ڪتاب جو نالو | ناميارا سائنسدان (جلد III) |
---|---|
ليکڪ | قاضي منظر حيات |
سنڌيڪار / ترتيب | قاضي منظر حيات |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-043-2 |
قيمت | 80 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 17 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 431854 ڀيرا پڙهيو ويو |
هي جَڳُ، راڪيٽن ۽ خلائي سفر جو آهي. گوڊرڊ کي اهڙي دور جو باني چئي سگهجي ٿو، ڇو ته هُن انهيءَ سائنس تي تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ سڀ کان اڳ هڪ اهڙو راڪيٽ اُڏايو، جيڪو پاڻياٺي ٻارڻ وسيلي هلندڙ هو. ان کان پوءِ گوڊرڊ ڪيترن ئي قسمن جا ٻيا راڪيٽَ جوڙيا ۽ انهن ۾ ڪتب ايندڙ ٻارڻ کي پڻ ترقي ڏني. راڪيٽن جي رفتار ۾ زبردست واڌارو آندو ۽ سائنس جي اهڙي شعبي جو بنياد وڌو، جنهن جي مدد سان اڄ اسان چنڊَ تي دنيا جوڙڻ جو سوچي رهيا آهيون.
رابرٽ ايڇ. گوڊرڊ هڪ آمريڪي طبعياتي ماهر هو. هو 05 آڪٽوبر 1882ع تي ورسسٽر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم بوسٽن ۾ حاصل ڪيائين. سال 1908ع ۾ هُن بي.ايس.سي پاس ڪئي ۽ 1912ع ۾ پي.ايڇ.ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪيائين. گوڊرڊ استادي پيشو اختيار ڪيو ۽ ترقي ڪندي ڪلارڪ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر بڻجي ويو.
ننڍپڻ کان ئي گوڊرڊ جي طبعيت ۾ بُردباريءَ وارو عنصر موجود هو. هن کي سائنس ۽ حسابن سان بيحد دلچسپي هئي ۽ گهڻو ڪري چُپ چاپ ويهي، سائنسي مسئلن تي غور فڪر ڪندو رهندو هو. سندس وڏي خواهش اِها هئي ته سيرَ سفر ۽ آمدرفت جا تيز ذريعا دريافت ڪري هو هر ڪم کي بهتر کان بهتر انجام ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هو.
اڃا کيس پروفيسر ٿئي ڪو گهڻو وقت نه گذريو هو ته گوڊرڊ هوائي جهازن ۾ توازن ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي تمام گهڻو تحقيقي ڪم ڪري ورتو. هن ترت ئي راڪيٽ ۽ جيٽَ جهازَ تي تحقيق ڪرڻ چاهي ٿي.
پَڪ سان ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي ته هِن راڪيٽ تي پنهنجا تجربا ڪڏهن شروع ڪيا پر 1908ع کان پنهنجن دوستن سان ننڍن ننڍن راڪيٽن تي خيالن جي ڏي وَٺُ ڪرڻ لڳو. 13-1912ع ۾ هن پرنسٽن يونيورسٽيءَ ۾ ڪي تجربا ڪيا، پر سندس گهڻو وقت راڪيٽن جي ڳڻ ڳوتَ ۾ گذرندو هو. تمام گهڻيءَ محنت کان پوءِ هو انهيءَ نتيجي تي پهتو ته راڪيٽ کي تمام گهڻي بلنديءَ تي پهچائڻ لاءِ اڃا گهٽ مقدارَ ۾ اڏرڻ جي ضرورت پوندي. ان بعد هو اِنهيءَ نظريي کي عملي صورت ڏيڻ لاءِ حد کان وڌيڪ بيچين هو.
1914ع ۾ هو ڪلارڪ واپس آيو ۽ هن پنهنجي ٿوريءَ پگهارَ جو ڪجهه حصو انهن تجربن تي خرچ ڪرڻ شروع ڪيو. پهريائين هو راڪيٽن ۾ خشڪ ٻارڻ ستعمال ڪندو هو ۽ اهو ڏسندو هو ته هوا ۽ خلا ۾ راڪيٽ جي اُڏامَ ۽ رفتار ۾ ڪهڙو فرق آهي.
انهن تجربن تي گوڊرڊ لڳ ڀڳ 800 ڊالر پنهنجا خرچ ڪيا ۽ 1916ع ۾ محسوس ڪيو ته ٻاهرين امداد کان سواءِ هاڻ هو تجربا جاري نه ٿو رکي سگهي. اِها هڪ عجيب حقيقت آهي ته دنيا جي گهڻن ئي سائنسدانن غربت ۾ گهاريندي تعريف لائق ايجادون دنيا آڏو آنديون آهن. انهن ۾ اهڙا ماڻهو تمام گهٽ هئا، جن کي دولتمند ماڻهن مالي سهائتا ڏني هجي.
