ڪتاب جو نالو | ناميارا سائنسدان (جلد III) |
---|---|
ليکڪ | قاضي منظر حيات |
سنڌيڪار / ترتيب | قاضي منظر حيات |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-043-2 |
قيمت | 80 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 17 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 431846 ڀيرا پڙهيو ويو |
سائنس جي تاريخ ۾ ريڊيم ۽ تابڪاريءَ جي ڳولا هڪ وڏي اهميت رکي ٿي. ريڊيم سان ڪيترن ئي مرضن جي علاج ۾ اهم خدمتون انجام ڏنيون ويون آهن. عورت سائنسدان، جنهن انساني عالم کي هِن اڻلڀ شيءِ جي واقفيت ڏني، اُها ميڊم مَيري ڪِيوري هئي ۽ پائر سندس گهروارو هو. ٻنهي گڏجي ريڊيم حاصل ڪيو ۽ پوءِ انهيءَ جا وري خاص جُزا به ڳوليا.
سنه 1870ع جي ڳالهه آهي ته وارسا ۾ ڪجهه ٻارَ هڪ هنڌ کيڏي رهيا هئا. آسمان صاف هو ۽ تيز اُس چوڌاري ڦهليل هئي. ايتري ۾ هڪ ٻُڍڙي خانه بدوش عورت اُتان لانگهائو ٿي ۽ هُن هڪ سونهري وارن واري ڇوڪريءَ جو هٿ پڪڙي چيو: ”پياري نِينگري! ڇا مان تنهنجو هَٿ ڏِسي سگهان ٿي؟“
ٻارڙي بنا ڪنهن ڊپَ جي پنهنجو هَٿ ڏانهنسُ وڌايو ۽ حيرت مان پوڙهي عورت کي ڏِسندي رهي. ”هلي آءٌ مرجا!“ ٻين ٻارن کيس سَڏيندي چيو: ”هِن عورت جي ڳالهين تي نه لڳُ.“
ڪُراڙيءَ ننڍڙي مَرجا جو هٿ نه ڇڏيو. هُن جي اکين ۾ چَمڪ هئي ۽ گَد گَد پئي ٿي.
”ڪيڏو نه سُٺو هَٿُ آهي، ڪيتريون ته سٺيون لڪيرون آهن!“ ٻُڍڙيءَ وڌيڪ ڀُڻڪندي چيو: ”تون هڪ ڏينهن ضرور مشهورُ ٿيندينءَ.“ پوڙهي عورت اِهو چئي اڳتي وڌي وئي ۽ اڄ تائين ڪنهن کي به ڪا خبر ڪانهي ته هوءَ ڪيرُ هئي ۽ ڪيڏانهن وئي، پر سندس اڳڪَٿي اکر اکر سچي ثابت ٿي. مرجا اسڪلڊ وسڪا جيڪا اڳتي هلي ميڊم ڪيوريءَ جي نالي سان سچي جڳَ ۾ مشهور ٿي. ريڊيم جي ڳولا ڪري خاص سڃاڻپ حاصل ڪيائين. هِن جو اهو نالو سندس مڙُس پائر ڪيوريءَ جي نالي پٺيان پيو. ريڊيم سائنسي دنيا، خاص طور طِب جي ميدان ۾ وڏو انقلابُ آندو.
سائنسدانَ جي اصل ڄاڻَ سُڃاڻَ اِها آهي ته هو سچائيءَ جي ڳولا ۾ سدائين پاڻ پتوڙيندو رهي. پروفيسر ۽ ميڊم ڪيوريءَ ۾ به اِها صفت عام هئي. هو ٻئي حقيقي معنيٰ ۾ سائنسدانَ هيا ۽ انهن جي گڏيل ڪوششن ئي علمي حدن ۾ بيپناهه ڪُشادگي آندي. اِهو چوڻ مشڪل آهي ته ميڊم ڪيوريءَ وڌيڪ ڪم ڪيو يا اُن جي مُڙس. پر ريڊيم جي ڳولا جو سَهرو ميڊم ڪيوريءَ جي سِرَ تي سونهين. سندس گَهرواري ان ڪم لاءِ راههَ هموار ڪئي. سنه 1906ع ۾ پائر ڪِيوري اوچتو فوت ٿي ويو، ميڊم ڪيوري اڪيلي رهجي وئي.
