وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس

ڪتاب جو نالو وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس
ليکڪ اسرار شام
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-86-4
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (452) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     9458   ڀيرا پڙهيو ويو

سرٽيفڪيٽ


ائڪٽ- 1 جاءِ: ٻهراڙيءَ جو رستو (چؤ واٽو) ڪردار: پوڙهو ڪامل، ماستر گُلڻ، بيروزگار نوجوان نورل ۽ هڪ ٻار. پردو کُلي ٿو. ڏيک: عينڪ، پٽڪو پاتل جهور پوڙهو ڪامل پنهنجي پوٽي جي سهاري سان رستي تي اچي ٿو. سندس هٿ ۾ هڪ ڪاغذ آهي. اوچتو ٻئي طرف کان ماستر گلڻ، ڪُڪڙ ڪڇ ۾ ڪري، نروار ٿئي ٿو. ____________________ ماستر گلڻ: سلا ماليڪم ڏاڏا ڪامل؟ ڪامل: وعليڪم السلام...! اَبا (چشمي کي نڪ تي سيريندي) ڪهڙو آهين؟ ماستر گلڻ: (ڪُڪڙ جي پڇ تي هٿ ڦيرائيندي) ڏاڏا ڪامل، آئون ماستر گلڻ آهيان، گلڻ.! ڪامل: (ويجهو ايندي) ابا، معاف ڪجئين، هڪ پيري، ٻي نظر جي ڪمزوري هئڻ ڪري، توکي سڃاڻي نه سگهيس! ماستر گلڻ: مڙوئي خير آ ڏاڏا ڪامل! ڪريو خبر، اڄ پوٽي کي ساڻ ڪري ڪنهن ڪاڄ ۾ وڃو پيا ڇا؟ ڪامل: نه ابا نه! ڪاڄن ۾ وڃڻ اوهان نوجوانن کي سونهين، آئون ته ڪنهن ڪم سانگي شهر وڃڻ لاءِ پئي نڪتس ته... ماستر گلڻ: (اڌ مان ڳالهه ڪَٽيندي) ڪو ڪم هجي ته ماستر گلڻ تيار آهي. ڪامل: خدا تنهنجو ڀلو ڪري، بس! هڪڙي درخواست لکي ڏي. ماستر گلڻ: (مڇ وٽيندي) حُڪم ڪريو؟ ڪامل: حڪم نه، پر عرض آهي ته، پاڻيءَ جي لائين حاصل ڪرڻ لاءِ ڊي.سي صاحب جي نالي انگريزيءَ ۾ هڪ درخواست لکي ڏي! ماستر گلڻ: (لنوائيندي) ڏاڏا ڪامل! انگريزيءَ ۾ درخواست لکڻ مون لاءِ مشڪل آهي. ڪامل: (وائڙو ٿيندي) ابا، پوءِ اها ماستري توکي ڪيئن ملي؟ ماستر گلڻ: (ٽهڪ ڏيندي) ڳالهه پڌري پٽ آهي. منهنجي پاران امتحان ۾ ويٺو ڪريم، فٽافٽ ملي ويو سرٽيفڪيٽ. ڪامل: (تڪڙ ۽ حيرانيءَ مان پڇندي) پوءِ؟ ماستر گلڻ: پوءِ ڇا؟ پئسا ڦينڪ، تماشا ديک. رڳو پنجاهه هزار روپين گرمي ڏيکاري ۽ ماستريءَ جو آرڊر گهر ويٺي ملي ويو. ڪامل: (ڪنڌ ويچار ۾ ڌوڻيندي) ابا ماستر وڏا، چئبو ته ڪم ائين پيو هلي؟ ماستر گلڻ: (ڪُڪڙ جي پڇ تي هٿ گهمائيندي) ڏاڏا ڪامل! ٻيو حڪم؟ ڪامل: (گلڻ جو ڦڪي مُرڪ سان ڪُلهو ٺپريندي) بس ابا، تنهنجي مهرباني جو توکي سيڙايم. ٺهيو، ڏسان ٿو ٻئي ڪنهن کي. ماستر گلڻ: (موڪلائيندي) ٻيڙا ئي پار...! آ پُٽ جاوا؟ (گُلڻ هليو وڃي ٿو) ٻالڪ: (معصوميت سان) ڏاڏا، هنن ماسترن کي انگريزيءَ ۾ درخواست ئي لکڻ ڪانه ٿي اچي، ته پوءِ شاگردن کي هي ڪيئن پڙهائيندا هوندا؟ ڪامل: (ڀاڪر ۾ ڀريندي) چوين سچ ٿو. هڪ ڏاهي جو قول آهي ته ”اوهان کي ڪنهن قوم کي ٻوڙڻو هجي ته ان کان علم کسي وٺو“. ٻالڪ: اها ته ڏاڍي خراب ڳالهه آهي ڏاڏا؟ ڪامل: بس بابلا! دنيا جو ڦيرو آ، جيڪو ڪم علم دشمن کي ڪرڻ گهرجي، اهو ساڳيو ڪم اسان جا نوجوان سفارش ۽ رشوت عيوض ڪرڻ تي فخر محسوس ڪرڻ لڳا آهن. (اوچتو سامهون نوجوان نورل اچي ٿو) ٻالڪ: ڏاڏا، چاچي ڍولڻ وارو پُٽ پيو اچي. ڪامل: ابا اچڻ ڏينس، اهومڙوئي ڪم واروڇوڪر آهي. نورل: (پيرن تي هٿ رکي ٻنهي سان هٿ جوڙ ڪندي) ڏاڏا ڪامل! آئون نورل آهيان نورل. ڪامل: خدا ڪري خوش هجين بابا! هڪ ڪم ڪر، انگريزيءَ ۾ درخواست لکي ڏي ته دعائون ڪندو سئين. نورل: (ڇاتيءَ تي نيازمنديءَ سان هٿ رکندي) حاضر ڏاڏا سائين، حڪم ڪريو. ڪنهن ڏانهن ۽ ڪهڙي سلسلي ۾ درخواست لکڻي آهي؟ ڪامل: ابا، اها پاڻيءَ جي لائين وٺڻ لاءِ ڊي.سي صاحب ڏانهن. نورل: اوهان لاءِ کوڙ درخواستون لکي ڏيڻ پاڻ لاءِ عبادت ٿو سمجهان، ڇو ته اوهان سنڌيءَ جا عظيم ۽ جهونا رٽائرڊ استاد آهيو. ڪامل: ابا، مون ته حال سارو خدمت ڪئي، پر تون ٻُڌاءِ ته هن وقت ڇا ڪري رهيو آهين؟ نورل: ڏاڏا، اوهان جي دعا سان بي.اي پاس آهيان، پر...؟ ڪامل: (اَڌ مان ڳالهه ڪٽيندي) توکي ماستري به ڪانه ملي ڇا؟ نورل: (ٿڌو ساهه ڀريندي) هڪ غريب، ٻيو سفارش ۽ ٽيون رشوت نه هئڻ ڪري اسان جهڙن لاءِ ڪهڙي نوڪري ڏاڏا ڪامل؟ پوءِ به خدا جو شڪر آهي، ٻن ايڪڙن تي هر هلائي، گذران ڪريان پيو! ڪامل: (هٿ مٿي کڻندي) بس! خدا ساڃاهه ڏي انهن آفيسرن کي، جيڪي ڌن جي لالچ ۾ توجهڙن سوين باشعور نوجوانن جو حق ماري رهيا آهن. نورل: فقط اوهان جون دعائون گُهرجن. دنيا علم، عقل ۽ شعور جي هٿيارن سان ليس ٿي ايڪويهين صديءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ، اڄ کان ئي تياريون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آهن. ڪامل: پُٽ! تنهنجا ويچار ٻُڌي، ڄڻ مون کي خواب جي تعبير ملي ويئي آهي. آس اٿم ته خدا ڪري ڪوڪڙي ماستر گلڻ بدران، تو جهڙا باهمت، نوجوان اسڪول جي ايوانن ۾ استاد بڻجي، علم جي روشني پکيڙي قومي فرض پورو ڪن!! نورل: ان شاءَ الله ائين ئي ٿيندو ڏاڏا ڪامل. پر... پهرين اوهان جو ڪم. هٿ لکيل درخواست تي ڪامورا گهٽ ڌيان ڏيندا آهن! فڪر نه ڪريو، آئون روزانو ٽائيپ سکڻ لاءِ شهر ويندو آهيان، واعدو آهي ته اڄ ئي درخواست ٽائيپ ڪري، شام جو گهر پهچائي ويندس. ڪامل: (خوش ٿيندي) ٻچا! خدا توکي وڏي حياتي ڏي. نورل: (موڪلائيندي) چڱو الله توهار. (نورل هليو وڃي ٿو) ڪامل: هل ٻچڙا! ته هلي گهر ڀيڙا ٿيون. ___________ * پردوڪري ٿو*___________