ناميارا سائنسدان (جلد III)

ڪتاب جو نالو ناميارا سائنسدان (جلد III)
ليکڪ قاضي منظر حيات
سنڌيڪار / ترتيب قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-043-2
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

17 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     425288   ڀيرا پڙهيو ويو

هَيلن ڪَيلر (Helen Keller) 1880ع – 1968ع


ڪي عورتون مردن کان به وڌيڪ همت واريون هونديون آهن. هيلن ڪيلر به هڪ اهڙي ئي عورت هئي. هوءَ اڃا ٻن ورهين جي ڄَمار کي به نه رَسي هئي ته هڪ بيماريءَ کانئس ڏِسڻ، ٻُڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي سگهه کَسي ورتي، پر هڪ همدرد ماسترياڻيءَ جي مدد سان هِن اُنهن مصيبتن جو مقابلو ڪندي مِثالي مڃتا ماڻي. سندس جيون هر ماڻهوءَ لاءِ هڪ سبق آهي.

هيلن ڪيلر اهڙي آمريڪي عورت جو نالو آهي، جيڪا اَنڌن لاءِ ٻاجهه ۽ قربَ جو ڪارڻ بڻجي هِن جَڳَ ۾ آئي. هوءَ رڳو انڌي نه، پر گونگي ۽ ٻوڙي به هئي. تڏهن به هُن هڪ ڪامياب زندگي گهاري ۽ دنيا وارن کي ڏيکاريو ته همتن وارا اِنسانَ ذاتي هيڻائيءَ ۽ ڪمزوريءَ مٿان ڪهڙيءَ ريت برتري ۽ بُلندي حاصل ڪري سَگهن ٿا.

هيلن ڪيلر 27 جون 1880ع تي آمريڪا جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’ٽسڪمبيا‘ ۾ پيدا ٿي، جيڪو اُتر- اولهه اَلماما ۾ آهي. ڄمڻ وقت کيس ڪو به جسماني عيبُ ڪونه هو. جڏهن هِن جي عمر رُڳو ويهن مهينن کي پهتي ته هڪ عجيب دماغي مرض جو مَٿس حملو ٿيو، جنهن سندس نظر ۽ ٻُڌڻ جي سگهه ستم ڪرڻ سان گڏ ڳالهائڻ جي قوت به ختم ڪري ڇڏي. هوءَ هڪ ئي وقت اَنڌي، ٻَوڙي ۽ گونگي بڻجي پئي! سندس پيءُ ماءُ کي ان ڳالهه ڏاڍو صدمو رَسايو، ڇو ته جيڪڏهن ڪو ٻارُ انڌو ٿي پوي ته ڪهڙي نه ڪهڙيءَ ريت هو زندگي گذاري ويندو، پر هيءَ ويچاري ته ٻَوڙي ۽ گونگي به ٿي وئي هئي.

شروع شروع ۾ هيلن جي حالت چرين جهڙي رهي. هوءَ رڙيون ڪندي ۽ ٻين ٻارن جو مُنهن پَٽيندي هئي. ڪوبه ٻارُ هن جي ويجهو ويندو هو ته ان جا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيندي هئي. ماءُ پيءُ کي سمجهه ۾ ئي نه ٿي آيو ته هو ڇا ڪَن ۽ کيس ڪهڙي طرح سنڀالين ۽ فضيلت سيکارين. هڪ ڏينهن هُن پنهنجي ماءُ کي هڪ ڪمري ۾ پُوري ڇڏيو. جيئن جيئن ماڻس دروازو کَڙڪايو پئي، هوءَ خوش ٿي تاڙيون وڄائيندي رهي. هيلن ٻين لاءِ به خطرو هئي ته پنهنجي لاءِ به مصيبت پڻ. هڪ ڏينهن هوءَ آڳيٺيءَ (بُخاري) ۾ سڙندي مرندي بچي!

اِها هئي هيلن ڪيلر جي شروعاتي اذيت واري حالت. ان کان پوءِ سندس جيون ۾ هڪ ڏينهن اهڙو به آيو، جڏهن هِن جي انسان بڻجڻ جي ابتدا ٿي. هوءَ ڇهن سالن جي ٿي ته والدين مشهور سائنسدان گراهم بيل جي صلاح تي هِن لاءِ هڪ ماسترياڻيءَ جو بندوبست ڪيو، جنهن جو نالو مس اين سليون هو. استادِ جي عمر ويههَ سالَ هئي. هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هوءَ اهڙي ٻارَ کي ڪهڙي طرح پڙهائي، جيڪو نه ڏسي سگهي ٿو، نه ٻُڌي سگهي ٿو ۽ نه ڳالهائي سگهي ٿو. مِس سليون شروع ۾ پاڻ به انڌي رهي چُڪي هئي ۽ هن انڌن جي اسڪولَ ۾ تعليم پرائي هئي، کيس هڪ اٽڪل سُجهي آئي. هيلن کي هڪ گُڏي ڏنائين، جنهن سان هوءَ اڳ ۾ ئي هريل هئي ۽ پنهنجي آڱرين وسيلي هيلن جي ڪَنن ۾ ’گُڏي‘ لفظ اُچاريو. انڌا اِن مطلب لاءِ هڪ خاص طريقو استعمال ڪندا آهن. هيلن کي اهو دلچسپ طريقو وڻيو. هوءَ ان کي راند سمجهندي رهي ۽ ڊُڪي پنهنجي ماءُ وٽ پهتي. ماءُ جي هٿ-تريءَ تي پنهنجي آڱرين سان لفظ ’گُڏي‘ لکيائين.