هيٺ ٻنهي جو مختصر جيون خاڪو ڏجي ٿو.
پائر ڪيوري سال 1859ع ۾ پئرس ۾ پيدا ٿيو. هُن پئرس يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي. هو ڄائي ڄَمَ کان بيپناهه ذهين ۽ کيس سائنسي تحقيق سان اٿاههُ لڳاءُ هو. دنيا سندس ڪاوشن کي ساراهيو ۽ کيس عزت سان گڏ شُهرت به حاصل ٿي.
مادام ڪيوري 7 نومبر 1867ع تي وارسا ۾ ڄائي، جتي سندس والد اسڪلڊ وسڪا سائنس جو پروفيسر هو. اِن ڪري مرجا کي ننڍپڻ کان ئي سائنس سان چاهه پيدا ٿي پيو. اِهو اُهو زمانو هو جڏهن هن جو وطن روس جي ظلم ۽ زيادتين جو شڪار ٿي رهيو هو. مرجا کي اهڙين حقيقتن جو احساس هو. مَرجا تعليم وارسا ۾ حاصل ڪئي. انهيءَ وقت هوءَ پولينڊ جي نوجوانن جي هڪ اِنقلابي تنظيم جي ميمبر پڻ بَڻي. ڪجهه انهن مسئلن ۽ ٻيو وارسا ۾ عورتن لاءِ اعليٰ تعليمي سهوليتون نه هئڻ ڪري مرجا اسڪلڊ وسڪا پئرس هلي آئي. فرانس کي پولينڊ وارن سان بيحد همدردي هئي. ان کان سواءِ اُتي عورتن کي سائنس جي تعليم حاصل ڪرڻ جي به آزادي هئي، جيڪا ٻين ملڪن ۾ مشڪل هئي. انگلنڊ تائين ان وقت عورتن کي ڊاڪٽريءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ جي به اجازت نه هئي. اُهي به اِن مقصد لاءِ پئرس اينديون هيون.
مرجا جي تعليم سٺي ماحول ۾ ٿي. اِها به حقيقت آهي ته هُن وٽ خرچ ڪرڻ لاءِ ڪو گهڻو پئسو ڪونه هو. ڪفايت شعاريءَ سان زندگي گهاري رهي هئي پر کيس علم حاصل ڪرڻ جي خوشي هئي. هُن لاءِ پڙهڻ، لکڻ ۽ سائنسي تجربا ڪرڻ جا ڪيئي موقعا موجود هئا. اتي ئي سندس ملاقات پائر ڪيوريءَ سان ٿي، جيڪو پئرس يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار هو.
سال 1865ع ۾ انهن ٻنهي جي شادي ٿي، جيڪا نهايت ڪامياب رهي. کين ٻَه نياڻيون به ڄايون، جن سان ٻنهي جو ڏاڍو پيار هو. هي ٻئي زال مڙس سدائين سائنسي تجربن ۾ رُڌل رهندا هئا پر ان جو مطلب اِهو هرگز ڪونهي ته اُنهن جو ٻاهرين دنيا سان ڪو واسِطو نه هو. مادام ڪِيوري تجربيگاههَ کان سواءِ گهرَ جي ڪمن ۾ به ڏاڍي دلچسپي وٺدي هئي.
