ناميارا سائنسدان (جلد III)

ڪتاب جو نالو ناميارا سائنسدان (جلد III)
ليکڪ قاضي منظر حيات
سنڌيڪار / ترتيب قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-043-2
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

17 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     425296   ڀيرا پڙهيو ويو

مينڊيليف (Dmitri Ivanovich Mendeleev) (1834ع – 1907ع)


مينڊيليف هڪ مشهور روسي ڪيمياگر ٿي گذريو آهي، جنهن اُن زماني ۾ پنهنجي ملڪَ جو نالو روشن ڪيو، جڏهن روسُ پُٺتي پيل ملڪن ۾ ڳَڻيو ويندو هو. سندس سڀ کان وڏو ڪارنامو اِهو آهي ته هُن سمورن عنصرن جي ڪيميائي جدول تيار ڪئي. انهن عنصرن جون خاصيتون معلوم ڪيون ۽ ڪيترن ئي نون عنصرن بابت اڳڪٿي به ڪئي. جڏهن اهي عنصر ڳوليا ويا ته هِن جي ڪيل پيشنگوئي سَچي ثابت ٿي.

اها جنوري 1871ع جي ڳالهه آهي ته هڪ روسي سائنسدان دنيا کي ڪيميائي عِلم جو اهڙو آسان طريقو ڏَسيو، جنهن جي اهميت ڪنهن به دؤر ۾ گهٽِ ٿي نه ٿي سگهي. اُن روسي سائنسدانَ جو نالو مينڊيليف هو ۽ هُو اُن وقت سينٽ پيٽرس برگ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر هو. دنيا جي دَستور وانگر ماڻهن اُن وقت هِن مٿان خوب ٺَٺَوليون ڪيون ۽ سندس تحقيقي ڪم کي کِلَ مَذاق ۾ ٽاري ڇڏيو.

مينڊيليف جو نالو هِن جي ڪيميائي جدول جوڙڻ ڪري سدائين يادگار رهندو، جنهن تي اِن علم جي پوري عمارت قائم آهي. هُن ٽي نوان عنصر به ڳولي ڪَڍيا جهڙوڪ: سليڪان، بورون ۽ ايلمونيم. مينڊيليف اِهو به ٻُڌايو ته اُهي عنصر ڪٿان مِلندا ۽ اُنهن جون ڪيميائي خاصيتون به بيان ڪيون. اُن کان اڳ ڪنهن سائنسدان اهڙي نشاندهي نه ڪئي هئي.

پورن پنجن سالن کان پوءِ پئرس جي هڪ ڪيميادانَ به ايلمونيم لڌو. ان کان پوءِ 1879ع ۾ ڊنمارڪ جي شخص بورون جو ڏَسُ ڏنو ۽ 1886ع ۾ هڪ جرمن سائنسدان سليڪان حاصل ڪيو. ايئن کڻي چئجي ته مينڊيليف جِن ڌاتن جي اڳڪٿي ڪئي هئي، اِهي واقعي به مليا. انهن سائنسدانن اهڙن عنصرن جا نالا ترتيبوارِ گيليم، سيڪنڊيم ۽ جَرمينيم رکيا.

مينڊيليف جي مشهوريءَ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ايندو رهيو ۽ جيئن اهڙين حالتن ۾ ٿيندو آهي، ڪيترن ئي ٻين ملڪن جا ماڻهو هن سان ساڙُ ڪرڻ لڳا ۽ سندس دريافت کي پنهنجو ڪوٺڻ لڳا، پر ڪنهن ۾ ايتري اهليت ڪا نه هئي، جو اِنهن عنصرن جي خاصيتن بابت ڪنهن قسم جي اڳڪَٿي ڪري سگهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس شمار اُنهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن سائنسدانن ۾ ٿئي ٿو، جن ڪيميائي حقيقتن کي سمجهداريءَ سان سَهيڙيو.