گوڊرڊ ٻين جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇِڪائڻ لاءِ هڪ سادي ترڪيبَ ڪتب آندي. هِن سائنسي انداز ۾ هڪ ڪاغذ تي اهي سمورا تفصيل لکيا، جيڪي سندس ذهن ۾ هئا. هن انهن کي ڪيترا ڀيرا لکيو ۽ پوءِ انهيءَ جو هڪ هڪ نقل هر سائنسي اداري ڏانهن اُماڻيو. سندس مقصد اِهو هو ته ممڪن آهي ڪو ادارو سندس ڪم کان متاثر ٿي پوي ۽ ان سلسلي ۾ مالي مدد ڪرڻ جو بندوبست ڪري. هر هنڌان ناڪاري موٽ ملڻ کان پوءِ اسمٿ سونين انسٽيٽيوشن، گوڊرڊ جي همت افزائي ڪئي ۽ معلوم ڪيو ته کيس تحقيقي ڪم لاءِ ڪيترن ڊالرن جي ضرورت آهي. آخرڪار پنجن هزار ڊالرن جو فيصلو ٿيو. گوڊرڊ کي اِن ڳالهه جي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ هن آمريڪا ۾ اهڙا تجربا شروع ڪيا، جن دنيا جي تاريخ کي بدلائي ڇڏيو.
جنوري 1920ع ۾ اسمٿ سونين انسٽيٽيوشن گوڊرڊ جي تحقيق جو تَتُ پهريون ڀيرو شايع ڪيو، جنهن ۾ تمام گهڻو بلنديءَ تي رَسڻ جا ڪي ذريعا ٻُڌايا ويا هئا. ان وقت تائين ماڻهو اِهو سمجهندا هئا ته راڪيٽ هوا جي سهاري سان ڌِڪو کائي اڳتي وڌي ٿو، پر هوا ته ڪجهه سؤ ميلن کان پوءِ ختم ٿي وڃي ٿي. معنيٰ ته راڪيٽ گهڻو مٿانهون وڃڻ لاءِ مناسب ذريعو ناهي. گوڊرڊ انهيءَ خيالَ کي رَد ڏنو، ڇو ته هي مصنوعي طرح خلا پيدا ڪري، ان ۾ راڪيٽ جا ڪامياب تجربا ڪري چڪو هو. هوا ته راڪيٽ جي راهه ۾ هڪ طرح جي رڪاوٽ پيدا ڪري رهي هئي.
گوڊرڊ راڪيٽ جي ٻارڻ تي به ڪيترا تجربا ڪيا ۽ انهيءَ کي بهتر بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون، پر سندس سڀ کان وڏو ڪارنامو اِهو آهي ته هُن 1919ع جي شروعاتي دور ۾ اِها اڳڪَٿي ڪئي ته راڪيٽ کي زمين کان ايترو مٿانهون کڻي وڃي سگهجي ٿو، جو اهو وري ڪڏهن به واپس نه اچي (اڄ اِهو خيال حقيقت جو روپ وٺي چڪو آهي).
گوڊرڊ ئي سڀ کان پهريائين اِهو تصوّر قائم ڪيو هو ته رڳو اَٺن ڏهن ٽنن جو هڪ راڪيٽ چنڊ جي اونداهين حصي تي پهچي، اهڙي چَمَڪَ پيدا ڪري سگهي ٿو، جنهن کي دوربين وسيلي ڌرتيءَ تان ڏِسي سگهجي ٿو. ماڻهن کي اِنهيءَ خبر سان ڏاڍو لڳاءُ پيدا ٿيو. سائنسي دنيا ۾ هلچل پيدا ٿي وئي، راڪيٽ ڪا نئين ايجاد ته نه هو، پر ان جو استعمال يقيناً نئون هو.
هميشه وانگر اُن وقت جي ماڻهن به انهيءَ خيالَ تي چٿرون ڪيون. ڀلا انسانُ چنڊ تي ڪيئن ٿو رَسي سگهي! اِها ڪيفيت ڪيتري عرصي تائين قائم رهي ۽ ڪنهن حد تائين اڄ به موجود آهي. گهڻا ئي ماڻهو اڃا تائين چنڊ ۽ ٻين دنيائن جي سفر کي ناممڪن سمجهن ٿا، ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي ان سوچ تي کِلن ٿا!
گوڊرڊ اهڙين ڳالهين جي ڪا پرواههَ نه ڪئي، ۽ پنهنجي تحقيق ۾ مصروف رهيو. ان وقت تائين هو خشڪ ٻارڻ تي تجربا ڪندو رهيو هو، پر هاڻي هُن سوچيو ته راڪيٽن ۾ پاڻياٺو ٻارڻ استعمال ڪجي، جيڪو وڌيڪ موزون ثابت ٿيندو. 1920ع کان 1922ع وارو وقت هُن اهڙا تجربا ڪندي گذاريو. گوڊرڊ ڏٺو ته پاڻياٺي آڪسيجن تيز رفتاريءَ ۾ ڏاڍي مدد ڏئي ٿي. پاڻياٺي آڪسيجن ۽ گيسولين جو مرڪب سٺو ٻارڻ ثابت ٿئي ٿو؛ گوڊرڊ وڌيڪ تجربا اُن ٻارڻ تي جاري رکيا.