سنه 1895ع ۾ ئي مشهور جرمن سائنسدان رونجن اهڙا شعاعَ دريافت ڪيا، جيڪي بعد ۾ ايڪسريز جي نانءَ سان مشهور ٿيا. انهن جا فائدا بيان جا محتاج ناهن، اڄڪلهه هر ڪو انهن جي افاديت کان باخبر آهي. هڪ سائنسدان هينري بيڪرل اِنهيءَ موضوع تي وڌيڪ ڪم ڪيو. هُن اتفاقي طور تي اِها ڳالهه معلوم ڪئي ته جيڪڏهن ڪجهه ڪيميائي مرڪبن کي فوٽوگرافيءَ وارين پليٽن ويجهو رکيو وڃي ته ڪاري ڪاغذ ۾ ويڙهيل پليٽون به ان سان اثرانداز ٿين ٿيون. مطلب ته انهن مرڪبن مان ڪي شعاعَ نڪرندا رهن ٿا، جيڪي انهن پليٽن کي خراب ڪري ڇڏين ٿا. اهڙي طرح هُن هڪ نئين قسمَ جا شعاعَ ڳولي لڌا، جن کي ’بيڪرل ريز‘ چيو ويو.
هنن ٻنهي گڏجي دنيا آڏو عيان ڪيو ته اسان جي چئني پاسي هڪ عجيب غريب قوت موجود آهي، جنهن کي ’تابڪاري‘ چئبو آهي. اِها قوت ڪجهه ڌاتن اندر سج جي شعاعن ۾ ۽ ڪجهه قسمن جي معدني پاڻيءَ ۾ موجود آهي. جيڪڏهن اِن قوت کي ڪنهن صورت ۾ جدا ڪري سگهجي ته ان کي انساني ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
اِهو عظيم ڪارنامو ميڊم ڪيوريءَ پنهنجي مُڙس جي مدد سان انجام ڏنو. هِن ’پچ بلينڊ‘ نالي هڪ ڪيميائي مرڪب تي تحقيقي ڪم شروع ڪيو، جنهن جو رنگُ ڪارو هو. ڪيوريءَ ان مان ٻَه جُزا جُدا ڪيا. هڪڙي جو نالو هُن پنهنجي مُلڪ پولينڊ پُٺيان ’پولو نيم‘ رکيو ۽ ٻئي جو ’ريڊيم‘.
ريڊيم مان پنهنجو پاڻ تمام گهڻا شُعاعَ ڦٽندا رهندا آهن. اِن عمل کي ’تابڪاري‘ ۽ اهڙن ڌاتن کي ’تابڪارُ‘ چئجي ٿو. اِهي شعاعَ انهن شين مان به گذري وڃن ٿا، جن مان روشنيءَ جا شعاعَ نه ٿا گذري سگهن. بيڪرل اِهو معلوم ڪيو هو ته ’يورينيم‘ نالي ڌاتوءَ ۾ اِها صفت به موجود آهي. ان کان پوءِ اهو ڌاتو ائٽم بم بڻائڻ ۾ اِستعمال ڪيو ويو پر ڪيوريءَ جي پولونيم ۽ ريڊيم ۾ تمام گهڻي تابڪاري موجود هئي.
ريڊيم جي اِها صفت ڪينسر جهڙي موذي مرض جي علاجَ ۽ تڪليف گَهٽائڻ لاءِ اِستعمال ڪئي وئي ۽ اڄ به ان جو استعمالُ عام آهي. ريڊيم کي هيضي، ڦُرڙين ۽ مُدي جي تپ وارن جراثيمن کي ناسُ ڪرڻ لاءِ به اثرائتو سمجهيو وڃي ٿو.
ريڊيم جي ڳولا سائنس جي تاريخ ۾ هڪ وڏي ڪارنامي جي حيثيت رکي ٿي ۽ اسان آسانيءَ سان اُن محنت ۽ مصيبت جو اندازو نه ٿا لڳائي سگهون، جيڪا ڪيوريءَ ۽ ان جي مڙس کي برداشت ڪرڻي پئي. ڪيوڙيءَ جي صحت تي تمام گهڻي محنت ۽ پاڻ پَتوڙجو ڏاڍو بُرو اثر پيو پر هوءَ پنهنجي اِرادَن ۾ اٽل هئي. همت ۽ جدوجهد کيس آخرڪار ڪاميابيءَ ڪِناري رَسايو.
