ڪتاب جو نالو | ناميارا سائنسدان (جلد III) |
---|---|
ليکڪ | قاضي منظر حيات |
سنڌيڪار / ترتيب | قاضي منظر حيات |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-043-2 |
قيمت | 80 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 17 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 431860 ڀيرا پڙهيو ويو |
جرمن طبيعاتي ماهر، جنهن ميڪسويل جي نظرين کي پکيڙيو ۽ عملي طور وائرليس لَهرون پيدا ڪري بنا تارَ واري برقي سائنس کي جنم ڏِنو. هِن جي عمر فقط ڇٽيهه سالَ هئي. اِن ڪري ئي هُو پنهنجين اکين سان ريڊيو کي ايجاد ٿيندي نَه ڏسي سگهيو، پر ريڊيو، ٽيليويزن ۽ ريڊار جو بُنيادُ اِنهن ئي لَهرن تي رکيل آهي، جن کي هارٽز سڀ کان پهريائين وجودَ ۾ آندو.
جديد سائنس جو هڪ اَهم ڪارنامو اِهو آهي ته اُن اِنسانَ کي اِنتهائي ڊگهن مفاصلن کي گهٽائڻ جي قابليت ڏني. ريڊيو اِن ڳالهه جو ننڍڙو مثال آهي، جنهن تان اسان هزارين ميلَ ڏورانهين ڪنهن اِسٽيشن جا پروگرامَ به سولائيءَ سان ٻُڌي سگهون ٿا. نه رڳو ايترو پَر دنيا جي ڪنهن به ڪُنڊ ۾ رهندڙ ماڻهوءَ سان ڳالهائي پڻ سگهون ٿا. ٽيليويزن به وائرليس جي ئي شاخ آهي.
اِهو سَڀ ڪجهه هڪ ڏينهن ۾ ممڪن نه ٿي سگهيو. اِنهيءَ عَمل ۾ ڪيترن ئي قابل سائنسدانن ۽ ماهر انجنيئرن جون ڪوششون ۽ صلاحيتون شامل آهن. جيڪڏهن اِهو چيو وڃي ته هاڻي کان رڳو سؤ، سوا سؤ سالَ اڳ ته اِنهن ايجادن جو ڪو ڏَسُ پَتو نه هو ته سڀني کي تعجب ٿيندو.
وائرليس ٽيليگرافي اُن وقت ممڪن ٿي سگهي، جڏهن وائرليس لهرن جو وجودُ پيو ۽ انهن کي پيدا ڪرڻ جو طريقو ڳولي لَڌو ويو، جنهن جي ابتدا ميڪسويل جي زماني ۾ ئي ٿي هئي. هُن اِنهن لَهرن بابت پنهنجو نظريو پيش ڪيو هو، پر پنهنجي حياتيءَ ۾ اُن کي ڪا عملي صورت نه ڏئي سگهيو. ڪيترن ماڻهن هُن جي ڏاڍي مخالفت به ڪئي، ڇو ته هُو کيس سمجهي نه سگهيا هئا.
جنهن سائنسدانَ ميڪسويل جي نظرين کي صحيح طورَ سمجهيو ۽ انهن تي تجربا ڪري سچو ثابت ڪري ڏيکاريو، تَنهن جو نالو هينري روڊلف هارٽز آهي، پوءِ ريڊيو جو بنياد اُنهن ئي تجربن تي رکيو ويو. جيتوڻيڪ اِن ۾ مارڪونيءَ جي ڪوشش جو به وڏو عَمل دَخل آهي.
هينري هارٽز، هيمبرگ (جرمنيءَ) ۾ پيدا ٿيو، اُهو ڏينهن 28 فيبروري 1857ع جو هو. سندس والد هڪ ڪامياب وڪيل هو ۽ هُن هارٽز جي تعليم تَربيت تي خاص ڌيانُ ڏنو، کيس پاڻ وارو پيشو اختيارُ ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو، ڇو ته هارٽز کي ننڍپڻ کان ئي انجنيئر بڻجڻ جو شوق هو. هِن فرينڪفرٽ جي هڪ ڪارخاني ۾ مشينن جو عملي تجربو حاصل ڪيو، جيڪو اڳتي هلي کيس ڏاڍو ڪم آيو.
1880ع ۾ هينري هارٽز برلن هليو ويو ۽ اُتي باقاعدي سائنسي تعليم حاصل ڪيائين، جتي ٻن قابل استادن سندس ڀرپور رهنمائي ڪئي. هارٽز کي تجرباتي سائنس سان گَهرو لڳاءُ پيدا ٿي پيو هو ۽ هن بجليءَ تي تحقيق جي به شروعات ڪئي. هي اُهو زمانو هو، جڏهن ترقياتي سائنس اڃا ابتدائي مَرحلن ۾ هئي. ان کان پوءِ هارٽز استادي پيشو اختيار ڪيو، پر تجربن وارو ساڳيو سلسلو به جاري رکيو.