مينڊيليف سائيبريا جي هڪ جاءِ ٽوبسڪ ۾ 7 فيبروري 1834ع تي پيدا ٿيو. هِن جا سورهن ڀائرَ ڀينرُ ٻيا به هئا، جيڪي سڀئي کانئس وڏا هئا. سندس پيءُ شهر جي هڪ ڪاليج جو ڊائريڪٽر هو. مينڊيليف اڃا تيرهن سالن جو مَس هو ته پيءُ جي شفقت کان سدائين لاءِ محروم ٿي ويو. ٻن سالن کان پوءِ سندس امڙ هِن کي اِن اميد تي ماسڪو وٺي آئي ته شايد کيس ڪا تعليمي اسڪالرشپ ملي وڃي، پر ايئن نه ٿيو. پوءِ هي ٻئي ماءُ پٽ سينٽ پيٽرس برگ هليا ويا ۽ اُتي ئي مينڊيليف علم ڪيميا جي تعليم حاصل ڪئي. هتي سندس ماءُ فوت ٿي وئي. آخري ڏينهن ۾ ماءُ پنهنجي پُٽ کي اِها نصيحت ڪئي ته:

”ڌوڪيبازيءَ کان بچجانءِ، ڪم ڪندو رَهجان ۽ سائنسي حقيقتن جي تلاشَ ۾ سدائين سرگرم رهجانءِ !“

مينڊيليف اِهي لفظ سدائين ساههَ ۾ سانڍيا ۽ اِنهن تي عَملُ ڪيو.

مينڊيليف سينٽ پيٽرس برگ ۾ ڏاڍي محنت ڪئي. ايتري قدر جڏهن هُن بي.ايس.سِيءَ جي ڊگري حاصل ڪري ورتي ته ڊاڪٽرن کيس اِهو چيو ته کيس سِلهه ٿي پئي آهي ۽ هو ڇهن مهينن کان مٿي زندهه رهي نه سگهندو. پر خدا کي کانئس ڪم وٺڻو هو، اِن ڪري هُو صحتمند ٿيو ۽ پنهنجي ڪم ۾ جُنبي ويو.

1859ع ۾ روس جي حڪومت سندس قدر ڪيو ۽ اعليٰ تعليم لاءِ کيس ٻاهر موڪليو. مينڊيليف پئرس ۽ هائڊل برگ جي تجربيگاهن ۾ ٻَه سالَ گذاريا. جڏهن هو پنهنجي ملڪ موٽيو ته هِن وڌ ۾ وڌ اِسڪول کولڻ، وڌيڪ اُستادَ تيار ڪرڻ، عورتن کي تعليم ڏيڻ، علم ڪيميا کي ڦهلائڻ، روس جي معدني وسيلن جي تحفظ ۽ زراعت وڌائڻ وغيره ۾ سائنسي مدد ڪرڻ ۽ اهڙن ٻين مامرن تي توجهه ڏيڻ شروع ڪيو ۽ آخري دَم تائين اهڙين ڪوششن ۾ رُڌل رهيو.

مينڊيليف جي عمر 33 سال به نه هئي ته هِن پي.ايڇ.ڊي ڪئي ۽ هو سينٽ پيٽرس بيگ جي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر مقرر ٿيو، جتي هِن ڪيميائي علم تي وڌيڪ تحقيق شروع ڪئي، جيڪا نَون عنصرن جي ڳولا بابت هئي. تنهن وقت تائين انسان رڳو 63 عنصرن کان واقف هو ۽ هينئر انهن جو انگُ هڪ سئو چئن تائين پهچي چڪو آهي. اهو سڀ ڪجهه اُنهن عظيم سائنسدانن جي محنتن جو نتيجو آهي، جن ڏينهن رات مختلف تجربا ڪيا ۽ نون عنصرن جي ڳولا ۾ حد کان وڌيڪ کوجنا ڪئي.