محنت سان گڏ اِها تحقيقَ تمام گهڻي مهانگي به ثابت ٿي ڇو ته ’پِچ بلينڊ‘ اِنتهائي ڳري قيمت تي ملندو هو. خوشقسمتيءَ سان آسٽريا جي بادشاههَ انهن ٻنهي سائنسدانن کي هڪ ٽَن پچ بِلينڊ موڪليو. اهڙي طرح کين تحقيقي ڪم ڪرڻ ۾ بيحد هَٿي مِلي ۽ اِهو تحفو سائنسي تاريخ ۾ يادگار ۽ مثالي بڻجي پيو.
ريڊيم جا تجربا نهايت خطرناڪ ٿين ٿا، ڇو ته شعاعَ مختلف بيمارين جي جراثيمن کي تباهه ڪندا آهن. اهي اسان جي صحت تي به هاڃيڪار اَثر وجهن ٿا. اِنهن تجربن خود پائر ڪيوريءَ کي اهڙي بُري نموني زخمي ڪري وڌو جو هو هلڻ ڦِرڻ کان معذور ٿي پيو. ان هوندي به هنن بهادر سائنسدانن جي ڪم ڪرڻ واري صلاحيت ۽ مستقبل مزاجيءَ ۾ تِرَ جيترو به فرق نه آيو. سڀ کان وڌيڪ تعريف جهڙي ڳالهه سندس عزم ۽ استقلال آهي. ريڊيم اهڙي قيمتي شيءِ آهي، جو جڏهن پوري هڪ ٽن ڪچي ڌاتوءَ تي پنجاهه ٽَن پاڻي ۽ پنج، ڇهه ٽَن ٻيون ڪيميائي شيون صرف ڪيون وڃن تڏهن وڃي ڇهه گرين ريڊيم حاصل ٿيندو آهي.
ميڊم ڪيوريءَ جي عمر ٻَٽيهه سالَ به نه هئي ته هن ريڊيم حاصل ڪري ورتو. سال 1904ع ۾ کسي، سندس گهر واري ۽ هينري بيڪرل کي فزڪس جو گڏيل نوبل انعامُ مليو. انهيءَ سال ئي هِن کي رائل سوسائٽيءَ جو ڊيوي تمغو به مليو. ڪيوريءَ ۽ سندس مڙس کي پئرس يونيورسٽيءَ به وڏو اعزاز بخشيو.
مشهوريءَ ۽ مُسرت وارو اِهو دورُ پائر ڪيوريءَ جي اوچتو موت سان ٽن سالن کان پوءِ گهڻي ڀاڱي ختم ٿي ويو. پائر پئرس جو هڪ رستو پار ڪري رهيو هو ته هڪ ريڙهي سان ٽَڪرائجي ويو ۽ اُتي ئي جانِ ڏنائين. ظاهر آهي ته اِهو صدمو ۽ سانجو ميڊم ڪيوريءَ لاءِ جيءُ- جهوريندڙ ۽ عذابيندڙ هوندو پر هُن پاڻ پُختو ڪري مڙس واري شروع ڪيل تحقيقي ڪم کي جاري رکڻ ۽ ساڳئي مقصد کي اڳتي وڌائڻ ۾ اندر جو آٿتُ ڀانيو. پئرس يونيورسٽيءَ کيس اهو ئي عهدو سونپيو، جنهن تي سندس مڙس کي مقرر ڪيو ويو هو.