مِس سليون آهستي آهستي ٻيا لفظ به هيلن جي دماغَ تائين پهچايا، مثال طور: ڪُتو، پيالي، ٽوپي. هيلن کي اِها راندِ ۽ نَون نَون لفظن سان ڏيٺ ڏاڍو پسند آئي. هڪ ڏينهن هُن ٽي نوان لفظ سِکيا: امان، بابا، اَدي، کيس ڏاڍي خوشي ٿي، ڇو جو هوءَ اِنهن ئي مائٽن ۾ پَلجي نپجي ايڏي وڏي ٿي هئي. پوءِ هُن پنهنجي استادِ لاءِ هڪ لفظ سکيو ۽ وري پنهنجي هڪ ساهيڙيءَ لاءِ.

هاڻي هيلن وڌ کان وڌ لفظَ سکڻ چاهيا ٿي ۽ سندس ماسترياڻي هڪ ڏانءَ ۽ سهڻي سڀاءَ سان اهو اهم فرض نڀائيندي رهي. جڏهن بهار جي مند موٽي، گل ٽڙيا ۽ جهرڪين جهونگاريو ته سليون پنهنجي شاگردياڻيءَ کي قدرتي نظارن سان واقفيت ڪرائي. هيلن پنهنجي جيون ڪٿا ۾ لکي ٿي:

”جيئن جيئن مون کي نين شين بابت ڄاڻ ٿيندي وئي، تيئن زندگي ۽ دنيا جي رونقن ۾ وڌيڪ مَزو اچڻ لڳو.“

اِن ابتدائي تعليم کان پوءِ مِس سليون هيلن کي پڙهائڻ سيکاريو. هِن کيس پاٺي جا اهڙا ٽڪرا ڏنا، جن تي مختلف لفظ اُڀريل نموني لکيل هئا. هيلن اُنهن مٿان پنهنجون آڱريون ڦيرائيندي هئي ۽ شڪل مان اُهي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. آهستي آهستي هوءَ ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون، بيت، قول ۽ اخلاقي ڳالهيون پڙهڻ لڳي.

ڌڻي ٻاجهارو انسان کي محنت جو ڦل ضرور ڏيندو آهي. اُنهيءَ انڌي، گونگي ۽ ٻوڙي ٻارڙيءَ جا ڏينهن ڏاڍو تيزيءَ سان تبديل ٿيڻ لڳا. هڪ ڏينهن سندس زبانَ به کُلي وئي. ڏاڍي ڪوشش ۽ لڳاتار محنت کان پوءِ هِن ڳالهائڻ سکي ورتو. اِهو سکيا وارو سِلسلو ڪجهه هيئن هو: هيلن جي استادِ پنهنجي وات مان هڪ لفظ آهستي آهستي اچاريندي هئي ۽ هيلن سندس چَپَن، ڄڀ ۽ نڙيءَ تي پنهنجون آڱريون ڦيرائيندي هئي. پوءِ پنهنجي چَپن ۽ زبان تي آڱريون ڦيريندي، انهن ۾ به ساڳئي قسم جي چُرپر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. شروع ۾ کيس ڏاڍي ڏُکيائي ٿي، پر هُن همت نه هاري ۽ آخرڪار سڀ اکَر آسانيءَ سان اُچارڻ لڳي. اُن وقت سندس عمر ڏهه سالَ هئي ۽ پوءِ اهو سڀاڳو ڏينهن به آيو، جڏهن هُن پنهنجي زبانَ سان پهريون جملو ڳالهايو: ”هي گرم آهي.“

هاڻي اُها ڀِتِ ڀورا ڀورا ٿي پئي، جيڪا هِن جي ۽ ٻاهرين دنيا جي وچ ۾ هئي. هيلن کي اعلي تعليم جو شوق پيدا ٿيو. 1896ع ۾ پنهنجي استادِ سان گڏ هڪ اِسڪولَ ۾ داخل ٿي، جيڪا ساڻس گڏ ڪلاس ۾ به ويهندي هئي ۽ جيڪو به ڪجهه پڙهايو ويندو هو، اهو اَنڌن واري ٻوليءَ ۾ هيلن کي سمجهائيندي هئي. امتحان وقت سڀئي سوالَ آڱرين جي اِشارن سان کيس ٻُڌايا ويندا هئا ۽ هوءَ ٽائيپ رائيٽر وسيلي انهن جا جوابَ ڏيندي هئي. هڪ سالَ کانپوءِ هيلن نه فقط اسڪول جو امتحان پاس ڪيو، پر انگريزي ۽ جرمن ٻولين ۾ به مٿانهيون مارڪون حاصل ڪيون. ٻن سالن کان پوءِ هن پنهنجي ماسترياڻيءَ سان گڏ ريڊ ڪلف ڪاليج ۾ داخلا ورتي.