ڪيميادانن ڪيترا ئي نوان ڌاتو ۽ انهن ڌاتن جون خصوصيتون ڳوليون. هائيڊروجن هڪ گئس آهي، جنهن جو ائٽمي وزن هِڪُ آهي. يورينيم هڪ ڌاتو آهي، جنهن جو ائٽمي وزن 238 آهي. هر عنصر کي پنهنجا پنهنجا طبعياتي ۽ ڪيميائي گُڻ آهن، جيڪي ٻين کان جُدا آهن. ڪلورين سائي رنگَ جي هڪ زهريلي گئس آهي. سونُ پيلي رنگَ جو هڪ نرم ڌاتو آهي، بورون خاڪي رنگَ جو هڪ پائوڊر آهي. گهڻو ڪري ڌاتو نهري حالت ۾ ملندا آهن پر پارو ڌاتو هوندي به پاڻيءَ جي صورت ۾ رهندو آهي. ڪاربان جا ڪيترائي مرڪبَ معلوم ڪيا ويا آهن، وغيره وغيره.

جيئن جيئن عنصَر لَڀندا رهيا، سائنسدانَ اِها ڪوشش ڪندا رهيا ته اُنهن جي هڪ موزون فهرست تيار ڪئي وڃي، جنهن ۾ سڀني عنصرن کي ائٽمي وزن جي مناسبت سان سٽاءُ ڏنو وڃي. سڀني ڪيميادانن جون فهرستون هڪ ٻئي کان مختلف هونديون هيون. مينڊيليف انهن ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هِن اهڙن سڀني سائنسدانن جو ڏَسُ پتو ڳوليو، جن کي انهيءَ ڪم سان لڳاءُ هو ۽ انهن سان لکپڙهه ڪئي، انهن جا خيالَ معلوم ڪيا ۽ پنهنجي تجربيگاههَ ۾ انهن جو تفصيلي جائزو ورتو. هِن بيشمارُ تجربا ڪيا ۽ ڪيترن ئي عنصرن جون خوبيون معلوم ڪيون. مينڊيليف انهن جي وچ ۾ هڪ خاص واسطيداري به ڳولي ورتي.

مارچ 1869ع ۾ مينڊيليف پنهنجي دريافت سان روسي ڪيميڪل سوسائٽيءَ کي آگاهي ڏني. سوسائٽيءَ سندس تحقيق کي شايع ڪيو ۽ ٻين ملڪن تائين پهچايو، پر ڪنهن به اهڙي خفي واري ڪم کي قدر واري اک سان نه ڏٺو، ڇو ته ان وقت روسَ جو شمارُ ڏتڙيل ملڪن ۾ ٿيندو هو. ماڻهو سائيبريا وارن کي اڌ جَهنگلي سمجهندا هئا.

مينڊيليف پنهنجي مخالفن جي پرواههَ نه ڪئي. هو مسلسل تحقيق ۾ مصروف رهيو ۽ هن جنوري 1871ع ۾ ٻيهر ان جي نتيجن جو اعلانُ ڪيو. هُن ٽن نَون عنصرن جي (جيڪي مٿي لکيا ويا آهن) اڳڪٿي ڪرڻ ۽ انهن جون خوبيون بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ عنصرن جي فهرست يا جدول (Periodic Table) ۾ به سُڌارو آندو.

پندرهن سالن اندر ئي ٽئي عنصر ڳولي لَڌا ويا ۽ انهن جون خاصيتون به اُهي ئي نڪتيون، جيڪي اڳڪٿي ڪندي مينڊيليف ٻُڌايون هيون. هاڻي سندس شُهرت ۽ عزت ۾ تيزيءَ سان واڌارو اچڻ لڳو. يورپ ۽ آمريڪا جي يونيورسٽين ۽ سائنس سوسائٽين هِن کي ڪيترن ئي اعزازن سان نوازيو.