چئن سالن کان پوءِ سال 1911ع ۾ ميڊم ڪيوريءَ اڪيلي سرَ ڪيميائي علم جو نوبل انعام حاصل ڪيو. يونيورسٽيءَ هِن لاءِ هڪ ادارو ’ريڊيم اِنسٽيٽيوٽ‘ قائم ڪيو. ڪجهه وقت کان پوءِ ميڊم ڪيوريءَ پنهنجي وطن وارسا ۾ به اهڙي قسم جي اداري قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
تن ڏينهن ۾ اسپتالن اندر ريڊيم ڪَتب اچڻ لڳو هو. پهرين مهاڀاري جنگ ۾ مادام ڪيوريءَ ڪجهه اسپتالن ۾ پاڻ ڪم ڪيو ۽ مريضن جي علاج ڪرڻ ۾ هٿ ونڊايو. نه فقط ايترو پر هوءَ جنگي ميدان تائين پڻ پهتي ۽ انهيءَ نيڪ ڪم کي جاري رکيو. سنه 1921ع ۾ آمريڪا کيس هڪ گرام ريڊيم پيش ڪري مڃتا ڏني. اُن سال ئي آمريڪا جي عورتن ميڊم ڪيوريءَ کي ريڊيم ۽ ڪجهه ڏوڪڙ تحفي طورَ پيش ڪيا، جن مان انهيءَ عظيم سائنسدان عورت پنهنجي وطن وارسا جي هڪ اسپتال لاءِ ڪجهه ريڊيم ڳنهي ڏنو. ڪيوريءَ کي سڄي ڄمارَ پنهنجي وطن سان بيحد پيار رهيو ۽ هوءَ وطن واسين جي هر ممڪن خدمت ڪندي رهي.
ميڊم ڪيوري ۽ پائر ڪيوريءَ کي آڪڙ ۽ پاڻ-پڏاءَ کان سخت نفرت هئي. هو سڄي عمر نهايت سادگي ۽ سنجيدگيءَ سان پنهنجي تحقيقي ڪَم ۾ مصروف رهيا ۽ هنن ڪڏهن به ڪنهن موٽَ يا مڃتا جي ڪا پرواههَ نه ڪئي. پائر جي اوچتي موت کان پوءِ سندس بيواهه ميڊم ڪيوري رڳو سائنس کي ترقي ڏيارڻ ۽ پنهنجن ٻارڙن لاءِ زندهه رهي. مادام ڪيوريءَ جي ڌيءُ وڏي ٿي پنهنجي امڙ جي گَس پيچري تي هَلي. هن کي به سائنسي کوجنا سان بيحد لڳاءُ هو ۽ کيس مڙسُ به اهڙو ئي مليو. ميڊم ڪيوريءَ لاءِ اِها ڳالهه خوشيءَ جو سبب هئي.
سال 1935ع ۾ سندس ڌيءُ ۽ ناٺيءَ کي علمِ ڪيميا جو نوبل انعام مليو پر افسوس جو هوءَ ان ويل جيئري ڪونه هئي، ڇو ته 4 جولاءِ 1934ع تي ميڊم ڪيوريءَ لاڏاڻو ڪري وئي، هُن نهايت اطمينان ۽ خوشيءَ سان دَم ڏنو. سندس موت کان هڪ، ٻَه ڏينهن اڳ ڪنهن کي به سندس ناچاڪيءَ جي ڪا کُڙڪ به نه هئي پر جڏهن فوتيءَ جي خبر چوڌاري ڦهلي ته هر ان ماڻهوءَ کي ڏاڍو ڏک رَسيو، جيڪو علم ۽ سائنس سان ذرو به چاههُ رکندڙ هو.
مادام ڪيوريءَ نه رڳو پنهنجي محنت ۽ شوق سبب نهايت عزت ۽ احترام سان جيونُ گهاريو پر اڃا تائين سندس نانءُ نمايان آهي. هُن کي مرڻ مَهل ان ڳالهه جو اطمينانُ ۽ خوشي هئي ته هُن پوري حياتي انسانيت جي خدمت ۾ گُذاري ۽ سندس نيڪ ڪَم جي سيوا سدائين جاري رهندي.