خود اعتماديءَ ڪري هيلن پاڻ ۾ ۽ ٻين هم-ڪلاسين وچ ۾ ڪو به فرق نه سمجهندي هئي. سندس استادَ کانئس ڏاڍو خوش هئا. انهن هيلن کي همٿايو ۽ هُن پنهنجي زندگيءَ جا خاص واقعا لکڻ شروع ڪيا، جيڪي پهريائين هڪ رسالي ۾ ۽ پوءِ ڪتابي صورت ۾ به ڇپجي پڌرا ٿيا. هيلن ريڊ ڪَلف ڪاليج مان بي.اي پاس ڪئي.

پنهنجي ڪتابَ مان هِن کي ڪجهه آمدني به ٿي. هوءَ پنهنجي پياري اُستادِ سميت هڪ ڳوٺ ۾ رهڻ لڳي. استادِ وڻن وچ ۾ هڪ تارَ ٻڌي ڇڏي ته جيئن هيلن اڪيلي سِر ٻاهر نڪري سگهي ۽ تارَ وسيلي واپس گهر موٽي سگهي. هوءَ درياءَ ۾ ٻيڙي به هلائڻ لڳي. هيلن ڏسڻ کان محروم هئي، پر قدرتي نظارن جا خوب مزا ماڻيندي هئي. کيس اندازو ٿي ويو هو ته چانڊوڪي رات ۾ ڪيتري خوبصورتي ۽ سج لهڻ جو منظر ڪيڏو من موهيندڙ هوندو آهي. هن پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ اهڙن احساسن جو ذڪر تمام گهڻو ڪيو آهي. هوءَ گهڻو ڪري اُڀريل اکرن وارا ڇپيل ڪتابَ پڙهندي هئي. هيلن پنهنجي حسّاسُ آڱرين جي ڇُهاءَ سان انهن جو مطلب سولائيءَ سان سمجهي ويندي هئي.

ڏينهن گذرندا رهيا. هيلن کي حياتيءَ ۾ ڪيترائي بهترين دوست به مليا، جن سندس رهنمائي ۽ مدد ڪئي. هُن کي لکڻ پڙهڻ جو شوق هو. هوءَ ملڪ جي دوري تي نڪري پئي. هاڻي ايترو ته صاف ۽ چٽو ڳالهائڻ لڳي هئي، جو ماڻهو سندس مطلب سٺي نموني سمجهي ويندا هئا. هر هنڌ سندس آجيان ڪئي وئي ۽ ماڻهن سندس محنت کي بيحد واکاڻيو. اخبارن ۾ سندس جيون ڪهاڻي ڇپي. آڪٽوبر 1936ع ۾ کانئس مهربان استاد سِيلون ساٿ ڇڏي سدائين لاءِ وڇڙي وئي. ان کان پوءِ پولي ٿامسن جي ڀرپور رهنمائيءَ ۾ هُن ساري دنيا جي سفر جو سِلسلو جاري رکيو.

هيلن ڪَيلر کي ڏسڻ واريون اکيون ته ڪونه هيون، پر هوءَ اکين وارن انيڪ انسانن کان به وڌيڪ چِٽائيءَ سان اندر جي سُهائيءَ هيٺ سگهندي هئي. هوءَ روشن خيال هئي، هن چاهيو پئي ته هر اِنسان کي پيٽ ڀَرڻ جيتري ماني ملي، بي گهر ماڻهن کي اَجها ڏنا وڃن. اڻ پڙهيلن کي تعليمي سهولتون مِلن ۽ دنيا جون سموريون قومون سُک، امن سميت انصاف ماڻين.

آڪٽوبر 1961ع ۾ هيلن ڪيلر ڪيترين بيمارين ۾ گهيرجي وئي، جنهنڪري هن عوامي هلچل واري حياتيءَ کي خيرآباد چئي آرڪن رِج (Arcane Ridge) ۾ علاجَ ۽ احتياط هيٺ باقي ڏينهن گهاريا. 1 جون 1968ع تي آرڪن ۾ ئي هوءَ سڪون سان سمهندي سدائين لاءِ ابدي ننڊَ ۾ هلي وئي. سندس چِتا جلائڻ واري رسم برج پورٽ ۾ ٿي. واشنگٽن جي نيشنل چرچ ۾ سندس تدفين جو وڏو ميڙاڪو ٿيو، جنهن جي آخر ۾ رَکَ مانواري استاد ايني سيلون ۽ رهنمائي ڪندڙ پولي ٿامسن جي ڀَرِ ۾ دفنائي وئي.

هيلن ڪيلر انسانن لاءِ مستقبل مان مايوس نه ٿيڻ، تمام گهڻا ڏک ڏِسڻ کان پوءِ خوشي ماڻڻ جو مثال آهي. هُن ساري دنيا جو سير سفر ڪيو. سندس زندگي هر هڪ لاءِ مثالي سبق ۽ عاليشان نمونو آهي.