هِتي مينڊيليف جي شخصيت جو اِهو احوالُ دلچسپيءَ جوڳو آهي ته ِهِن جي ڏاڙهي ڊگهي هوندي هئي. هو سڄي سال ۾ رڳو هڪ ڀيرو سنوارت ٺهرائيندو هو، سا به ڪنهن حجم کان نه، پر هڪ اهڙي ماڻهوءَ کان جيڪو رِڍن جي اُنَ ڪَتريندو هو. جڏهن سندس مشهوري وڌي وئي ته روس جي حاڪم زَارَ ساڻس ملڻ جي خواهش ڏيکاري ۽ ان سان گڏوگڏ اِها چاهنا به ڏيکاري ته هو ڪنهن حجم کان حجامت ڪرائي اچي. مينڊيليف حاڪم جي پوئين خواهش پوري نه ڪئي ۽ هو اُن ئي حالت ۾ درٻار پهتو، جتي سندس شاندار اِستقبال ڪيو ويو.

مينڊيليف پنهنجي سڄي عمر ڪيميائي عنصرن جي جدول کي ترتيب ڏيڻ ۽ اُن کي بهتر کان بهتر بڻائڻ ۾ گذاري ڇڏي. هُن 1890ع ۾ يونيورسٽيءَ جي نوڪريءَ تان استعيفا ڏني. ٽن سالن کان پوءِ هو اوزارن واري اداري جو صدر بڻايو ويو. ڪيميائي جدول کان سواءِ مينڊيليف ڪيترن ئي پاڻياٺن، گئسن ۽ مرڪبن جا ڪيترائي تجربا ڪيا. ان کان سواءِ هِن پنهنجي ملڪ ۾ ڪوئلي ۽ تيلَ جي ذخيرن ڳولڻ ۾ به مدد ڪئي ۽ اهڙي ريت روس ۾ صنعتي انقلاب جي ابتدا ٿي.

1887ع ۾ روس ۾ مڪمل سج گرهڻ ٿيڻ واري هئي. سڀني سائنسدانن مينڊيليف کي اِن ڪم لاءِ چونڊيو ته هو هڪ سرڪاري ڦوڪڻي ۾ مٿي وڃي ۽ سج گرهڻ جو مشاهدو ماڻي. هو راضي ٿيو، جڏهن سفر جي شروعات ٿي ته ڦوڪڻي جو وزن گهڻو وڌي ويو. مينڊيليف هواباز کي ڌِڪو ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ پاڻ اڪيلو ڦوڪڻي وسيلي اڏامندو ويو. جڏهن ته کيس ڦوڪڻي هلائڻ يا ان کي سنڀالڻ جو اڳ ۾ ڪو به تجربو نه هو. هو 11000 فُٽن جي بلنديءَ تائين وڃي پهتو ۽ سج گرهڻ جو خوب مشاهدو ڪيائين ۽ ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ڌرتيءَ تي لٿو، پر جتان هُن سفر جي شروعات ڪئي هئي، اُتان کان ڏيڍ سئو ميلَ پَري وڃي ڪريو.

اِها هئي سندس بُلند همتي! هِن سڄي ڄمارَ ڪم ڪندي گذاري. مرڻ کان ڪجهه هفتا اڳ هُن ڦوڪڻي وسيلي اُتر قطب پهچڻ جي تمنا ڪئي هئي؛ اُن وقت سندس عمر 72 سالَ هئي، هو پوڙهو ٿي ويو هو، پر سندس سوچ جوان هئي. جنهن وقت سندس سرير مان ساههُ نڪتو ته ان گهڙيءَ به سندس گهرواري کيس اتر قطب جي سيرسفر بابت هڪ ڪتاب پڙهي پئي ٻُڌايو.

20 جنوري 1907ع تي مينڊيليف نمونيا سبب بيمار ٿيو. اُن وقت هو سينٽ پيٽرس بَرگ ۾ هو. روس جي شهنشاههَ زارَ سندس جنازو شاهي انداز سان کڻايو. هزارين روسي ماڻهو جنازي پُٺيان هئا. انهن ۾ اُهي ٻَه شاگردَ به هئا، جن پنهنجي هٿن ۾ هڪ جهنڊو کنيو هو، جنهن تي انهن سمورن عنصرن جي ڪيميائي جدول به ڇاپيل هئي، جيڪي مينڊيليف جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو ڪارنامو هئا.