16 مارچ 1926ع تي گوڊرڊ هڪ اهڙو راڪيٽ اُڏايو، جنهن جي سائنسي تاريخ ۾ اِن حوالي سان هڪ خاص اهميت حاصل آهي ته اُنهيءَ ۾ سڀ کان پهريائين پاڻياٺو ٻارڻ استعمال ڪيو ويو هو. ان جي ڊيگهه رڳو ڏهه فٽ هئي، موٽر ٻه فٽ ڊگهي استعمال ڪئي وئي. راڪيٽ اڍائي سيڪنڊن ۾ 184 فٽن جو مفاصلو طئي ڪيو ۽ ان جي سراسري رفتار سٺ ميل في ڪلاڪ هئي.
17 جولاءِ 1929ع تي گوڊرڊ هڪ وڏو راڪيٽ اُڏايو، جنهن ۾ هوائي داٻ ماپڻ وارو هڪ اوزار ۽ تصويرون ڪڍڻ لاءِ هڪ ڪئميرا به لڳائي وئي. گوڊرڊ لاڳيتو اِها ڪوشش ڪندو رهيو ته ان جا تجربا ڳُجها رهن؛ کيس ڪم سان دلچسپي هئي، مشهوريءَ سان مطلب نه، پر راڪيٽ جا تجربا ڪهڙي طرح لِڪي ٿي سگهيا! انهن جو شعلو ته پري کان ڏيکاربو آهي. مطلب ته گوڊرڊ جي شهرت ۾ واڌارو ايندو رهيو ۽ کيس مالي مدد ملندي رهي.
ان کان پوءِ گوڊرڊ ميڪسيڪو جي ڏاکڻي حصي کي پنهنجن تجربن لاءِ چونڊيو، ڇو ته اهو علائقو شهر جي هل هنگامي کان پَرڀرو هو، اتي طوفان به گهٽ ايندا هئا ۽ اتان جي آبهوا بهتر هئي. راڪيٽ بابت اڄ به تجربا انهيءَ علائقي ۾ ڪيا وڃن ٿا. 30 ڊسمبر 1930ع تي گوڊرڊ اُتي هڪ ٻيو راڪيٽ خلا ۾ ڇڏيو، جنهن جي ڊيگهه 11 فٽ ۽ وزن 33 پائونڊن کان ڪجهه وڌيڪ هو. اهو ٻه هزار فٽن جي بلنديءَ تائين پهتو ۽ ان جي وڌ ۾ وڌ رفتار پنج سؤ ميل في ڪلاڪ هئي.
گوڊرڊ جو مقصد هڪ اهڙو راڪيٽ ايجاد ڪرڻ هو، جنهن تي هر طرح ڀروسو ڪري سگهجي. هُن کي بلنديءَ بابت وڌيڪ دلچسپي ڪانه هئي، تنهنڪري هن راڪيٽ جي ڍانچي ۽ توازن طرف وڌيڪ ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. 19 اپريل 1932ع تي گوڊرڊ بهتر قسم جو راڪيٽ اڏايو. ٻن سالن کان پوءِ رفتار ۾ اڃا به واڌارو آيو. هاڻي گوڊرڊ جو راڪيٽ ست سؤ ميل في ڪلاڪ جي رفتر سان اڏامڻ لڳو، بلڪل آواز جي رفتار برابر. اُن وقت ايڏي اُڏام اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي.
1935ع تائين راڪيٽن جي ڊيگهه، اوچائي ۽ رفتار وغيره ۾ سڌارو ۽ واڌارو ايندو رهيو، پر گوڊرڊ لڳاتار اِها ڪوشش ڪندو رهيو ته راڪيٽ جو توازن درست رهي. اُن وقت تائين راڪيٽن ۾ ڪنهن ساهواري جي ويهڻ جو سوال ئي پيدا نه پئي ٿيو. راڪيٽ ڇڏڻ کان پوءِ اهو ڏسبو هو ته ڌرتيءَ کان ڪيترو بلند ٿيو، اڳ جي ڀيٽَ ۾ هاڻي ڪيترو مٿي ويو ۽ ان جي رفتار ڪيتري رهي. ڪجهه سيڪنڊن جي وقفي کان پوءِ اهو زمين تي واپس اچي ڪِرندو هو.
ان کان پوءِ گوڊرڊ اِن ڳالهه تي زور ڏنو ته راڪيٽ جي وزن کي گهٽايو وڃي ته جيئن رفتار ۾ واڌ اچي سگهي. ڪجهه سالن بعد ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ٿي. جرمنيءَ ۾ وي- ٽو جهڙو ڪامياب راڪيٽ ايجاد ٿيو، پر انهن سڀني سُڌارن ۾ گوڊرڊ جو تمام گهڻو هٿ رهيو.
19 آگسٽ 1945ع تي هي ماهر سائنسدان فوت ٿيو. سندس موت، مفيد تجربن جو سلسلو ڪجهه وقت لاءِ ٽوڙي ڇڏيو، پر هو پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي پاڻ سپني جي ساڀيا ماڻي ويو. هُن واري راڪيٽ جون سُڌريل ۽ اؤج ماڻيل صورتون اڄ به اسان جي اکين آڏو آهن.