هارٽز کي ميڪسويل جا نظريا ڏاڍا پسند آيا ۽ هِن انهن کي عملي طور تي صحيح ثابت ڪرڻ جو پڪو پَههُ ڪيو. هڪ ڏينهن کيس تارُن جا ٻَه ڇُڳا ملي ويا، جن مان بجلي گذري پئي سگهي. هِن اِئين ئي آزمائڻ لاءِ هڪ تارَ کي ٻيءَ کان پَرڀرو رکيو ۽ پهرينءَ مان برقي وَهڪ گُذاري. کيس اِهو ڏِسي ڏاڍي حيرت ٿي ته جڏهن تارَ مان برقي وَهڪرو گذاريو وڃي ٿو، ته ٻيءَ تارَ جي ٻنهي ڇيڙن جي وچ ۾ هڪ برقي شعلو نظر اچي ٿو. جڏهن ته هِڪَ جو ٻئي سان ڪو واسطو نه هو ۽ ٻنهي ڇُڳن ۾ چڱو مفاصلو هو. هارٽز حقيقت ۾ وائرليس جي لَهرن پيدا ڪرڻ جو عملي طريقو ڳولي ورتو هو، جنهن جي اڳڪَٿي ميڪسويل ڪئي هئي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته هي سِڌو سنئون اوزارُ اِنسانَ جو پهريون ٽرانسمِيٽر هو.
اڄ اسان چڱيءَ طرح باخبر آهيون ته ريڊيائي لَهرون پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته برقي وهڪ تيزيءَ سان پنهنجو طرف تبديل ڪندي رهي. اهڙيءَ طرح ٽرانسميٽر جي اَيريل ۾ به لهرون پيدا ٿين ٿيون ۽ هڪ لک ڇهاسي هزارَ في سيڪنڊ جي زبردست رفتار سان فضا ۾ ڦهلجي وڃن ٿيون. جڏهن اُهي ريڊئي جي ايريل سان ٽڪرائجن ٿيون ته اُن ۾ به اهڙي بَرقي وَهڪُ پيدا ڪري ڇڏن ٿيون، تَنهن کان پوءِ ئي اسان پنهنجي پسند جو پروگرامُ ٻُڌي سگهون ٿا.
ريڊيائي لَهرن پيد اڪرڻ لاءِ اِهو ضروري آهي ته مضبوط برقي وهڪرو اِنتهائي تيزيءَ سان ڦهلجندو رهي. تڏهن ئي ايتريون مضبوط لهرون پيدا ٿينديون، جيڪي سوين ۽ هزارين ميلن جو مفاصلو طئي ڪري سگهن. جيڪڏهن اِهي ڪمزور ٿي وينديون ته ڪنهن ريڊيو سيٽَ کي متاثر نه ڪري سگهنديون. انهن جي تيزيءَ جو انداز اِنهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو، جو جديد نموني جون ريڊيو اسٽيشنون ئي لکين سائيڪل (ڦيرا) في سيڪنڊ فريڪوئنسي اِستعمال ڪَن ٿيون. هڪ سائيڪل (چڪر / ڦيري) (چڪر – Cycle) مان هڪ چرپر يا لرزش (ارتعاش) جو مطلب اِهو آهي ته هڪ سيڪند ۾ جيترا ڀيرا لوڏا پيدا ٿي پون، اهي ’فريڪوئنسي‘ سَڏائين ٿا.
هارٽز پنهنجي اوزارن کي ترقي ڏياري ته جيئن وڌ کان وڌ لهرون پيد اٿي سگهن. هِن انهن لهرن جي خاصيتن تي به غور ڪيو ۽ 1887ع ۾ ثابت ڪري ڏيکاريو ته اهي گهڻو تَڻو روشنيءَ جي لهرن جهڙيون آهن، يعني انهن ۾ موڙَ ۽ موٽَ واريون صفتون به هونديون آهن، پر انهن جي سَگهه تمام گهڻي هوندي آهي ۽ اُهي ڪاٺَ ۽ پَٿر مان به پارِ ٿي سگهن ٿيون.
هارٽز جي تحقيق سمورن سائنسدانن کي پاڻ ڏانهن ڌيان ڇِڪايو. هُن جون دريافت ڪيل لهرون سندس نالي پُٺيان سَڏجڻ لڳيون، پر اُن وقت ڪنهن کي به اِهو خيالُ نه هو ته اِنهن لهرن مان پيغام پهچائڻ ۽ نشريات جو ڪَمُ به وٺي سگهبو. جڏهن ته ’ٽرانسميٽر‘ ۽ ’رِسيور‘ هارٽز جا ئي ايجاد ڪيل اصطلاحَ آهن. هن جي خوابَ خيالَ ۾ به اِها ڳالهه نه هئي ته ڪنهن ڏينهن اِنهن اصطلاحن کي ڪا عالمي شهرت ملندي ۽ هو هڪ نئين اندازَ ۾ استعمال ٿيندا.
انهن تجربن سان هارٽز کي بي پناهه شُهرت مِلي ۽ هو 1889ع ۾ بون ۾ فزڪس جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. اُتي به سندس تحقيق ۽ تجربن جو سلسلو هلندو رهيو، پر هُن سان عمر وفا نه ڪئي.
پهرين جنوري 1894ع تي رڳو ڇٽيهه سالن جي عمر ۾ هي قابل سائنسدانُ ۽ ڏاهو اِنسانُ فوت ٿي ويو. هو پنهنجي اکين سان ريڊيو ڏسي نه سگهيو. ٽيليويزن ۽ ريڊار به گهڻو پوءِ ايجاد ٿيا، پر اِنهن سڀني جو بُنيادُ انهن لَهرن تي آهي، جيڪي هارٽز ئي عملي طور وجود ۾ آنديون.