارن کي ته وردي هوندي آهي. سپاهي: آئون هن وقت سِول ڊريس ۾ آهيان. هيءُ ڏس پَٽو! گلو: پوءِ مون کي منهنجا ڏوڪڙ ورائي ڇو نٿو ڏين؟ سپاهي: اهو بشني تنهنجا گهڻا پئسا ڪڍي ويو آهي؟ گلو: آڌيئي سميت، ساڍا پنج روپيا. سپاهي: (مايوس ٿيندي) ڪجهه ڇڏي به ويو يا صفا کيسو خالي؟ گلو: رب جو شڪر آهي. پاسي واري کيسي تي هٿ ڪونه پيس، نه ته اهي ويهه روپيا به ٻهاري وڃي ها. سپاهي: ٺيڪ آهي، تون اتي بيهه. آئون پويان ٿو وڃانس. گلو: هو الائجي ڪٿان وڃي نڪتو هوندو. پنڌ ڪيئن پڄندينس؟ سپاهي: (کيسي ۾ هٿ وجهندي) پرواهه ناهي. رڪشا ڪري ٿو وڃانس. اڙي هيءُ ڇا، منهنجي کيسي ۾ به پئسا ڪونه آهن. اڙي ڪيڏانهن ويا. ڪمال آهي. صبح جو کيسي ۾ ته پيا هئا. (پاڻمرادي تلاشي وٺي ٿو.) گلو: پڪ، ساڳيو بشني تنهنجا پئسا به ڪڍي ويو!؟ سپاهي: (شڪي ٿيندي) هان! هاڻ سمجهي ويس. بشني وشني پئسا ڪونه ڪڍيا آهن، پر تو منهنجا پئسا ڪڍيا آهن! گلو: اي ڇتو اچي ٿيو آهين؟ سپاهي: هل ٿاڻي تي!! (سپاهي ٻانهن ۾ هٿ وجهي ٿو ۽ گلو ڀڄڻ جي ڪري ٿو. ٻيئي سڪتي ۾ اچن ٿا) ___________ * پردوڪري ٿو*___________